اُڏائين روز ٿو تون منهنجي ميڪشي جي خبر
جناب شيخ اٿم تنهنجي دوستي جي خبر
ڪري ڪنارو ٿو هر آسرو وڃي مون کان
اچي ڪو مون کان پڇي منهنجي بي وسي جي خبر
غرورِ حسن ۾ جو پاڻ کي خدا سمجهي
رکي سو ڪهڙي طرح ڪنهنجي زندگي جي خبر
سڄڻ جي حـُسن نظر جو هي معجزو ته ڏسو
چمن چمن کي ملي رنگ ۽ دلڪشي جي خبر
گذاري عمر جنهن مجروح بيقراري ۾
تنهن نامراد کي ڇا لطف زندگي جي خبر
ڪراچي. 1952ع
منهنجا گل منهنجي صبا، منهنجو چمن
ياد آئي اڄ وري بزمِ وطن
مون کان دوريءَ جو اٿن شايد ملال
چاڪ پيا ڏسجن گلن جا پيرهن
دل ڏنم، دنيا ڏنم، رسوا ٿيس
قرب ۾ ڪهڙا ويهي ليکا ڪجن
ڪير سهندو عشق ۾ هي تهمتون
مون کي ساريندا غزالانِ وطن
حيدرآباد. 1960ع
ڪڏهن نغمو ڪڏهن فرياد آهيان
زماني کي سدائين ياد آهيان
تمنا بس ڪيم هڪ وار تنهنجي
خدا شاهد اَڃا برباد آهيان
نه ٿيندا ڇو سوين غم اڄ سلامي
مان شهرِ درد جو شهزاد آهيان
ڪڏهن جو غم جي وحشت ۾ کلان ٿو
هـُو سمجهي ٿو سدائين شاد آهيان
متاع درد آهي دل جي دولت
اوهانجي فيض سان آباد آهيان
نه لرزن ڇو ستارن جا ڪليجا
دلِ مجروح جو فرياد آهيان
حيدآباد. 1960ع
وفا جي واٽ وٺي پاڻ کي مٽائي ڏٺو
زمانا توکي گهڻو ئي مون آزمائي ڏٺو
نه رحم آيو خداوندا تنهنجي دنيا کي
هٿن سان پاڻ ئي مون پنهنجو گهر جلائي ڏٺو
ڏکن جي اهڙي جيئڻ کان مري وڃان ته چڱو
مون فيض تو مان ته اي زندگي پرائي ڏٺو
حيدرآباد. 1958ع
روبرو حسن لاجواب اچي
جاڳندي پر ڪٿان ٿو خواب اچي
موت مـُرڪي ۽ زندگي روئي
اهڙي دنيا تي شل عذاب اچي
ڏينهن تي رات ڇو ٿئي حاوي
تنهنجي چهري تي ڇو نقاب اچي
تنهنجو مجروح غم سهي ڪيڏا
ڪو ته دنيا ۾ انقلاب اچي
ڪراچي. 1964ع
راحتن رحمتن سلام ڪيو
تنهنجي غم کي سـُکن سلام ڪيو
جڏهن ديوانا دار تي پهتا
عشق جي عظمت سلام ڪيو
تو اڃا مس اکيون مٽيون مون کان
ڪيترن حادثن سلام ڪيو
دوستن جا ڳڻيم جڏهن ٿورا
مـُرڪندي دشمنن سلام ڪيو
ڪيترن مرحلن مان پار پيس
ڪيترن مرحلن سلام ڪيو
ڪي نيون راهون ڳولهيو يارو
شوق جي وسعتن سلام ڪيو
هي روايت ڀريو غزل منهنجو
ڪيترين جدتن سلام ڪيو
ڪراچي. 1966ع
هر دل ۾ رُڳو پيار هجي پوءِ ڇا کپي
دنيا سدا بهار هجي پوءِ ڇا کپي
ڪجهه اُن جي بيوفائي تي ڪجهه پنهنجي حال تي
مون کي ڪو اختيار هجي پوءِ ڇا کپي
آهي اِهو ئي اصل ۾ انعام عشق جو
دل روز بيقرار هجي پوءِ ڇا کپي
جيڪر پرائي اڳ ۾ خود ڪيئن ٽپي پوي
پروانو هوشيار هجي پوءِ ڇا کپي
ڪو منهنجي بيڪسيءَ تي کِلي ٿو ته پيو کلي
دنيا وفا شعار هجي پوءِ ڇا کپي
مجروح شاعريءَ جو به ويندو رهيو مزو
ماحول سازگار هجي پوءِ ڇا کپي
ڪراچي. 1951ع
پري آهي اڃا ڪجهه منزلِ ديوانگي مون کان
گهري ڇا ٿي هينئر کان ئي خرد جي بيوسي مون کان
نوازش آهي قسمت جي، ڪرم آهي زماني جو
پري آهي سڪونِ دل، خفا آهي خوشي مون کان
انهيءَ ۾ آبرو منهنجي، انهيءَ ۾ برتري تنهنجي
نه کس اي بنده پرور هي غرورِ بندگي مون کان
ڪراچي. 1953ع
تنهنجي قسمت جو ڇا جواب هجي
زندگي جنهن تي هڪ عذاب هجي
آهي اوندهه ته غم ڪجي ڪهڙو
داغِ دل رشڪ ماهتاب هجي
بخش اي جذبِ غم خدا ڪارڻ
زندگي منهنجي ڇو خراب هجي
ڪراچي. 1953ع
تنهنجي نظر جو دل کي سهارو نٿو ملي
طوفان آهي زور ڪنارو نٿو ملي
ٿي روز حسرتن جي ٻري دل ۾ آڳ پر
اوندهه ۾ آس جو ڪو شرارو نٿو ملي
بيزار مون کان آهي منهنجي زندگي سدا
پر ڇا ڪريان جو زهر اُڌارو نٿو ملي
نڪري وڃان ها درد جي دنيا کي ڇڏي مان
تنهنجي نظر جو پرڪو اشارو نٿو ملي
ڪراچي. 1952ع
دل کان ڀڄي ٿو دور ستم روزگار جو
احسان مون تي ٿي ويو پروردگار جو
آهي خزان ته ڇا ٿيو مايوس آهين ڇو
آءُ تو کي مان ٻڌايان ڪو نغمو بهار جو
آهن انهن ۾ پنهنجي جوانيءَ جون مستيون
هي محفلون نه دوستو هر گز وسارجو
اڄ منهنجي بيڪسي کان ٿو هر ڪو سبق وٺي
مون تي ڪرم آ ڪيڏو منهنجي غمگسار جو
ڪراچي. 1954ع
فرقت جو داغ ڏيئي دل خاڪ ۾ ملائي
هو بيوفا ستمگر دامن ويو ڇڏائي
تنهنجي هر هڪ جفا کي پنهنجو نصيب ڄاتم
ڀل مون جيان ته جڳ ۾ ڪو دوستي نڀائي
احسان آهي منهنجو هر گل ۽ هر ڪليءَ تي
ڪئي روشني چمن ۾ مون آشيان جلائي
بي اختيار اکين مان ڳوڙا ڳڙيو پون ٿا
ڪو تنهنجي غم کي آخر ڪهڙي طرح لڪائي
هي شور ڪهڙو آهي منزل کان دور مجروح
ڇا ڪنهن غريب کي ويو ڪو راهبر رُلائي
ڪراچي. 1953ع
جنونِ عشق ۾ ديوانه وار ڇا نه ڪيم
خدا گواهه ته ڪا آهه نارسا نه ڪيم
سو ڪهڙو درد وڌي جنهنجي مرحبا نه ڪيم
سو ڪهڙو داغ جو دل تي سٺم دعا نه ڪيم
گهڻوئي شاعرِ شيرين مقال آهيان مگر
اي منهنجا مٺڙا غزل تنهنجو حق ادا نه ڪيم
ستم زماني جا مجروح غم کٽن ئي نٿا
اجايو دل کي محبت ۾ مبتلا نه ڪيم
ڪراچي. 1962ع
هي ڪهڙي زندگي آهي نه جنهن ۾ ڪو قرار آهي
نه توتي اختيار آهي، نه دل تي اختيار آهي
اسان جي ئي مٽا ئڻ لاءِ هي سڀ سازشون آهن
اسان جي واسطي ئي گردشِ ليل و نهار آهي
هليو هل جستجو ۾ يار جي دنيا کان بيگانو
محبت ڪامياب آهي اگر ديوانه وار آهي
عجب هي ڪشمڪش آهي جهانِ حسن و اُلفت ۾
ڪڏهن مان بيقرار آهيان ڪڏهن هو بيقرار آهي
حياتِ نو جي خاطر سر بڪف آهي جڏهن انسان
زماني کي پوءِ اي مجروح ڪنهنجو انتظار آهي
ڪراچي. 1952ع
نظامِ شام و سحر آهي بيقرار اڃا
حيات آهي اسان بيڪسن تي بار اڃا
کِلان ٿو پاڻ ئي مان پنهنجي بي ثباتيءَ تي
هي مکڙين جو تبسم ته درڪنار اڃا
نه رهندو ڪو به جفائن ۾ دم زماني جي
رهيو جي غم کي اسان غمزدن سان پيار اڃا
ڪمالِ عشق چوان ان کي يا مالِ وفا
جفا شعار نظر آهي شرمسار اڃا
اسان جي عزم جي آڏو جهڪي ٿو پير فلڪ
اسان کي آهي زماني تي اختيار اڃا
ڪراچي. 1954ع
سدائين سانگ خوشيءَ جا سچائي ڪير سگهي
غمِ حيات کان دامن بچائي ڪير سگهي
جي تنهنجو پيار منهنجي حال سان هجي شامل
ته منهنجي شوق جي هستي مٽائي ڪير سگهي
چمن جو حسن ويو، گل ويا بهار وئي
ستم هي دورِ خزان جا ڀلائي ڪير سگهي
جي خوشگوار سدائين هجي چمن جي فضا
ته پنهنجي گهر کي هٿن سان جلائي ڪير سگهي
گهڻا اُپاءَ ڪيا هونئن ته منهنجي لڙڪن پر
جگر جي آڳ کي آخر اُجهائي ڪير سگهي
ڪراچي. 1951ع
ذري ذري کي زمين جي آسمان ٿيندو ڏٺم
سجدي سجدي تي نئون هڪ امتحان ٿيندو ڏٺم
ڪا گهڙي فرصت اگر مون کي غمِ دنيا ڏني
تنهنجي غم کي باعثِ آرامِ جان ٿيندو ڏٺم
ڇا انهيءَ کان وڌ ڪا ٿيندي بي ڪسيءَ جي انتها
هُن بتِ نا مهربان کي مهربان ٿيندو ڏٺم
نور چاندوڪيءَ جو وڌيو، گل ٽڙيا غنچا کڙيا
تنهنجي نظرن سان نظارن کي جوان ٿيندو ڏٺم
ڪراچي. 1951ع
تنهنجي اکين ۾ سڄڻ ايڏي ندامت ڇو هجي
منهنجي ڏتڙيل حال کي توسان شڪايت ڇو هجي
دل جي خودداريءَ جي دشمن آهي دنيا پر اي دوست
نذر دنيا ٿي وڃي سا منهنجي غيرت ڇو هجي
هن ڏکن جي زندگيءَ کي بدلڻو پوندو ضرور
ماڻهو ويچارو سدا بربادِ قسمت ڇو هجي
غير پرور دوست جي هن جلوه گاهِ ناز ۾
تنهنجي اي مجروح پيارا ڪا ضرورت ڇو هجي
ڪراچي. 1952ع |