سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :2

علي محمد مجروح جي شاعري بابت ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ، ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون کيس هن ميدان ۾ اڀرندو ۽ اسرندو ڏٺو آهي ۽ هن آڌار تي چئي سگهان ٿو ته مجروح پنهنجي ماحول جو ڀرپور تنقيدي شعور سان جائزو ورتو هو. هن پنهنجي ادبي لاڙن کي قافيه پيماني تائين محدود نه رکيو آهي. ابتدائي غزلن کي ڇڏي، سندس ڪلام زندگيءَ جي تقا ضائن سان هم اهنگ آهي. سندس غزل جا جيڪي به رنگ آهن سي سڀ زندگي جا رنگ آهن ڇو ته مجروح جي ئي لفظن ۾:

اي زندگي سدائين سرابن کي ڇا ڪبو؟

هر رات صبحِ نور جي خوابن کي ڇا ڪبو؟

 

ان ڪري هن شعر جي مضمونن کي، روايتي غزل جي ورجايل خيالن جو پابند نه بڻايو پر، هن غزلن ۾ خيالن جي تازگي آندي . سوريءَ کي سينگارڻ جو عزم پيدا ڪيو ۽ زلفن جي اوٽ ۾ وقت جي حادثن جو ذڪر ڪيو.

 

تنهنجي  زلفن  جي  اوٽ  ۾  ها   لڪل

حادثا    وقت     جا      ٽري   نه   سگهيا

 

شاعر به ٻين انسانن وانگر، هن معاشري جو هڪ فرد آهي جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس آهي. شاعر ماحول کان اثر ته وٺندو آهي پر ماحول کي پنهنجي تنقيدي شعور سان متاثر به ڪندو آهي. مجروح جو شمار به اهڙن ئي شاعرن ۾ آهي جن پنهنجي تغزل جي شوخي، بيان جي دلسوزي ۽ خيالن جي رنگيني ۽ خوشبو سان، ڪهنه مشق شاعرن ۽ نقادن کي به متاثر ڪيو.

علي محمد مجروح جو غزل، روايت کان بغاوت نه آهي پر روايت ۽ جدت جو حسين امتزاج آهي.غزل جي مخصوص لب و لهجي کي متحرڪ ڪري، مجروح سادي پر سوادي ٻوليءَ ۾ غزل کي نوان خيال ۽ اظهار جا نوان انداز ڏنا. سندس سوچ جو دائرو ذات تائين محدود نه آهي پر ڪائنات وانگر وسيع آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو ذاتي صدمن ۽ روماني تجربن کي رنگ ۽ خوشبو ، رات ۽ باک، لڙڪ ۽ مرڪ، حسرت ۽ مسرت، سراب ۽ خواب آس ۽ ياس، مؤجن ۽ ڪنارن، حادثن ۽ پيمانن ۽ اهڙن ٻين دلڪش اصطلاحن ۽ علامتن ۾ زندگي جي حوالي سان پيش ڪري ٿو. سندس ذات جو غم، محبوب جي بي رخي سببان سماج جو غم ٿي پوي ٿو. هو پنهنجي پيڙا کي انسانيت جي پيڙا جو حصو سمجهي پڇي ٿو؟

ڪيسين مجروح پيڙهبو ماڻهو،

زندگي ظلم جو گهاڻو ڪونهي.

 

مجروح جي تصور جي افق تي جيڪا خيالن جي انڊلٺ آهي تنهنجا حسين رنگ ته سندس تغزل ۾ نظر اچن ٿا. هي شعر، سڄي سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ گلابن وانگر ٽڙندا ۽ واس ڏيندا نظر اچن ٿا:

 

جن   جي  ڏسڻ   سان   روح   ۾   ٽڙيو پون   گلاب،

اهڙا   ته   رنگ   چهري    تي ان    جي   سدا   هجن

¤

وارن جا وَرَ کلن ته ٿئي شام شهر ۾

رخ تان هٽن ته صبح جا ڄڻ سانگ پيا لڳن

¤

اسان قرب جا قول پاري چڏيا

اسان زلف تنهنجا سنواري ڇڏيا

¤

سونهن جي سڪ ۾ جيئڻ آهي اسانجي زندگي

ڏينهن جو ڪرڻن جا قصا، رات ۾ تارن جا غم

¤

هي شعر ته تغزل ۽ انداز بيان جو نادر نمونو آهن

منهنجي اڱڻ به آس جون مکڙيون ٽڙي پون

رستو  ڪو  اهڙو  موجِ  صبا  اختيار  ڪر

¤

ڪا باک جڏهن ماڪ جي موتيءَ کي چمي ٿي

هن دل ۾ تنهنجي ياد جو ڪو زخم ٽڙي ٿو

دل خون ٿئي ٿي ته وڃي رات کٽي ٿي

هن درد جي ڏونگر جو ڏرڻ راند ته ناهي

مجروح، ڏکن ۽ غمن جو ذڪر ڏاڍي سليقي سان ڪيو آهي. شايد اهو ئي جذبو آهي جنهنجو اظهار خلوص ۽ سچائي کانسواءِ ممڪن نه آهي.  مجروح جو غم پنهنجي ذات جي حوالي سان هجي يا ماحول جي ناتي سان ان کي فقط سچائي جي اصطلاح ۾ ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

 

هيءَ لڙڪ جي اکين مان بڻي آب  وهن ٿا،

هڪ آڳ لڳائن ٿا جڏهن دل ۾ رهن ٿا.

¤

نيڻ ڀرجي ٿا اچن پيمانا ڇلڪي ٿا پون،

ياد ٿا جنهن دم اچن ديرينه ميخوارن جا غم.

 ¤

نه ٿيندا ڇو سوين غم اڄ سلامي،

مان شهر ِ درد جو شهزاد آهيان.

¤

هيءُ شعر زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کي حوصلي سان منهن ڏيڻ جي سگهه ڏئي ٿو.

مثال ته گهڻيئي آهن پر طوالت کان بچڻ لاءِ پنهنجي ئي مختصر انتخاب کي اڃا به مختصر ڪريان ٿو:

 

اچي بهار ته مجروح کي به ياد ڪجو،

انهي به هجر ۾ راتيون گذاريون يارو.

طنز جا نشتر، نه فقط انداز بيان کي پُر لطف بڻائين ٿا پر زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي به سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

ڀرم پوندو کلي خود راهبر جو،

وري ڪي قافلا ڀٽڪن ته وه وا

 

بچي ها دل فريبِ دوستي کان

هجن هي دوست جي دشمن ته وه وا

 

اسان جو ساه ئي سوريءَ ۾ آهي

قفس جا ڏينهڙا ڪٽجن ته وه وا

 

هر لحظي نئون زخم نئون درد نئون داغ

انعام وفائن جو گهرڻ راند ته ناهي

 

مجروح کي اهو ارمان آهي ته دنيا فقط مرڪ تي شيدا آهي ۽ لڙڪن جي قيمت ڪو به نٿو ڄاڻي.

مـُرڪ تي شيدا دنيا ساري،

لڙڪ جي قيمت ڪو به نه ڄاڻي.

ساڳئي غزل جي مقطع ۾ چوي ٿو.

ياد جا نشتر، تير ڏکن جا،

دل جي حالت ڪو به نه ڄاڻي.

 

مجروح غم ۽ الم جي تلخين کي پنهنجي روح ۾ لڪائيندي به زندگيءَ کي خوشگوار ڏسڻ گهري ٿو:

تنهنجي هڪڙي ادا، تنهنجي هڪڙي نظر،

زندگي   زندگي،  روشني   روشني.

 

¤

اگرچه رات جي اونده ۾ ٿا جيون يارو

صبح جي ساک زماني کي ٿا ڏيون يارو.

 

مجروح وٽ اونده ۽ رات، صبح ۽ روشني – علامتون آهن، جن کي سندس سماجي شعور وسيع پس منظر ۾ پيش ڪري ٿو:

 

اسان کي ظلمت- شام قفس جو خوف ڪٿي

اڃا ته انجمن- دل ۾ سوجهرو آهي.

 

اسانجي حساس شاعر جي پـُر اميد نگاهن کان انسانيت جو روشن مستقبل لڪل نه آهي.

 

رات ڪاري قهر واري ئي سهي،

رات آهي نيٺ ويندي دوستو.

 

اڄ ڪلهه، ادب ۾ تجربن جو ڪاروبار پنهنجي عروج تي آهي. اڪثر اوهان ٻڌو هوندو ته اسان جا نوجوان شاعر ، شاعري ۾ تجربا ڪن ٿا! هڪ ڀيري، مجروح کي گهري سوچ ۾ ڏسي کانئس پڇيم: ڇا تون به ڪن تجربن ۾ مصروف آهين؟ جواب ڏنائين : ”مان تجربن ۾ شاعري نه ڪندو آهيان. البت شاعريءَ ۾ نون تجربن جو قائل آهيان.“       

پڇيم ته توکي ترقي پسند شاعر  سڏي سگهان ٿو؟ چيائين : ” مان حقيقت پسند شاعر ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس.“ ڀلا هنن حقيقتن کان ڪير انڪار ڪندو؟

 

گلن جا رنگ ته ساڳيائي خوشنما  آهن،

رڳو نگاه جا انداز بدليا آهن.

¤

ڪي ماڻهو زنده هوندي به درگور ٿي وڃن ٿا

ڪي ماڻهو مؤت کانپوءِ به زنده سدا رهن ٿا.

¤

قدم قدم تي نئون روز حادثو آهي

جيئي ۽ خوش به رهي ڪنهن جو حوصلو  آهي

¤

آئون ته پاڻ ئي پيو کلان پنهنجي حال تي

توکي هي ڪنهن چيو ته اکيون اشڪبار ڪر.

 

ڪو فلسفي يا خطيب ڪا سنجيده ڳالهه نهايت ئي سنجيدگي سان بيان ڪندا آهن ۽ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ،  پنهنجن خيالن ۾ گم هوندا آهن. تنهنڪري ڪي دانائي جا نڪتا به ضايع ٿي ويندا آهن. شاعر ساڳي ڳالهه جنهن خوبصورتي سان چئي سگهي ٿو تنهن جو اثر ٻڌندڙ قبول به ڪن ٿا. جيڪڏهن بيان ۾ طنز جي تلخي آهي ته حڪايت دلچسپ ٿيو پوي، پوءِ ان حڪايت جي حقيقت به دل تي گهرو نقش اڀاري ٿي. مجروح جا هي شعر ڪيڏو نه لطف پيدا ڪن ٿا:

 

صدقي تنهنجي راهبريءَ تان

هر ماڻهو گمراهه ڏسان ٿو

سرفروشين جي ڪهاڻين ۾ اهو پڻ آ لکيل

ڪيترا جلاد آيا، منصفن جي ويس ۾

 

            مجروح جي ڪلام جي اهم خوبي سندس سوچ ۽ انداز بيان جي نواڻ آهي. آءٌ فقط هي ٻه ٽي شعر پيش ڪريان ٿو. هونءَ ته سندس ڪلام اهڙن خوبصورت شعرن سان ڀريو پيو آهي.      

پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي،

پاڻ وڃائي ويٺو آهيان.

¤

جڏهن زماني ڏني ڪا سزا وفائن جي،

مان بي خبر ٿي چوان ٿو الائي ڇا آهي.

¤

چهري چهري تي ڏک لکيل آهن،

ماڻهو ماڻهوءَ کي پڙهڻ گهربو هو.

 

غزل جو دائرو نه زلفن جي پيچن تائين محدود آهي  ۽ نه ڪنهن عاشق جي اڻپوري خواهش وانگر تنگ آهي.اڄ زندگيءَ جو ڪو به رخ، سياست جي اثر کان بچيل نه آهي. شاعر ته پنهنجي حساس طبع سببان، معاشري جي بي انصافين کي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪري ٿو ۽ انهن جي خلاف احتجاج ڪري ٿو.  شاعر اهو احتجاج، نعري بازي جي انداز ۾ نه پر اشارن ۽ علامتن جي هٿيارن سان ڪري ٿو، مثال ڏسو:

 

اهڙو ته اڳي ڪونه هو هن بزم جو ماحول،

ڪو جام پيو ڇلڪائي ته ڪو لڙڪ پئي ٿو.

ڪوڙ پڌرو ٿئي نه ڳالهين مان

توکي هي فن به سکڻ گهربو هو.

 

        پڄاڻيءَ کان اڳ، هيءُ پر لطف حڪايت به بيان ڪندو هلان  ته ڪو وقت اهڙو به هو جڏهن مجروح ”مخفي“ ايڊيٽر ٿي پيو هو. مئڪلوڊ، روڊ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سنڌي اخبار روزاني ”نئين سنڌ“ جي مالڪن کي، جيڪي ديسي انگريزن وانگر سوچيندا به ڪامورڪي انگريزيءَ ۾ هئا، ڪنهن ايڊيٽر جي ضرورت هئي. سندس شرط به عجيب و غريب هئا هڪ ڳالهه ته ايڊيٽوريل ۾ زوردار دليل ڏنا وڃن ۽ ٻي ڳالهه ته ايڊيٽر ڏهاڙيءَ تي نوٽ، لکي ڏئي.

        مجروح ان وقت غم روزگار جو شڪار هو تنهن اهي ٻئي شرط قبول ڪيا. پر پوءِ اهو سلسلو گهڻو وقت جاري رهي نه سگهيو ڇا ڪاڻ ته دليلن جي مقابلي ۾ معاوضو زوردار نه هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون دلچسپ حڪايتو آهن پر ان لاءِ بيان کان قاصر آهيان ته متان مجروح ناراض نه ٿي پوي. علي محمد مجروح، مقامي مشاعرن سان گڏ، جميعت الشعرا جي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪندو رهيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ ۾ سندس شهرت، خوشبو وانگر ڦهلبي رهي. قدرت کيس آواز ۾ سوز و ساز جي دولت عطا ڪئي آهي جنهن ڪري سندس شعر دو اَتشه ٿي پيو آهي. مجروح پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مشاعرن ۾ به حصو وٺندو رهيو. سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿيا آهن جن کي پسند ڪيو ويو آهي. لکڻ لاءِ ته گهڻو مواد آهي پر آءٌ چاهيندس ته پڙهندڙ مجروح جي پاڻ بابت  به ڪو تاثر ۽ ڪا راءِ به معلوم ڪن جيڪا سندس شاعريءَ جي پس منظر کي سمجهڻ ۾ ڪا مدد ڏيئي سگهي.

        مجروح پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟

جيڪي به حسنِ يار تنهنجيون خوبيون هيون

سي سڀ غزل ۾ پنهنجي مون آڻي جمع ڪيون.

تون ته مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين

سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي.

¤

دل جي جذبن جي ترجماني لئه،

شعر  مجروح  جا  ٻڌاياسين.

        علي محمد مجروح جي غزلن، گيتن ۽ نظمن کي  مختلف زاوين کان سمجهڻ جي ضرورت آهي، اهو چوندي آءٌ وڌاءُ محسوس ڪونه ٿو ڪريان ته علي  محمد مجروح جو ڪلام ۽ خاص طور غزل، اسانجي شاعريءَ جو قيمتي سرمايو آهي، ۽ اها پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته  شيخ مراد علي ڪاظم کانپوءِ، سنڌ، مجروح جهڙو وڏو وڏو غزل گو شاعر پيدا ڪيو آهي. راءِ ۾ اختلاف ٿي سگهي ٿو ۽ راءِ جو اختلاف به شاعر جي عظمت جو دليل آهي.

شيخ عبدالحليم جوش

26-11-1991ع       

ڪراچي.

محبتي مجروح

        علي محمد مجروح سان ڄاڻ سڃاڻ سن 1956ع ۾خيرپور ۾ ٿي جتي ”بزم ناز“ خيرپور پاران ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعره جو اهتمام ڪيو ويو هو . ان زماني ۾ آءٌ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ پڙهندو هوس. استاد حامي مون کي ۽ هڪ ٻئي شاگرد کي اسٽيشن   تي موڪليو ته جيئن  ڪراچي کان ايندڙ مهمانن جو استقبال ڪريون ۽ کين  رهائش واري جڳهه تي وٺي اچون .جڏهن گاڏي پهتي ته ٻين مهمانن سان گڏ هڪ سنهڙو سانورو ۽ سهڻن مهانڊن وارو همراهه پڻ هو جنهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ”علي محمد مجروح“. آءٌ مجروح جو ڪلام ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ ۾ پڙهندو رهندو هوس. ۽ مجروح منهنجو پسنديده شاعر هو ۽ ا ڄ به آهي .

مجروح سان منهنجي اها پهرين ملاقات هئي. جڏهن مکامک ميلو ٿيو ته ڏاڍي  خوشي ٿي. مشاعري ۾ سندس طرحي غزل نه فقط مون کي وڻيو پر ٻڌندڙن کي به ڏاڍو وڻيو. اها ڪانفرنس هر لحاظ کان ڪامياب رهي .  

1960ع ۾ جڏهن وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچي آيم، ته ڪڏهن ڪڏهن مجروح سان مشاعري جي موقعي تي  ملاقات ٿيندي رهندي هئي وقت گذرندو رهيو. نيٺ 1972ع ۾ مون جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪئي تڏهن مجروح سان وڌيڪ ويجهڙائي ٿي ان جو سبب اهو هو جو ريڊيو ۽ ٽي وي تي اڪثر مشاعرا ٿيندا رهندا هئا، ان موقعي تي ساڻس روح رهاڻ ٿيندي رهندي هئي. مشاعري جي ڪارروائي به گھڻو ڪري، مجروح هلائيندو هو. جيڪڏهن  شاعر ٿورا شريڪ ٿيندا هئا. ۽ وقت بچي پوندو هو ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن  شاعر کي  چوندو هو ته، ”سائين! هڪ ٻيو غزل ٻڌايو“. يا گھڻو داد ڏئي، ”مڪرر مڪرر“ چئي وقت پورو ڪري وٺندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org