سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :9

 

 (286)

بيقدر آهيان، گرچ وفادار وڌيڪ،

آزردو آهيان، گرچه ڪم آزار وڌيڪ؛

وڌ جنهن کان عزيز ڪو به ناهي مون کي،

سبحان الله، وٽس آهيان خوار وڌيڪ.

(287)

سيني ۾ رکان ٿو عشق وِڄ کان پڻ تيز،

۽ دل ۾ رکان ٿو درد حيرت انگيز؛

اٿم عشق، سو ڪهڙو عشق، عشق عالم سوز،

۽ درد، سو ڪهڙو درد، درد آتش خيز.

(288)

تو کي ۽ منکي جدا ڪيو جنهن دجّال،

۽ مون کي ڏنائين درد ۽ غم جو وبال؛

تنهن کي نه ڏيان گاريون ٿو آءٌ ۽ نه پِٽيان،

فقّط چوان، شل ٿئيس مون جهڙو حال.

 

]هرهڪ مصرع ۾ هڪ جواهر، هٿيار، گل، عنصر ۽

]ڏينهن[ جو نالو[

 

(289)

نِت يار ڍڪي گُل جي زِرهه، باهه جي زر،

موتيءَ کي سمن جي، ڪَلهه هنيو واءَ خنجر؛

ياقوت جو پاڻي پيتو اڄ لالا آهه،

ٿيندي مِٽي نرگس سڀان ۽ ان جي سِپر.

(290)

اي شاههَ، نه تخت تاج تنهنجو رهندو،

ڌرتيءَ جا ٻه گز، ڪفن جو ڪپڙو رهندو؛

صندوق خزاني جي تون اڄ ڪر خالي،

ڀَر ڪِشتو فقيرن جو، سڀان سو رهندو.

(291)

ڏينهّن رات آهي حُسن تنهنجو وڌ دلدارا،

ٿا ناز ڏيَن تنهنجا عجب ڏيکارا؛

زلفن مان ڏيکاري مُنهن، ڪڍين رات جو سج،

ڏيکارين کِلي چَپن مان ڏينهن جا تارا.

(292)

محبوب جو منهنجي ماهرخ ٿيو نالو،

مون وٽ رهي ماهه سال نِت اوجالو؛

ٻارهن ماهو سدائين هوّئي خلق جو سال،

هي ماهه ڏسو منهنجو ٿيو ٻارهن سالو.

(293)

محبوب مِٺو منهنجو عجب خود خيالو،

مخمور اکين ۾، منهن ۾ سو متوالو؛

ٿئي چنڊ ٿو چوڏهينءَ جو وٺي چوڏهن ڏينهن،

چوڏهينءَ جو هي چنڊ منهنجو چوڏهن سالو.

(294)

دامن هجي خشڪ، وات شل هوّئي آلو،

سامهون هجي شيشو، ۽ چپن تي پيالو؛

جيسين جيان، شل ٻه سالو هٿ ۾ هوّئي شراب،

محبوب هجي بغل ۾ چوڏهن سالو.

(295)

سج گرچه جهان ۾ سدا آهي فرد،

لهه چڙهه کان سندس دل ۾ رهي نت ٿو درد؛

ٿو وقت چڙهڻ جي دم انهي جو ٿئي سرد،

۽ وقت لهڻ جي منهن انهي جو ٿئي زرد.

(296)

هر رات نئون چنڊ وڃي ٿو وڌندو،

تو جهڙو جمال تا وڃي هُو ڪڍندو؛

چوڏهينءَ جو، جڏ زور ڇنڊي بس اُو ڪري،

شرمندو ٿي غم کان پوءِ وڃي هُو ڳرندو.

(297)

گهرجن اکيون دنيا ۾ سدائين پُرنم،

يا صبر ايوبي تا کڻجي غم؛

انداز ٿي غم جي عُمر گهرجي ٿي وڏي،

يا عمر جان انداز هجي غم جو ڪم.

(298)

ڏيکاري ستم تنهنجو نئون ٿو نت رنگ،

دل منهنجي ٿي وات تنهنجي وانگي رهي تنگ،

تون مون کي ڌڪا ڏين، آءٌ ڪريان شڪر ۽ صُلح،

آءٌ تو کي چمي ڏيان، تون ڪرين ڪاهه ۽ جنگ.

(299)

پيريءَ ۾ ٿيو عشق جو نشان آهيان آءٌ،

محبوب تي پنهنجي جانفشان آهيان آءٌ؛

ٿو جوان جو پِير مُرشد اڪثر ٿئي پير،

جنهن پير جو پير  ٿيو جوان، آهيان آءٌ.

(300)

آڙيءَ کي چيو مڇيءَ، وِڌو ماريُن ٽاهه،

سُڪندو ڏسي ڍنڍ کي سُڪي پنهنجو ساهه؛

آڙيءَ چيو آءٌ ۽ تون جڏهن ٿياسين شڪار،

ڇا پنهنجو وڃي، ڍنڍ سُڪي يا درياهه.

(301)

تونِ آهين مِٽي، مون مشڪ توکي ڄاتو،

ڪَنڊي کي ٿي هاءِ مَٽ مون گل جي ڄاتو؛

سوئي آهيان آءٌ جو تو ٿي ڄاتو مون کي،

افسوس تون ناهين سو جو مون ٿي ڄاتو.

(302)

ڪنهن علم کان پڻ ”قليچ“ محروم نه ٿيو؛

نُڪتو نه رهيو جو ان کي مفهوم نه ٿيو؛

سَتّر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،

معلوم ٿيو ته ڪِي به معلوم نه ٿيو.

(303)

آهي جو گهڻو ڀڳي ڳنڍي مون توبهه،

وئُون مون کان وڃي، ڪري ٿي دانهون توبهه؛

توبهه سان اڃا ڪالهه ڀڳوسون پيالو،

اڄ موٽي پيالي سان ڀڳيسون توبهه.

(304)

رت پَينَم ٻار، ڏيان مٿن پنهنجي جان،

ڪن گوڙ گَجي، آءٌ لڪندو ڇپندو پيو ٻُڌان؛

نچندا ٽِپندا اگهاڙا وڄ جان اچِنَم،

رئندو کِلندو ڪڪر جان دامن سان ڍڪيان.

(305)

دل تنگ ٿي، همراز جڏهن ڪو نه گڏيُس،

همجنس هم آواز ڪٿي ڪو نه مليس؛

زلفن ۾ وڃي يار جي سا تڏهن لِڪي،

ڪاري هئي رات اُت، ڪنهين ڪين لُڌس.

(306)

دل عشق جي دلبر جي مڪان آهي اڃا،

وَڌ مست ۽ محو هر زمان آهي اڃا؛

ڀانيم ته ٻئي گڏجي ٻُڍا ٿينداسين،

پر ٿيس ٻُڍو آءٌ، هو چوان آهي اڃا.

(307)

جي ڪسب ڪمال تون ڪرين، گذري وڃي،

جي فڪر محال تون ڪرين، گذري وڃي؛

دنيا جو سڀ اسباب خيال آهي خيال،

جنهن شيءِ جو خيال تون ڪرين، گذري وڃي.

(308)

ساقي نه پياري مون کي مئي جي، آءٌ مران،

مئي جانِ جڏهن ٿي منهنجي، اُن ري آءٌ مران؛

ٿئي عُمر جو پيالو پُر جڏهن، ماڻهو مري،

۽ منهنجو پيالو خالي جڏهن ٿئي، آءٌ مران.

(309)

چيومانس ته جڳ تي مهرباني تنهنجي،

سڀ هنڌ ٿي ڏسجي سونهن جاني تنهنجي؛

چيائين غلط آهين، بي نشان آهيان آءٌ،

سمجهين ٿو جا منهنجي سا نشاني تنهنجي.

(310)

دنيا کي وسار تا ملي توکي دين،

جسين جيين تيسين رَهه نماڻو مسڪين؛

تون زير زمين جان زمين ئي تي رهه،

جڏهن نيٺ مڪان تنهنجو ٿئي زير زمين.

(311)

جنهن کي نه سَهين، امير سو تنهنجو ٿئي،

جنهن سان تون ٺهين، اسير سو تنهنجو ٿئي؛

رک ساز سڀن سان، جو ڪِريل هوئي ان جو؛

هٿ وٺ ته پوءِ دستگير سو تنهنجو ٿئي.

(312)

اُٿ جاڳ، وساءِ رات جو پنهنجو گهر،

پئي رات جو معشوق جي عاشق کي خبر؛

هر ڪنهن جو ٿئي ٿو در سدا رات جو بند،

پر رات جو  ٿو کُليل رهي دوست جو در.

(313)

ڪيو مست منکي پير مغان پياري ڍُڪ،

مَستي نه ڪئي، ڀري هو پيتو جن ٻُڪ؛

چيومانس منکي به پياريو ٻُڪ ۾ چيئين نه،

تازيءَ کي اشارو ۽ ٽَٽُونءَ کي چابڪ.

(314)

جڏهن مون سان هُئين تون، نه سڃاتم توکي،

جڏهن توکي ڇڏيو مون نه سڃاتم توکي؛

مون توکي سڃاتو ويو وچان جڏهن آءٌ،

هُئين جيسين تون آءٌ نه سـڃاتم توکي.

(315)

جيئن جسم ۽ جانِ پنهنجو جو کائين ٿو غم،

تنهنجو آهيان آءٌ به، منهنجو پڻ کاءُ ڪو غم؛

کانئين نٿو اڄ جي منهنجو غم، ڏس پاڻهئي،

کائيندين سڀاڻي غم نه کائڻ جو غم.

(316)

منجهه هجر سڙيس اي گلَ سُڪل سبزيءَ جان،

کل وسري وئي منکي ڇِنل مکريءَ جان؛

پيالي جان رُئان، ڀريل کڻي جو نشئي،

دانهون ڪريان واءَ ۾ دلي خاليءَ جان.

(317)

ويو ڪالهه صبح جو يار، جنهن سان گڏ هُس،

وئي وصل جي رات، هاڻ فرِاقي آءٌ ٿيس؛

ڪلهه ڏينهن جو رات تائين هُس پَٽ تي سُتل،

اڄ رات آءٌ رَت ۾ ڏينهن تائين ويٺس.

(318)

مون جهڙو نه دل جليل ٿيو پروانو ڪو،

عالم ۾ نه مون جهڙو ٿيو ديوانو ڪو؛

ماڻهو مرون، هر ڪنهن جو ٿيو خانو آباد،

پر ناهي مون ديواني کي ويرانو ڪو.

(319)

دلبر بنا دم ڏيان آءٌ جيڪر دم ۾،

هردم ٿو ڏسانس، تڏهن رهان ٿو غم ۾؛

ويراهي ڏين جي درد دل منهنجي جو،

بيدرد نه ڪابه دل رهي عالم ۾.

(320)

بحر آهيان اُهو جو  ماپي آيُس منجهه ظرف،

اسرار سو آهيان جو سمايُس منجهه حرف؛

سو حرف به هڪ الف، هزارن جو مٽ،

جو علم رکان، لڀي نه منجهه نحو نه صرف.

(321)

اي نفس نه ڪر شڪوو ڪنهين جو ڪنهن پر،

ٿي ڏاهو، تون هڪ، هنن ڪمن ٻن مان ڪر؛

يا دوست جي رهه رضا مٿي تون راضي،

يا دل کي تون پل ان کان، سنديس ڇڏ تون پچر.

(322)

عاشق نه سچو ڪو تنهنجو ٿيو مون ڌارا،

تنهنجي نه جفا سهي سگهيو مون ڌارا؛

تنهنجو ڪريان شڪوو دوست ۽ دشمن وٽ،

تا توکي رکي نه دوست ڪو مون ڌارا.

(323)

هاٿيءَ جو رکي زور ٿجي ماڪوڙِي،

مسڪين گدا ٿجي، هجي شاهه ڀلي؛

ٻڌجي گلا ٻئي جي ٻوڙو ٿي ٻئي جو عيب،

ڏسجي نه، جي  ڏسجي، ڏسجي تا انڌو ٿي.

(324)

مڇر جي ڪڏهن کنڀ مان جوڙين ٿو هُما،

ڪِوليُن جو ڪرين قُوت ڪڏهن اڙدرها؛

ڪڏهن ڪوپِري ڪنهن وڏي شهنشه جي ڀڃين،

نا ڪُوزو بَنائين ان مان تون لاءِ گدا.

(325)

اڄ رات مرادون منهنجون سڀ حاصل ٿيون،

دلبر ٿيو مهمان، ٻئي مَئِي ٿا پِيون؛

اي رات نه وڃ، هزار هجنئَي جي ڪَمَ،

اي صبح نه کِل، هزار هجنئي جي خوشيون.

(326)

منجهه عشق افسوس رات ڏينّهن منهنجو ويو،

روئڻ ۽ رڙڻ سدائين ڪم منهنجو ٿيو؛

ته به چئين ٿو ته منهنجي درد ۾ ڪين رُنُئي،

سچ آهي، رئڻ ٻيو ۽ رت هارڻ ٻيو.

(327)

اي جان جهان، راحت جان آهين تون؛

منهنجي صَدا منجهه آه و فغان آهين تون؛

آيو تون مرڻ وقت پڇڻ لاءِ آهينم،

ويهه دم ته سڃاڻي آءٌ چوان آهين تون.

(328)

جا اک هجي عاشق، سا هجي شل بي خواب،

جو باهه ۾ هوّئي جگر سو شل هوّئي بي آب؛

دل منهنجي وئي مون وٽان، خدا جي نالي،

کَڙڪائي اچي جي در، ته ڪو ڏئيس جواب.

(329)

شل خلق انڌي هجي ڏسڻ کان تنهنجي،

تا توڏي نهاري نه ٻيو ڪو مون ري؛

يا منهنجون اکيون هجن ٻئي شل انڌيون،

تا ٻئي کي ڏسان ڪين آءٌ ڏسندو تو ڏي.

(330)

عاشق ٿو اگرچه جان کان هٿ ڌوئي،

معشوق ڪُهي جي ان کي گريان هوئي؛

دل سخت اٿس نه لوهه کان وڌ جو ترار،

پڻ پنهنجي هٿان ڪُٺل تي ٿِي رت روئي.

(331)

اي چنڊ نوان ڀرون تون دلدار سندو،

نُنهن ان جو يا نعل ان جي رهوار سندو،

ٻيڙي، يا ڪمان سوني اُن جي، يا پيو

ڄڻ ڪَنَ ۾ فلڪ جي ڇلو اُن يار سندو.

(332)

اي شاهه، وڏي دل سان سخا عام ڪرين،

مُٺ ۾ رکين مُهرون، ڇٽ مٿي تي زريّن؛

بحر آهي عميق ڄڻ بغل ۾ تنهنجي،

چنڊ پنهنجي تون هٿ ۾، سڄ مٿي تي ٿو رکين.

(333)

گل آهيان آءٌ، تون به آهين، هن باغ سندو،

تون ڳاڙهو خوشيءَ کان ۽ آءٌ غم کان پيلو؛

آءُ ويهه تون ڀر ۾ منهنجي، منهن تي منهن رک،

گڏ دوست ٺهي چمن ۾، گل رنگ رنگ سندو.

(334)

دلدار وڌِي سيخ ۾ دل منهنجي وڃي،

چهڪ ان کي ڏئي ڪيئن ڪباب ان کي کڻي؛

مون کي ٿا چون ته ڇو ڏنيئي هن کي دل،

مون ڪين ڏني، قَسم خدا جو، هُن نِي.

(335)

ڪا رات نه، جنهن ۾ دل منجهان رت نه ويو،

ڪو ڏينهن نه، جنهن ۾ غم الم مون نه ڪيو؛

پاڻيءَ جو نه ڍُڪ عُمر سڄيءَ ۾ پيتم،

جو نڪرِي اکين جي رستي پَٽَ تي نه پيو.

(336)

جڏهن رات وصال جي اچي يار جي ٿي،

ٿئي شام بدلجي منهنجي لاءِ پرهه ڦٽي؛

ڪن جي ڪا مٽاسٽا، خوشيءَ سان جيڪر،

ڏيان بدلي ۾ ڇوٽِي رات تي عُمر ڊگهي.

(337)

دَم منهنجي حياتيءَ جا چپن تائين رسيا،

هٿ منهنجا تڏهن تنهنجي هٿن تائين رسيا؛

موتي هي ڪَنن ۾ تنهنجي، لڙڪ آهن جي،

مان منهنجي اکين، تنهنجي ڪَنن تائين رسيا.

(338)
هُس رات اڪيلو، ٻيو سڄڻ بنده نواز،

مون ڪيو پي نياز ۽ ڪيو هن پي ناز؛

وئي رات لنگهي، ٿيون نه ڳالهيون پوريون،

هو رات جو ڏوهه ڪو نه، قصو هو دراز.

(339)

ڇوڙين کڻي منهنجا ڀلي پير ٻڌَل،

ڇا ٿيو جو ٿيون منهنجون به کنڀڙاٽيون ڀڳل؛

رِند آءٌ نه، نه زاهد، ۽ انهي جا شاهد،

پيالو منهنجو خالي، منهنجي تسبيح ڇنل.

(340)

جي خلق کان ڪيميا جان تون دور رهين،

جي خلق ۾ ڪيميا جان منظور رهين؛

جي ڀانئين مِٽيءَ وانگي نه ٿين تون پامال،

پيرن ۾ مِٽيءَ جان سڀ جي ڇو چُور رهين ؟

(341)

قصوّ ڪريان ڪهڙو، شوق تنهنجو آهي شاق،

عشق آهي نسورو تنهنجو غم، مَڪُر، نفاق؛

جي رات ڊگهي هوّئي تنهنجي زلفن وانگي.

آءٌ توکي ٻڌايان ڇا ڪيو مون سان فراق.

(342)

جي مڙس جوان زال جو پير هجي،

دائم اها غمگين ۽ دلگير هجي؛

چوڻي آهي مشهور اڳئي زالن ۾،

پاسي ۾ عيوض پير جي شل تير هجي.

(343)

حڪمت جو آهي هي قول سو ياد ڪجي:

ڪڏهين به شراب ڪو جوانيءَ ۾ پئي !

سانڍيو پي شراب مون ته پيريءَ ۾ پيان،

تا عُمر سڄي منهنجي جوانيءَ ۾ لنگهي.

(344)

غرق آهيان اکين جي رت ۾،  تون مون کان ڊِڄ،

تون ڀيڄ ڀنيءَ جو مفت پاڻيءَ  ۾ نه ڀڄُ؛

هر دم ٿيون هنجون وسن اکين مان جيئنِ مِينهن،

سيني مان  ٿي منهنجي آهه نڪري جِين وِڄ.

(345)

تيلِي ٿئي ٿنڀ، جي رکي توسان نينهن،

ماڪوڙي سليمانُ ٿئي، رات ٿئي ڏينهن؛

غالب ٿئيّ تِتر باز تي، آدم تي مڇر،

رِڍ ماري بگهڙ کي، ۽ هرڻ ماري شينهن.

(346)

عَمّانُ ٿيو بحر طبع منهنجي ساري،

آهن ٻئي عميق، بيڪران ٻئي باري؛

نڪرن ٿا ٻنهي مان موتي، پر فرق ٿيو هي،

آساني ٿي هن ۾، هُنن ۾ ٿي دشواري.

(347)

سڀڪنهن کي اچي ٿي ڪم ڀلائي تنهنجي،

هر هَڏ ڀڳو ڳولي مُوميائي تنهنجي؛

مون توسان ڪيو نه عُقد و دل جو ظاهر،

پر نِت ٿو مڃان عُقده ڪُشائي تنهنجي.

(348)

پاڻي ٿي پِيڻ ويو سڄڻ موچارو،

چيومانس هي منهنجو چَشمو چشمن وارو،

پي پاڻي هتان، پري نه وڃ، چيائين کِلي،

چَپَ منهنجا مِٺا ۽ پاڻي تنهنجو کارو.

(349)

ناشاد آءٌ، ۽ ٻيا سڀئي تومان شاد،

منهنجي نه، ٻين جي پر پُڄائين ٿو مراد؛

ڪنهن وٽ نه ڪريان ته به آءٌ شڪايت تنهنجي،

تا موٽي اچين متان ٻين کي تون ياد.

(350)

ويو جاني رُسي وئي زندگاني افسوس،

آئي پيري ۽ وئي جواني افسوس،

افسوس جي آهي، آهي فقط هِن جو،

ٿيو دوست ڦري دشمن جاني افسوس.

(351)

شيطان ۽ نفس کان ڀڄين جي، ڀِڄ اَڄ،

آرام سڀاڻي جو جي چاهين، هَڄ اڄ؛

مون کان پڇيو يار مرندين مون لاءِ ڪڏهين ؟

چيومانس ته قربان مٿهين ٿيان اڄ اڄ.

(352)

گلزار ۾ گلعذار آيو ۽ بهار،

لال ڄمي بيداغ، ڄميو گل بي خار؛

لالا لِيا پائي هڪ طرف ليلِيءَ جان،

ٻئي طرف چمن ۾ بَيد مجنون روئي زار.

(353)

عاشق جو ٿيڻ گهري، رکي دل ۾ درد،

منهن زرد ٿئي ان جو، ٿئي آه به سرد؛

پئي رنگ مان منهن جي درد دل جي جِي خبر،

هوّ ئي درد انهي کي، جنهن جو هوئي رنگ به زرد.

(354)

تو پونيان سڄي عُمر لڳاسين ناحق،

ٻي خلق ڇڏي توڏي ڀڳاسين ناحق؛

ٿيو قدر ڪُتي جو وڌ اسان کان تو وٽ،

ڇو هيترا سڀ هڏا ڀڳاسين ناحق.

(355)

خوش مونکي رکيو عمر سڄي تنهنجي جمال،

ماريوم تو، پڻ جيارينُم تنهنجي وصال؛

لوڌينم گهڻو پنهنجي دران ٿي ناخوش،

ڇا ڪندين جو تو سان خوش گذاريان منجهه وصال.

(356)

پاڻيءَ جي ڦڙي مان ٿياسين پيدا موتي،

موتيءَ جان  وري بحر اندر وياسين لِڪي؛

سڀ هئاسين شبستان عدم جي ۾ سُتل،

جاڳياسين ۽ پوءِ سمهي پياسين موٽي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org