راڳ ۾ آڳ سمائي من جي
تو کي پڪاريان پاڳل بنجي
جڏهن وسي برسات، او ساٿي
اچ ته اچي پرڀات
اي ساجن سهڻا سانورا
اچ منهنجي اڱڻ تون بانورا
اچ بگڙيل ڀاڳ بنائڻ اچ
اچ پريت جو گيت ٻڌائڻ اچ
اي ساجن سهڻا سانورا . . . .
هي نور جون نرمل ساعتون
هي روح ۾ رچندڙ راحتون
بڻجي وڃن نه قيامتون
اي ساجن سهڻا سانورا . . . .
جيئن ڪنول تي موتي ماڪ جا
تيئن نازڪ ناتا نيهن جا
نڀاهي وياسي امر ٿيا
اي ساجن سهڻا سانورا . . . .
ٻڌ درد ڀريون دانهون، اي منهنجا جيءَ جيارا
ٿڪجي پيون نگاهون، ايندين ڪڏهن تون پيارا
دنيا جي ڪنهن خوشيءَ تي ڪو اختيار ڪونهي
هن بيقرار دل کي هڪ پل قرار ڪونهي
ڄڻ منهنجي زندگيءَ ۾ سـُک جي بهار ڪونهي
ويران ٿيا نظارا، ايندين ڪڏهن تون پيارا
ٻڌ درد ڀريون دانهون . . . . . . .
دنيا ڏکن جو دريا، هر موج آهي دشمن
هن پار آءٌ تنها، هـُن پار منهنجو ساجن
طوفان راهون روڪي دل جو اُجاڙي گلشن
بيوس ٿيا سهارا، ايندين ڪڏهن تون پيارا
ٻڌ درد ڀريون دانهون . . . . . . .
چريون اڙيون اڙيون توسان
ڪو اکين کي سمجهائي . . . . . .
سهڻا سپنا مٺڙيون راتيون
وسري وييون برهه جون باتيون
ڇمڪي ڇمڪي ڇير ٿي ڳائي
ڪو اکين کي سمجهائي
چريون اڙيون . . . . . . . . .
پل پل آهن پيار پچارون
روح ۾ رانول تنهنجو راهون
انگ انگ پيو گيت ٻڌائي
ڪو اکين کي سمجهائي
چريون اڙيون . . . . . . . . .
جوڳيئڙن سان جيءُ اڙائي
ڪير سدائين سور پرائي
نيهن ته نيڻين ننڊ ڦٽائي
ڪو اکين کي سمجهائي
چريون اڙيون . . . . . . . . .
مٺڙا گيت ٻڌايان توکي، مٺڙا گيت ٻڌايان
تنهنجو من پر ڀائيان، مٺڙا گيت ٻڌايان
راڳ ۾ روپ جو رنگ رچائي
سڪ جو ساز وڄائيان، تو کي مٺڙا گيت ٻڌايان
تو کي مٺڙا گيت ٻڌايان
جيون آهي سـُر جو ساگر
سـُورَ به سـُر ۾ ڳائيان، مٺڙا گيت ٻڌايان
تو کي مٺڙا گيت ٻڌايان
تنهنجي راهه تي دل جي چاهه تي
سهڻا گل وڇائيان، مٺڙا گيت ٻڌايان
تو کي مٺڙا گيت ٻڌايان
هن جيون جي انڌيارن ۾، جوت جلائڻ آيو هو
گيت ٻڌائڻ آيو هو
ساز ۾ ڳن جي سونهن جو جادو
دل کي ڪري ويو قرب سان قابو
سر ساگر مان موتي آڻي، مون پرڀائڻ آيو هو
گيت ٻڌائڻ آيو هو
سڪ ۾ سندرتا جي آتو
ڪائي هجي رُت هـُو مڌُ ماتو
هر من جي پيڙا کي پروڙي پيار لتائڻ آيو هو
گيت ٻڌائڻ آيو هو
شاعر هو يا راڳي هو
مجروح ته بس ويراڳي هو
پيار جي ٻولي، سهڻي سلوڻي، سڀ کي ٻڌائڻ آيو هو
گيت ٻڌائڻ آيو هو
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ٿو
مان سڪ جو ساز وڄايان ٿو
پيار جو مٺڙو گيت لکي
توکي من جو ميت لکي
چاهه جو چنگ وڄايان ٿو
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ٿو
مٺڙو سـُر، مٺڙو سنگيت
ٻول ٻول ۾ تنهنجي پريت
پريت سان پريت وڌايان ٿو
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ٿو
هن دل ۾ تنهنجي آس کڻي
اکين ۾ تنهنجي پياس کڻي
هر من جي اُڃَ اُجهايان ٿو
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳايان ٿو
گذري ڏکن ۾ پنهنجي حياتي
من جي پيڙا ڪنهن به نه ڄاتي
او دور نگر جا ساٿي
هيءَ جيون جي ريت پراڻي
ڪو به نه سمجهي پريت ڪهاڻي
اوکي آهي راهه وفا جي
او دور نگر جا ساٿي
سڪ جو سانوڻ بادل ڪارا
ڀرجي ڀرجي ڪن وسڪارا
دل کي جلائي باهه برها جي
او دور نگر جا ساٿي
جڳ سان ناهي ڪائي شڪايت
درد پرائڻ پيار جي قسمت
هار ۾ آهي جيت وفا جي
او دور نگر جا ساٿي
پنهنجي رب کي سار اي بندا
پنهنجي رب کي سار
دنيا ڏينهن ٻه چار اي بندا
پنهنجي رب کي سار
ڪوڙي قرب جا ڪوڙا ناتا
ڪهڙا سنڱ ۽ ڪهڙا سياپا
ڀاءُ کان ڀاءُ ڌار _______ او بندا
پنهنجي رب کي سار
آخر هي جڳ ڇڏڻو پوندو
خاڪ سان خاڪ ٿي ملڻو پوندو
غفلت ۾ نه گذار _____ او بندا
پنهنجي رب کي سار
مطلب ماري دنيا ساري
حرص و هوس جي آهي پڄاري
ڪوڙو ڪاروبار ____ او بندا
پنهنجي رب کي سار
سامونڊين جو گيت
لهر لهر ۾ آهي اشارو – قرب جو ناهي ڪنارو
سمجهي ڪو دل وارو
ڪينجهر جهومي ڪَشتي جهومي، جهومي ٿو جڳ سارو
موج موج ۾ مستي آهي، آيو ڄام ڀلارو
لهر لهر ۾ آهي اشارو
محبت ڀريا نيڻ اسانجا، دل جو نياز نرالو
سڄڻ انهيءَ جو ساڻي ٿيندو، جيڪو نئڙت وارو
لهر لهر ۾ آهي اشارو
اسين مهاڻا، عيبن هاڻا، تڙ تي جن جا ٽڪاڻا
سمي اسانجو مان وڌايو، شال هجي سوڀارو
لهر لهر ۾ آهي اشارو
فاني هي سنسار، او پيارا فاني هي سنسار
ڪهڙو ان سان پيار، او پيارا فاني هي سنسار
ڪوڙي جڳ جي ڪوڙي مايا
ڪوڙي سک جي ڪوڙي ڇايا
ڪوڙا قول قرار- او پيارا
فاني هي سنسار
جنهن دم موت جي آنڌي ايندي
جيون جوت وسامي ويندي
اونداهي انڌڪار – او پيارا
فاني هي سنسار
ڪليون مرڪن ماڪ ٿي روئي
جيون جا ٿي ڏکڙا ڌوئي
روئي تند تنوار – او پيارا
فاني هي سنسار
اچ اي منهنجا جيون ساٿي
توسان روشن منهنجي حياتي
تنهنجي خوشبو آهي گلن ۾
تنهنجي سوڀيا ساري چمن ۾
تنهنجو رنگ رچايم من ۾
اکين تنهنجي سونهن سڃاتي
اچ اي منهنجا جيون ساٿي
چنڊ کي توسان چاهت پيارا
تون جي مـُرڪين مـُرڪن تارا
روپ جا تنهنجي ڪيئي نظارا
پاءِ ڪا منهنجي جيءَ ۾ جهاتي
اچ اي منهنجا جيون ساٿي
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
ڇو لِڪَ ۾ لڙڪ وهائين ٿو
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
پيار بنا ڇا پنهنجي حياتي
سونهن سوا ٻيو ڪهڙو ساٿي
سونهن جو ساٿ وڃائين ٿو
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
درد ته آهن دل جي دولت
لڙڪ ته آهن پيار جي قسمت
مورکَ تون گهٻرائين ٿو
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
جيون جا اڻ کٽ انڌيارا
گهيري ويندا توکي پيارا
ڪهڙا پور پچائين ٿو
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
سـُکَ ته رڻ ۾ شام جي ڇايا
ڄڻ ته اسان وٽ ڀـُلجي آيا
من جو موهه وڌائين ٿو
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
دنيا جا سڀ درد وساري
ساجن ايندو نيٺ دواري
آس جو ديپ اجهائين ٿو!
تون پيار ڪري پڇتائين ٿو
جهر مر جرڪن روپ جون راهون، چمڪن چنڊ ستارا
توکان سوا پر جيون آهي، رڻ ۾ ڄڻ ڪا رات او پيارا
جهر مر جرڪن روپ جون راهون
دل ٿي چاهي سونهن سان تنهنجي سپنا پنهنجا سجايان
ننڊ ئي نيڻن ناهي، پوءِ ڪيئن من جي آس پڄايان
پيار جا رنگ نيارا
جهر مر جرڪن روپ جون راهون
نازڪ نرمل نيڻن وارا، سندر سهڻا ساهه جا ساٿي
تون ئي منهنجي پيار جي قسمت تون ئي منهنجي حياتي
جانب جيءَ جيارا
جهر مر جرڪن روپ جون راهون
گيت بهارون تنهنجا ڳائي، من ۾ آڳ لڳائن
اکيون تنهنجي ياد ۾ پيارا لڪيو لڙڪ وهائن
ساجن ساهه سهارا
جهر مر جرڪن روپ جون راهون
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير
هيءَ اربيلي ڪير جنهنجا چانديءَ جهڙا پير
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير
روپ ٿو من جو موهه وڌائي
انگ انگ پيو گيت ٻڌائي
نيهن اڙائي ڪير
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير
مرڪي مرڪي من پرڀائي
سندرتا جا ديپ جلائي
ديپ وسائي ڪير
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير
مست اکين مان ڇلڪي مستي
خوشبو خوشبو دل جي وستي
هوش ۾ آهي ڪير
ڇم ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير
سدا جوت جيءَ ۾ جلائي جيون ٿا
چمن چاهتن جا سجائي جيون ٿا
ڪڏهن آرزوئن جي محفل ۾ آهيون
ڪڏهن نامراديءَ جي مشڪل ۾ آهيون
پنهنجو حال جڳ کان لڪائي جيون ٿا
چمن چاهتن جا . . . . . . .
اسين آهيون جيسين بهارون به آهن
اهي قرب واريون تنوارون به آهن
سنيها سکن جا سڻائي جيون ٿا
چمن چاهتن جا . . . . . . .
لڪائي نه سگهبي ڪڏهن هيءَ حقيقت
حياتيءَ جو سينگار آهي محبت
محبت کي من ۾ وسائي جيون ٿا
چمن چاهتن جا . . . . . . .
گلن جي حسن هر کايو
بهار آيو – بهار آيو
سنيها سونهن وارن جا
نياپا نيهن وارن جا
ٻڌي دل کي قرار آيو
بهار آيو – بهارآيو
ڀرِن پيا ڀونر غنچن تي
ميار آهي نه مستن تي
زمانو سازگار آيو
بهار آيو – بهارآيو
هوائن هيج مان ڳايو
اُٿو ساجن کي سر چايو
وري ڪو جام ڇلڪايو
بهار آيو – بهارآيو
جياريو پيار جا جذبا
ٻڌايو شوق جا نغما
دلين جي ساز تي ڳايو
بهار آيو – بهارآيو
قطعا
¤
گلَ کان شوخي ڪليءَ کان مـُُرڪ وٺي
هڪڙو مٺڙو غزل تيار ڪيم
تنهنجي مخمور اکڙين جو قسم
تنهنجو نعم البدل تيار ڪيم
¤
زندگيءَ جي گردشن ۾ آهي گم
عشق جي سر مستين جو قافلو
هڪ قدم توکان رڳو پٺتي هئس
اڄ اُهو سالن جو آهي فاصلو
¤
داد غم جو ٿي ڪرين ڪنهن کان طلب
ڪنهن کي تنهنجي حال جي ڪهڙي خبر
سون جهڙا لڙڪ راهن تي رُلن
هوش ڪر ا اي چشمِ تر ڪو هوش ڪر
¤
سور ساڻيهه جا هزار آهن
داغ پڻ دل جا بي شمار آهن
تون خبر ناهي ڪنهن کي ڳولهين ٿو
هر قدم تي ته بيقرار آهن
¤
مون وقت جون ڳالهيون توسان ڪيون
تو وقت وڃايو ڳالهين ۾
تو شعر عزل جو سمجهيو هو
مون حال ٻڌايو ڳالهين ۾
¤
اسان لئه ڏکن ۽ سکن جا فريب
سدا جن کي پنهنجو مقدر چئون
پيا گردشن ساڻ هلندا هلون
نه منزل تي پهچون نه پٺتي هٽون
¤
ڪو
مر
ڪي مليو ڄڻ ملي زندگي
ڪنهن اکيون مٽيون ڄڻ وياسين مري
ڇا آهي ٻين جي ئي وس دوستو
اسانجي تمنا اسانجي خوشي
¤
نه ڪنهن کي ستايون نه آزاريون
سدا پنهنجي سـُورن کي سرچايون
جي باني سڏائين ٿا بيدار جا
اسان جون انهن ساڻ ارڏائيون
¤
هيءَ جو تارن سان گفتگو آهي
تنهنجو غم تنهنجي جـُستجو آهي
تون سڏين پنهنجو، ڪو سڏي نه سڏي
بس اِها دل جي آرزو آهي |