سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :16

هي منهنجي لڙڪ منهنجا غم نٿا کـُٽن نٿا کـُٽن

وڌن پيا اڃا ستم نٿا کـُٽن نٿا کـُٽن

هزار قافلا به گم، هزار منزلون به گم

هي زندگيءَ جا پيچ و خم نٿا کـُٽن نٿا کٽن

 

¤

 

هر طرف غلغلو بهارن جو

هر طرف ذوقِ جلوه آرائي

هاءِ سا شامِ زندگي جنهن ۾

عيد آئي ته سوگوار آئي

 

¤

 

روز دل تي ستم نٿا وسرن

دوستن جا ڪرم نٿا وسرن

مون کان منزل جو غم ته وسري ويو

راهه جا پيچ و خم نٿا وسرن

 

¤

 

جنهن کي تنهنجو پيار پڪاري

ساهه  کي پنهنجي سو ڪيئن  ساري

مور نه  گهرجي اهڙي دنيا

موت کان اڳ جا مون کي ماري

 

¤

 

منهنجي لفظن کي حياتي بخشڻ

منهنجي جذبن کي جواني بخشڻ

تو ڪڏهن ايندين منهنجي دنيا ۾

منهنجي نغمن کي رواني بخشڻ

 

¤

 

ڪنهنجي حسرت ۾ مرون ڪنهنجي تمنا ۾ جيون

ڪو هجي عشق جو انعام ته رُسوا به ٿيون

اهلِ دل ڪو ته هجي دادِ وفا جنهن کان وٺي

دار تي رقص ڪريون زهر جو پيمانو پيون

 

¤

 

ڪڏهن خوشيون سـَوين ڪڏهن ماتم

دَور آهن هي زندگانيءَ جا

دل جي رڳ رڳ ۾ ياد آ، جن جي

هاءِ سي ڏينهڙا جوانيءَ جا

 

¤

 

 ڪهڙي منزل جا اسين آهيون  مسافر  يارو

نه ڪو رهبر نه ڪو محرم نه ڪو سامانِ سفر

ڏور، ها ڏور اُميدن جو ٿو چمڪي تارو

پر متان هي به هجي پنهنجو ئي ڪو داغ جگر

 

¤

 

هرڪو فرعون هتي پاڻ کي موسيٰ ٿو سڏي

هر ڪو جلاد هڻي دم ٿو مسيحائي جو

 هر ڪو نمرود ٿيو وارثِ گلزارِ خليل

وقت پهتو اچي اي زندگي رسوائي جو

 

¤

 

هـُئو غمخوار جو دل جو، اُهو دل کان جدا آهي

زماني سان گلا ڪهڙي، زمانو بيوفا آهي

مٺا ماکيءَ کان ڏک جنهن جا، ڪجي  ان جي گلا ڪهڙي

سدا سرهو هجي ساجن، اهائي بس دعا آهي

ستم بي درد دنيا جا، وري مشڪل ملڻ ڏيندا

ملي وڃ بيقرار سان، حياتي بي وفا آهي

 

¤

 

ڪجهه اهڙي طرح درد جي شدت تو گهٽائيان

صحرا ڪڏهن گلشن ڪڏهن ميخانا وسايان

تون پوءِ به نه ايندين منهنجي غم خاني ۾ پيارا

تارا به کڻي راهه ۾ جي تنهنجي وڇائيان

دنيا ته منهنجي حال کان اڻ ڄاڻ سدائين

پر تون ٿو پڇين حال ته ڇا حال ٻڌايان

 

¤

 

ذهن ۾ هڪڙي لفظ جي ايندي ڪيئي منظر جاڳن ٿا

ڪيئي چهرا ڪيئي سپنا  اکين آڏو  اُڀرن ٿا

ياد اچن ٿيون ڪيئي ڳالهيون، ڪيئي قرب ڪهاڻيون

من جي وياڪل واديءَ ۾ ڪي گيت پراڻا گونجن ٿا

 

¤

ٽـُٽل موتي

 

نه آهي مطمئن گهر ۾ نه صحرا ۾ نه گلشن ۾

عجب مشڪل ۾ ٿي ڏسجي دل بي خانمان پنهنجي

 

¤

ڏينهن سي گذري ويا پنهنجي جوانيءَ جا جڏهن

زندگيءَ خاطر هئي زنده دليءَ جي آرزو

 

¤

جا هجي بيزار غم کان تنهنکي  دل چوندو به ڪير

دل اُها جنهن ۾ سدا موجود تنهنجو غم هجي

 

¤

ڪيئن رهي زنده سگهي ڪو، اُن ديار مرگ ۾

زندگي جي لاش تي جت روز و شب ماَتم هجي

 

¤

تنهنجي هر هڪ ياد کي دل تان مٽائڻ ٿو گهري

هي زمانو مون کي شايد آزمائڻ ٿو گهري

 

¤

نه ڪر تعبير قسمت سان زمانا منهنجي بربادي

اهي ناڪاميون آهن دلِ خوددار جي باعث

 

¤

فلڪ کي چنڊ تارن کي شريڪِ غم بڻائيندس

وري نغما زماني کي وفائن جا ٻڌائيندس

  

¤

 بڻائي گهر کي ويرانو، لـُٽائي زندگي پنهنجي

مان تنهنجي آزمائڻ جي تمنا آزمائيندس

 

¤

نشاني ڪا ته ڇڏ خونِ تمنا جي

هٿن کان ڪر نه تون رنگ حنا خارج

 

¤

جوت سچائيءَ جي هر دل ۾ جلي

ڪا نئين دنيا نئون انسان هجي

 

¤

ويتر وڌي اي وعده شڪن تنهنجي آرزو

تارا ڏسي فلڪ تي غزلخوان تمام رات

 

¤

اڃا به تيز تر اي بادِ نو بهار ته مان

هيءَ تنهنجي سونهن پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيان

 

¤ 

ڪير مجروح ڪراچي وارو

گهر جنهن جو سمنڊ ڪناري آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org