(67)
عالم ۾ نه هڪڙو دم ڪو منهنجو همدم،
ناهي مون کي بيڪسيءَ جي غم ري ٻيو غم؛
غم پنهنجو چوان آءٌ ڪنهن کي دل پنهنجي سواءِ،
جو ناهي مون کي ڪو پنهنجي دل ري محرم.
(68)
منٺار تون، توسان ريڌو منهنجو نِت مَنُ،
جنهن ٻئي کي مَلَڪ مون ڄاتو، هو اهر يمن؛
تون دوست سڀن جو، تو بنا جنهن کي مون،
ٿي دوست سڏيو، نيٺ ڦِري ٿيو دشمن.
(69)
تون حُسن لَطافت ۾ مٺا آهين ماهه،
ڪوتاهه قيد آهين گرچه، آهين دلخواهه؛
شاخ آهين تون گُل جي، رک ننڍائيءَ کان نه عيب،
عُمر آهين تون منهنجي، ٿئين انهيءَ کان ڪوتاهه.
(70) ]ڪاڻو يار[
يڪشم نه چؤ يار کي، ايءَ ڪيو اُن ڇَلُّ،
نرگس رکيَئين هڪ ٽِڙيل ۽ ٻي ڪيَئين ٻُوٽيَل؛
جادو اِهو، ياڪ ناز انداز ٿيو ايءُ،
هڪ اک آهي بيدار ۽ ٻي آهي سُتل.
(71) ]ڪاڻو يار[
ساراهيان سڄڻ کي جنهن جي هڪڙي اک ٿي،
انصاف کان هڪ اک سان ڏسي خلق سڄي؛
ٿو خلق کي پڻ خدا ڏسي هڪ اک سان،
آئينو ۽ سڄُ به ٿو رکي اک هڪڙي.
(72) ]بندرو
يار[
هٿ منهنجا نه زلفن کي سڄڻ جي پهچن،
۽ چَپ نه مِٺن چپن تي هُن جي ٿا لڳن؛
قدِ بِندرو ٿيُس، اسان جي قسمت ٿي چڱي،
ڪَنَ تائين سندس، دانهون سندم جلد رسن.
(73) ]هڪڙ
يا ٻاتو يار[
چيومانس مِٺا ٿو ڳالهائين ڇو هٻڪي،
سڀ لفظ به تنهنجي واتان نڪرن ٿا ڀڄي؛
چيائين نه ڏسين ٿو وات منهنجو ننڍڙو،
جيسين نه ڀڄن لفظ، اچن ڪيئن نڪري !
(74) ]سِيئرن
وارو[
سِيئرن جا ڪريان سڄڻ جي آءٌ ڪهڙا بيانَ،
حُسن ان جي کي اِن ڪري لَکا پئي ٿي ڪانَ؛
قدرت جڏهن گهوري گُل مٿس اُڇلايا،
نازڪ هئا ڳَل، ٿيا مٿن تِن جا نشان.
(75) ]سنگتراش
يار[
هُن سنگتراش کي ٿي دل ياد ڪري،
نت سنگدليءَ کان اُن جي فرياد ڪري؛
ڪو چِئيس ته تيشو ڇو هڻي پهڻ تي ٿِي،
شيرين ٿِي ڪيئن ڪم سندو فرهاد ڪري.
(76)
ساقي تون ٿئين، ڪُفر ٿيو هشيار رهڻ،
تون چنڊ ٿئين، حرام ٿيو رات سمهڻ،
گُنگو آءٌ سدا رهان، مگر تو آئيٖ،
سمجهان ٿو گناهه هڪ وڏو ماٺ ڪرڻ.
(77)
بادلُ ٿِي بنائي اُٻ، سمنڊ ساري کي،
پاڻي ٿو ڪڪر مِٺو ڪري کاري کي؛
توبهه جو رُئڻ، ڪري گناهن کي صواب،
وسڪارو اڇو ڪري ڪڪر ڪاري کي.
(78)
هڪ سهڻي کان مون پڇيو سندس نام نشان،
ڪيئَين فارسي، چيائين ته منم جانِ جَهان؛
چيو مانس ته واتُ، چيائين اين رازِ نِهان،
چيو مانس ته مُنهن، چيئين عيان راچه بيان.
(79)
رُس ڪين سڄڻ، اچي اندر دل جي ويهه،
تون سارو نمڪ، زخمي جگر منهنجي تي ويهه؛
رت روئي ڪئي مون پنهنجي دامن گلزار،
هاڻ جلد اچي تون باغ ۾ پنهنجي ويهه.
(80)
گهوڙو آهي عشق، اُن تي هسوار ٿي دل،
حُسن آهي شڪار، اُن جي طلبگار ٿي دل؛
دل جي نه هوئي، حُسن ڇا، رهي ڪٿ هوند عشق،
جي عشق ۽ حُسن هوئي نه، بيڪار ٿي دل.
(81)
ڪافر ٿين، جي زلف ڪارا دلبر جا ڏسين،
مومن ٿين، جي ڳَل ماهه منّور جا ڏسين؛
ڀڄ ڪفر کان تون، ۽ ڏِس نه ايمان ڏي پڻ،
تا مانُ لهين، ڌِڪا نه در در جا ڏسين.
(82) ]صنعت
تشبيهه مڪرر[
اکِ تنهنجي ٿي نرگس، ۽ سا نرگس منجهه خواب،
چپ تنهنجو ٿيو آتش، ۽ سا آتش با آب؛
منهن تنهنجو ٿيو لالا، ۽ سا لالا رنگين،
۽ زلف ٿيو سنبل، ۽ سو سنبل منجهه تاب.
(83)]صنعت
سياقة الاعداد[
ڇهنِي پاسن کان هيئن ستن تارن هو،
فلڪن نَوَن ۽ اَٺن بهشتن مان لکيو؛
چار عنصر، پنج حواس، ٽي روح گڏي،
رب تو جيهو، ٻن جڳن ۾، هڪ فرد رٿيو.
(84) ]صنعت
موقوف[
مُنهن ۾ نه مشابهه آهي ڪو توسان، سوا
سڄ جي، جو اُٿي صبح جو هر روز ٿو، تا
خدمت ڪري تنهنجي، پيرين پئي توکي،پر
تون گوشو ڪرين، رکين نه اُن جي پروا.
]در تعريف عماد الملڪ[
(85)
]صنعت مجرد يا بي نقط[
عالم ۾ عماد عالِم ۽ عامِل آهه،
۽ حلم ۾ هر طرح اهو حامل آهه؛
حاڪم اُهو اصل راهم ۽ عادل آهه،
هر علم ۾ گوهر ۽ سدا ڪامل آهه.
]سلطان شاهه شجاع[
(86)
محمود، جو ڀاءِ منهنجو هو شير يقين،
مون سان رهيو تاج تخت جي لاءِ پُر ڪين؛
جهيڙو لٿو، مُلڪ ڪيو سين ويراهي ٻه اَڌ،
هُن زير زمين ورتي ۽ مون روئي زمين.
]شاهه شجاع[ (87)
ڪم بڇڙا رکج خلق کان رب ! منهنجا ڳُجها،
وهنوار َ تون جڳ جا ڪج ڏکيا مون تي سُکيا؛
اڄ مون کي رکج تون خوش، سڀاڻي مون سان،
جيئن توکي وڻي ڪجئين، ڀلائي ۽ سخا.
]ڪمال
اسماعيل- مارجڻ وقت[
(88)
]في البد يهه[
دل خون ٿي منهنجي، جانگدازي هيءَ آهه،
تو لاءِ مران، تنهنجي چاره سازي هيءَ آهه؛
اِن هوندي ڪريان صبر، ڪڇان ڪين ٿو آءٌ،
شايد تنهنجي نت بنده نوازي هيءَ آهه.
]طغرل جي لاش سان اٽڪيل[
(89)
اي شاهه، ٿئين مُلڪ ۾ پنهنجي اڄ تنگ،
هر وقت ڏيکاري ٿو فلڪ هڪڙو رنگ؛
هو ڪالهه فلڪ تنهنجي مٿي کان هڪ گز،
اڄ تنهنجو مٿو بدن کان تنهنجي فرسنگ !
]انوري- اتر ڏانهن[
(90)
ڏس شاهه جهانَ جو کَٽي فتح ٿو ڪيئن،
جيئن مُلڪ غلام اُن جو، اقبال به تيئن،
اڄ هڪڙيئي حملي سان هزار اسب وٺي،
خوارزم سڀاڻي، سؤ هزار اسب پريئن.
]رشيد وطواط- جواب ۾سلطان سنجر[
(91)
اي شاهه، ٿيو مُلڪ سڄو تنهنجي بِلي،
ناجنگ جي، نا صلح جي خواهش ٿي من کي؛
رستم جيها پهلوان سؤ توسان هجن،
جَؤ هڪڙو هزار اسب مان نئي نه سگهي.
]عنصري- اياز بابت[
(92)
]بديهه[
زلفن جي آهي ڇانگ ٿي اڄ يار سندي،
ارمان ۽ غم ڪهڙي سبب اُن جو ڪجي؛
لازم آهي تا ڪجي خوشي، مَئي پِيئجي،
ڇانگڻ مان سدائين سروَ جي سونهن وڌي.
]رشيد وطواط- شاهه عادل بابت[
(93)
]بديهه[
ڏاڏي تنهنجي زماني مان ظلم ڪڍيو،
پيءَ تنهنجي هو مُلڪ عدل پنهنجي سان آڏيو؛
هاڻ وارو حڪومت جو آهي تو ي مليو،
ڏسجي ته ڪرين جهان سان ڪهڙو ڀَلو !
]مغربي- لئي چنڊ بابت[
(94)
]بديهه[
اي چنڊ، ڪمان شاهي توکي ٿو چوان،
يا ڪَنَ ۾ آءٌ آسمان جي والو چوان؛
يا سون سچي جو نعل گهوڙي جو چوان،
محبوب جو، يا ڀرون آءٌ ڏنگو ڪو چوان.
]فريد ڪاتب- سلطان سنجر لاءِ[
(95)
]بديهه[
اي شاهه، ڪيو جڳ کي تو آباد سدا،
چاليهه وَرهه تو دشمنن کي ڪيو فنا؛
جي هاڻ نظر توکي لڳي وئي، ٿيو ڇا،
هڪ حال ۾ جو رهي ٿو، سو آهي خدا.
]مهتي شاعر- سلطان سنجر لاءِ[
(96)
]بديهه[
اي شاهه، فلڪ گهوڙي تي تنهنجي ڪئي زين،
شاهن مان فقط توکي ڪئي اُن تحسين؛
گهوڙي کي لڳل نعل هُئا تنهنجي زرين،
پَلٽي مٿان برف ڪيائين چانديءَ جي زمين.
]ارزقي- طغار شاهه لاءِ[
(97)
]بديهه[
اي شاهه، تو ڍارن کان گهُريا ٽي ڇَڪّا،
پر ڊپ کان اُهي بدلجي ٽي پؤن ٿِي پيا؛
ٿيا ڇَڪّا ٿئي حڪم تي تنهنجي حاضر.
هيبت کان اُهي زمين تي ٿيا اونڌا.
]سمنان قاضي قيد ۾ تيمور وٽ[(98)
]بديهه[
مون شاهه جي درگاهه ۾ هو مانُ لڌو،
ڀانيم ته ڪندس رڪابُ پنهنجو سونو؛
جڏهن لوههُ ٻُڌي هي ڳالهه واتان منهنجي،
وٽجِي سٽجِي سو منهنجي پيرن ۾ پيو.
]
شاهه شجاع جي راڻي- گهوڙي بابت[
(99)
]بديهه[
بدخُو ٿيو فلڪ اصل کان، ڪو خيال نه ڏِينس،
ٿو جڳ تي ڪري ظلم، تون ڦٽڪار ڪرينس؛
جي گوءِ ڪري خطا ته چوگانُ هڻينس،
گهوڙو جي ڪري خطا ته بخشي تون ڇڏينس.
]سوالي شاعر- خواجه وزير وٽ[
(100)
]بديهه[
جڳ دائرو، مرڪز ٿيو هٿ تنهنجو فقط،
چوڌاري ٿا نقطي جي ڪڍن ماڻهو خط،
ٿي تنهنجي سخا ننڍي وڏي ماڻهوءَ تي،
شل ڪنهن کي نه دولت ڏئي خاوند غلط.
]
خواجه وزير جو جواب عريضيءَ جي پُٺ تي[
(101)
]بديهه[
ٽي سؤ رڍون سڀ چڱيون اڇيون جهڙيون بط،
ڪارا نه هجن جِني جي کَلَ تي ڪي نقط؛
ڌڻ مان ڪڍي بادشاهه جي اَئين هڪدم،
اُن کي ڏيو، آڻي ٿو جو هي منهنجو خط.
]خواجه شمس الدين جي وفات تي[
(102)
منجهه ماتم شمس جي شفق رتّ رُنو،
چنڊَ چهرو ڦٽايو، زلف پڻ زُهري وڍيو؛
ڪپڙا ڪيا ڪارا رات ماتم ۾، ۽ صبح
پڻ ساهه ٿڌو کڻي گريبان ڦاڙيو.
]ايضاً[ (103)
ماتم ۾ ڪيو تنهنجي زماني شيوَن،
لاله رُنو رت اکين منجهان منجهه دامن؛
گُلَ پنهنجو گريبان منجهان غم ڦاڙيو،
ڪارو وڌو قُمريءَ به پٽو منجهه گردن.
]مير ويس صدر ڏي اشارو[ (104)
اي شاهه، زُحل کان ٿيو مٿي تنهنجو قدر،
پڻ حلقه بگوش، جيئن هلال آهي بدر؛
سخت اهڙي ٿي سردي جو هي منهنجا زنجير،
ڄڻ ٽوپي ٿي نوروزي، ڍڪي جا ٿو صدر.
]عنصري، فرخي، عسجدي، فردوسي[
(105)
]بديهه[
مُنهن تنهنجي جان چنڊ ڪين هوندو روشن،
قد تنهنجي جيهو سروُ نه ڏيکاريندو چمن؛
پنبڻيون ٿيون لنگهن تنهنجون ائين منجهه جوش،
نيزو لنگهي جيئن ’گيو‘ جو منجهه جنگ پشن.
]امامي هروي، همعصر سعدي[
(106)
منجهه شعر اسين اگرچه طوطا آهيون،
’سعدي‘ جي مِٺي سخن اڳيان آهيون مَکيون؛
هر ڪو چوي شاعريءَ سندي فن ۾ ڪين،
آءٌ ۽ سعدي ڪڏهن ’اماميءَ‘ سان پڄون.
]سلمان ساوجي[
(107)
]بديهه[
اي واءُ صبا جا تنهنجا هي سڀ پاليل،
وڻ ٻوٽا ۽ ڪَک ۽ پن ۽ ساوڪ ڇانيل؛
مُکريون ٻوٽيل ۽ گل کُليل رنگ برنگ،
خوشبو چوڌاري ڄڻ کٿوري هاريل.
]
ايضاً- سراج ميزي[
(108)
موسم ٿي بهار جي، ٿيا ويرانا وَسيل،
وڻ سبز ٿيا سڀئي اڳي هئا جي سُڪل؛
گل مست ۽ لالا مست ۽ نرگس مست،
اي واءُ صبا جا، تنهنجا هي سڀ پاليل.
]حمزه اَرزي خواجه علي نرشيربابت[
(109)
ارباب هُنر جو مُنڍ تون ’خواجه علي‘،
۽ لطف طبيعت جو مليو تو ازلي،
جي مون کي ڪرين پسند تون يا نه ڪرين،
استاد هو اصل ’حمزو‘ شاگرد ’علي‘.
]جواب خواجه علي جو[
(110)
]بديهه[
اي ’حمزا‘، نبيءَ سان گڏ ڪيو معراج علي،
۽ پير رکُيس ڪُلهي تي تنهن حق جي ولي؛
اُستاد عليءَ جو جنگ ۾ حمزو آهه،
سؤ حمزا سندس ٻانها، رکن علم ڀلي.
]مولانا لطف الله نيشا پوري[
(111)
]بديهه[
فرياد زمانو ۽ فلڪ ٿيو بي سَر،
جو مون کي بنا سبب ستائي هَر هَر؛
بُت تي نه پراڻو نه نئون مون کي ڇڏي،
شڪ ڪهڙو، ڪري متان انهي کان بهتر.
]ايضاً- مرڻ وقت وهاڻي هيٺ پيل[
(112)
رات آيو لنگهي يار منجهان صدق صفا،
هُس جام هٿن ۾، جنهن ۾ مَئي روح افزا؛
چيائين من کي پي، چيو مون پيندس آءٌ ڪين،
چيئين خاطر منهنجي ڇو نٿو پين تون ڀلا !
(113)
ٿي توکي سخا ۽ مَئي پرستي ٻئي گڏ،
جيئن جڳ ۾ بُلندي ٿي ۽ پستي ٻئي گڏ؛
محبوبن جي اکين جيهو تنهنجو حال،
جن ۾ ٿيو سدا نُور ۽ مستي ٻئي گڏ.
(114)
جڏهن ٿئين تون ٻڍو ”قليچ“، دل جانِ تان کڻ،
يعني تون اُميد وصل جانانِ تان کڻ؛
ٿيئي وار اڇا جڏهن، ۽ ڏند ڏاٺيون ڀڳيون،
اک طمع جي سهڻن جي شڪردان تان کڻ.
(115)
ميخاني جي حد اندر، ڇا درويش ڇا شاهه،
بازار ۾ عشق جي، ڇا طاعت ڇا گناهه؛
ٿيو عرش جي ڪُنگري تي ڇا سج ڇا چنڊ،
چَهرو به قلندر جو ڇا روشن ڇا سياهه.
(116)
اي دل منجهه عشق، وَٿُ وڏي آهي درد،
جو درد رکي گهڻو ٿئي دنيا ۾ فرد؛
ڪر مَردِي، مرڻ کان اڳ تون مرُتا پيو جِين،
مرد آهي نه جيسين مُردو، ناهي سو مرد.
(117)
ڌاري ٿو فلڪ دام ۽ داڻو منجهه پوش،
ماڻهن جي شڪار تي سو نڪتو باهوش؛
هُو آهي پٺيان اسان جي، مان جوش خروش،
بيهوش اسين، خواب ۾ جيئن پئي خرگوش.
(118)
غم تنهنجي کان ڪيسين رت هَنجون روئي دل،
۽ جان کان پنهنجي ڪيسين هٿ ڌوئي دل؛
مِينهن جان نه وسي ٿِي اُڀ منجهان جانِ ڪڏهن،
وڻ جان نه ڄميل زمين مان هوئي دل.
(119)
ٿي پيا ڪي پليد پِي زُمرد گهوٽيل،
ياقوت پي ناپاڪ ٿيا ڪي پگهريل؛
رنگ رنگ جي گناهن سان ڀريل ٿيا ماڻهو،
پاڻيءَ سان سي توبهه جي اڇا ٿيا اُجريل.
(120)
رمضان جي عيد جو جڏهن چنڊ ڏٺو،
ڊوڙي تڏهن ڇت تي منهنجو محبوب چڙهيو؛
هُن جون اکيون اُڀ ۾، منهنجون هُن جي مُنهن ۾،
هُن چنڊ نئون ڏٺو ۽ مون چوڏهينءَ جو.
(121)
ڏِس راند پَتن جي، جا هلي منجهه عالمِ،
سڏجن ٿا جي شاهَه، سي رعيت کان ٿيا ڪَم؛
ٿيو حڪم وٽن، تڏهن هلي حُڪم سندن،
جي حڪيم وڃين، ٿئين بازي برهم.
(122)
ديوار حرمسرا جي مَر لوهه جي هوئي،
عصمت بنا ڪا زال نه پردي ۾ رهي؛
ڪوٽن منجهان حيلا ڪري ائين نڪري جيئن،
تسبيح جو ڌاڳو سؤ ٽُنگن مان نڪري.
(123)
ڪنجوس جي ڪاري ٿالهي ۽ ديڳ اڇي،
پاڻي نه ڏٺو هُن ۽ نه هِن باهه ڏٺي؛
هوُءَ ڌوپي، جڏهن پوي ٿو قسمت سان ڪو مينهن،
۽ هيءَ ٿِي فقط ڏينهن تتي اُس ۾ تپي.
(124)
ٿيا تنگ بخيل جا سدا دل ۽ دَست،
مهمان وٽس نه ڪو، نه درويش ڪو مست؛
چنگيز جي لشڪر جان سندس ماني سخت،
جنهن کي نه ڪڏهن ڪنهين ڀڳو ڏيئي شڪست.
(125)
اڄ وِيسُ آءٌ يار وٽ، چيُم اي دلبر!
موڪل ڏي منکي مِٺا، وڃان آءٌ ٿو سفر؛
تڏهن مُنهن تي پيل زلف ڏيکاري مون کي،
چيائين ته نه وڃ، جو آهي ’عقرب‘ ۾ ’قمر‘.
(126)
غم هجر جي ۾ ٿيو روز روشن ظلمت،
۽ رات ٿي آهُن جي اُلن کان پرڀات؛
ڪاري نه ٿي رات، روشني ڏينهن ۾ ڪانه،
هاڻ ڏينهن نه ڏينهن آهي ۽ رات نه رات.
(127)
شڪوو ٿو ڪرين سُور جو تون پيرن جي،
ايئن ناهي، جو توکي سُور ڪو متُور نه ٿئي؛
ايءُ درد ٿَئي منهنجو، آيو ٿَس مون تي رحم،
پارت ڪري منهنجي، توکي ٿو پيرين پئي.
(128)
شل سال بسال وڌ هجين تون جاني،
نو روز هوئي روز، رات هوئي رحماني؛
شل توکي ڏهاڻي عيد اُضحيٰ جي هجي،
دشمن کي ڪرين جنهن ۾ ڪُهي قرباني.
(129)
ٿيا يار به هن زماني جا ڏندن جان،
ڪجهه وقت رهن رفيق ٿي خوش توسان؛
کائي پي گهڻو عرصو جڏهن ٿڪجن سي،
کِلندي کِلندي ڀڄن سي هڪٻئي پويان.
(130)
افسوس ويا يار، رکيو جن ٿي تميز،
صحبت ٿي لڳي جني جي راحت آميز؛
ڪنهن وٽ وڃي وڪڻون دل جي يوسف کي اسين؟
جو هاڻ انهيءَ مصر مان ويا نڪري عزيز !
(131)
سُک کان ڪري هوش خلق کي بيگانو،
سو آهي سُکيو، جو بيخبر ديوانو؛
آني ۾ نه دانهون ڪن پکي تنگيءَ کان،
پڃري کان اگرچه آهي سوڙهو آنو.
(132)
ڪڍ عيب جهان ۽ زماني مان نه تون،
اِن شيشي کي تون پهڻ هڻي ڪر نه پِٿون؛
شيشي جا ٽُڪر ڦَٽين شيشي کان وڌيڪ،
ٽاريءَ تي ويهي اَن کي ڪهاڙي سان وڍيون.
(133)
ٿي تنهنجي عجب سرشت هت، شڪ تون لاهه،
هٿِ تنهنجي سڀئي، مگر نه وس تنهنجي ڪي آهه؛
تدبير ٿيو ڍارو، نقش اُن جو تقدير،
هٿَ تنهنجي ۾ آهي، ليڪ هٿ تنهنجي ۾ ناهه. |