سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :3

 

 (70)

چيو مانس لُٽي تون منهنجي دل وئين منجهه ڦُر،

ڏي موٽي منکي، اَٿم نه آرام صبر؛

زلفن مان ڇنڊي دليون هزارين اُڇليئين،

چيئين، ڳولي وڃي تون پنهنجي دل کڻ ۽ نڪر.

(71)

ميخاني ۾ مست پيو هو زاهد هڪڙو،

تسبيح ڳچيءَ ۾، هٿ ۾ مَئي جو شيشو؛

چيومانس ته آئين تون هتي ڪيئن، چيائين،

ميخاني منجهان به حق ڏي آهي رستو.

(72)

ڇا ٿيو جي نه نڪتي منهنجي قسمت کوٽي،

يا بخت چڙهي چڙهي وڃي ڪئي چوٽي؛

افسوس، ڪٿان وري ملن جاني يار،

۽ عمر جا گذري وئي، اچي ڪيئن موٽي ؟

(73)

ڏوهن ۾ خدا جنهن کي جهليندو آهي،

هر عذر تي تنهن جي راضي ٿيندو آهي؛

۽ جنهن کي منجهان حب سڏيندو آهي،

سر اُن جو عذابن سان وڍيندو آهي.

(74)

شاهي جي گهُرين، ته وڃ گدا سڀ جو ٿي،

بيگانو ٿي پاڻ کان، رک ٻين سان خويشي؛

جي ڀانئين ته توکي تاج جان سر تي رکن،

هٿ چُم تون سڀن جا ۽ ٿي پيرن جي مِٽي.

(75)

جيتوڻي تون عيش ڪامراني ڌارين،

محبوب، شراب ۽ جواني ڌارين؛

ڪانهي جي اندر ۾ باهه، اک ۾ پاڻي،

ڦِٺِ توکي، هي ڪهڙي زندگاني ڌارين؟

(76)

ڪئين ڀيرا ڀڃي وري ڳنڍي مون توبهه،

بيزار ڪري آهي ڇڏي مون توبهه؛

توبهه سان ڀڳو هو ڪالهه مون پيالي کي،

اڄ موٽي پيالي سان ڀڳي مون توبهه.

(77)

هَلُ دوست ۽ دشمن سان چڱو، ٻُڌ، ڏيئي ڪَنِ،

بڇڙي ڪري ڪيئن، نيڪ ٿيو جنهن جو مَن؛

دشمن سان جي نيڪي تون ڪرين، ٿي پئي دوست،

۽ دوست سان جي بدي ڪرين، ٿئي دشمن.

(78)

نت عشق جي عالم ۾ حساب آهي ٻيو،

اُت سوال ٻيو آهي، جواب آهي ٻيو؛

مذهب ۾ اسان جو نياز آهي، نه نماز،

پيغمبرِ عشق جو ڪتاب آهي ٻيو.

(79)

تون ڇو ٿو خدا کي يار ڳولين هر جا؟

ٿيو تو ۾ خدا، خدا کان ناهين تون جدا؛

ڳولڻ اهو تنهنجو آهي اهڙو، جهڙو،

وچ سير ۾ ويٺي قطرو ڳولي دريا!

(80)

مطلب نه سڃاڻي جيسين حاصل ڪري ڪو،

ٿئي ڪين فقط چوڻ مان حاصل ڪين ٿو؛

سؤ ورهه جي تون چوين پيو ”حلوو حلوو“،

حلوي جي چوڻ سان ڪين ٿئي وات مِٺو.

(81)

ڪي پاڻ ۾ گڏ ٿين خوشي عيش منجهان،

ڪي غم ۾ گذارين ٿا گڏ نفس پٺيان؛

عالَمُ آهي شطرنج جي سارين وانگي،

هڪٻئي جا جُزا سڀئي، وڙهن هڪٻئي سان.

(82)

ٿي فاني ته مُلڪ ۾ بقا جي ٿِين روان،

پهتو وڃي دوست کي، ڇُٽو جو پاڻان؛

هستيءَ کان هو پنهنجي ڦوٽو هردم حيران !

جنهن وقت ٿيو نيست، مليو دريا سان.

(83)

سِبُ پنهنجيون اکيون ته تنهنجي دل اک کولي،

اک دِل جي سان دل جو راز معلوم ٿئي؛

هر وارَ جي مُنهن ۾ اک ٿي گهرجي توکي،

نه ته دوست کي ٻن اکين سان هت ڪير ڏسي ؟

(84)

محتاجي عجب، بُري فقيري پيري،

بيشڪ آهي وڏپڻ ۾ صغيري پيري؛

ڏاڏي کان پڇيم خراب پيري يا موت ؟

اُن دانهن ڪري چيو ته پيري پيري.

(85)

پاڻي آهي جو شيشي ۾ سڏجي ٿو شراب،

۽ گل ۾ جڏهن پوي  ٿو، سڏجي ٿو گلاب؛

گُلَ مُلَ جي ٿو قيد مان جڏهن ٿئي آجو،

تڏهن سمجهه ڀريَن وٽ ٿو فقط سڏجي آب.

(86)

نڪتاسين بهشت مان ٻئي ساڻ عتاب،

آدم کي ڪڍيو ڪڻڪ، ڪڍيو مون کي شراب؛

ٻئي آهيون پکي بهشتي، آهي نه عجب،

آدم کي وٺايو داڻي، ۽ مونکي آب.

(87)

آهيون اسين اصل کان خدائي نسخا،

واجب ٿي اسان تي تنهن ڪري پنهنجي ثنا؛

آهيون اسين لفظ ۽  خدا معنيٰ آهه،

ٿئي لفظ کان معنيٰ ته ڪڏهن ڪين جدا.

(88)

ڪنهن کي آءٌ وڃي ڏيان قلم تي فرياد،

جنهن دل جو ڏَسي ڳُجهه، ڪيو مون کي ناشاد؛

مون چيو ته وڍيانس ڄڀ ته من گُنگو ٿئي،

پر پاڻ وڌيڪ ٿيو فصيح ۽ آزاد.

(89)

دنيا ۾ قناعت جو لڀي نانئُن نٿو،

ڪنهن جي به طبيعت تان ڪڏهن حرص لٿو؛

ڏس، ٻار پِئي ٿو هڪ بُبي مان جڏهن کير،

تڏهن هٿ ۾ وٺي جهلي ٿو پڻ ٻئي جو مٿو.

(90)

ٿو عشق رکي سڀن سان هڪجهڙو سنگ،

ڪنهن سان نه انهيءَ جو صلح آهي ۽ نه جنگ؛

بيرنگ شراب عشق جو آهي اصل،

شيشي جي ٿو رنگ کان ٿئي رنگا رنگ.

(91)

جي تنهنجي عبادت به سقيم آهي سقيم،

جي تنهنجو گناهه پڻ عظيم آهي عظيم؛

جي تنهنجي سزا ادا جحيم آهي جحيم،

اُميد نه ڇڏ، خدا ڪريم آهي ڪريم.

(92)

دل آهي وطن منهنجو، جا آگاهه آهي،

ويچار ۽ فڪر، سونهو همراهه آهي،

آءٌ گوشه نشين، منهنجو سڀ سير سفر،

في اللّہ، مِنَ الله، اِليٰ الله آهي.

(93)

عالم ۾ يقين ڪوئي خوش خورم ناهه،

نت عيش ۾ ۽ خوشيءَ ۾ ڪو آدم ناهه؛

جنهن شخص کي هن زماني ۾ڪو غم ناهه،

يا آدم ناهه، يا منجهان عالم ناهه.

(94)

آسان جهلڻ آهي ڳچيءَ تي خنجر،

جي يار تون خوش رهين، ته  سر وڍجي مر؛

ڪافر کي ڪُهڻ لاءِ تون آئين سنبري،

غازي ٿئين تون جڏهن، ٿيان آءُ ڪافر.

(95)

تون حسن سان پنهنجي جڳ کي نت سينگارين.

حيرت آهي جو نه ڪنهن کي مُنهن ڏيکارين؛

ٿيو نُور ظهور جي کان پردو تنهنجو،

روشن آهين اهڙو جو لڪل ٿو گهارين.

(96)

جڏهن ذڪر ٿو پهچي دل کي، دل درد ڪري،

ايءُ ذڪر آهي جو مرد کي فرد ڪري؛

جيتوڻيڪ باهه جي اٿس خاصيت،

ٿو هر دوجهان دل تي اُو سرد ڪري.

(97)

دنيا ۾ ته ري وات کِلڻ آهي چڱو،

۽ اک کان سوا جڳ کي ڏسڻ آهي چڱو؛

ڪهڙو نه چڱو آهي سفر ويٺي ڪرڻ،

پيرن کان سواءِ گهمڻ ڦرڻ آهي چڱو.

(98)

رک خلق کي خوش، جو آهي تسخير اِها،

ٿيءُ مَٽجي مِٽي، جو آهي اُڪيسر اِها؛

جا ڳنڍ کُلي نه يار تنهنجي نُنهَن سان،

تقدير تي ڇڏ، جو آهي تدبير اِها.

(99)

توکان نيان دانهن ڪنهن ڏي، ٻيو داور ناهه،

ٻئي در وڃان ڪنهن جي، اهڙو ڪو ٻيو در ناهه؛

رهبر ٿئين جنهن جو، تنهن کي گم ڪو نه ڪري،

جنهن کي ڪرين گم، تنهن کي ڪوئي رهبر ناهه.

(100)

شرط آهي ته جي مرد ٿئين، درد ٿئين،

۽ نياز تواضع ۾ تون نت فرد ٿئين؛

ٻئي مرد، مراد گهٽ ڪري جو پنهنجي،

ڪڍ الف مراد مان، ته تون مرد ٿئين.

(101)

ڪڪ خلق کان نت شراب پيِي ٿو ٿيان آءٌ،

ٿو ساهه ڏيان، نه ڏک کان جي ٿو پيان آءٌ؛

جڏهن فڪر ۽ غم وٺي پَلؤ مان مون کي،

شيشي کي تڏهن ڳچيءَ کان ٿو پڪڙيان آءٌ.

(102)

پيري آئي ۽ عضوا سڀ چُور ٿيا،

سڀ يار جوانيءَ جا ڀڄي ڏور ٿيا؛

هر وقت ڪفن جي يادگيري ٿي رهي،

مُشڪي جي هئا وار سي ڪافور ٿيا.

(103)

پابند رهي جهان ۾ يا آزاد،

ممڪن نه رهي سگهي هتي ڪو دلشاد؛

غم هئڻ جو ڪڏهين، نه هئڻ جو ڪڏهين،

انساني طبيعت جي ڪريان ڇا فرياد !

(104)

جو دين نبيءَ جي تي رکي ٿو ايمان،

ٿئي آل ۽ اصحاب تي تنهن جي قربان؛

بيشڪ ٿيا چار يار ڄڻ چار ڪتاب،

ليڪن آهي، چئني مان علي ڄڻ قرآن.

(105)

الله رسول جو مڃان آءٌ فرمان،

دل کؤن رهان آءٌ پنجتن تؤن قربان؛

سڀ يار ۽ اصحاب رکان آءٌ عزيز،

سني چوي يا، رکي ڪو شيعي جو گمان.

(106)

ڪوشش ڪري ساڻ عالم ۽ دانا ويهه،

يا ساڻ عجيبَ نازڪ ۽ رعنا ويهه؛

جي توکي انهن ٻنهي مان ڪو هٿ نه اچي،

تان وقت وڃاءِ ڪين، تون تنها ويهه.

(107)

صورت توڙي سيرت جي دورنگي آهي قهر،

باطن ۾ ڪڙو ٽوهه ۽ ظاهر ۾ خوش چهر؛

ايءُ بدر قطونا ٿيو يا اسپنگر،

ٻهران آهي ترياق ۽ اندران زهر.

(108)

تون يار کنيو ڪرين پڇا ٿو ڇاجي،

دل وصل ۾ هجر کان نه آهي آجي؛

حاصل اٿئي وصل، پر نه سڏجين واصل،

مڪّي جو رهاڪو ڪين سڏجي حاجي.

(109)

ٿيو زال کان آدم کي پريندي نقصان،

ٿيو زال کان پڻ ملڪ سليمان ويران؛

ٿيو زال کان يوسف به وڃي مصر ۾ قيد،

ٿيو زال کان سيمرغ به منجهه قاف نهان.

(110)

ڪيو ظلم اُنهيءَ لعنتي ظالم فرياد،

جنهن نسل ڪيو نبيءَ عليءَ جو برباد؛

ثابت آهي نالي مان، حرامي آهي ڦر،

معنيٰ ۾ ٿيو گهڻن جو پٽ ابن زياد.

(111)

هو رات هوا ۾ هر طرح جو ڊپ،

ماڻهوءَ ۽ مرونءَ، پهڻ ۽ وڻ هو هنيو ڇپ؛

محفل ۾ به مئي جي شيشي قُلقُل پي ڪئي،

ٿي چيائون ته اُن کي آهي پڻ کنگهه ۽ تپ.

(112)

ڊڄ ڪين گناهن کان، هنجون جي هارينِ؛

سي باهه جهنم جي اُجهائي ٿا ڇڏين؛

ڇڻڪار ڪري اکين سان، مڻينِ بهشت،

اڪثر ٿا پخاليءَ کي بهشتي ڪوٺين.

(113)

همت ۽ توڪل به عجيب آهي شئي،

ڌارين جي اُها ته مرد تون آهين رَئي؛

رک ڪنڌ نه، دشمن جي هجئي رستم زال،

کڻي ٿورو نه، جي دوست هجئي حاتم طئي.

(114)

شيطان ۽ نفس، شهوت ۽ غصو آهه،

جن چئني ٻڌي ڪري ڪئي مون تي ڪاهه؛

يا ربّ تون بچاءِ دشمن کون مون کي،

هڪ ڪک آهيان آءٌ ۽ چؤطرف آهي باهه.

(115)

ڪنهن کي نه ملي قضا جي پردي پٺيان راهه،

اسرار قدر جي کان نه ٿيو ڪو آگاهه؛

هر ڪنهن چيو پنهنجي عقل موجب ڪي ڪجهه،

معلوم نه ٿيو ڪي، ٿيو نه قصو ڪوتاهه.

(116)

زاهد ته منکي حرم ۾ لنگهڻ نه ڏئي،

راهب ٿو وري منکي مڙهيءَ مان لوڌي؛

ڄاڻن جي اُهي، وڻي منکي ايءَ خواري،

جيڪر هي مڙهيءَ ۾ نِئيم ۽ هو ڪعبي.

(117)

ڏس چاهه جي پياليءَ جا عجب رنگ ادا،

عالم جا عناصر ٿيا اُن ۾ پيدا؛

ٿيو جمع سماوار اندر ارض و سما،

موجود ٿي باهه، خاڪ، پاڻي ۽ هوا.

(118)

ڇا حول ۽ قوتّ رکين؛ اي نفس تباهه،

دعوا ڪري ايءَ، نه ڪر گناهن تي گناهه؛

ڪم هستي ڪري ۽ هستي حق ٿي جڏهن،

لاحول ولاقوة الا باالله.

(119)

ٿي طبع جي لهه تي نرمي ۽ سختي روا،

ڪر لطف شريف تي، ڪميني تي جفا؛

قدرت جو نمونو ڏس وڍڻ چيرڻ جو،

ڪاٺيءَ کي ڪهاڙو وڍي ۽ گل کي صبا.

(120)

ٿي آهي فنا ۽ فقر جنهن جي آئين،

ٿيو صحو نه محو تنهن کي ۽ شڪ نه يقين؛

نا علم نه جِهل، نا حقيقت نه مجاز،

ناڪشف نه اصحاب ۽ نه ڪفر نه دين.

(121)

هُو شاهه ۽ آءٌ ٻانهون سندس ديرينو،

هو گنج عجيب آءٌ سندس گنجينو؛

ظاهر آهيان آءٌ هُن کان ۽ هُو مون کان آهه،

يعني ته هُو منهنجو آءٌ سندس آئينو.

(122)

اي عقل منهنجي کي عشق تنهنجي ڪيو زبون،

جهنگل ۾ رلايائين چرين جيئن محزون؛

مجنون تنهنجو عاقل آهي عاقل مجنون،

حيرت آهي، يڪجا ٿيا ڪيئن عقل جنون.

(123)

تون حسن لطافت ۾ آهين دلبر ماهه،

قد ڇوٽو اٿئي تڏهن به آهين دلخواهه؛

تون شاخ آهين گل جي، ننڍائيءَ کان نه ڊڄ،

تون عمر آهين منهنجي تڏهن ٿئين ڪوتاهه.

(124)

ڪم ٿيو جي چڱو،  ته منهنجي تدبير نه آهه،

بڇڙو جي ٿيو، ته تنهنجي تقصير نه آهه؛

رهه ربّ جي رضا تي راضي ۽ خوش پيو جيءُ،

نيڪي ۽ بديءَ ۾ تنهنجي تقدير نه آهه.

(125)

ڏس هي عجب اتفاق حيرت بيحد،

هڪجهڙا حساب ۾ ٿيا منجهه ابجد؛

ناز ۽ محبوب، عاشقي ۽ آفت،

بيعقل دراز، فتنه ۽ ڪوتهه قد.

(126)

هر دين ۽ ملڪ تنهنجو ٿيو ۽ هرنام،

تڏهن توکي چون ڇو نه هري ۽ هرنام؛

جڳ رام ٿيو تنهنجو سڀ، اي رحمان رحيم،

دل کي اچي رام رام مان تڏهن آرام.

(127)

شيعي ۽ سنيءَ جا معاملا ٿيا مشهور،

آهين ڪُتن ٻِلن جا جهيڙا مشهور؛

ڪنهن جو نه تعصب رکي ڏاهو ماڻهو،

ٿيو ماس گڏهه جو ڏند ڪتي جا مشهور.

(128)

هي زالون سڄو ڏينهنِ هوا  ٿيون کائين،

مُنهن پنهنجا جهانَ جي اڳيان چمڪائين؛

نڪرن لڪي شام جو، صبح جو موٽن،

خاصيتون سج جون سڀ منجهن ٿيون مائين.

(129)

چيئن ٿو ته مون کي حرص هوسَ ڪو ڪونهي،

سچ آءٌ چوان هڙ ۾ توکي پئسو ڪونهي؛

اڄ ٿيو آهين ڪربلا جو ساڪن ان لاءِ،

جو قبر يزيد جي تي حلوو ڪونهي.

(130)

دنيا ۾ مصيبت به وڏي آهي فراق،

دوزخ کان به وڌ آهي تکي باهه فراق؛

ناهه ڪا چون ٿا موت کان بڇڙي شيء،

والله فراق ثم بالله فراق.

(131)

ڪي دين جي ڏينهن رات هليا واٽِ وٺي،

ڪي شڪ ۽ يقين ۾ ٿيا محوَ مڙئي؛

آواز اُٿيو اوچتو هڪ غيب منجهان،

اي بيخبرو واٽ نه هوُ آهي نه هي.

(132)

پيري جڏهن آئي زندگاني وئي لنگهي،

جڳ چيو ته جواني هئي ديواني وئي لنگهي؛

بس موت جي لاءِ هاڻ تياري گهرجي،

موت آهي حياتي، جي جواني وئي لنگهي.

(133)

گڏ هئاسين ڪَتين وانگِي ڪڻا جيئن منجهه سنگ،

تسبيح جا داڻا، سَرَ جا موتي همرنگ؛

قمست ڪڍيو اوچتو انهي مان ڌاڳو،

ٿيو ڌار ڪڻو ڪڻو، پيو تن ۾ ڀنگ.

(134)

عالم ۾ سخن سهڻو سڀن وٽ رهي پيش،

ري فڪر جي فوج، شاهه آهي درويش؛

ٿيو شعر چڱي جهڙو نه اولاد عزيز،

معنيٰ ڌارينءَ جي مٽ نه ڀانيان سؤ خويش.

(135)

هيءَ عمر جا گذري ساري افراد وئي،

ڇا ياد ڪبس جو شاد يا ناشاد وئي؛

هڻ هاڻ وڃي ٻِه سالي پاڻيءَ ۾ ٽُٻي،

شايد لهين پاڻيءَ ۾ جا برباد وئي.

(136)

درجي ۾ عليءَ جي نه آهي چُون ۽ نه چند،

هو گهر ۾ خدا جي ڄائو، ڏس قدر بلند؛

آهي جنهن لاولد کي گهر ڄاول ڪو،

بيشڪ اُهو اُن کي ڄاڻي ٿو ڄڻ فرزند.

(137)

اسرار الٰهيءَ مان جو هوندو آگاهه،

سو رهندو موالين سان سدائين همراهه؛

ٿئي راز اناالحق جو منجهان ڀَنگ عيان،

هر پن آهي منجهه شڪل لکيل ڄڻ الله.

(138)

جنهن شخص ڪو پير اوليا نه سڃاتو،

هي فصل الٰهي بي بها نه سڃاتو؛

خوش ٿي نه رکيائين دل ۾ اُن جي ڪا حب،

ڄاڻج تون يقين اُن خدا نه سڃاتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org