سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :7

ڪيڏا کڻي بهار ۾ غنچا ٽڙيا هجن

گهرا جي هجن گهاءُ ته ڳوڙا ڳڙيو پون

 

پنهنجي ڏکن جو پاڻ سان به ذڪر ڪو نه ڪن

سوچيان ٿو ڪهڙي حال ۾ انسان پيا جيئن

 

پنهنجو چيوسين جن کي سي پنهنجا نه ٿي سگهيا

ڏس ڪيئن گلن جي ويس ۾ شعلا پيا رقص ڪن

 

ڪراچي. 1986ع

هڪ قيد آهي جنهن مان رها ٿي نٿو سگهي

ماڻهو مصيبتن کان جدا ٿي نٿو سگهي

 

سينگار پهرين شعر کي جذبي جي سونهن سان

حسنِ بيان سان تنهنجي پوءِ ڇا ٿي نٿو سگهي

 

نه سگهه ستم سهڻ جي نه بخشڻ جو حوصلو

انسان ڪنهن به طور خدا ٿي نٿو سگهي

 

هن جي نگاهِ ناز جون ڪيئي عنايتون

قربان ٿي به قرض ادا ٿي نٿو سگهي

 

اُن زلفِ عنبرين ۾ ته راحت آ روح جي

جيڪو اَسير ٿيو سو رِها ٿي نٿو سگهي

 

ڪراچي. 1985ع

جيئن رات جي خاموشي ۾ ڪو ساز وڄي ٿو

تيئن روح مان اُڀري تنهنجو آواز اچي ٿو

 

اهڙو ته اڳي ڪونه هو هن بزم جو ماحول

ڪو جام پيو ڇلڪائي ته ڪو لڙڪ پئي ٿو

 

ڪا باک جڏهن ماڪ جي موتيءَ کي چمي ٿي

هن دل ۾ تنهنجي ياد جو ڪو زخم ٽڙي ٿو

 

بدلي ۾ وفائن جي ملي ٿو ته پيون ٿا

نه ته زهر به ڪو منهنجا سڄڻ مـُرڪي پئي ٿو

 

شايد اهو به آهي ڪو انداز جفا جو

هر شخص مون کان تنهنجو ئي احوال پڇي ٿو

 

اُن وقت تنهنجي سونهن ٿي لفظن ۾ سمائي

ڪو شعر جڏهن سوچ جي کوري ۾ پچي ٿو

 

ڪراچي. 1973ع

 

ڪيترن پيارن جا صدما ڪيترن يارن جا غم

منهنجي قسمت ۾ لکيل ها پنهنجي غمخوارن جا غم

 

ڪيترين اکين ۾ آهن اڄ به ڳوڙا درد جا

ڪيترين دلين ۾ آهن اڄ به دلدارن جا غمَ

 

نيڻ ڀرجي ٿا اچن، پيمانا ڇلڪي ٿا پون

ياد ٿا جنهن دم اچن ديرينه ميخوارن جا غمَ

 

سونهن جي سڪ ۾ جيئڻ آهي اسان جي زندگي

ڏينهن جو ڪرڻن جا قصا رات ۾ تارن جا غم

 

مرڪ سان ماري نظر سان زندگي بخشيو وڃن

پاڻ سانڊيندا وتون اهڙن ستم گارن جا غمَ

 

دوست سڀ مجروح کي اڄ تهمتون ڏيندا وتن

شل نه هيئن رسوا ٿين تنهنجي گنهگارن جا غم

 

ڪراچي. 1965ع

دور گذريا وري اچي نه سگهيا

دوست وڇڙيا ته پوءِ ملي نه سگهيا

 

زندگي سونهن جو سفر آهي

پيار جا پيچرا کٽي نه سگهيا

 

تنهنجي زلفن جي اوٽ ۾ ها لڪل

وقت جا حادثا ٽري نه سگهيا

 

تنهنجي اکين مان مستيون ڇلڪن

منهنجي اکين جا ڏک لهي نه سگهيا

 

اُن کي بستي چوان يا ويرانو

جت ڪنول قرب جا ٽڙي نه سگهيا

 

روح ۾ ڪهڙا درد ڌارين ٿو

دوست مجروح کان پڇي نه سگهيا

 

ڪراچي. 1966ع

 

نفرتن جا جسم آهن، چاهتن جي ويس ۾

لٽجي ويندا سادا ماڻهو مخلصن جي ويس ۾

 

ماٺ کي تون سانت سمجهين ٿو ته تنهنجي آهي ڀل

مون ڏٺا طوفان  ڪيئي خاموشين جي ويس ۾

 

ماڻهو ماڻهو کان پري، ڌاڍو پري ٿيندو وڃي

فاصلا وڌندا وڃن ٿا قربتن جي ويس ۾

 

سونهن سان ويٺا سجائي هـُو ته دلبن جا دڪان

شهر ۾ دشمن رهن ٿا دوستن جي ويس ۾

 

سر فروشين جي ڪهاڻين ۾ اهو پڻ آهه لکيل

ڪيترا جلاد آيا منصفن جي ويس ۾

 

مـُرڪ سان جي من  جي اونداهه ۾ ڏيا ٻاريو ڇڏين

اڄ  به آهن ڪي مسيحا گل رخن جي ويس ۾

 

قلب ۾ ڪـُلفت لڪل ۽ ڪن وفا جون گالهيون

ماربا مجروح پارا، مخلصن جي ويس ۾

 

ڪراچي. 1979ع

دل ڏکن سان کليو ٿي کينڪاري

پاڻ سان منهنجي عمر ٿي ڳاري

 

ڪجهه زماني جو پـُڻ ڪرم آهي

خالي تنهنجو ستم نٿو ماري

 

ويٺا آهيون متاع شوق کڻي

پيار سان داغ دل جا سينگاري

 

دل کي تنهنجي آس به ڪونهي

پوءِ به تنهنجي راه ڏسان ٿو

 

نغمن جي وڻڪار کان اڳتي

دردن جي اوڙاهه ڏسان ٿو

 

صدقي تنهنجي راهبري تان

هر ماڻهو گهمراهه ڏسان ٿو

 

باهه جو بادل برسيو هوندو

راهه ۾ کاڻل گاهه ڏسان ٿو

 

ڪراچي. 1978ع

 

زور لهرن جو ڏسڻ گهربو هو

پار دريا جي وڃڻ گهربو هو

 

چهري چهري تي ڏک لکيل آهن

ماڻهو ماڻهوءَ کي پڙهڻ گهربو هو

 

ڪوڙ پڌرو ٿئي نه ڳالهين مان

توکي هي فن به سکڻ گهربو هو

 

شهر جهنگل کان ڪجهه پري ناهي

منهنجو گهر توکي ڏسڻ گهربو هو

 

ڪجهه شڪايت ۽ ڪجهه محبت هئي

شعر مجروح جو ٻڌڻ گهربو هو

 

ڪراچي. 1980ع

سدائين هڪ نئون فتنو پيو اُٿاريندو

هي تنهنجو حسن اسان کي ڪٿي سنواريندو

 

اسان کان پوءِ ٻيا ايندا مـُرڪي مقتل ۾

اوهان جو زهرِ ستم ڪيترن کي ماريندو

 

اسان ته عمر گذاري ڏکن جي اوندهه ۾

ڪو انجمن ۾ اوهانجي ڏيو به ٻاريندو

 

اسان ته زهر کي انعام سمجهي پي ٿا سگهون

مگر هي شرط ته مرڪي سڄڻ پياريندو

 

ڪراچي. 1969ع

ڪو به نه سمجهي روح جو راز

آهي حياتي سونهن جو ساز

 

منهنجي گيتن کي گهرجي ٿو

تنهنجو من مٺڙو آواز

 

تنهنجي اکڙين ۾ ٿو چمڪي

منهنجي نماڻي نيهن جو راز

 

ايئن ٿو تون هينئڙي مان آڀرين

ساز مان جيئن نڪري آواز

 

ڪراچي. 1982ع

اسان هر نظر ۾ محبت سڃاتي

اسان زندگيءَ جي حقيقت سڃاتي

 

زماني ڪڏهن ڪنهنجي عظمت سڃاتي

اسان پاڻ ئي پنهنجي قيمت سڃاتي

 

نه دنيا سڃاتي نه دولت سڃاتي

رڳو زخم کائي محبت سڃاتي

 

ڏکن کي ته سانڊي سنڀالي رکيوسين

اسان پنهنجي دل جي ضرورت سڃاتي

 

ڪڏهن دلربائي ڪڏهن بيوفائي

اسان تنهنجي اکين جي عادت سڃاتي

 

اسان ماڻهو ماڻهوءَ جي مڻيا کي پرکيو

اسان سونهن وارن جي صورت سڃاتي

 

ڪراچي. 1972ع

جنهن ۾ سخن جو شعلو به هاڻي نٿو دکي

منهنجو وجود برف ڄڻ بڻجي ويو هجي

 

دنيا جو جبر آهي يا منهنجي ئي بيوسي

نه ته ڪير پهڻ بڻجي ٿو زنده رهي سگهي

 

ها روح ۾ کڙن ٿا اڃا آس جا گلاب

دور خزان کي چئو نه منهنجي روبرو اچي

 

تنهنجي نظر جا ناز ها ڪيڏا نه دلنواز

مون کان اُهو زمانو ته وسري نٿو سگهي

 

شرمائي ٿو، ته اُن کي متان ڪا ڏيان ميار

انهي ڪري ته حال منهنجو ڪونه ٿو پڇي

 

سانوڻ هزار آيا پر ساڳي اٿم اُساٽ

ڪا بوند دل جي ڌرتيءَ تي يارو نٿي وسي

 

مجروح ڪيئن آهي، لکي ٿو، نٿو لکي

مون کان پڇي ئي ڪو نه ٿو دنيا کان ٿو پڇي

 

ڪراچي   28-11-1989ع

بيشڪ ته مصلحت جا سندن فيصلا هئا

مون کي ڏنائون ڏوهه پر ماڻهو ڀلا هئا

 

ڪي منهنجا غمگسار ڪي زاهد ۽ پارسا

جاچيم ته تنهنجي عشق ۾ سڀ مبتلا هئا

 

پهتا حضورِ وقت ۾ ته معتبر ٿيا

جيڪي به منهجي شهر اندر چلولا هئا

 

جن حسن سان حياتي جا صدما سنواريا

دل ۾ ڪي اهڙا سونهن ڀريا سلسلا هئا

 

هر حادثي کي، واٽ جي ٿي لاٽ سڏيوسين

مجروح پنهنجي دل جا عجب حوصلا هئا 

ڪراچي. 5-6-82

جيون  جون  اونداهيون راهون آءٌ اڪيلو

ويون اُجڙجي پيار پناهون آءٌ اڪيلو

 

دشمن سڀ بي مهر نگاهون آءٌ اڪيلو

ويتر ظلم جون قهري ڪاهون آءٌ اڪيلو

 

رات- صليب ۽ مرده ٻانهون آءٌ اڪيلو

ٻڌي سگهين ته ٻڌ هي دانهون آءٌ اڪيلو

9-4-86ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org