سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :13

همتِ مردان

جي عزم و عمل جي راهه وٺن

جي منزل منزل اڳتي وڌن

جي محنت ۾ عظمت سمجهين 

جي مايوسين کي ڪفر چون

هي ديس انهن دل وارن جو

منهنجي مانجهي مڻيادارن جو

جي مـُرڪي طوفانن سان ڪڏن

لهرن ۾ لڏن پر ڪين ٻڏن

طوفان کڻي ڪيڏا به هجن

هر مشڪل مان ٿا پار پون

ڪو عزم ڏسي هاڪارن جو

هي ديس انهن دل وارن جو

هي سهڻا سريلا سانگيئڙا

هي جانب جوڌا جهانگيئڙا

هي راههِ وفا جا پائڌيئڙا

منهنجي ساهه جا آهن ساٿيئڙا

ڪيئن ڇڏبو ساٿ سنگهارن جو

هي ديس انهن دل وارن جو 

هي سهڻا رنگ رچائيندا

هي بگڙيل ڀاڳ بڻائيندا

هي اجڙيل کيت وسائيندا

هي چاهه جو چنگ وڄائيندا

آءٌ دوست انهن دلدارن جو

هي ديس انهن دل وارن جو

ڪو دور ڏکيو آيو به ته ڇا

پئي جرڪي عزم جي جوت سدا

ڄڻ بربادين جا زخم ڇٽا

پر همتِ مردان مدد خدا

پيغام اهو فنڪارن جو

هي ديس انهن دل وارن جو

شاهه جي حضور

 

بيت تنهنجا روشني ئي روشني

زندگي جو نور تنهنجي شاعري

تو دلين کي پيار جي دولت ڏني

تنهنجي لفظن ۾ سدائين زندگي

 

علم کي بخشيون تو ڪيئي صورتون

بند بيتن ۾ ڪيون تو آيتون

معرفت جا تو ڏنا موتي اُهي

جن سان روشن زندگيءَ جون ساعتون

 

جيڪي لفظن جا ڏيا تو ٻاريا

اڄ به تن کان ٿا پرايون روشني

اڄ به تن ۾ عشق جون سڀ مستيون

اڄ به تن ۾ حسن جي هر دلبري

 

سر فروشيءَ جو سبق توکان مليو

تون سجاگيءَ جي سفر جو رهنما

تو ڏسيو سوريءَ کي ڪيئن سينگارجي

تو ڏنا قربانين جا حوصلا

 

ڪهڙا جوڳي ڪهڙا ٺوڳي ٿا ٿين

وهه ڪٽورا ڪير ٿا مـُرڪي پين

تو اُهي ٻهروپيا ظاهر ڪيا

جي گرهه لئه غير جا گولا ٿين

 

نذرِ شاهه

 

تنهنجي سخن ۾ آهي سچائي، سهڻا شاه ڀٽائي

هن جهڙي ٻي سونهن نه ڪائي، سهڻا شاهه ڀٽآئي

 

ڪهڙا پيا هي منظر ڏسجن داتا تنهنجي ڌرتيءَ تي

ماڻهوءَ کي ويو ماڻهو کائِي، سهڻا شاهه ڀٽائي

 

ڪوڙي ترهن تي ترندي، ڪو پهچي ڪيئن منزل تي سگهي

سهڻيءَ کي ڇو سمجهه نه آئي، سهڻا شاهه ڀٽائي

 

مانڌو آهي من مارئي جو سانگين سانت وڃائي

لٽجي ويئي قرب ڪمائي، سهڻا شاهه ڀٽائي

 

تنهنجي بيتن سان ٿو جاڳي، روح ۾ رنگ نرالو

تو هر من ۾ جوت جلائي، سهڻا شاهه ڀٽائي

 

اڄ ته گلن جيئن ڳاڙها آهن، تازا  زخم اسانجا

تنهنجي پڙهڻ جي مند اهائي، سهڻا شاهه ڀٽائي

 

تون مرد ٿي ميدان آ، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

ٿي عشق ۾ صادق صفا ، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

مون کي صبا نياپو ڏنو، رک سراڏيءَ تي تون اچي

ٿي چمڪي تيغ دِلربا، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

 

ائين عشق ۾ پروانو ٿي، سر ساهه کان بيگانو ٿي

چئو خوش ٿي غم کي مرحبا، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

 

ٿيو عاشقن جو هي سخن، منهنجي ته هن دل تي رقم

ڪو دم نه هڻ ٿي بيوفا، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

 

بس حرف ئي هڪڙو ٻڌم، پوءِ سر مٿي کيڏي ويس

هي پڻ گهريم دل سان دعا، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

 

هر دل اندر دلبر رهي، هر جاءِ تي جانب وسي

ٻڌ راز هي تون برملا، جي سر وڃي بيشڪ وڃي

(ترجمه؛ قلندر لال شهباز تخلص راجا)

لک مڃيم شڪرانا جڏهن روبرو دلدار ٿيو

ناز پرور ماه رو محبوب جو ديدار ٿيو

 

ٻن جهانن کان به وڌ ديدار جنهن دلبر سندو

اڄ انهيءَ جو وصل ماڻيم بخت ايئن بيدار ٿيو

 

تخت هستيءَ تي سـُتل هو ننڊ ۾ منهنجو سڄڻ

جيئن ٻڌايان نانءُ منهنجو خواب مان بيدار ٿيو

 

اُن گهٽيءَ ۾ جيترا ڀيرا ويس اُن کي ڏسڻ

ڇا ٻڌايان ٻاجهه اُن جي هر دفعي ديدار ٿيو

 

لم يزالي پريت جو پيالو ڏنو دلبر ڀري

پوءِ ته ديوانو ڪڏهن بيخود ڪڏهن هوشيار ٿيو

 

پنهنجي جلوي سان جڏهن دل کي نوازيو دلربا

اُن تجلي بعد ظاهر  عشق جو اصرار ٿيو

 

راز ڏاڍو گهرو هو پر هي ڪرم ان جو ڏسو

خودبخود هي راز مخفي مون اڳيان اظهار ٿيو

 

مطربو جلدي ڪريو، ڪو نغمو ڇيڙيو شوق جو

بخت راجا جو کليو مهمان اڄ دلدار ٿيو

 

 (تر جمه: قلندر لال شهباز تخلص راجا)

 

پرائي طوق اُلفت جو گهڻو مسرور ٿيو آهيان

ڀري پي خم ۽ ساغر مئي سندا مخمور ٿيو آهيان

 

هي منهنجو ئي جلال آ پرتوِ خورشيد مان ظاهر

گهري ٿو روشني پڻ چنڊ، ايئن پـُرنور ٿيو آهيان

 

ڪيو بيهوش جنهن موسٰي کي سا منهنجي تجلي هئي

ڏسو هي ڪارنامو ڪيئن جلالِ طور ٿيو آهيان

 

ڊڄو ڇو ٿا پرائڻ ٿا گهرو جي راز رندن جو

شهنشاهه هوندي اُن محفل ۾ ڪيئن مذڪور ٿيو آهيان

 

قلندر شَهباز آهيان ٽڪاڻا ڪئين ٿيا منهنجا

سدا هر جاءِ تي هر رنگ ۾ مسرور ٿيو آهيان

 

(ترجمه: قلندر لال شهباز تخلص راجا)

منهنجي  وطن  ۾

 

شل روز هجي اهڙي فضا منهنجي وطن ۾

هر گل مان اچي بوءِ وفا منهنجي وطن ۾

 

حيرت سان ڏسي سونهن، سونهن صبا شوخ هٿن جي

خوشبوءَ ۾ رچي رنگِ حنا منهنجي وطن ۾

 

چانڊوڪي جي چمڪي ته چـُرن چنگ خوشيءَ جا

نغمن کي ملي حسنِ صدا منهنجي وطن ۾

 

هر دل تي ٿئي روز هتي پيار جي پالوٽ

انداز محبت جي جدا منهنجي وطن ۾

 

ڌرتي کي ڏنو ريج ٿي جن خونِ جِگر جو

اهڙا به ڪي سرويچ هئا، منهنجي وطن ۾

 

دلين ۾ نئين  جوت، نئون جوش نئون شوق

چهرن تي نئون عزم وفا منهنجي وطن ۾

 

ڪن قول جي ڪنهن سان ته ڏئي سر به نباهن

صدين کان هلي ريت اِها منهنجي وَطن ۾

 

ديوانا او ديوانا

رسمِ جفا کان بيگانا

 

نغما گونجن تنهنجا قفس ۾

دار تي تنهنجا افسانا

 

رهندا سي گلزار سدائين

تو جي وسايا ويرانا

 

توکان پوءِ به دنيا اندر

رهندا تنهنجا افسانا

 

آخر دنيا وارا ڏيندا

توکي ڳوڙن جا نذرانا

 

حيدرآباد. 1962ع

ڪافيون

سمه ڄام ڪر ڪا بـُري سان ڀلائي

مهاڻيءَ جي نسبت نه توساڻ  ڪائي

سمه ڄام ڪر ڪا بريءَ سان ڀلائي

حياتي گذاريم کڻي کِکَ جي کاري

نه اوقات پنهنجي ڪڏهن مون وساري

ڇڏي نياز نئڙت ڪريان ڪيئن وڏائي

سمه ڄام ڪر ڪا بريءَ سان ڀلائي

اهي محل ماڙيون ڪنديون ڇا مهاڻيون

انهن راحتن تي ته ريجهن ٿيون راڻيون

ڪنڌيءَ جن جا جهوپا آءٌ آهيان اُهائي

سمه ڄام ڪر ڪا بريءَ سان ڀلائي

هجن شال آباد ڪينجهر ڪنارا

هي سدا سونهنَ سڪ جا نرمل نظارا

ٿئي شل نه ڪڏهن انهن کان جدائي

سمه ڄام ڪر ڪا بريءَ سان ڀلائي

 

اسان نير نيڻن مان پل پل وهايا

ويا مينهن موٽي سڄڻ ڪو نه آيا

اسان نير نيڻن مان پل پل وهايا

ڏسي حال هيئڻو پرين ڪر نه پاسو

دکي دل کي دلبر ڏئي وڃ دلاسو

جيان ڪيئن جي پنهنجا ٿين هيئن پراوا

اسان نير نيڻن مان پل پل وهايا

بڻي شمع هر دم ٻرن ٿيون اُجهن ٿيون

اکيون آس ۾ تنهنجي ساجن سڪن ٿيون

اچين تون ته منهنجا ٿين ڏک سجايا

اسان نير نيڻن مان پل پل وهايا

 

آس اُجهامي ويئي او ساجن آس اُجهامي ويئي

ويل ويامي ويئي او ساجن ....

آس اُجهامي ويئي

جيءَ سان منهنجي جلندي جلندي

جوت وسامي ويئي. او ساجن........

آس اُجهامي ويئي

ساريندي ڪنهن سانول جا ڏک

ننڊ اڏامي ويئي. او ساجن

آس اُجهامي ويئي

سون ۽ چانديءَ جي دنيا ۾

پريت وڪامي ويئي، او ساجن .......

آس اُجهامي ويئي

کـُوري ۾ مجروح ڏکن جي

رات به کامي ويئي – او ساجن .....

آس اُجهامي ويئي

 

ڪاريهر جيئن ڏنگ هڻي ٿي مون کي ڪاري رات الا

ڪڏهن ته ايندي هن جيون ۾ پيار ڀري پرڀات الا

 

مون به ڏٺا ها سک جا سپنا، مون به ڪيو هو پيار ڪڏهن

اڄ به  انهن جي ياد ستائي، اڄ به اُهائي تات الا

ڪاريهر جيئن   . . . . . .

 

چاهي دنيا ويل وهائي، دشمن ٿين حالات الا

جيءَ جا جذبا جيئرا رهندا مور نه ٿيندا مات الا

ڪاريهر جيئن   . . . . . .

 

آيو آهي ديس اوهانجي، پيار جي ڌاري آس الا

مجروح جهڙي پانڌيئڙي کي سونهن ڏجي سوغات الا

ڪاريهر جيئن   . . . . . .

نه ٿيندي ڪڏهن تنهنجي غم کان جدا ئي

سڄڻ ڪيئن ڪريان مان اِها بيوفائي

نه ٿيندي ڪڏهن . . . . . . .

سدائين نوان درد  دل کي ملن ٿا

اسان کي ڪڏهن زندگي راس آئي

نه ٿيندي ڪڏهن . . . . . . .

هئين تون ته دنيا به منهنجي هئي

وئين تون ته دشمن ٿي ساري خدائي

نه ٿيندي ڪڏهن . . . . . . .

نه باقي رهيو ڪو زماني سان مطلب

دکيءَ دل کي جنهن دم تنهنجي ياد آئي

نه ٿيندي ڪڏهن تنهنجي غم کان جدائي

سڄڻ ڪيئن ڪريان مان اها بيوفائي

 

سر سڄڻ تان جنهن هي گهوريو، بيشڪ ڀاڳن وارو سو

 

اندر اندر پاڻ جلائي، حال نه ٻئي سان اوريو

بيشڪ ڀاڳن وارو سو

 

ساعت ساعت جو سڳڙو جنهن، سڪ سچيءَ سان سوريو

بيشڪ ڀاڳن وارو سو

 

مجروح جنهن دنيا جي طلب کي، اُن جي خوشيءَ سان توريو

بيشڪ ڀاڳن وارو سو

 

ڪنهن ٿي ڄاتو ائين به ٿيندو، سانول منهڙو مٽيندو

 

ڪاري رات جي اونداهيءَ ۾ ظلم جي گهري تنهائي ۾

ساجن سڏ نه ڏيندو، ڪنهن ٿي ڄاتو 

 

جيءَ ۾ ڪنهنجي جس ئي ڪونهي، ويڙهيچن جو وس ئي ڪونهي

اهڙو وقت به ايندو، ڪنهن ٿي ڄاتو

 

مندَ جي پويان مندَ اچي ٿي، ڌرتي ڪيئي دور ڏسي ٿي

مجروح من مايوس نه ٿيندو. ڪنهن ٿي ڄاتو

ڪنهن ٿي ڄاتو ائين به ٿيندو

سانوڻ منهڙو مٽيندو . . . . . . .

 

مـُند به موٽي وئي – او هاڻ اچين نه اچين

سڪ ۾ لڇندي، ٻرندي، اُجهندي مون ته گذاري ڇڏي

هاڻ اچين نه اچين

 

رات پئي جهوپن ۾ جهانگين جي تنهنجي ڳالهه هلي . . . .

هاڻ اچين نه اچين

 

آس جا هئي مجروح کي تنهنجي روح ۾ رهجي وئي  . . . .

هاڻ اچين نه اچين

 

گيت

 

اي  منهنجا سڄڻ، منهنجا ساٿي

مايوس نه ٿي، مايوس نه ٿي

اي  منهنجا . . . . . . .

هي ڪاري  قهري رات سڄڻ

هي سـُورن جي سوغات سڄڻ

ڪو رنج نه ڪر  گذري ويندي

اي  منهنجا . . . . . . .

تون سک جي سدائين آس نه ڪر

هي ڏکِ ته حياتيءَ جو زيور

مغموم نه ٿي، دلگير نه ٿي

اي  منهنجا . . . . . . .

من من موج مچائي ويو

منهنجو رانول رنگ رچائي ويو

 

برهه جي برپٽ ويرانن ۾

مايوسين جي غمخانن ۾

جهرمر جوت جلائي ويو

منهنجو رانول رنگ رچائي ويو

 

چانديءَ جهڙي چانڊوڪيءَ ۾

روح جي گهري خاموشيءَ ۾

سڪ جو ساز وڄائي ويو

منهنجو رانول رنگ رچائي ويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org