تون جڏهن ناز مان نهارين ٿو
ڄڻ ته اوندهه ۾ ديپ ٻارين ٿو
ڪڏهن ڪڏهن ائين به سوچيان ٿو
تون ستائين ٿو يا سنوارين ٿو
منهنجي غم کان ڇو بي خبر آهين
تون ته دنيا جا درد ڌارين ٿو
دل جون راهون اُداس اُداس آهن
تون الائي ڪٿي گذارين ٿو
سونهن جا گيت ساز مان اُڀرن
تون جڏهن پيار مان پڪارين ٿو
با وفا آهي، بيوفا ڪونهي
پنهنجي مجروح کي وسارين ٿو
ڪراچي. 1972ع
پيار جي ڪنهن کان بيک گهران
اهڙي موت کان اڳئي مران
تون ته دکائي دور ٿئين
آءٌ سمورو وقت ٻران
جيئندين ڪيئن تون مون کان پوءِ
روز انهيءَ جهوريءَ ۾ جهران
ڏور ڪنارا زور هوا
ٻانهون ٻڌل آءٌ ڪيئن تران
واچوڙن جي واٽ وڃي
طوفانن جي اوٽ وران
تو به نه ڄاتو منهنجو حال
روز جيان ۽ روز مران
ڪراچي. 1981ع
هي شوق جو وهنوار اسان لاءِ ته ڪونهي
ڳولهيون ٿا گهڻو پيار اسان لاءِ ته ڪونهي
محسوس ائين درد جي اوندهه ۾ ٿئي ٿو
هي سونهن جو سنسار اسان لاءِ ته ڪونهي
تون آهين سڀن ساڻ ۽ تو ساڻ زمانو
ڪو هڪڙو به غمخوار اسان لاءِ ته ڪونهي
ڪراچي. 1981ع
ڪي دلفگار ماڻهو ڪي بي قرارَ ماڻهو
مون کي عزيز آهن، هي باده خوار ماڻهو
مون کان خفا رهن ٿا، مون کان خفا ئي رهندا
ڪي نيڪ نام ماڻهو، ڪي ديندار ماڻهو
هر ڪنهن ۾ ساهه آهي، هر ڪنهن کي پيار گهرجي
هن ڳالهه تان چڙِن ٿا ڪي باوقار ماڻهو
جن پنهنجو گهر لٽائي، توکي بهار بخشي
هڪ اڌ جي ڳالهه ناهي، اهڙا هزار ماڻهو
ڪراچي. 1980ع
سو رنج هجن ڀلجي ٿا وڃون
تنهنجي سونهن ڏسي سرچي ٿا وڃون
هڪ لڙڪ بڻي ڇلڪي ٿا پئون
هڪ آهه بڻي اُڏري ٿا وڃون
هر منزل تي هر محفل ۾
تنهنجو پيار کڻي پهچي ٿا وڃون
تنهنجي زلفن جي خوشبوءَ وانگر
جيڏانهن ٿو وڻي نڪري ٿا وڃون
بس قرب جو هڪڙو ٻول ٻڌي
پنهنجي قاتل سان پرچي ٿا وڃون
تنهنجون ڳالهيون ڳڻي توکي ياد ڪري
دنيا کان پري نڪري ٿا وڃون
مجروح متان رهزن ئي هجي
جنهن رهبر سان گڏجي ٿا وڃون
ڪراچي 1965ع
ڪو رنج رنج نه رهندو رڳو نهار کڻي
اي منهنجا دوست منهنجي زندگي سنوار کڻي
اُهي جي تنهنجي تمنا کي زندگي سمجهن
وڃن ته ڪيڏانهن وڃن تهمتون هزار کڻي
نه هئي بهار ته اُميد هئي بهاريءَ جي
بهار آئي ته ويتر وئي قرار کڻي
سدائين ساهه سان سانڊيان مون تنهنجا سورَ ستم
ڪڏهن ته پيار مان اي زندگي پڪار کڻي
انهي اُميد ۾ مجروح زندگي گذري
ڪڏهن ته ايندو سڄڻ پاڻ سان بهار کڻي
ڪراچي. 1965ع
اي زندگي سدائين سرابن کي ڇا ڪبو
هر رات صبح نور جي خوابن کي ڇا ڪبو
جن جا حسين پوش کلن منهنجي حال تي
اهڙي ستم ظريف ڪتابن کي ڇا ڪبو
هر ماڻهو پنهنجي سوچ جي پيڙا ۾ پيو ٻري
هر لحظي زخم زخم عذابن کي ڇا ڪبو
ڪراچي. 1991ع
ڪو دلنواز هو پنهنجو ڪو غم گسار به هو
زمانو هو، جو زماني تي اعتبار به هو
اُهائي ياد منهنجي دل جي زندگي آهي
هو ُ سازِ دل تي ڪڏهن منهنجي نغمه بار به هو
اهوئي راز هو مجروح جي ڪفرو ايمان
هـُو نامراد هو ليڪن اُميدوار به هو
ڪراچي. 1991ع
پنهنجي ئي نغمن سان ويٺو پنهنجو من پرچائيان
دنيا ڪنهنجو سوز نه سمجهي اُن کي ڇا سمجهائيان
ڪنهنجي خاطر اڄ ٿا ڇلڪن اکڙين جا پيمانا
ڪنهنجي غم ۾ دل ٿي تڙپي ڪهڙا سورَ ٻڌايان
در در ڀٽڪان تنهائي جا دل ۾ داغ لڪائي
بيگانن جي بستي آهي، ڪو به نه پنهنجو ڀائيان
منزل منزل ڳولهي ڳولهي آخر اکيون ٿڪيون
جيءَ ۾ وهاري جانب توکي جڳ ۾ جهاتيون پائيان
ٿڌڙي تڌڙي چانڊوڪيءَ ۾ دل جا داغ ٿا جرڪن
مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون تنهنجون ور ور ٿو ورجائيان
تنهنجي هن بي رنگ جهان ۾ ڪير هي رنگ ڀري ٿو
تون ئي کڻي چئو منهنهجي عادت ناهي پاڻ پڏائيان
گيتن سان گلزار ڪندس مجروح اهو ويرانو
موج مچي مهراڻ ۾ اهڙو سڪ جو ساز وڄائيان
حيدرآباد. 1963ع
منهنجي خلوص و شوق جو عالم ڏسي ته وڃ
اي منهنجا دلنواز تون مون سان ملي ته وڃ
هن دورِ ڪم نگاهي ۾ ڪيئن پيو گذاريان
هي راز منهنجي حال جو مون کان پڇي ته وڃ
جن سان اُداس روح ۾ ٽڙيو پون گلاب
تحفي ۾ اهڙيون مهر جون مرڪون ڏئي ته وڃ
ڪراچي 1990ع
تنهنجي سک تان ساجن گهوري ڇڏي مون هر ڪا تمنا هر
ڪا خوشي
تو صحرا صحرا سونهن ڏٺي، مون گلشن گلشن سڃ سٺي
مون پنهنجن وانگر پيار گهريو، تو ڌارين جهڙا درد
ڏنا
تو قهر ڪيو يا مهر ڪئي، جا دل تي گذري گذري وئي
تون سانوڻ سانوڻ وسندو رهئين، هر بستيءَ تي ويراني
تي
هڪ بوند به ڪهڙي ٿيندي آهه، منهنجي دل جي ڌرتيءَ
ڪا نه ڏٺي
آءٌ ساگر ساگر رلندو رهيس، آءٌ پربت پربت هلندو
رهيس
مان ٻڏندو ترندو وڌندو رهيس، پر سڪ جي منزل ڪا نه
ملي
تنهنجي اکڙين جي پيماني ۾، تنهنجي مرڪ جي هر
مستيءَ کي ڀري
مان کلندو پيئندو جيئندو رهيس، پر اُڃ اندر جي ڪا
نه لٿي
ٿو ڏک جي ڪاري راتين ۾، ويتر جو ڇوڙي وار ڇڏيا
مون ديپ جلايا جذبن جا، تنهنجي وارن جي سرهاڻ وٺي
تنهنجي سونهن ۾ سوڀيا مکڙين جي، تون آس اُڃايل
اکڙين جي
تنهنجي چاهت ۾ راحت به گهڻي، پر چاهت آ هيري جي
ڪڻي
هن دنيا ۾ ديوانن جي هيءَ رونق روز ۽ شب رهندي
ڪي ايندا تنهنجو پيار کڻي، ڪي ويندا دل جو ڌان ڏئي
مجروح ته آهي جوڳيئڙو هن جيون جي جنسارن ۾
ڪو پيار ڏئي يا پاراتو، هي ويندو پنهنجي واٽ وٺي
ڪراچي. 1970ع
روح زخمي ۽ مان لڇي نه سگهان
لفظ لب تي اچن ڪـُڇي نه سگهان
منهنجا ساٿي اُداس اکين سان
ڪهڙي منزل ويا پـُڇي نه سگهان
فائدو ڪهڙو پوءِ حياتيءَ جو
جي تنهنجي راهه ۾ مري نه سگهان
ڪجهه به آهي سا زندگي ناهي
هٿ قلم ٿي وڃن لکي نه سگهان
ڏاڍا گهرا فريب جا ڦندا
جي هٽايان قدم هٽي نه سگهان
آهي اوندهه جي بس اِها مرضي
صبح جي روشني ڏسي نه سگهان
ڪراچي. 1984ع
تون آن چوڏهينءَ جي چانڊاڻ
تون ڇو ترسين ڪنهنجي ڪاڻ
ريزو ريزو آهي رڻ
قطرو قطرو آهه مهراڻ
ڪنهنجي ڪنهنجي سونهن ڳڻايان
هيءَ ڌرتي آ هيرن کاڻ
پاڻ پيان يا توکي آڇيان
وهه ڪٽورو آهي ڄاڻ
پنهنجي ڏکن کي پاڻ نه ڄاتئي
هونئن ته گهڻو ئي آهين سڄاڻ
تولئه سانوڻ جو آ سنيهو
منهنجي اکين جي آلاڻ
حق ته گلن جو آهي ليڪن
توکي سونهين ٿي سرهاڻ
توکي گهرجن رنگ گلن جا
منهنجي چهري تي هيڊاڻ
ڪراچي. 1981ع
گذري ڪيئي سال ويا
ساڳيا آهن نيهن نشا
چانڊوڪيءَ سان چاهه رکي
اوندهه جا مون گهاءُ سٺآ
ڪيئي پهتا پار پرين جي
ڪيئي ٻيڙا ٻار ٻڏا
رات جي اوندهه ۾ ٿا جاڳن
پورَ پراڻن ساٿين جا
ڪيئي ماڻهو هن ڌرتيءَ تي
جيءَ جي جوت جلائي ويا
گيت غزل يا ڪافي بيت
موتيءَ موتيءَ سونهن جدا
خوشبو خوشبو سان نه ملي
مکڙيءَ مکڙيءَ مهڪ جدا
حرف حرف ۾ آهي تقدس
لفظ لفظ ۾ نيهن ندا
منهنجي شعرن مان ئي لڀندا
تنهنجا منهنجا پار پتا
ڪراچي. 1981ع |