ڇپائيندڙ پاران
علي محمد ”مجروح“ جي ڪلام جو مجموعو
”سڪ جو سمونڊ“ توهان جي هٿن ۾ آهي.
بوند بوند (لفظ لفظ) ٿي اهو سڪ جو سمونڊ جـُڙيو
آهي . شاعريءِ لاءِ سڪ جو جذبو لازمي آهي؛ پر ان
سان گڏوگڏ ٻيا لوازمات به لازمي آهن. جيئن:
ٻولي، بحر وزن، ردم، ليءِ، آهنگ ۽ انهن سڀني ۾
ڳوهيل سوهيل معنى.
”مجروح“ لاءِ رڳو اهو چوڻ ته ”هو مشاعري جو شاعر آهي“ صحيح
نه ٿيندو. ائين برابر آهي ته مشاعري ۾ به ڪنهن
شاعر جي پرک ٿئي ٿي؛ ڇو ته هو سڌو سنئون سامعين جي
آڏو هوندو آهي ۽ کيس پنهنجي ليکي به اها پروڙ پئجي
ويندي آهي، ته هو ڪيتري پاڻي ۾ آهي! ”مجروح“
ڪراچيءَ کان جيڪب آباد تائين مشاعرن ۾ شريڪ رهيو
آهي ۽ داد به پاتو اٿئين؛ پر منهنجي راءِ ۾ ته
ڪنهن به شاعر جي اصل پرک ان جو ڇپجڻ آهي-
بلڪه ان جو ڇپجندو رهڻ آهي.
”مجروح“ بنيادي طور تي غزل جو شاعر
آهي ۽ جئين ”جوش“ لکيو آهي ته ”مجروح
جو غزل روايت کان بغاوت نه آهي، پر روايت ۽ جدت جو
حسين امتزاج آهي.“ روايت مان
هتي مراد غزل جي
روايت آهي ۽ جدت مان مراد شايد
اها آهي ته مجروح
ان ۾ پنهنجو رنگ ڀريو آهي:
تون ته مجروح جو ڄڻ غزل پيو
لڳين
سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي
عبدالحليم ” جوش“ پاڻ به غزل جي ان روايت کي اڳتي وڌايو آهي ۽
هو ”مجروح“ جو ويجهو
ساٿاري به رهيو آهي؛ سندس ڪيترين ڳالهين سان
اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر ”جوش“ ”رنگ، خوشبو ۽
روشنيءَ جو شاعر“ ۾ ڪراچيءَ جي ان دور جي ڄڻ ادبي
تاريخ رقم ڪئي آهي، جنهن لاءِ کيس جس هجي، ” عرض
حال“ ۾ ”مجروح“ به
اهڙي ڪوشش ڪئي آهي.
”مجروح“ ڪراچيءَ جي حوالي سان پاڻ به
مڃيو آهي، ته ”ڪراچي مختلف زبانن جو مرڪز پئي رهيو
آهي. انهيءَ ڪري هتي جي سنڌي ڳالهائيندڙن جي زبان
به انهن اثرن کان محفوظ نه رهي سگهي آهي.“ انهن
اثرن ۾ اردو جو اثر ڪجهه وڌيڪ ئي رهيو آهي. ”مجروح“
جي ئي لفظن ۾ ته، ”ڪي
نام ڪٺيا ماڻهو ڪراچيءَ جي سنڌين کي سندن زبان ۽
لهجي جي معمولي فرق سبب سنڌي سڏڻ لاءِ به تيار نه
آهن.“ (ص 31)
اها ”مجروح“ جي پنهنجي ذاتي راءِ ٿي
سگهي ٿي.
بهرحال، ”مجروح“ جي پنهنجي لفظن ۾ هـُن،
حال سارو غزل جي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ (ص
31)
اهائي ڪوشش اسين توهان آڏو پيش ڪندي، اهو فيصلو توهان تي ٿا
ڇڏيون، ته اها ڪوشش ڪيتري قدر ڪامياب آهي!
سيد امداد حسيني
ڄام شورو، سنڌ
سيڪريٽري
سنڌ ادبي بورڊ
رنگ، خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر
زندگي، سونهن ۾ سچائي ۽ سچائي ۾ سونهن جي ڳولا جو
نالو آهي. اها گولا صدين کان جاري آهي ۽ صدين
تائين جاري رهندي. هيءُ ٿڪائيندڙ سفر، شايد اڻپورو
رهجي وڃي ها، جيڪڏهن محبت جو بنيادي جذبو انساني
زندگيءَ جي هر تخليقي عمل جو محرڪ نه هجي ها.
زندگي سونهن جو سفر آهي
پيار جا پيچرا کٽي نه سگهيا
شاعري به محبت جي انهي جذبي سان ائين معمور آهي
جيئن ڪنهن ساز ۾ سنگيت لڪل هوندو آهي ۽ آواز ۾
گداز سمايل هوندو آهي. ذات کان ڪائنات تائين، سڀني
تجربن ۽ ڪيفيتن جو بنيادي سرچشمو زندگي آهي. جذبا
۽ احساس، رنجشون ۽ راحتون، ڏک ۽ سک، حسرتون ۽
اميدون، محروميون ۽ مجبوريون اهي سڀ زندگي جا روپ
آهن جن جي عڪاسي شاعر، پنهنجي خلوص ڀرئي انداز
۾، دلڪش لفظن جي مدد سان ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جذبن
جي اظهار لاءِ لڙڪن کي لفظن جي جاءِ وٺڻي پوندي
آهي ڇو ته دل جي ڪيفيت بيان ڪرڻ ۾ لفظ مجبور نظر
ايندا آهن ڄڻ ته مٿن ڪو پهرو يا ڪا پاپندي هجي.
شاعر، تڏهن علامتن ۽ استعارن کان ڪم وٺي، زندگيءَ
جون سچايون ۽ تلخ حقيقتون، محسوس ڪرائيندا آهن.
هن پس منظر ۾ برادرم علي محمد مجروح جو ڪلام، جنهن
۾ مرصع ۽ معياري غزل، مٺڙا گيت۽ دلڪش نظم شامل
آهن. منهنجي اعليٰ شاعريءَجي تصور سان ٺهڪي اچي
ٿو.
هونءَ ته مجروح سان منهنجو لاڳاپو، ساڳئي اسڪول،
ساڳين استادن، ڪراچيءَ جي ساڳي وسندي نوآباد،
ساڳين دوستن ۽ ساڳئي ادبي ماحول سان آهي، پر
شاعريءَ جي حوالي سان اسانجو ناتو گذريل 40 ورهين
کان قائم آهي.
مان جڏهن ماضيءَ جي دونهاٽيل راهه تي ڪنڌ ورائي
ڏسان ٿو ته مونکي نوآباد جي ڪنهن هوٽل جي ڪنڊ ۾
ڪرسي ءَ تي ويٺل هڪ نوجوان نهايت خاموشيءَ سان
ڪتاب پڙهندو نظر آيو، ڪڏهن جهيڻي آواز ۾ ڪو غزل
پيو جهونگاريندو ۽ ڪڏهن ڪنهن سوچ ۾ محو هوندو.
هيِءَ علي محمد مجروح جيڪو مونکي ٻين نوجوانن کان
مختلف نظر آيو.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، شاعري، تنقيد ۽ ڪهاڻين جو
مطالعو منهنجو عزيز مشغلو هو. مونکي به سنڌي ۽
اردو شاعرن جي ڪلام پڙهڻ ۽ انهن بابت گفتگو ڪرڻ جو
شوق هو جيڪو مون کي ورثي ۾ مليو هو. منهنجي والد،
مرحوم عبدالله عبد، جي ادبي حيثيت ڪنهن به تعارف
جي محتاج نه آهي. پاڻ گهر کي چڱي خاصي ڪتبخاني ۾
تبديل ڪري ڇڏيو هوائون. ان ڪري منهنجو ادب ۽ شعر
ڏانهن مائل ٿيڻ ڪا اچرج جي ڳالهه نه هئي. علي محمد
مجروح ان وقت جي ادبي ماحول کان ضرور متاثر ٿيو
هوندو پر تڏهن به فطرت سندس ادب جي راهه تي
رهنمائي ڪئي. مونکي ياد آهي ته جڏهن اسانجي پهرين
ملاقات ٿي ته هن مونکي ڪرشن چندر جي افسانن ۽ فيض
جي شاعريءَ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو. پوءِ گڏجاڻين جو
اهو سلسلو جاري رهيو. گفتگو جي موضوع ادب ۽ شعر جي
دائرن کان ٻاهر نه نڪتا. آءٌ سندس سخن فهمي ۽ ادبي
ڄاڻ کان متاثر ٿيس . مونکي علي محمد مجروح ۾ اڄ
کان چاليهه سال اڳ مستقبل جو هڪ برجستو شاعر نظر
آيو. هتي هن ڳالهه جو ذڪر به ضروري ٿو سمجهان ته
ڪراچيءَ جي هن ئي شهر ۾، نوآباد جي وسندي ، هميشه
علمي سرگرمين ۽ شعر و سخن جو سرچشمو رهي آهي،
منهنجي ڏاڏي مرحوم عبدالواسع جو قائم ڪيل سنڌي
اسڪول انهن علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز هو. سال
1924ع کان 1943ع تائين منهنجو والد اسڪول جو مهتمم
رهيو. هيءُ اهو سونهري دور هو جڏهن اسڪول ۾ بهترين
ادبي لائبرري هئي. انجمن روح ادب جي سهاري هيٺ، هر
هفتي مشاعري جي محفل منعقد
ٿيندي هئي جنهن جي پڄاڻيءَ تي تنقيدي نشست ۾ شاعر
بدران شعر کي پرکيو ويندو هو ۽ هر هڪ شاعر ۽
ٻڌندڙ کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ملندو هو.
اهڙيءَ طرح شاعرن جي اصلاح ۽ سندن ذهني تربيت به
پئي ٿيندي هئي. ادبي ۽ تاريخي موضوعن تي مهيني ۾
هڪ ڀيرو تقرير جو اهتمام به ٿيندو هو. مطالعي جي
سهولتن ۽ پـُر لطف ادبي ماحول سببان، اسڪول ۾ موڪل
کانپوءِ به، شاعرن ۽ ادب جي شائقن جو ميڙو متل
هوندو هو. سنڌي شاعر، ڪراچي ڪم سانگي ايندا هئا ته
هڪ ڀيرو اسڪول جي محفل کي ضرور رونق وٺائيندا
هئا. انهن بزرگن ۾، محمد هاشم مخلص، حاجي محمود
خادم، نواز علي نياز (ڊاڪٽر اياز قادري سان گڏجي
لاڙڪاڻي ۾ مان ساڻن ملڻ ويس ته مونکي اسڪول ۾ ٿيل
هڪ مشاعري بابت ٻڌايو هئائون)، محمد صديق مسافر،
محمد بخش واصف، قادر بخش حقير، محمد صالح ڀٽي،
محمد اسماعيل عرساڻي، حافظ محمد احسن ۽
عبدالرحمان انجم قابل ذڪر آهن. ڪراچيءَ جي اديبن،
شاعرن، عالمن ۽ صحافين ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.
مراد علي ڪاظم، محمد هارون امير، مولوي خير محمد
نظاماڻي، مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ ٻيا به ڪيترائي
ادب دوست شريڪ ٿيندا هئا، جي هينئر اسان کان هميشه
لاءِ وڇڙي ويا آهن. جهونن استادن ۽ شاعرن مان علي
محمد مسڪين اڃا حيات آهن. هندو شاعرن ۾ پرسرام
ضيا، ڪشنچند بيوس، ڪڏهن ڪڏهن ڪاظم مرحوم سان گڏجي
ايندا هئا. ليکراج ”عزيز“ جڏهن به ڪراچيءَ ايندا
هئا ته والد مرحوم سان ڪچهري ڪرڻ نوآباد واري
اسڪول ۾ يا مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي
دواخاني (ڪچهري روڊ) ۾ ضرور اچي دوستن سان ملندا
هئا، جتي پڻ اديبن ۽ شاعرن جي روز محفل مچندي هئي.
هيءُ اهو دور هو جڏهن مرحوم نظاميءَ جي قائم ڪيل
ادبي انجمن، بزمِ ادب، پنهنجي عروج تي هئي. ادبي
ڪچهرين کانسواءِ ، اّن دور جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن
۾ عبد مرحوم جا تنقيدي مضمون، شعر ۽ افسانا شايع
ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح محمد هارون امير. نور محمد
نماڻو ۽ علي محمد مسڪين جا غزل ۽ نظم الوحيد ۽
اصلاح اخبار ۾ ڇپيا هئا. سنڌ جي ترجمان روزاني
الوحيد جو ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي مرحوم به
تن ڏينهن نوآباد ۾ رهندو هو.ان ڪري نوآباد جي
ننڍڙي وسندي پنهنجي ادبي خدمتن سان سنڌ جي ادبي
نقشي تي نمايان حيثيت والاري هئي. هن ادبي ماحول
جو اثر، 1950ع کانپوءِ واري دور تي به قائم رهيو
جيڪو علي محمد مجروح ۽ ان جي همعصر شاعرن جو دور
هو.
ڪراچي جي اوائلي مشاعرن ۾ غزل ۽ نظم ٻئي مقبول
صنفون هيون جن تي هندو توڻي مسلمان شاعر طبع
آزمائي ڪندا هئا. غزل جا طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا
ٿيندا هئا ۽ نظم لاءِ عنوان مقرر ڪيا ويندا هئا
جيئن بهار وطن، مزدور، ايڪتا وغيره. سال 1951ع
کانپوءِ واري دور ۾، طرحي مشاعرن سببان، غزل کي
وڌيڪ اهميت حاصل هئي. دراصل اهو دور سڄي سنڌ ۾ غزل
جو دور هو. ڪراچيءِ جي مشاعرن ۾ به غزل کي وڏي
مقبوليت ملي. سال 1955ع تائين غزل جو روايتي رنگ،
شاعرن تي غالب رهيو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو
دور، زير اضافت، لتاڙيل مضمونن، پاروٿين فارسي
تشبيهن ۽ ورجايل مضمونن جو دور هو، جنهن کان
ڪراچيءَ جا سنڌي شاعر پنهنجن ٻين همعصرن وانگر آجا
ڪين هئا.
مونکي ياد آهي ته محمد خان سارنگ، جيڪو زودگو شاعر
هو، پهريون ڀيرو مونکي سال 1950ع جي شروعات ۾ محفل
– احباب جي طرحي مشاعري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، طرح
هئي: ”باغ-طرب جا مسست نظارا هليا ويا.“
پوءِ اهي ست نظارا ڪڏهن به موٽي نه آيا. هن مشاعري
۾ مرحوم نظامي نه شرڪت ڪئي هئي. ساڳئي مهيني ۾
وري ٻئي طرحي مشاعري جي ڪوٺ آئي: طرح هئي: ”نمائش
جي ٿيو قابل سڄڻ سينگار جي باعث“ انهي مشاعري ۾
شرڪت لاءِ مون علي محمد مجروح کي آماده ڪيو.اسانجي
دوستن مان، ڊاڪٽر اياز قادري، محمد حسن ساز،علي
محمد اسير ، حسين عادل (هاڻي جج سنڌ هاءِ ڪورٽ)
عبدالعزيز بيدل، شفيع علوي، عبدالله شرر وغيره
شرڪت ڪئي. محفل احباب جي ميمبرن ۾ گهڻيئي شاعر هئا
جن ۾ سرشار عقيلي ، امير بخش قريشي، محمد جمن
هالو،علي محمد خالدي صوفي ساجد، محمد خان سارنگ ۽
ٻيا ڪيترا جن جي نالن سان فهرست کي طويل ڪرڻ، هن
مضمون جو مقصد نه آهي. علي محمد مجروح، هن مشاعري
۾ نهايت مٺڙي ترنم سان پنهنجو پهريون طرحي غزل پيش
ڪيو جنهن جو هڪ شعر اڃا به ياد اٿم:
نه ڪر تعبير قسمت سان زمانا منهنجي بربادي،
اهي ناڪاميون آهن دلِ خوددار جي باعث
غزل جي هن روايتي ماحول ۾ هيءُ هڪ نئون آواز ۽
زندگي ڏانهن نهارڻ جو هڪ نئون انداز هو. سرشار
عقيلي به پنهنجي مخصوص انداز سان مجروح کي داد ڏنو
۽ پوءِ کيس پنهنجي شاگردن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ جو
مشورو ڏنائين. مجروح، سندس شاگرد ٿيڻ کان انڪار
ڪيو پر محفل احباب جو ميمبر ٿيڻ قبول ڪيائين.
ميمبر شپ جي فارم ۾ هڪ ڪالم هو جنهن ۾ استاد جو
نالو لکڻ تمام ضروري هو. مجروح ان ڪالم ۾ لکيو
فطرت جو شاگرد
جڏهن ته ٻين سرشار کي پنهنجو استاد ڄاڻايو ۽ اهي
پوءِ ”سرشاري سڏبا هئا. هن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته محفل احباب، ڪيترائي سال، ماهانه طرحي
مشاعرن جو اهتمام جاري رکيو جن ۾ اڪثر شاعرن ۽
سامعين جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو هو. ڪيترا مشاعرا
شامياني ۾ ٿيندا هئا نه ته اڪثر مرحوم امير بخش
قريشي جي جاءِ ٿيندا هئا. علي محمد مجروح به محفل
احباب جو مشاعره سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو پر ڪڏهن به
ذاتي فائدي لاءِ خوشامد جي راه اختيار نه ڪيائين.
اهو ئي دور هوجڏهن بزم-طالب المولى، محمد جمن هالي
قائم ڪئي، بزم محراب، ادب بيدل ۽ محمد حسين عادل
جي اشتراڪ سان قائم ٿي، بزمِ ادب کانپوءِ مرحوم
حبيب الله فڪري، بزم، نظامي قائم ڪئي ۽ مجروح ۽
ٻين دوستن جي تعاون سان مون بزم – امير (محمد
هارون امير جي ياد ۾) قائم ڪئي. انهن سڀني انجمن
جي سهاري هيٺ مشاعري جون محفلون سخت سياري ۾ به
گرم رهنديون هيون. ”واه واه “ جون اهي محفلون آڌي
رات تائين مسين مسين وڃي مقطح تائين پهچنديون
هيون.
ان وقت محمد عمر ڄاموٽ هفتيوار ناخدا جو، نوآباد
مان اجراءَ ڪيو جنهن کي مون ۽ علي محمد مجروح ادبي
رنگ ڏنو. هن اخبار ۾ ڪراچيءِ جي ادبي ماحول ۽
مشاعرن بابت خاص تنقيدي مضمون شايع ٿيندا هئا. هن
اخبار ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن جا مضمون ۽ شعر به
شايع ٿيندا هئا. علي محمد مجروح، ناخدا جي ادبي
قدر و قيمت کي وڌائڻ ۾ ڪافي محنت ڪئي. ساڳئي وقت،
ڪراچيءَ کان برادرم لعل محمد لعل ، ماهوار ادبي
رسالو آفتاب جاري ڪيو جنهن جي هر پرچي ۾ والد
مرحوم جو تنقيدي مضمون ضرور شايع ٿيندو هو. ڪاظم
جو ڪلام به طويل خاموشيءَ کان پوءِ منظر عام تي
آيو. هر نقطه نگاه کان رسالو تعريف جوڳو هو.
هيءُ اهو دور هو جڏهن مشهور اديب ڊاڪٽر اياز قادري
جي فلئٽ، 6 ڌني رام بلڊنگ (آرام باغ روڊ) تي سنڌي
ادبي سنگت جا يادگار ادبي ميڙ هر جمعي تي وڏي
اهتمام سان منعقد ٿيندا هئا جن ۾ سنڌ جا برک اديب
شاعر ۽ افسانه نگار شريڪ ٿيندا هئا. انهي گڏجاڻين
جديد سنڌي ادب لاءِ راه هموار ڪئي. نوآباد کان مان
پابنديءَ سان سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هوس.
ڪڏهن ڪڏهن مجروح نه ايندو هو ۽ تاج بلوچ به اڪثر
حصو وٺندو هو. ۽ جلد ئي پنهنجي ذهانت سان نامياري
شاعرن ۾ شمار ٿي ويو. ادبي سنگت جو اهو ئي دور هو
جڏهن سنڌي افسانو پنهنجي عروج تي پهتو.برادرم اياز
قادريءَ جي بلڊنگ جي لرزندڙ ڏاڪڻ ،سنڌي ادب کي
عروج تائين رسايو. اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي
روشني ڦهلجي وئي آهي پر هي ڳالهه وسارڻ نه گهرجي
ته اهو سج به ڪراچيءَ کان ئي اڀريو جنهن ستت ئي
ادب جي راهن کي جرڪائي وڌو.
ههڙي ادبي ماحول مان علي محمد مجروح اڀريو ۽ ٿورن
ئي سالن جي مشق ۽ محنت کانپوءِ پنهنجي تازه گوئي،
خيال ۽ انداز بيان جي ندرت ۽ ترنم جي ميٺاج سان
سنڌ جي ادبي حلقن تي ڇانئجي ويو. |