.
(357)
ڏيئي بند درياههُ ڪو يا نئي جاري ٻڌڻ،
يا ڪاٺَ وجهي سمنڊ تي پنُل ڀي ٻڌڻ؛
يا رستو به سڄ چنڊ جو ٻڌڻ، سگهجي ٿو،
سگهجي نه مگر زبان ماڻهن جي ٻڌڻ.
(358)
هر مُلڪ ۾ حُسن جو بيان آهي هڪ،
۽ عشق جو پڻ ڪو داستان آهي هڪ؛
جيڏي وڃو تيڏي آهي ’ڪرڻي ڀرڻي‘،
لاءِ بدلي وٺڻ جي آسمان آهي هڪ.
(359)
جڳ جو گهُرين خير جڳ ڪري توکي پسند،
خوش خلق رکين، پاڻ رهين پڻ خورسند،
در کوليو خدا تنهنجو، سدا پيو ڪر خير،
کوليو جو خدا در، نه ڪڏهن ٿيندو سو بند.
(360)
ٿيو پنهنجو وڙهڻ، گدري ۽ ڪاتيءَ جو وڙهڻ،
ڪر مِهر، خيال جنگ تان دوست تون کڻ؛
ٿيو جنگ ۾ فرق منهنجي تنهنجي، جو هڻان،
آءٌ پهڻ تي شيشو، ۽ تون شيشي تي پهڻ.
(361)
هر رات ٿو جاڳان درد کان تا پرڀات،
هر روز رُئان زار، ڪريان آءٌ هيهات؛
ستّر لنگهيا ورههَ، آهي ڪم منهنجو اِهو،
ڏينهن رات پـٺيان وڃي، پٺيان ڏينهن جي رات.
(362)
گل هڪڙو ڏٺم ته وات کولي ٿو کِلي،
ڄاتم ته خوشيءَ کان صُبحدم جي ٿو کلي؛
فرياد ڪري ترت مٿان هڪ بلبل،
چيو روئي هي گل منهنجي روئڻ تي ٿو کِلي.
(363)
ڏيکاري نه ربُ تنهنجي جدائي مون کي،
ميلاپ شب و روز سدا تنهنجو هجي؛
جنهن ڏينهن آءٌ تو وٽ هجان، شل رات نه هوءِ،
جنهن رات تون مون وٽ هجين شل ڏينهن نه ٿئي.
(364)
نيٺ صبر منکي ۽ توکي بيداد ڏنئون،
نيٺ مون کي وفا، توکي جفا ياد ڏنئون؛
گل جان ڪيئون افسوس ٻئي ڪن ٻوڙا،
بلبل جي کڻي وات ۾ فرياد ڏنئون.
(365)
محبوب مِٺي جا زلف ٿيا هِندي سَپَ،
چيني ٿيون اکيون، ڀرون فرنگي ٿيا ڪَپَ:
غبغب ٿيندو سمرقندي، سندس حبشي خط،
خنُتني ٿيو سندس بدن، بدخشاني چَپَ.
(366)
دنيا ۾ آءٌ ڪيئن نه پنهنجو غمخوار هئان،
رت پنهنجو پيان، هنجن سان منهن پنهنجو ڌئان؛
دردن کان سندس جُهڪي صراحيءَ وانگي،
ٿو ٽهڪ ڏئي کِلان به ۽ رت به رئان.
(367)
وئي هاءِ جواني، نه وري مُور ڏسان،
هرڻن جو شڪار دل اڃا چئي ته ڪريان؛
قد منهنجو ڪمان جان ٿيو پيريءَ کان ڏنگو،
لٺِ زِهه ڪري اُن جو، تير ٿو خوب هڻان.
(368)
آءٌ حُسن جي تنهنجي، ڪهڙي تقرير ڪريان،
آءٌ خُلق تي تنهنجي، ڪهڙي تحرير ڪريان؛
ڪهڙا آءٌ ڪريان وصال تنهنجي جا بيان،
ڪهڙا نه ڏٺل خواب جا تعبير ڪريان !
(369)
ويو يار رُسي، پنهنجو نه ڄاتئين مون کي،
پيرين پيوسانس، هٿ نه لاتئين مون کي؛
بيحال ٿيس فراق ۾ اهڙو جو،
ڪاهي اجل آيو نه سڃاتئين مون کي.
(370)
مصحف آهي منهن تنهنجو، مقدّس يا ڪتاب،
قَلَمي سو قضا جو نسخو آهي ناياب؛
وات ۽ اکيون آَيتون، ڀرون آهن وقف،
خَط حرف ۽ خال نقطا، پنبڻيون اعراب.
(371)
دل توکي ڏنيم ته منهنجو دلبر تون رهين،
آرام تون منهنجي دل جو ۽ جانِ جو ٿين؛
مون کان نه وڃين آهَ جان تاڻي دامن،
هنجن جان هميشہ هنج ۾ منهنجي تون هجين.
(372)
گهر ويٺين وڃي جڏهن کان ڏئي مون کي جواب،
رُلندو وتان دربدر اکئين هاريان آب؛
غم تنهنجي کان ڪيُّم خراب دل جو خانو،
تون خانه نشين ٿئين ۽ آءٌ خانه خراب.
(373)
مضمون چڱو جيڪو ڏسان آءٌ يا ٻُڌان،
بازيگر وانگي شعر پنهنجي ۾ چوان؛
ڪوڏيءَ جان اکين ۾ ۽ ڪنن ۾ ٿو وجهان،
ساڳي اها موٽي وات پنهنجي سان ڪڍان.
(374)
مون کان ٿو پڇين ته ڪيئن ٿو روئين رت تون،
ڳل تنهنجا گلابي جي ڏٺا آهن مون؛
ٿيو خيال اکين ۾ منهنجي ان کان ڳاڙهو،
پڻ لُڙڪ لنگهي اُتان پون ٿي گلگون.
(375)
پائينِ جڻيو، زلف ڏسي تنهنجا ڪي،
محراب ۾ ڪي وهن ڀِرن کان تنهنجي؛
ڪهڙو آهين قبلو جو ساري جڳ ۾،
ڪافر ۽ مسلمان جو منهن ٿيو توڏي.
(376)
ڪر سوال نه مطلب جو، هجي مر والي،
منهن ڪارو انهي جو، جو ٿئي ٿو سوالي؛
طالب آهي چنڊ جان، سندس سڄ مطلوب،
پيالو ڀري، پوءِ اڇو ٿئي ڪارو خالي.
(377)
نُور آهي، مگر جان صفا آهي ڪٿي،
دل راز جي محرم هجي جا، آهي ڪٿي؛
پردو کڻي منهن تان لاهي پنهنجي محبوب،
جا اک سگهي ان کي ڏسي سا آهي ڪٿي.
(378)
اسرار جي ڪشف لاءِ زباندان جڳاءِ،
قرآن جي لاءِ ناطق قرآن جڳاءِ؛
سمجهي نه سگهي هرڪو گنگن جي ٻولي،
اِنَ منطق طَير لاءِ سليمان جڳاءِ.
(379)
دنيا ۾ جيان ٿو عشق ۾ تنهنجي آءٌ،
ٿِي مَحو، ٿو پاڻ ۾ پسان توکي آءٌ؛
تون تون هُئين جيسين، ٿي ڦِريُس آءٌ توتي،
جڏهن آءٌ ٿيس تون، ٿو ڦران پاڻ تي آءٌ.
(380)
ڏوهن کان ڪريان صِدق صفا توبهه،
نفساني خيالن کان دل و جان توبهه؛
جڏهن پاڻ کي توبهه ڪري بهتر ڄاڻان،
ايءَ جا ڪريان توبهه ٿو اُنهيءَ کان توبهه.
(381)
خاوندَ تون عاصين تي احسان ڪرين،
حيوان مان ڦيري مون کي انسان ڪرين؛
ڪيّا گَبَر مسلمان گهڻا تو، ڇا ٿئي،
هڪ گبر ٻيو به جي مسلمان ڪرين.
(382)
دريا مان چون ٿا ته کڻي پاڻي ڪڪر،
گهوري سو هٿان واوَ جي جڳ تي اڪثر؛
ايءَ ڳالهه آهي هڪڙي، فسانو ڪوڙو،
ٿئي شرم کان تنهنجي هٿ جي ان کي ٿو پگهر.
(383)
آءٌ آهيان نه آءٌ، تون آهين تون منهنجو من،
تون آهين، جي تن تي ڪو رکان پيراهن؛
منجهه عشق تنهينجي جي رهيم تن ۽ نه جان،
جي آهي ڪو مونکي، تون آهين جان ۽ تن.
(384)
ڪاٺي نه هُيم عود جي، آندم تڏهن بيد،
آيس کڻي ساڻ، ڪارو منهن وار سفيد؛
تو پاڻ چيو ته: نا اُميدي ڪفر آهه،
تڏهن حڪم مڃيم تنهنجو ۽ آندي مون اميد.
(385)
دشمن شيطان، نفس منهنجو رهزن،
وئي عمر گناهن ۾، مُنجهي منهنجو من؛
رحمان ۾ ٿم اُميد تا ٿيندو اڳيانس،
تورڻ ۾ جبل گناهه جو گاهه جو پن.
(386)
خواب آهي جهانُ ۽ عَدم ٿيو تعبير،
جيئرن ۽ مئن سان ٿي اُنهي جي تعمير؛
ٿي روءِ زمين اَڏيل ۽ پڻ زير زمين،
ڌرتيءَ جو هي تَهه ٿيو دُو طرفي تصوير.
(387)
هَٺُ ڇو ڪَرين، ڇا ٿيو ٿئين جي تون غني،
ڇا لاءِ جتي ڪٿي ڪرين لافزني؛
ڇو اصل ۽ نسل جي هڻين ٿو تون ٻٽاڪ،
ٿيو اصل مٽي تنهنجو، ٿيو نسل مَني.
(388)
گاريون ڪو ڪميڻو ڏئي کڻي توکي جڏهن،
چارو ناهي، چُپ ڪري ٻُڌڻ ري ڪو تڏهن؛
ڏاڙهي جي ڪُتو ۽ چَڪ هڻِي پير ڦٽي،
بدلي ۾ ڪُتي کي ڏاڙهبو ڪِين ڪڏهن.
(389)
واجب ٿيو وجود حق جو ۽ اول ڀي،
باقي ٻيو هت وَهم خيال آهي سڀئي؛
حق ڌارا ڏسين جيڪي هتي آهي غير،
صورت اها ٻي تون ڄاڻ اک تيڏيءَ جي.
(390)
تون پاڻ سڃاڻ، ڪر نه ڳولا ٻي گهڻي،
سڀڪجهه لهين اِت، سنڀالي جي پير کڻين؛
ڪيسين پيو ڦِرندين گهَر جي تون چوڌاري،
اندر لنگهي آ، جو گهَر جو تون آهين ڌڻي.
(391)
تو ساڻ سو آهي پيو پڇين جنهن جي ذات،
موجود ٿي تو ۾ ذات اُن جي، نه صفات؛
ايءٌ کوهه خوديءَ جو جي ٻه- ٽي هٿ کوٽين،
گَهر پنهنجي ۾ لهندين تون ادا، آب حيات.
(392)
ڪن ڪجهه نه دنيادار، سَگها آهن جي،
ٿا تَپَ ۽ اگهائيءَ ۾ ڏين ماني سڏي؛
ٻارڻ جا تنُور ۾ سي آهن لائق،
جيسين نه تپن ڏَين نه ماني ڪنهن کي.
(393)
جيسن آءُ ڏهن ۾ هوس، هُئس زار زبون،
ويهن ۾ ۽ ٽيهن ۾ رهيو مون کي جنون؛
چاليهه – پنجاهه فڪر ڳڻتيءَ ۾ ويا،
هاڻ سٺ ۽ ستر ۾ غم کان سر آهي نگون.
(394)
جوهَر ٿيا ڏهه ۽ نَوَ فلڪ، اَٺ ٿيا بهشت،
ست تارا، ڇهه پاسا آيا منجهه خواند نوشت؛
ٿيا پنج حواس، چار عنصر، ٽي روح،
پڻ ٿيا ٻه جهان، هڪ خدا ڪيا سي سرشت.
(395)
ٿيون عين اکيون، نُون ڀرون، وات ٿيو ميم،
نڪ الف منجهن ۽ پاسي کان زلف ٿيا جيم؛
’شَق ُّ القمر‘ آهي معجزو، ناهي هي نڪ،
آڱر هي نبيءَ جي، جنهن ڪيو ماهه دُو نيم.
(396)
قطرو ڀلا ڪير بحر عمّان ڏي نئي،
يا جهنگ جا ڪَک ڪَنڊا گلستان ڏي نئي؛
پر ڇا ڪجي، ايءَ رسم ٿي ماڪوڙيءَ جي،
تا ٽَنگ مڪڙ جي اُوءَ سليمان ڏي نئي.
(397)
تون شال سعادت جي فلڪ تي هجين بدر،
مجلسن ۾ شريفن جي هجين شل تون صدر؛
شل تنهنجو، اي منهنجا دوست، محشر تائين،
هر روز هوّئي نوروز ۽ هر شب شبقدر.
(398)
کيسي ۾ جنهن جي زر هجي، هٿ ۾ ڏاڻ،
جيڏي وڃي، عزّت جو ڏسي سو اُهڃاڻ؛
رَد سڀ ٻي شرافت آهي اڄ دنيا ۾،
اشراف اهو، جو اشرفيون ڌاري ساڻ.
(399)
هوّئي تنهنجو وظيفو لا اِلهٰ الاّ الله،
ري پاڪدليءَ ملئي نه جنّت ڏي راهه؛
صراف نه وٺندو سون رپّو کوٽو،
مر سِڪّو بتائي نانوَ ۽ شڪل سان شاهه.
(400)
دل تنهنجي به محرم جي سندي غيب هجي،
ڍڪ ان کي نه مر غيب سو لاريب هجي؛
ڳجهه ڪڍ نه ٻهر خدائي جو غيب منجهان،
هڪ نقطو ٻهر نڪري ته پوءِ عيب هجي.
(401)
دنيا سان ”قليچ“ رهه نه تون دِل بستو،
دل بستو وڌيڪ جو، سو وڌ دل خستو؛
آهن ٻه مٿا جي ساهميءَ کي، سي ڏس،
هلڪو جو مٿو آهي، سو وڌ بَرجستو.
(402)
ڪمزور حواس سڀ ٿين پوڙهي ۾،
هر دم رهي فڪر لٺ ۽ عينڪ جي ۾؛
رهنس نه اکيون ٿيون جاءِ پنهنجي تي، نه پير،
هٿ ۾ ٿو کڻي پير، اکيون کيسي ۾.
(403)
افسوس، مڃان حڪم نه حق جو ڪوئي،
ربَ جو ڇڏي رحم، ڏوههَ منهنجا ڌوئي؛
آءٌ نت پيو ڪريان گناهه، هُو فضل ڪرم،
جو وڙ آهّي جنهن جو، سو ڪري وڙ سوئي.
(404)
يا وصل منکي ڏيار ربَ محبوبي،
يا مون کي نه ڏيکار سندس ڪا خوبي؛
يا مون کي تون مار هجر جي غم ۾ سندس،
يا صبر سيکار مون کي تون اَيُّوبي.
(405)
فرعون وڌيا، مدد الاهي موڪل،
موسيٰ ۽ عَصا ۽ نيل ندي موڪل؛
موڪل ڪي مَڇر، جو ٿيا گهڻا اڄ نمرود،
ڪاهي آيو دجّال، تون مهدي موڪل.
(406)
ٿيا زلف ڳلن تي تنهنجي اي بدر منير،
زنجير يا چوگان جا بيمثل نظير؛
جڏهن گوءِ نيَن دل جي، سڏيان سي چوگان،
جڏهن پير ٻڌن دل جا، سڏيان سي زنجير.
(407)
چڙهه اوج تي، پاڻ کان قدم مٿڀرا کڻ،
آ، نڪري تون پاڻ مان ٻنهه بيخود بڻ؛
پهرين تون اکين جو در ٻِه- طاقو ڪر بند،
پوّءِ تن کي ٻه سؤ قفل تون پنبڻين جا هڻ.
(408)
خوش قتل ۽ موت ۾ رهن عاشق عام،
هوّئي جانِ سان تن کي تَن ۾ تپ لرزو تمام؛
پاري جي ٿِي عاشق ۾ رهي خاصيّت،
ڪُشتو ٿي مري نه جيسين، هوّئي بي آرام.
(409)
ڪَنَ دل جا تون کول ۽ اکيون عقل سنديون،
ڳُجههَ جڳ جي ۾ هي ڪَنَ ۽ اکيون ڇڏ پنهنجيون؛
ڏس رنگ زماني جا ۽ ڪر وات تون بند،
ٻُڌ قصّا جهان جا ۽ ڍڪ پنهنجون اکيون.
(410)
خوشخلقي چڱي، انهي جي تون عادت ڪر،
ڪي اهل ٿيا دل جا، تن سان تون الفت ڪر؛
جي شعر ۾ مشهور ٿيڻ ٿو تون گهرين،
ٻُڌ منهنجي، تخلصّ کڻي تون شهرت ڪر.
(411)
جي راڳ جو روڳ، ساز جو سوز رکن،
سي محو انهن ۾ ٿا شب و روز رهن؛
جيڪي تون پڇينِ، ٿا چون ورنديءَ ۾،
تادر تادر تنم تنم تن تن تن.
(412)
ڪافر ٿيا ڪلمٰه - گُو جي مرتَد بنجي،
اَگهندي نه وظيفن سان دعا ڪا تن جي؛
ٿيو ڪفر ڪبير شمر ذِيّ الجوشن ۾،
مر پيو پڙهي رات ڏينهّن دعا جوشن جي.
(413)
آءٌ تنهنجي طلب ۾ دربدر ڪُوءِ بڪُوءِ،
پيو روز بروز ڊوڙان سُّوءِ بسُوءِ؛
جي حال ٻُڌين سربسر ۽ مُوءِ بمُوءِ،
ٿين دست بدست، لب بلب، روءِ بروءِ.
(414)
شيديءَ کي نظر لڳي نه ڪنهن جي ڪنهن پر،
منهن گوري تي داغ ڪارا روڪن سو اثر؛
ڪارو ٿيو ڏس اکين جي ماڻهن جو لباس،
ماڻهن جي لڳي نه تن کي تا بڇڙي نظر.
(415)
اسرَار ابد جو اڻسليل رهجي ويو،
عُقدو جو هو ڳُوڙهو، اڻکُليل رهجي ويو؛
هر ڪنهن ڪِي چيو، ڪري خيال ۽ اٽڪل،
نُڪتو هو جو اصل، اڻچَيل رهجي ويو.
(416)
ڏس وڻ جي تون ٻج جي داڻي جو سَير سفر،
منجهه پاڙ ۽ ٿڙ ۽ ٽاري، پن گل ۽ ڦر؛
پورو ڪري گشت سو ڪري موٽي شروع،
سؤ ڀيرا ٻيا به ايئن ڪري سو اڪثر.
(417)
وحدت مان ٿي ڪثرت، نه جنهين جي ڪا حد،
پر مرتبا تن جا خاص چاليهه عدد؛
چاليهه عدد ميم جا پڻ منجهه ابجد،
ميم آيو تڏهن احد ڪيائين احمد.
(418)
راحت نه ڏسين، ڪڍين نه جيسين تون رنج،
ڏک ڏنج پٺيان ملي ٿو جڳ ۾ سُک سنج؛
ڏاهن چيو رنج ري ملي گنج ٿو ڪين،
مون رنج ڪڍيو، مگر نه حاصل ٿيو گنج.
(419)
دنيا جي ڏکن ۾ زندگاني گذري،
روزيءَ پٺيان پيري ۽ جواني گذري؛
ماتم ۾ رنم رڙيس عزيزن جي سدا،
عمر پئي سڄي منجهه مرثيه خواني ۾ گذري.
(420)
ڇڏ طمع ”قليچ“ ڌار دل جي همّت،
تون ڌيان سان شطرنج جي ڏس چال چلت؛
ٿيندين جي وزير، هلڻو پوندئي ڏنگو،
رهه پيادو ۽ هل سنئون ته پائين عزّت.
(421)
باطن ۾ ٿي دنيا ٻانڀ، ظاهر گُلچَهر،
ٿي مِهر ڪري ٻَهران، ڪري اندران قهر؛
اسپنگر آهي هي، وڃ ڳِهي ڪين چٻاڙ،
ٻهران آهي ترياق، آهي اندران زهر.
(422)
ٽوٽو سهي، جو تنهنجو خريدار ٿيو،
ڦٿڪي مري، جو تنهنجو گرفتار ٿيو؛
جو تنهنجو دل افگار ٿيو، سک نه ڏسي،
صحّت نه لهي، جو تنهنجو بيمار ٿيو. |