سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :3

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪ ڀيري جڏهن استاد هامي سان ڪراچيءَ جي شاعرن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته مرحوم عبدالله عبد، سندن لائق فرزند عبدالحليم جوش ۽ علي محمد مجروح جي شاعريءَ جي تمام گھڻي تعريف ڪيائون. واقعي استاد حامي جو ڪجهه چيو هو، سو سچ هو.

        مجروح جي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هو گيت ۽ غزل جو تمام پيارو شاعر آهي. هُو جڏهن به مائيڪ جي آڏو ايندو آهي ته ٻڌڻ وارا ” ترنم سان ترنم سان“ جي ڌُم لائي ڏيندا آهن.سندس ترنم سان پڙهڻ وارو انداز دهلوي يا لکنوي نه هوندو آهي، پر اهو ٺيٺ سنڌي هوندو آهي ، تنهنڪري سنڌ واسين کي تمام پيارو لڳندو آهي.ڇاڪاڻ ته ان ۾ پنهنجائپ هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو ٻڌڻ وارا متوجه ٿين ٿا ۽ سندس خوبصورت شاعريءَ تي کيس دل کولي داد ڏين ٿا.

        مجروح هڪ حسن پرست انسان آهي، محبتي ماڻهو، سندس من ۾ سدائين محبت ، وسي ۽ هو ڪيني ۽ ڪلفت مان ڪو نه ڄاڻي، اهوئي سبب آهي جو هو زندگي محبت سان ئي سهڻي سمجهي ٿو ۽ پنهنجي من ۾ محبت وسائي زندگي گهاري ٿو.

 

لڪائي نه سگهبي، ڪڏهن هيءَ حقيقت

حياتيءَ جو سينگار آهي محبت

محبت کي من ۾ وسائي جيون ٿا

 

ٻئي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:

منهنجي احساس ۾ درد جي تازگي،

منهنجي اشعار ۾ پيار جي چاشني.

سلاست ۽ رواني، سوزوگدار شاعريءَ جي سونهن هوندا آهن .

مجروح جي شاعري انهن وصفن سان سينگار يل آهي.

جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته علي محمد مجروح جي شاعري سوز ۽ درد سان ڀريل آهي. هونئن به زندگي ڪا سکن جي سيج ته نه آهي.قدم قدم تي ڪنڊا وڇايل آهن. سـُکن جون ساعتون، ساعتون ئي هونديون آهن. اهي ڏينهن مهينا يا سال نه هونديون آهن. اهي ائين هليون وڃن ٿيون، ڄڻ ته ڪا محبوبه رسي وئي هجي. شاعر جي دل ۾ آس آڀري ٿي، ته ڪاش اهي رٺل وري پرچي پون؛

 

سـُکن جون ساعتون، ماضيءَ جون مستيون

رُسي    مون    سان    وري   پرچن   ته   وهواه.

 

        زندگي جي تصوير چٽندي ڪهڙن نه سادن لفظن ۾ سهڻي ڳالهه ڪري ٿو:

 

آءٌ تنها مٿي تي ڏکن جي ڀري،

آهي ڪيڏي پري منزل زندگي،

 

۽ هن جڳ ۾ وفائن جو ڪهڙو انعام ملي ٿو؟ سو به مجروح جي زباني ملاحظه فرمايو:

 

هر لحظي نئون زخم نئون درد، نئون داغ

انعام وفائن جو گهرڻ راند ته ناهي

افسوس ته  ان ڳالهه جو  آهي جو

مرڪ تي شيدا  دنيا  ساري

لڙڪ جي قيمت ڪو  به نه ڄاڻي!

 

        مجروح عشق جي عظمت کان واقف آهي. کيس معلوم آهي ته عشق جي عظمت آسانيءَ سان نٿي ملي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هو ٻڌائي ٿو ته: عشق جي عظمت هر ڪنهن کي حاصل ٿي نٿي سگهي. سڌڙيا اُن شراب جي هڪ سرڪ به حاصل ڪري نه ٿا سگهن. جيڪي قرباني ڏين ٿا، مرڪندي موت قبولين ٿا، اهڙن ئي عاشقن کي عشق جي عظمت ملي ٿي.

 

هيءَ عشق جي عظمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي.

سوريءَ    تي    چڙهڻ،   مرڪي   مرڻ    راند   ته    ناهي.

 

حضرت شاهه عبداللطيف  ڀٽائي رحه فرمايو آهي؛

سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون

وڃڻ تن پئو، نالو نينهن ڳنهن جي. 

 

        پريت جا پنڌ عاشق ئي ڪندا آهن، انهيءَ راهه تي عشق وارا ئي رهندا آهن- عاشق جي عيد تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن هو سوريءِ سڏ ٻڌندا آهن. مجروح ان اعلى عيد جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو.

 

ها جڏهن سوري سڏيندي دوستو،

عاشقن جي عيد ٿيندي دوستو.

 

        لطيف سائين انسان کي هر دم هشيار ۽ خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، هڪ هنڌ فرمائين ٿا.

هوئج هشيار ، خبردار، ترڪڻ آهي تڙ ۾ گهڻي .

        مجروح به پنهنجي دور جي تصوير چٽيندي هوشيار ٿي رهڻ جي هدايت ڪري ٿو:

عجب دور آهي سنڀالي هلو،

هتي قهر ڪڙڪن پيا دوستو

سندس هڪ ٻيو شعر آهي:

مجروح متان رهزن ئي هجي

جنهن رهبر سان گڏجي ٿا وڃون

 

        حالتون ٺيڪ نه آهن، رهبري جي پردي ۾ رهزن ڦرندا وتن، قهر پيا ڪڙڪن. پر تڏهن به مجروح مايوس نه آهي. کيس يقين آهي ته رات ڪيڏي به قهري ڇو نه هجي، پر آخر رات جي پٺيان ڏينهن ضرور ايندو:

 

رات ڪاري قهر واري ئي سهي،

رات آهي نيٺ ويندي دوستو.

 

        مجروح جي شاعري ۾ گهڻيون ئي خوبيون آهن، خاص طور سندس غزل ڏاڍا پيارا آهن. سندس غزل محبوب وانگر محبوب آهن. انهن ۾ سادگي، دلڪشي ۽ نغمگي نظر ايندي:

 

تون ته مجروح جو ڄڻ غزل پيو لڳين

سادگي، دلڪشي، نغمگي، نازڪي.

 

نواز علي شوق

ڪراچي 28- فيبروري 1992ع

عرض حال

        شاعري انسان جي اندر جو آواز ۽ ان جي سورن جي صدا آهي. انسان پنهنجي حياتيءَ جي سفر ۾ جيڪي تجربا ۽ مشاهدا ماڻي ٿو. جيڪي ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، تنهن کي فڪر ۽ فن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي پيش ڪرڻ جو نالو آهي شاعري مختلف ماڻهو زندگيءَ کي ڌار ڌار زاوين سان ڏسن ٿا، انهيءَ ڪري شاعري ۾ پڻ مختلف انداز ۽ اسلوب پيدا ٿيا. اظهار جا نوان وسيلا دريافت ٿيا ۽ شاعري به مختلف صنفن ۾ تقسيم ٿي وئي . ڪي صنفون اسان کي پنهنجي روايتي ورثي کان مليون ۽ ڪي اسان ٻين زبانن جي شاعري ۽ ادب جي مطالعي کان پوءَ حاصل ڪيون- مون پنهنجي انهي مجموعي ۾ جيتوڻڪ ٻيون به ڪيتريون شيون پيش ڪيون آهن پر خاص حصو غزلن تي مستمل آهي. انهي ڪري به ته آءٌ بنيادي طور غزل جو ئي شاعر آهيان.

        عام طور داخليت کي ئي غزل جي شاعريءَ جو بنياد سڏيو ويو آهي. غزل جي خوبصورت کان خوبصورت شعر کي به داخليت زده سڏي اُن جي اهميت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. داخليت جي جيڪا به تعريف گهڙي وڃي پر حقيقت اها آهي ته انساني جذبن ۽ احساس جي اٿاهه سمنڊ مان اُٿندڙ موجن، حالا ت ۽ حادثات جي طوفانن، زندگي جي سڀني خوبصورتين ۽ مڙني محبوب آرزوئن ۽ اُمنگن، خوشين ۽ ڏکن جي لازوال تفسير جو نالو آهي داخليت. يا ائين کڻي چئجي ته انسان جي اندر ۾ آباد جذبن جي خوبصورت دنيا جو نالو ئي داخليت آهي، جنهن غزل جي شاعريءَ کي حسن ۽ لطافت، رنگ ۽ خوبصورتي عطا ڪئي آهي.

        اهڙو شعر جنهن ۾ صرف لفظن جي کيڏ هجي ۽ شاعر جو اندر اُڌمن ۽ جذبن کان خالي هجي ته اهڙي شاعريءَ ۾ کڻي ڪيڏي به خارجيت ڇو نه هجي، ڪڏهن به اٽر انگيز ثابت ٿي نه سگهندي. شاعر جي اندر جي دنيا جا احساس ۽ رنگ ئي ته شعر کي وڌيڪ دلنشين ۽ پختو بڻائين ٿا، انهن احساسن ۾ تازگي سان گڏ شعور جي اڳ حسن ۽ پسنديدگي پيدا ڪندي آهي. جذبن جي انهن ئي گلڪارين سبب غزل هڪ سدا بهار صنف آهي. جنهن ۾ بي پناهه وسعت موجود آهي. هر خيال ۽ هر جذبو پوءِ اُهو ڪيڏو به لطيف ۽ ڪيڏو به دلگداز ڇو نه هجي، غزل ان کي پاڻ ۾ سموئڻ  ۽  ان جي ترجمانيءَ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. زندگي جون بيشمار پريشانيون ۽ پيڙائون، ڏک ۽ سک، محبتون ۽ ڪلفتون، جدائيون ۽ وصلتون، روزگار جا غم ۽ زماني جا ستم جن کان انسان اڄ تائين نه ڀڄي سگهيو آهي ۽ نه بچي سگهيو آهي. زندگيءَ جون ننڍيون ننڍيون داخلي ڪيفيتون، اُڏامندڙ ساعتن جون سندر تائون اهي سڀئي ته غزل جا موضوع ۽ مضمون آهن جن ۾ غزل جو  شاعر محبوب جي حسن سان گڏ پنهنجي اندر جون خوبصورتيون ڀري انهن کي وڌيڪ دلڪش ۽ خوشنما بڻائي پيش ڪري ٿو ته جيئن اهي دل ڏاريندڙ ڏک انسانن کي بيزار بڻائڻ بدران، منجهن جيئڻ جي آس ۽ جذبن جو شعور پيدا ڪري سگهن.

        اسانجي ادبي دنيا ۾ اهڙا بي شمار پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، قابل نقاد ۽ سخن شناس اديب ۽ شاعر موجود آهن جيڪي غزل جي اهميت ۽ افاديت سان گڏ سنڌي شاعري ۾ ان جي روايتي رتبي ۽ ڪردار کان ڀلي ڀت واقف آهن ۽ ان تي نهايت تفصيل سان روشني وجهي اُن جي حسن، جا معيت ۽ وسعت کي پرکي سگهن ٿا پر اهڙي ماڻهن جي به گهٽتائي ڪانهي جي غزل کي ڌاري ۽ روايتي صنف سڏي، اُن جي ان ڀر پور ڪردار سان انصاف نه پيا ڪن جو اڄ تائين سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جا شاعر انجام ڏيندا رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهڙن سڄاڻن جي سوچ تي ڪي دوست کلندا به هجن پر مون کي ته سچ پچ افسوس ٿيندو آهي.

        غزل جي ابتدائي روايتي شاعري واري دور ۾ ائين به ٿيو آهي ته غزل کي صرف فارسي شاعريءَ جي تتبع تائين محدود رکيو ويو پر اهڙي شاعري هڪ مخصوص ۽ محدود وقت تائين قائم رهي ۽ ان کان پوءِ جيئن جيئن زماني جا انقلاب پنهنجي جاءِ ولارڻ لڳا، انسان زندگيءَ جي نون لاڙهن ۽ ان جي ڏکن کان روشناس ٿيا ته غزل کي به نوان مضمون مليا ۽ هن انسان جي داخلي جذبن سان گڏ انهن خارجي اثرن ۽ سببن جي به ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ ان کي نئين رمزيت ۽ اشاريت وارو انداز ڏنو . اڄ غزل پنهنجي روايت کان ڇڄي  ڌار ته ڪو نه ٿيو آهي پر هن پنهنجي روايت ۾ حسن ۽ جدت جو رنگ گڏي، ان کي وڌيڪ خوبصورتي ۽ زندگيءَ سان هم آهنگي بخشي آهي. غزل جي انهن خوبين مون کي به غزل جي شاعريءَ ڏانهن مائل ڪيو ۽ مون پنهنجي حال سارو غزل جي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ آءُ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان ان جو فيصلو پنهنجي مخلص پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو جي بالغ نظر به آهن ته منصف مزاج به.

        سنڌ جي هڪ بين الاقوامي بندر ۽ شهر هجڻ سبب، ڪراچي شهر شروع کان ئي مختلف زبانن جو مرڪز پئي رهيو آهي. انهي ڪري هتي جي سنڌي ڳالهائيندڙن جي زبان به انهن اثرن کان محفوظ رهي نه سگهي آهي. هونئن ته ڪنهن به علائقي جي زبان کي مستند سڏي نٿو سگهجي خاص طور اُن حالت ۾ جڏهن ته هر ڏهن ڪوهن تي ٻولي پئي بدلبي هجي. پر افسوس صرف هن ڳالهه جو آهي ته خود اسان جا ئي ڪي نام ڪٺيا ماڻهو ڪراچي جي سنڌين کي سندن زبان ۽ لهجي جي معمولي فرق سبب سنڌي سڏڻ لاءِ به تيار نه آهن ۽ انهن کي هر ميدان ۾ محروم رکڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. خير اها ته هڪ عام اعتراض جوڳي روش آهي جنهن جو مون ذڪر ڪيو نه ته ڪراچيءَ جا سنڌي ويچارا سنڌيءَ کي ئي پنهنجي مادري زبان طور زنده رکندا ٿا اچن. علم و ادب جون شمعون به روشن پيا رکن. اڄ ڪراچي شهر کي جيڪا علمي ۽ ادبي حيثيت حاصل آهي، ان جي پس منظر ۾ ڪراچي جي ئي قادر الڪلام شاعرن، اديبن، عالمن، ۽ نقادن جون خدمتون نظر اچي رهيون آهن، جن اڄ کان ۽ قيام پاڪستان کان به گهڻو اڳ ڪراچي کي ”شهرِ غزل“ جو رتبو عطا ڪيو. انهن بزرگن مان مون جن کي ڏٺو ۽ ٻڌو سي هئا مرحوم شيخ عبدالله عبد، غلام احمد نظامي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هارون امير، مراد علي ڪاظم وغيره. هتي ادبي محفلون ۽ مشاعرا ته هر هفتي پيا ٿيندا هئا. ڏاڍا خوبصورت شعر ٻڏبا هئا. مون کي ماسٽر هارون امير جو اِهو شعر اڃا به ياد آهي:

 

اُٿ اُٿي هل دل، حزين مون سان

بي  وفا  جو  ڪو  انتظار  نه  ڪر

 

        سنڌ مان جيڪي بزرگ شاعر هتي نئون آباد ڪراچي ۾ ايندا هئا تن ۾ مرحوم جمع خان غريب، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، محمد بخش واصف، حاجي محمود خادم ۽ ويجهي دور ۾ مرحوم عطا محمد حامي ، رشيد احمد لاشاري مرحوم ، محمد خان غني مرحوم به اڪثر انهن مشاعرن جي محفلن ۾ شامل ٿيندا هئا. الله حياتي ڏين قبله طالب المولى سائينءَ جو ديدار به پهريون ڀيرو مون ڪراچي جي مشاعري ۾ ئي حاصل ڪيو.

        قيام پاڪستان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ نئين سر ادبي محفلن جو سلسلو  شروع ٿيو. محفل احباب، بزم نظامي، بزم طالب المولى ۽ بزم محراب ادب جي ماهانه مشاعرن جي ماحول ڏاڍا سٺا شاعر پيدا ڪيا، جن مان ڪيترا پنهنجا ڪجهه خوبصورت شعر اسان جي ذهنن ۾ امانت طور محفوظ ڪري وڃي ملڪِ عدم ۾ آرامي ٿيا آهن. مرحوم علي محمد اسير جو هڪ شعر اڄ به ياد آهي.

ياد ڪي ڳالهيون اچي وييون

جن سڄي رات  بيقرار  ڪيو

 

ٻيا به اهڙا ڪيترا شاعر هئا جن ڪراچي جي هن شهر غزل ۾ ڪيترا ئي سهڻا غزل چيا پر اڄ اُهي شايد ڪٿي محفوظ هجن، نه ته گهڻو ڪري اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي چڪا هوندا. انهي خوف کان ته متان منهنجو به ڪو اهڙو ئي انجام ٿئي، سو پنهنجي ڪلام جي مجموعي کي ڇپرائڻ لاءِ وٺي جاکوڙ شروع ڪيم. حلا نڪه ڪن خوش حال ۽ خوش فڪر سڄڻن جي راءِ موجب منهنجي ڪلام کي گهڻو اڳي ڇپجي وڃڻ گهربو هو. جڏهن ته اڄ ويهه ۽ پنجويهه سالن جي نو خيز نوجوانن جا پنج پنج مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ڳالهه به صحيح آهي. تيز رفتاريءَ جي هن ڊوڙ ۾ آءُ گهڻو پٺتي رهجي ويو آهيان، جنهن جا ٻيا کڻي ڪيترائي سبب ڇو نه هجن پر سڀ کان اهم سبب آهي وسائل جي ڪمزوري. آءٌ ته اِهو معجزو چوندس ته هن ڪسمپرسي واري دور ۾ منهنجي ڪلام جو  مجموعو ڇپجي منظر  عام تي آيو . منهنجي ته وهم ۽ گمان ۾ به اها ڳالهه ڪا نه هئي پر خدا ڀلو ڪري ڀاءُ شبير هاتف جو، جنهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ   ڏانهن رجوع ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ آخر قبله مخدوم محمد زمان طالب المولى چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي ڪرم نوازي ڪم آئي. جيئن ته قبله مخدوم صاحب جن پاڻ به غزل جا قادر الڪلام شاعر ۽ غزل گو شاعرن جا وڏا قدر شناس آهن . تنهنڪري نهايت محبت ۽ اخلاص سان موقعو ڏنائون ته آءُ سنڌي ادبي بورڊ جي زير اهتمام پنهنجو هي ناچيز مجموعه پڙهندڙن تائين پهچائي سگهان. اهڙا ماڻهو هن ڪارگاهه هستي ۾ ٿورا هوندا آهن.جن جي حياتي ٻين کي فيض رسائڻ ۽ پيار ونڍڻ لاءِ وقف هوندي آهي. آءٌ انهيءَ لاءِ قبله مخدوم طالب الموليٰ سائين جو سدائين احسان مند رهندس. انهيءَ سان گڏ مان سندن فرزند عزيز جوان سال اديب، شاعر شهرت نصيب، سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب جي قربائتي تعاون لاءِ به سندن ممنون آهيان. جنهن هن مجموعي کي ڇپائيءَ جي مرحلن مان پار ڪيو.

مون تي نگاه يار جون ڪيئي عنايتون

قربان ٿي به قرض ادا ٿي نٿو سگهي

آءٌ پنهنجي ديرينه دوست شيخ عبدالحليم جوش ۽ سنڌي  ادب هي سڄاڻ اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر نواز علي شوق جو بيحد ممنون آهيان جن منهنجي شاعريءَ بابت پنهنجا رايا قلمبند ڪري موڪليا. واقعي تقريظ لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ خاص طور اُن حالت ۾ جڏهن ته اُها ڪنهن دوست بابت لکي وڃي. دوستي نباهڻ سان گڏ ناقدانه ديانت کي قائم رکڻ لاءِ وڏي مهارت جي ضرورت هوندي آهي، مون کي خوشي ٿي ته انهن صاحبن ٻئي پاسا خوبصورتيءَ سان نباهيا آهن . شيخ عبدالحليم جوش ان وقت ڪجهه بيمار به هو پر ان جي باوجود هن پنهنجي تقريظه جي صحت کي قائم رکيو. منهنجي دعا آهي ته خدا سندس صحت کي سدائين بحال رکي.

سدا بهار هجن ڏک نه زندگيءَ ۾ ڏسن

اُهي ئي جن جي نگاهن ۾ چاهتون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org