سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :14

ساٿي جنهن دم مرڪي ايندا

ڏنگ ڏکن جا وسري ويندا

آس جو ديپ جلائي ويو

منهنجو رانول رنگ رچائي ويو

پهتا تو در پانڌيئڙا

جنم جنم جا جوڳئيڙا

 

زهر کي جي امرت ٿا سمجهن 

تنهنجي سڪ ۾ آيا ساجن

آس انهن جي تنهنجو درشن

سارين تو کي سانگيئڙا

پهتا تو در پانڌيئڙا

 

جيءَ ۾ جياري تنهنجي جوتي

آيا پيار پتنگا پرچي

پاڻ پچائي ويندا موٽي

پريم نگر جا ساٿيئڙا

پهتا تو در پانڌيئڙا

 

ڪنڌ ۾ مالا، والا ڪنن ۾

ماڻڪ موتي، هيرا هٿن ۾

پيار اکين ۾ مـُرڪ چپن تي

سونـَهن تنهنجا ساميئڙا

پهتا تو در پانڌيئڙا

 

سدا جوت جيءَ ۾ جلائي جيون ٿا

چمن چاهتن جا سجائي جيون ٿا

 

ڪڏهن آرزوئن جي محفل ۾ آهيون

ڪڏهن نا اُميديءَ جي مشڪل ۾ آهيون

پنهنجو حال جڳ کان لڪائي جيون ٿا

چمن چاهتن جا . . . . . .

 

اسين آهيون جيسن بهارون به آهن

اِهي قرب واريون تنوارون به آهن

سنيها سـُکن جا سڻائي جيون ٿا

چمن چاهتن جا . . . . . .

 

لڪائي نه سگهبي ڪڏهن هيءَ حقيقت

حياتيءَ جو سينگار آهي محبت

محبت کي من ۾ وسائي جيون ٿا

چمن چاهتن جا . . . . . .

آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان

زهر پيان، يا ويڻ سهان

آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان

 

موتين جهڙا ميت ها پنهنجا

جرڪايا جن گيت ها پنهنجا

حال ۾ ڪهڙي هوندا الائي

ڪنهن کان پارَ پڇان

آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان

 

من ماڻهوءَ جو نيهن نسورو

آهي ٿيو اڄ قرب کان ڪورو

پوءِ به هر موسم جي اچڻ تي

اُن جي آس رکان

آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان

 

هن جيون جي انڌيارن ۾

ويرانن ۾ طوفانن ۾

ديپ جلائي اُميدن جا

ڪنهنجي راهه ڏسان

آءٌ ڪهڙي واٽ وٺان

 

سانوڻ   ٿورا   ڏينهڙا

اچ ته وسن پيا مينهڙا

سانوڻ   ٿورا   ڏينهڙا . . .

 

بوند بوند ۾ باهه برهه جي

کنوڻ ستائي چمڪي چمڪي

رات گذاريان ترسي تڙپي

اچ اي جانب جانيئڙا

سانوڻ   ٿورا   ڏينهڙا . . .

سانوڻ سهڻا رنگ رچايا

ڪارا بادل ڀرجي آيا

اکڙين ڏاڍا مينهن وسايا

تو کي ساري ساٿيئڙا

سانوڻ   ٿورا   ڏينهڙا . . .

سهڻيون سرتيون گيت رسيلا

پن پن خوشبو وڻ وڻ جهولا

جاڳن منهنجي جيءَ جا جذبا

آءُ پرديسي جوڳيئڙا

سانوڻ   ٿورا   ڏينهڙا . . .

سپنا . . . . . روز نوان

دل ٿي چاهي ڏسندو رهان

سپنا . . . . . روز نوان

 

روز اچي ساجن سپنن ۾

روز ٽڙين رابيل رُچن ۾

سانوڻ جهڙا سانگ ڏسان

سپنا . . . . . روز نوان

 

روپ نگر جي پانڌيئڙن کي

سڪ جي ستايل سانگيئڙن کي

پيار جا گهرجن پنڌ نوان

سپنا . . . . . روز نوان

 

جن اکين ۾ ناهي نراشا

مـُرڪن ڇلڪن مڌ جا پيالا

آءٌ انهن تان گهور َ ٿيان

سپنا . . . . . روز نوان

 

نيڻ نشيلا  . . . . . او نيڻ نشيلا

جيئڙو جڙي ويا -  جادو ڪري ويا

نيڻ نشيلا  . . . . . ا و . . . . . نيڻ نشيلا

 

سدائين سمنڊ جيئن بي انت گهرا

ٻڏا جي منجهن سي وري ڪو نه اُڀريا

منجهن موهه ميلا . . . . . نيڻ نشيلا

او . . . . . نيڻ نشيلا

 

ڪهڻ ۾ نه ڪهل ڪنهن تي ڪيائون

جي مـُرڪي ڏٺائون ته ماري ڇڏيائون

نوان روز حيلا..... نيڻ نشيلا

او . . . . . نيڻ نشيلا

 

حيا ۾ ٻـُڏل ڪجهه، ڀنل ڪجهه، رٺل ڪجهه

۽ دل پنهنجي آهي مـُٺل ڪجهه، ڪـُٺل ڪجهه

چريو هيئن ڪري ويا - نيڻ نشيلا

او . . . . . نيڻ نشيلا

 

مينهن وٺا او مينهن وٺا

روح ۾ ڏاڍا رنگ رتا

 

هي قدرت جا سينگار ڏسي

وک وک باغ بهار ڏسي

دل تان ڏکن جا بار  لٿا

مينهن وٺا او مينهن وٺا

 

سانوڻ رُت ۾ ساجن آيا

مولا  پنهنجا ڀال ڀلايا

درد ونديءَ جا لڙڪ سـُڪا

مينهن وٺا او مينهن وٺا

تنهنجي تمنا تنهنجي  تنوار

ڪا ته گهڙي مون وٽ به گذار

تنهنجي تمنا تنهنجي  تنوار

 

مون سان گڏ اي سانول پيارا

تنهنجي آس ۾ آهن تارا

ديپ اچي ڪو آس جو ٻار

تنهنجي تمنا تنهنجي  تنوار

 

جيءَ ۾ جوت جلائڻ اچ تون

سـُر سان سـُر ملائڻ اچ تون

سـُر جو ساگر آهي پيار

تنهنجي تمنا تنهنجي  تنوار

 

آهي هوا ۾ پيار جي خوشبو

ڄڻ تنهنجي سينگار جي خوشبو

اچ ته اچي ڪو دل کي قرار

تنهنجي تمنا تنهنجي  تنوار

ڪا ته گهڙي مون وٽ به گذار

سانول ساجن پيارو

ساهه جو آهي سهارو

سانول ساجن پيارو

 

چانڊوڪيءَ مان اتري آيو

خوشبوءَ وانگر اُڏري آيو

آيو جيءَ جيارو

سانول ساجن پيارو

 

منهنجي اڱڻ تي نيهن نظارا

چنڊ سان گڏجي ڳائن تارا

مست ٿيو جڳ سارو

سانول ساجن پيارو

 

قرب ونڊيندو، آٿت ڏيندو

جڳ ۾ اڪيلو ڪو نه ڇڏيندو

هو اهڙو محبت وارو

سانول ساجن پيارو

 

دل کي ناهي قرار- منهنجي دل کي ناهي قرار

سـُور سڄو سنسار_منهنجي دل کي ناهي قرار

 

پيار جو جڳ ۾ مان ئي ڪونهي

ڄڻ ته هتي انسان ئي ڪونهي

هر ڪو دنيادار_ منهنجي دل کي ناهي قرار

 

روپ جا لوڀي پيار جا دشمن

ڪـُوڙ ڪمائڻ شان ٿا سمجهن

ڪوڙو ڪن واپار_ منهنجي دل کي ناهي قرار

 

 ماڻهوءَ کي پيو ماڻهو کائي

آهي ڪٿي انصاف الائي

ڪير ٻڌي هي پڪار_ منهنجي دل . . . . .

 

اچ پيارل پرچي پيار ڪريون

ڪو قرب سندو اقرار ڪريون

 

نئون رنگ رچايون بهارن ۾

نئين جوت جلايون نظارن ۾

ڪو نيهن نئون نروارو ڪريون

اچ پيارل پرچي پيار ڪريون

 

جنهن ۾ تنهنجي سدائين ياد رهي

سو دل جو نگر آباد رهي

سڪ سوز سان سـُر سينگار ڪريون

اچ پيارل پرچي پيار ڪريون

 

مکڙين کان وٺي سرهاڻ سچي

نغمن مان نچوڙي چانڊوڪي

هر ويرانو گلزار ڪريون

اچ پيارل پرچي پيار ڪريون

 

 

آئي آئي آئي بهار

من من مکڙين هي مهڪار

آئي آئي آئي بهار

 

نيري گگن تي چمڪن تارا

نرمل نرمل نيهن نظارا

گهر گهر گيتن جي گونجار

آئي آئي آئي بهار

 

سڪ جو ساز وڄائڻ آئي

گيت رسيلا ڳائڻ آئي

تن تن اندر تند تنوار

آئي آئي آئي بهار

 

سندرتا جو ساز جواني

سـُر ۾ ٻڌل آواز جواني

سـُر جو سـِرَ سان آهه پيار

آئي آئي آئي بهار

من من مکڙين جي مهڪار

 

آءُ کڻي سرهاڻ گلن جي

تون ئي تمنا گهائل من جي

 

اُڃ اُجهائي ويرانن جي

آس پڄائي ديوانن جي

وَسُ ته ڪڏهن تون بادل بنجي

آءُ کڻي سرهاڻ گلن جي

 

سانوڻ رت جا آيا سنيها

وڻ وڻ ڳائن پيار پپيها

ساهه سمائي سڪ ساجن جي

آءُ کڻي سرهاڻ گلن جي

 

ڪو به نه ڄاڻي سانول ساٿي

ڪيسين آهي پنهنجي حياتي

پيار آ دولت هن جيون جي

آءُ کڻي سرهاڻ گلن جي

 

محبت کي سمجهون ٿا پنهنجي حياتي

زمانو  اسان کي مٽائي نه سگهندو

 

سهون مـُرڪي مـُرڪي جفائن جا صدما

لڪايون سدائين پيا داغ دل جا

انهيءَ راهه تان ڪو هٽائي نه سگهندو

زمانو اسان کي مٽائي نه سگهندو

 

اِهو درد مندن کان غافل زمانو

سدائين وفائن جو قاتل زمانو

اسان کان به خود کي لڪائي نه سگهندو

زمانو اسان کي مٽائي نه سگهندو

 

وسايوسين دل ۾ سدا دلبرن کي

سجايوسين سڪ سان سندن محفلن کي

اسان جيئن ڪو دل کي جلائي نه سگهندو

زمانو اسان کي مٽائي نه سگهندو

 

دلڙي  ايڏا  درد  نه  ڌار

پور    پراڻا   وسار

دلڙي  ايڏا  درد  نه  ڌار

 

ڪنهن کي صبح شام پڪارين

ڪنهنجون راهون روز نهارين

ڪنهنجي لاءِ ڳوڙا ڳارين

ڪنهن کي تنهنجي سار_ دلڙي . . .

 

ڏک سک آهن ساهه جا ساٿي

ڳوڙا ڇا جا ڳڻتي ڇاجي

آهي اهائي واٽ وفا جي

مـُرڪي مـُرڪي گذار _ دلڙي . . .

 

قرب ۾ هي مجروحِ ڪمايو

سـُور ۽ صدما سڪَ سرمايو

روز نئون الزام پرايو

روز نئون آزار _ دلڙي . . .

 

گل به ٽڙندا آهن

جڏهن ساٿي ملندا آهن

سندرتا جي ساز تي، مٺڙا نغما وڄندا آهن

گل به ٽڙندا آهن . . . . .

 

عشق جي پياسي آبادين تي

روپ نگر جي رهواسين تي

سانوڻ  وسندا آهن

گل به ٽڙندا آهن . . . . .

 

گيتن جا اڻ مول نگينا

تنهنجا منهنجا قرب قرينا

تارا ڏسندا آهن

گل به ٽڙندا آهن . . . . .

 

من ۾ سڄڻ جي سونهن سمائي

پيار سان جيون کي جرڪائي

عاشق جيئندا آهن

گل به ٽڙندا آهن . . . . .

 

 

جوت  جلي او جوت  جلي

تو مـُرڪيو جيون جوت جلي

جوت  جلي او جوت  جلي . . . . .

 

هر انگ ۾ حسن حياتيءَ جو

هر رنگ ۾ روپ جوانيءَ جو

نور جي نرمل باک ڦٽي

جوت  جلي او جوت  جلي . . . . .

 

ڪو آيو من جي نگريءَ ۾

سڪ جي وياڪل وستيءَ ۾

ساهه کي ڄڻ سـُرهاڻ ملي

جوت  جلي او جوت  جلي . . . . .

 

پريت جي ريت نڀائڻ خاطر

ساجن کي سرچائڻ خاطر

جوڳي ڳائي ڳلي ڳلي

جوت  جلي او جوت  جلي . . . . .

رڻ ۾ آهي رات او ساٿي

اچ ته اچي پرڀات او ساٿي

اچ ته اچي پرڀات

 

منڙو وياڪل، اکيون اُڃايل

توکي ساري ساهه سڪايل

سور ٿيا سوغات، او ساٿي

اچ ته اچي پرڀات

 

هاءِ ٿيس ڇو اهڙي ڀوري

پاڻ ئي لاتم جيءَ کي جهوري

ڪا نه سجهي ٻي بات، او ساٿي

اچ ته اچي پرڀات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org