سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :12

 

 

 (488)

جڏهن روح قوي ٿئي، ڇڪي قلب وٺي،

جڏهن قلب قوي ٿئي، ڇڪي قالب کي؛

جڏهن ايءُ ٿئي اتّحاد تن جي وچ ۾،

تڏهن قلب جو قالب تي اثر ظاهر ٿئي.

(489)

ٿي ڀائپي ديني زور دنيائيءَ کان،

ثابت  اهو ٿيو مومن ۽ ڪافر جي مان؛

مومن مري، ورثو نه ملي ڪافر کي،

لاڳو نه اهو قاعدو ٿئي دينيءَ سان.

(490)

شاديءَ مان ٿئي ٿي خاني جي آبادي،

شاديءَ مان به خاني جي ٿئي بربادي؛

اوّل آهي راحت ۽ پڇاڙيءَ ۾ رنج،

ته به هرڪو سدا ڪري پيو ’شادي شادي‘.

(491)

جيڪا آءٌ ڪريان لکان ڪڏهن ڪا گفتار،

مَثل آڻيان آءٌ شعر پنهنجي مان ٿو لاچار؛

تا خلق نمونو شعر منهنجي جو ڏسي،

چيو ٿن آهي ’يڪ مشت نمونهء خروار‘.

(492)

عالم ۾ تون صرف- نحو جو ڏس گردان،

اُت ظرف، ضمير، اسم، فعل، عدد، جنس، زمان؛

حالت ۽ صفت منجهس ۽ پڻ امر ۽ نهي،

مصدر آهي حق ۽ مشتق اِنسان.

(493)

حق اصل، آءٌ نقل، صُنع آءٌ، هُو صانع،

اَخوند هوُ جامع، آءٌ خليفو قانع؛

ڪر ياد حديث ’نحن صنع الله‘ جي،

آءٌ پاڇو سندس، نه ٿي تون ان کان مانع.

(494)

ممڪن ناهي حقَ جي نعمتن جو ڪو شمار،

ڄم موت کان اڳ ۽ پوءِ، بيحد بسيار؛

هڪ ساهه اندر کڻين، ڪڍين ٻيو ٻاهر،

اعليٰ سي ٻه نعمتون، ڪر اُن جو اقرار.

(495)

هڪ تون آهين ياد، سڀ ويم ٻيو وسري،

دل ۾ رهين نت تون، پڻ ويم سو وسري؛

منجهه ذڪر ٿيس، اهڙو آءٌ مستغرق جو،

ويو ذڪر ۾ تنهنجي ذڪر تنهنجو وسري.

(496)

منجهه عشق سچي جيسين ڪو بي سر نه ٿئي،

مذهب ۾ عشاقن جي مَطهرّ نه ٿئي؛

تون عشق طلب ڪرين ٿو ۽ سِر به گهُرين،

پيو گُهر اهو نت، مگر ميسّر نه ٿئي.

(497)

گهرجن ٻه شيون جڏهن اچي ٿو سيارو،

منهن سڄ سندو يا ڪو سڄ سندي منهن وارو؛

هڪڙو هو ئي نظر ۾ ۽ بغل ۾ هوئي ٻيو،

سيءُ واءُ ڪري پيو پنهنجو پوءِ منهن ڪارو.

(498)

ٽاهُو هئا جي، سي اڄ وڄائن ٽاهُو،

باهُو ڪُتا پاڻ کي سڏائين باهُو؛

اڄ عابد زاهد ٿيا جڳ ۾ گمنام،

يا هوُ گهٽا ڪن وردُ پيا يا هُو ياهُو.

(499)

محنت ۽ مشقّت بنا ڪو ڪم ناهي،

دنيا ۾ سو درد ۽ سو درمان آهي؛

چندن جو گَهڻ وجهي مٿي ۾ ٿو سور،

پر سُور مٿي جو پڻ اُهو ٿو لاهي.

(500)

تڪليف سان ظاهر ٿئي ذاتي جوهر،

ٿو ٺوڪجي جڏهين، گهڻو، تڏهين کُلي در؛

ٿو عُود جلي جڏهن، تڏهن باس ڪڍي،

خوشبوءِ ڪري تڏهن، گَسي جڏّهن عنبر.

(501)

ٿو علم وڌي، جڏهن ٻين کي ٿو ڏجي،

خيرات زڪوات ڏي ته پّوءِ مال وڌي،

کوٽڻ ۽ ڪڍڻ سان کُوهه ڏئي وڌ پاڻي،

ڇانگڻ سان ٿو وڻ وڌي ۽ واڌو ڦَر ڏئي.

(502)

اي نيڪ، عيوض بديءَ جي ڪر تون نيڪي،

وڃ وڻ ڏي ۽ سِپَ ڏي، آءُ سبق تن کان سکي؛

تون پهڻ هڻين، تڏهن به وڻ ڏيئي ميوو،

تون چيرين جي سِپَ ته پڻ ڏَيئي سا موتي.

(503)

اڄ ايڪيهين مارچ، مَٽ ٿيا ليل نهار،

نو روز ٿيّو، سڄ حَمَل ۾ ويّو، آيو بهار؛

مُردا ٿيا زندا، سارو عالم خوش ٿيو،

غفّار ٿيو، سڏيو اوهين جنهن کي قهار.

(504)

عشق آهي تکي باهه ۽ دل آهي مُوم،

ٻنهي جو ٺهڻ پاڻ ۾ آهي معدوم؛

ڇا عشق سندي درد جي دل سان نسبت،

نسبت ٿي ڪباب ۽ نمڪ جي معلوم.

(505)

منجهه واٽ تنهنجي  فڪر منهنجو ٿيو محال،

اِت ذڪر ۽ فڪر منهنجو ٿيو محض وبال؛

آءٌ ڪير ۽ واٽ تنهنجي ڪهڙي، ڇا فڪر،

چئجي، ٻُڌجي ٿو جيڪي، آهي سڀ خيال.

(506)

اي عشق، تو هر طرف کان ڪاهيو مونتي،

شايد تو ڏٺو ضعيف سڀ کان مونکي؛

دل، دين ۽ دنيا، عقل ۽ هوش ويوم،

جنهن دم کان تو غور مان نهاريو مون ڏي.

(507)

آءٌ رند، منکي محبّت ۽ مَئي جو هَوسَ،

ڳڻتي نه رکان دل ۾ سندي پيش ۽ پَس؛

مست آهيان، نه ڄاڻان هوش يا بيهوشي،

مقصد ٿيو جڳ ۾ منهنجو بس هڪڙو نفس.

(508)

منجهه عشق جي تون خوشيون ڪرين، فائدو ناهه،

جيسين نه ڪڙو زهر چکين، فائدو ناهه؛

دربار تون دوست جي ڏسڻ ٿو چاهين،

جي بار جُٺين جو نه کڻين، فائدو ناهه.

(509)

غم تنهنجي جو تيرُ جيئن لڳو هُم منجهه جان،

منجهه عشق سندئيءَ مليو منکي تاب توان؛

ايءُ درد ويو مونکي ڀري سرتاپا،

هڏ هڏ ۾ ۽ رڳ رڳ ۾ ڪيو اُن جريان.

(510)

محبوب جي هٿ ۾ باغ مان گل آيو،

ڪَنڊن جي عذاب کان هو اڳ ڪَهڪايو؛

مُکري جڏهن ٽاريءَ مان وڻن جي ٿي جدا،

سُرهو ٿيو باغ، مُلڪ اُن ورسايو.

(511)

ڏس پيتِي جو مَئي تو سندي غفلت ۽ هَوسَ،

مشغول تون پاڻ سان رهئين ٿِي بيوس؛

ڊپ ٿم ته جڏهن ننڊ انهيءَ مان جاڳين،

نشّو لهئي ۽ سور  مٿي جو چڙهئي بس.

(512)

منهن تنهنجو اسان آهي ڪيو قبلهء جان،

غَم تنهنجي ۾ ڏئي ڇڏيا اسان هر دو جهان؛

هي گهوڙو اسان جو اصل اهڙو آهي تيز،

جو ويو وڌي ۽ پُٺ تي ڇڏيئين ڪونُ مڪان.

(513)

جي آهين ادا تون صاف دل روشن راءِ،

همسايو تون پهرين ڳول ۽ پوءِ سراءِ؛

رابعه چيو: الجار اوَّل ثمَّ الدّار،

پاڙيسري پهرين ۽ رهڻ جي پّوءِ جاءِ.

(514)

ڪپڙا ڍڪين گيڙُوان ته صوفي سڏجين،

ڪپڙن سان ٿِين صوفي ته ڪڏهن حق نه لهين؛

ڪر ترڪ مراد تا سچو ٿين تون مريد،

غفلت جي ڪَپهه ڪڍ ڪَنان، تا صوفي ٿين.

(515)

مُنهن جيسينِ سندئي قبلي ريائيءَ ڏي هجي،

چؤ حرص هَوسَ اُن کي، نه طاعت اُن کي؛

ٿئي لال پَرن سان نه مَڪڙ مورُ ڪڏهن،

خَرقي ۽ ڪُلاهه سان نه مَکِ ’صوفي‘ ٿئي.

(516)

اسرار اَزل جي کي نه تون ڄاڻين، نه آءٌ،

عالم جي ڳجهارت کي نه تون ڇاڻين، نه آءٌ،

پردي پٺيان گفتگو رهي ٿي پنهنجي،

جڏهن پردو کڄي، بقا نه تون ماڻين، نه آءٌ.

(517)

دم منهنجو ٿيو تنهنجي غم کان هردم وڄ جان،

نعري بِنا رَعد جانُ، سدائين ٿو رُئان؛

سَرِگشو ڪڪر جانۡ ڊوڙان آءٌ چوڌاري،

مَنَ تنهنجي وصال جي سمنڊ کي آءٌ رسان.

(518)

کان لطف سندئي ڪيو بندو محروم نه ٿيو،

مقبول ڪيُئي جنهن کي سو مغموم نه ٿيو؛

ذرّو اُهو ڪهڙو جنهن تي ٿيو تنهنجو لطف،

وڌ روشن سؤ سِڄن کان معلوم نه ٿيو.

(519)

اي بيخبر اصل کان، تون آهين ڪي ڪين،

بنياد کان واءَ جانۡ، تون آهين ڪي ڪين؛

هِن پاسي وجود توکي، هُن پاسي عدم،

ڏس وچ ۾ ڪي ڌيان سان، تون آهين ڪي ڪين.

(520)

مون ري، جو بليٰ چيو اٿئي روز الست،

جت تون هجين اُت تون ۽ آءٌ چوندو مست؛

معنيٰ جي مڪان ۾ نه تون- آءٌ ٺهي،

وحدت سندي عالم ۾ ٻئي ناهن هست.

(521)

دردن کان آءٌ پنهنجي دل جي آهيان لاچار،

هرڪو ٻُڌي عشق منهنجو ٿو روئي زار؛

هي واقعو منجهه جهانَ ڪنهن آهي ٻُڌو،

آءٌ اُڃ مران ۽ پاڻي مٿان منهنجي تار.

(522)

اي پاڇا، تون نُور جو نه لائق آهين،

وڃ، دور گذار، سينو ڪيئن ٿو ساهين؛

سڄ ساڻ ڪڏهن نه تنهنجو ڪو ٿيندو وصال،

تولاءِ بس ايءُ ته دور اُن کان ناهين.

(523)

پروانو جڏهن پاڻ کان ٿو پاڻ پَلي،

تڏهن شمع سان آشنا ٿي اُن تي ٿو جلي؛

بازار ۾ عشق جي نه سَر گهرجي نه زر،

سِڪّو سچو گهرجي، مُلڪ ۾ تا سو هلي.

(524)

محبوب سندو عشق منکي اهڙو آهه،

جو ڄاتو مون هستي ۽ خودي مون ۾ ناهه؛

آخر منکي غم ۾ پنهنجي ساڙيئين اهڙو،

جو باهه ٿي ڪاٺي پئي ۽ ڪاٺي باهه.

(525)

عشق آهي ڪُنجي ۽ تنهنجو مقصود طلسم،

توکان ٿو ڇڏائي تو سندي رسم ۽ اسم؛

عشق آهي سا جانِ، جا هلائي توکي،

ري عشق تون اهڙو، جهڙو ري جانِ ٿيو جسم.

(626)

اي گلرخ دوست، نت تون گل جيئن خندان،

تعريف سنديَئي، زبان سان چئي نه سگهان؛

پاڇي جانُ سندئي پٺيان پيو ڊوڙان هردم،

جيڏي به وڃين لڳو وتان تنهنجي پٺيان.

(527)

ٿو واءُ هميشہ مون کي ساڙي سان باهه،

جو تو سندي زلفن کي هُو چوريندڙ آهه؛

هردم آءٌ ٿيان مِٽي ٿو، در تنهنجي جي،

اُت پاڇو ٿو زلفن جو پوي گاهه بيگاهه.

(528)

هي تنهنجون اکيون بند اکيون، ٿيون ننڊ کان تنگ،

تِن ساڻ سدائين ٿي رهي ننڊ جي جنگ؛

منهن تنهنجو ڏسي ٿي آرسي، تنهن سببان،

دل تي رهي منهنجي آرسيءَ کان پڻ زنگ.

(529)

هر رات پُويم ياد منهن تنهنجو جڏهن،

سِڪَ کان اُٿان ۽ وڃي ڏسان چنڊ تڏهن؛

چنڊ ڇاهي سندئي اڳيان، مگر ڇا آءٌ ڪريان،

لاچار غلطفهمي ڪري خوش ٿيان تڏهن.

(530)

اِن بارِي بها لعل سندي کاڻ ٿي ٻِي،

رؤنق ۽ تجلّي آهي موتيءَ جي ٻِي؛

ٿيو حال هِن ۽ هُن جو رڳو وهم خيال،

اِن عشق جي قصّي سندي ٻولِي ٿي ٻِي.

(531)

جنهن هنڌ ٿا گڏ ٿيُون اچي، آءٌ ۽ يار،

دشمن سندي ڊپ کان چَپِ چٻاڙيون هر بار،

ڪم آڻيون نه ڄڀ نه ڪَنَ، مگر ساڻ اکين،

ٻوليون ۽ ٻُڌون، ڪري گهڻيري گفتار.

(532)

فرياد، جو عشقَ مون کي ڪيو هيئن پنهان،

دشوارِ غم اُن جي منکي ماريو آسان؛

سِڪَ وصل جي، ڊپ فراق جي ماريو ڪين،

پر اُن جي سِيهَ اکين منکي ڪيو بيجان.

(533)

جيتوڻيڪ رنگ روپ منهنجو ٿيو چڱون،

منهن گل جي مثال، سروَ جانۡ قدّ سئون،

پر ڪهڙي سبب دَرن مٿي خلق سندي،

نقّاش چِٽي ڇڏيو سندم نقش گهڻون.

(534)

ظالم نه ڏٺم جو ٿيو نه آخر مظلوم،

ايءُ عدل فلڪ جو ٿيو نه سڀ کي معلوم؛

پنجهتَر عمر ٿي تڏهن مس مون کي،

نُڪتو انهي اسرار سندو ٿيو مفهوم.

(535)

اي خاڪ جي مُٺ، ڪهڙو مچايو ٿئي شور،

گهُر غم ۽ خطا جو، ڇو ٿيو آهين ڪور؛

پاڙيسري سڄ جو ٿئين، اهو درجو ڪيئن،

چؤ تِرورا ذرڙا، ايءَ ڪٿان ورتئي زور.

(536)

آيو آهين مون اڳيان سڄڻ مست مدام،

شڪرانو ته آسَ منهنجي پوري ٿي تمام؛

سؤ راتيون طلب تنهنجي ۾ جاڳيو آهيان آءٌ،

مسَ اڄ اي هرڻ پيو اچي آهين منجهه دام.

(537)

جنهن کان ٿي خزاني جو پتو مون کي پيو،

اُن جو ٿي هَوسَ ۽ حرص نت مون کي ٿيو؛

ڳڻتي ٿي رهي اُنهي جي ڏينهن رات منکي،

ٿي طمع ۽ لالچ جو ٻريم دل ۾ ڏِيو.

(538)

گهرَ جو ڪُتو نفس تنهنجو آهي اي ادا،

ڪُرڪڻ بينا پيٽ خالي ڏئي ٻي نه صدا؛

روباهه صفت سو، خواب خرگوش ڏئي،

هوّئي شينهن جان ۽ بگهڙ جان پڻ بڇڙي بلا.

(539)

ائين ناهي ته وصل هجر جيڪو ڄاڻي،

خلوت سندو عشق جي، سو ڳجهه ٿو ڄاڻي؛

اسلام جي خوبي ۽ محّبت حق جي،

اصحاب رسول جي مان ڪو ڪو ڄاڻي.

(540)

اي واءُ، وڃين وٽس تکو، سُويء بسُويء،

زلفن تي لڳين سندس، کڻين مُوئي بموئي؛

هُن لاءِ رُلانّ آءٌ دربدر ڪوئي بڪوئيء،

تون اُن سان ٿين لب بلب، رهين روئيء بروئيء.

(541)

جي سون رکين نه صاف، توکان نه وٺن،

هڻ مهر لِڪي نه، توکي تاقيد نه ڪن؛

يعني جي نه رکندين پنهنجي دل صاف ۽ پاڪ،

ٿيندي نه قبول، پارکوُ جڏهين اچن.

(542)

هن حال ۾ ڪو نه ٿيو ڪو محرم منهنجو،

ري آه نه همنفس نه همدم منهنجو؛

ري روڄ جڏهن رهن اکيون منهجون ڪين،

تڏهن ٿي وڃان آءٌ فنا، يا ٿئي غم منهنجو.

(543)

ڏس منهنجو  تون حال زار، پيو ڏس ۽ نه پڇ،

کامان ٿو منجهه انتظار، پيو ڏس ۽ نه پڇ؛

سودائي جهانَ ۾ نه مون جهڙو  ڏسين،

هر مُلڪ ۽ هر ديار، پيو ڏس ۽ نه پڇ.

(544)

دل پنهنجو نه مقصود لڌو ڪنهن به مهل،

کان چنڊ نه سڄَ نه زهره، مريّخ، زُحل؛

ٿيو سَهل نه ڪم منهنجو ڪَنا قطب سُهيل،

ٿيو ڪين سُها کان به سندم مشڪل حل.

(545)

يڪبار نه رک مٿي تي پنهنجي تون بار،

دم نقد نه پنهنجو ڏي، نه وٺ ڪِي به اُڌار؛

اک عقل جي پٽ ۽ مغز رک پنهنجو جاءِ،

دل پنهنجي ۾ وجهه نه ڳڻتيون ۽ فڪر هزار.

(546)

شيديءَ جي نه منهن کي ٿي لڳي ڪنهن جيِ نظر،

ٿيو منهن ۾ نمڪ سڄڻ جي، منجهه وات شَڪر؛

ٿيا اِن کان سَيه پوش اکين جا ماڻهو،

ماڻهن جي اکين کان جو انهن کي ٿيو خطر.

(547)

جنهن وقت ٻُڌن هو گفتگو تنهنجي کي،

ڪن خاڪ هوا ۾ آبرو تنهنجي کي؛

ڊڄ واءَ خزان جي کان، نه ٿي تون مغرور،

اي گل، رسي صدمو رنگ بُو تنهنجي کي.

(548)

ڪر فخر نه تون، هجئي جي مُنهن مهر ۽ ماهه،

ڪُنڊ کان ڪنهين نيٺ اچي ڏسڻ ۾ ناگاهه؛

انڌو ۽ اگهاڙو تون گدا، جيڏي وڃين،

هر طرف کان ٿو نظر ڪري توتي شاهه.

(549)

جيسين نه ٻُڌين عشق کان فَاخلَع نَعۡليڪ،

تيسين نه چوئي دوست سَلامءٌ نه عَليِڪ؛

جڏهن ڪَنَ ۽ اکيون ۽ چَپَ ڪرين غير کان بند،

تڏهن دوست وٽان اچنئَي پيغام ۽ پَيڪَ.

(550)

هو پڻ ويو ايئن، جيئن ويو هرڪس ناڪس،

پنڌ هي نه ڪنهين پڄايو هو ٿي بيوس؛

ميدان ڏکيو عشق جو، باريڪ ٿي واٽ،

مشڪل هي قصو، عجب هي غم، خوش هي هَوسَ.

(551)

دل جيسين وٽم هُئي خوش هُئي کان تنهنجي غم،

زخم اُن جي تي دردن جو رکيو مون مرهم؛

مون ڪيو نه وڏو گناهه، پر جي ڪو ڪيم؛

دل ۾ هُيَم اميّد سندِي تنهنجي ڪرم.

(552)

ٿيو حڪم اسان کي هُت الستي جنهن وير،

ماپيون پيا هوا تڏهن کان جڳ ۾ چؤڦير؛

تقدير اسان کي ٻي خبر ڪانه ڏني،

پيالو پِيون تو سان هت، نه ڄاڻون تون ڪير.

(553)

سڀ آهيون هتي مسافر ۽ راهگذر،

ڪهڙا نه رهون سدا ٿا ڪوتاهه  نظر!

سڀ يار ”قليچ“ آيا هِت، ويا به هليا،

پر پنهنجي، اڃا اسين رکون ڪا نه خبر.

(554)

خلوت ۾ ”آهي“ دل جي نت ڪر پيو سفر،

شايد پوي تنهنجو شهر دل جي ڏي گذر؛

ڌارين جي محبت سچِي دلدار سندي،

ڪر دل جي اکين سان دل جي منهن ڏي تون نظر.

(555)

اي شيخ الله جي گهرين حق جي راهه،

مسجد ڏي ڏسي ڏي ڪر تون ڪا نگاهه،

ڏس عشق جي ديوانو وڃي عرش رسيو،

ڏاڪن ٿي هَيس، هڪڙيئي اڌ رات جي آه !

(556)

جي ڀانئين ”قليچ“ تا مئلي حق جو عدل،

افسوس، عبادت ڪري اُن جو گهرين بَدل؛

تنهن کان پوءِ جي ڪرين گناهه ۽ منجهه قيام،

شرمندو وڃي ان کان گهرين اُن جو فضل.

(557)

اي تون، روزي کائين مان حق جي خوانَ،

افسوس، ڪجين ٿو ڪين اُن جا فرمانَ؛

هِن کان اڳي ڇا هُئين ۽ آهين اڄ ڇا،

برباد ڪري نه ڇڏ خدا جا احسانَ.

(558)

يارب، آءٌ گناهن کان آهيان شرمندو،

تو آڏو مان ڪيئن، هجان جيسين زندو؛

ڳوليان ٿو سندئي عُفو، جو ٻيو چارو ناهه،

جو بندو اٿن ته ٿيو يا بندو.

(559)

هي دوست جي غم جو زهر شر جو ناهي،

هيءُ تير نصيب هر جگر جو ناهي؛

سڀ خير ٿيو محض، بَد نه هُن کان ڪي اچي،

افسوس، هي خيال هر بشر جو ناهي.

(560)

آءٌ رات سڃي وڃي رهيس منجهه گلزار،

غفلت کان ٿيُس نه صبح تائين هشيار؛

ٻوليون ٻڌي مون پکين جون شرمندو ٿي چيو:

افسوس، سُتل آءٌ ۽ پکي ٿيا بيدار.

(561)

چؤ باغ جهانَ جي جو مائل ڇو ٿئين،

اسرار جهان جي کان غافل ڇو ٿئين؛

مان بحر زماني جي، عدم جِي اچي نئي،

هر لحظي لڳي ٿِي بت سان، جاهل ڇو ٿئين.

(562)

سَڌَ وصل جي جنهن کي لاءِ دلدار هجي،

اُن کي سوا اُن جي ڪجهه نه درڪار هجي؛

دربار جنهين ۾ نه اَگِهي جان ۽ دل،

ڪنهن ڪم جي نه اُت دلق نه دستار هجي.

(563)

دانا جي نظر ۾ آهي هڪ دمُ دنيا،

سو دم به قفس جي قيد ۾ سمجهه ادا؛

افسوس ته اِن هڪڙيئي دم لاءِ سڀڪو،

پئي دام ۽ پڃري ۾ سندي حرص هوا.

(564)

افسوس، گناهن کان نه تائب آءٌ ٿيان؛

دل منهنجي نصيحت نه ٻُڌي ڇا آءٌ ڪريان؛

سچ آءٌ چوان، جي ”قليچ“ ٿو مون کان پڇين،

تقصير ٿي منهنجي، ڏوهه شيطان کي ڏيان.

(565)

ڌارين سان به رهڻيءَ ۾ جي تون خوش هجين،

سڀني کان سدا تون بيش ۽ پيش هجين؛

هرڪو رهي خير خواهه ۽ دوستُ سندئي،

دشمن جو به جي نه تون بد انديش هجين.

(566)

درد آهي اهو حسد، نه جنهن جو درمان،

حيوان حسد ڪري، ڪري ڪين اِنسان،

حاسد کي سڏي خلق جو دشمن سڀڪو،

ليڪن ٿيو پاڻ، پنهنجو هُّو دشمن جان.

(567)

جي ڀانئين ته ٿين قرب جي منزل جو مقيم،

ڏي نفس کي تون نَونَ شيُّن جي تعليم؛

صبر ۽ شُّڪر ۽ قناعت ۽ علم، يقين،

تفويض، توڪّل ۽ رضا ۽ تسليم.

(568)

ڪم تنهنجو چڱو ته تنهنجي تدبير سان آهه،

جي ناهي چڱو ته تنهنجي تقصير سان ناهه؛

تسليم رضا جي ڪر تون عادت، خوش رهه،

جو نيڪ ۽ بد هي تنهنجي تقدير سان ناهه.

(569)

مخلوق جو پهريدار خالق آهي عام،

سَيّد ڪنهين قوم جو خادم ٿيو مدام؛

’موليٰ‘ جِي ٿِي هڪ معنيٰ ڌڻي ۽ سردار،

ٻي معنيٰ ٿي ’موليٰ‘سندِي ٻانهون ۽ غلام.

(570) ]منهنجو مذهب[

پرڪار آهيان، اسلام ۾ هڪ پير رکان،

ٻئي سان مڙئي مذهب ٿو آءٌ دنيا جا گهمان؛

ديول، مسجد، مڙهيءَ ۾ ٿي شمع ٻري،

ڇا اُن کي آءٌ هندو، مسلم، عيسائي چوان.

(571)]بوعلي سينا[

مون جهڙي پڙهئي جو ڪُفر آسان نه هوءِ،

ايمان کان وڌ منهنجي ڪو ايمان نه هوءِ؛

مون جهڙو هوّئي جڳ ۾ هڪ ۽ سو جي ڪافر،

تڏهن هڪ به سڄي جڳ ۾ مسلمان  نه هوءِ.

(572)

منجهه بدر هلال کان زياده ٿيو ڪمال،

وڌ بدر کان مون کي وڻي هر طرح هلال؛

هِن ۾ ٿي ترقي ۽ تنزل هُّن ۾،

هِن پويان ڪمال ٿيو ۽ هُّن پويان زوال.

(573)

ڪامل آهي بدر گرچ منجهه خاص ۽ عام،

بهتر ٿيو هلال گرچ ناقص منجهه نام؛

پاڻيءَ جي فَواري جان ٿيو بدر جو حال،

آغاز ترّقي ۽ تنزل انجام.

(574)

هڪجهڙا ٻه ڏينهن ڪنهن جا نا شال هجن،

اڄ کان سڀان، ڪَلهه کان اڄ چڱا حال هجن؛

ٿيو حڪم حديث جو اِهو: ٻُڌ ٻوڙا،

وڌ وڌ تنهنجا روز، ماههَ ۽ سال هجن.

(575)

حق کان ٻه ورهه اڳي جنم ٿيو منهنجو،

’بهلول‘ جو ايءُ قول، نه سمجهي سڀڪو؛

معنيٰ سان به ناممڪن ممڪن ٿيو پوي،

والد کان آءٌ ويهه ورههَ جيئن آهيان وڏو.

(576)

نت نفس جو ٻانهو ٿيو شهنشاهه مدام،

تابع ٿيو نفس منهنجو ٻانهي جان تمام؛

ٻي ڪهڙي ڏيان اوهان کي حجّت آءٌ وڌيڪ،

شهنشاهه منهنجي ٿيو غلامن جو غلام،

(577)

ٿو شاهه چوي ’اسين‘، چوي ’آءٌ‘ ٿو ٻيو،

چئي عام کي ’تون‘ خاص کي ’توهين‘ چئي هرڪو؛

واحد ٿيو خدا، جمع چوي پاڻ کي هُّو،

چئونس ’انت‘ اسين، ’نحن‘ ٿا مصحف. ۾ پڙهو.

(578)

آزاد ٿئي، نه سُڌري سُّواديشي غلام،

هڪ حال ۾ گهاري اهڙي هر قوم مدام؛

سواديشي هجن ها جي  عَرب مذهب ۾،

پوڄين ها بُت اڃا، نه هو جي اسلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org