سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :7

 (134)

جي ڀانئين ته محبوب جي دل گرم ٿئي،

ريجهڻ ۾ نه توسان ان کي ڪو شرم ٿئي؛

ڇڏ زاري، نه ڪر زور، فقط زر موڪل،

زر لوهه تي رک ته پڻ اهو نرم ٿئي.

(135)

ڏاهو سو، جو دير گفتگوءَ ۾ لائي،

بَڪبَڪ جو گهڻي ڪري، خطا سو کائي؛

مجلس ۾ ادا، تون سک ادب حقّي کان،

جيسين نه پڇن اُن کان، نٿو ڳالهائي.

(136)

ٿي تنهنجي نگاهه تيغ ’تيمور‘ جي تيز،

هر پنبڻي ٿي رستم سندو خنجر خونريز؛

ٿيا زلف ڪُلهي تي تنهنجي ’ضحّاڪ‘ جا نانگ،

هر ناز ٿيو تير، ماري جو سؤ ’چنگيز‘.

(137)

ٿي عشق ۾ بدنامي، وڏي منهنجي برات،

ٿيا عشق جا سُور منهنجي لاءِ هڪ سوغات؛

ٿي خضر کان عمر منهنجي پڻ واڌو، جو

مُنهن تنهنجو ۽ زلف، لاءِ منهنجي ڏينهن رات.

(138)

ڪهڙي به شراب جو آءٌ ميخوار ٿيان،

هڪ رات جي نشي پٺيان بيدار ٿيان؛

آءٌ ڇو نه پيان چَپن جِي محبوب جي مَئي،

جو متُور وري ڪڏهن نه هشيار ٿيان.

(139)

خوشدل جي رهين، ته فڪر سڀ ڇڏ لاهي،

باقي جي تون ٿين، ته پؤَ فنا ۾ ڪاهي؛

راحت جي گهرين جڳ ۾ ته ڪر ماٺ ادا،

جو ماٺ نمونو نيستيءَ جو آهي.

(140)

اڄ دهر ۾ گدلو به آءٌ ۽ صاف به آءٌ،

دوزخ به آءٌ، خُلد پڻ ۽ اعراف به آءٌ؛

آءٌ آهيان مرڪّب به عجب ضدن جو،

دريا به ۽ موتي به ۽ صراف به آءٌ.

(141)

ڪيئون فرد  اڳئي تيار منهنجو تنهنجو،

بنايئون کَسي اختيار منهنجو تنهنجو؛

رهه راضي، جو ڪارساز جڳ جو آهي،

هر ڪار ۾ ٿئي ٿو يار منهنجو تنهنجو.

(142)

مون دانهن ٻُڌي ڪانه، پٺيان جنهن جي اثر،

مون شام ڏٺي ڪانه، پٺيان جنهن جي سحر،

ٿا غم جي پٺيان خوشي چون ماڻهو، مگر

هر غم جي پٺيان مون غم ڏٺو ان کان بَتر.

(143)

هر ڪنهن ۾ مروت جي رکيل ٿي همت،

احسان ۽ خير جي ٿي سؤ سؤ صورت؛

مُوڙهن جي هدايت ۽ ضعيفن جي مدد،

تعليم ننڍن جي ۽ وڏن جي خدمت.

(144)

چشمي کي سدائين ٿو اندر مان اچي جوش،

دريا کي جڏهن پهچي، ٿئي ٿو خاموش؛

جيسين آهي شاههُ شاههُ، ٿس تخت ۽ تاج،

درويش ٿئي جڏهن، نمد ٿئيس ٿو پوش.

(145)

گرم اهڙو اثر هي شعر منهنجو ٿو ڪري،

جو جذر آصم جي پڻ زبان ان تي وري؛

سوز اهڙو جو حرفن تي رکو جي آڱر،

کامي وڃي، ڄڻ ته ٿي اِتي باهه ٻري.

(146)

ٿيو نيلام ملا اصل کان خطرهء ايمان،

۽ نيم طبيب پڻ چون خطرهء جان؛

نائب ڪيو عزازيل هِي، هو عزرائيل،

دنيا کي سگهو چِرڪو ٻئي ڪن ويران.

(147)

رهبر به ٿئي علم ۽ رهزن به ٿئي،

جنت به عبادت ڏئي، دوزخ به ڏئي؛

رهزن ٿئي عالِم، نه ٿئي  جو عامل،

عابد ٿئي دوزخي، رِيا سان جو جيئي.

(148)

مڙسن جا جڏهن ڪرڻ لڳي سڀ ڪم زال،

عالِم به ۽ عابد به ٿين جڏهن دجال؛

تڏهن سمجهو ته ظاهر ٿيا قيامت جا نشان،

نائب اهي شيطان جا جڳ ۾ هر حال.

(149) ]صنعت تشبيهه[

قد تنهنجو جي سروَ ٿيو، ته ڪٿ ٿس رفتار!

چَپَ تنهنجا جي مُکري، ته ڪٿي ٿس گفتار!،

ذلفن سان جي ٿيو تنهنجي مشابهه سنبل،

ڦاٿل ڪٿي ڏسجن ٿيون دليون ان ۾ هزار!

(150)

اي تنهنجي طلب ۾ عالم آهي منجهه شور،

مٽ تنهنجي اڳيان ٿيو زورِدار ۽ ڪمزور؛

ڳالهائين ٿو سڀ سان، ڪنَ سڀن جا ٻوڙا،

سڀني جي تون وچ ۾، ۽ سڀن جو اکين ڪور.

(151)

جي ڀانئين ته دلبر رهي راضي تومان،

تيئن چؤ تون ۽ ڪر، حڪم ڪڍي جيئن واتان؛

رت رو جي چوئي ته چئو نه تون ڪهڙي سبب،

ڏي ساهه چوئي جي، چئو نه تون ڇا کئون ڏيان ؟

(152) ]مستزاد[

چيو ڪالهه طبيب کي وڃي مون لاچار- آهيان بيمار.

ڳڻتين ۾ رهان رات سڄي ٿو بيدار- ڪر ڪو ويچار؛

چيئين نبض ڏسي منهنجي اٿئي عشق جو مرض- تو تي ٿيو فرض،

تا تُرت ڪرين، جيڪو هجي تنهنجو يار- تنهن جو ديدار.

(153)

ظالم نه ڏٺم، جو نيٺ مظلوم نه ٿيو،

ايءُ عدل فلڪ جو ڪنهن کي مفهوم نه ٿيو،

پنجهتر ورهه ويا، تڏهن مس مون کي،

معلوم ٿيو ته ڪجهه به معلوم نه ٿيو.

(154) ]صنعت[

منجهه وصف جمال تنهنجي آغاز انجام،

منجهه وصف جلال تنهنجي آغاز انجام؛

مُنڍ ٿي پئي پڇاڙي ۽ پڇاڙي ٿئي مُنڍ،

پر تنهنجي ڪمال کي نه آغاز انجام.

(155) ]صنعت[

هڪَ وئي ٿي مڊم ڇوڪري نالي ميري،

چيو مانس ته، اي مِري هوئيگي ميري؟

سنڌيءَ ۾ چيئين، ڄام سمون تون سردار،

آءٌ گندري آهيان گولي گدلي ميري.

(156)

ڪُوڙي کي ٿي نت گهرجي سفارش جي چِٺي،

پنهنجي سدا تعريف مِٺُوءَ کي مون ڏٺي؛

موتي ٿو سڃاپي پنهنجي تجلي منجهان پاڻ،

شَڪر به ڪڏهن چئي ٿي ته آءٌ آهيان مِٺي !

(157)

منٺار اچي ويهه تون اک کاڻيءَ ۾،

ڪر ديرو اچي دوست تون دل ساڻيءَ ۾،

کان سوز اندر جي ۽ اکين آلين جي،

اڌ باهه ۾ آءٌ آهيان ۽ اڌ پاڻيءَ ۾.

(158)

صحبت ٿي لڳي تنهنجي اي خسرو شيرين،

ڄڻ آهيان بهشت ۾ آءٌ سان  حورالعين،

ٻانهون تون منکي ڪوٺ ته آءٌ ٿي پوان شاهه،

مک پنهنجي تون ڪر من کي ته ٿيان آءٌ شاهين.

(159)

پيو ڏس ۽ نه ڳالهاءِ، اهو رک مذهب،

گهٽ پاڻ کي ٻئي کان ڄاڻ، ايءُ رک مشرب؛

تون پاڻ وسار، خير گهُر خلق جو نت،

پيو ڏي ۽ نه وٺ ڪي به، اهو رک مطلب.

(160)

آءٌ تو کي ڪلام هڪ ٻڌايان جامِعُ،

جي دل سان ڏئي ڌيان ٿين تون سامِعُ؛

ثابت آهي تجربي سان دنيا ۾ هي ڳالهه،

قانع رهي آزاد ۽ بندو طامع.

(161)

مقبول ٿيو، آدم جو ڪيئَين استغفار،

ملعون ٿيو شيطان جو ڪيئَين استڪبار؛

وحدت هئي، حق جڏهن هو ڪَنز مخفي،

ڪثرت ٿي پئي، جڏهين ڪيَئِين استظهار.

(162)

ڪنهن جي به ڪڏهن يار نه ڪر غيبت تون،

شيطان بنا نه ڪنهن تي ڪر لعنت تون؛

جي ڀانئين ته حاصل ڪرين جڳ جي عزت،

ڪهڙي به خسيس کان نه ڪر نفرت تون.

(163)

مَئي نوشي عبادت جو ٿيو هڪ رستو،

جي ساقي ڪوثر کي ڪري ياد پيو؛

مَٽ مَئي جو اُڀامي ٿو جو نو روز جي ڏينهن،

ڄڻ عيد غدير جو پڙهي ٿو خطبو.

(164)

صانع مان ڏسڻ صنعت آهي صنعت،

صنعت مان ڏسڻ صانع، آهي حڪمت،

جيسين نه رهي ٿي تنهنجي معنيٰ تي نظر،

معشوق ٿيو تنهنجو ڄڻ ته ڀِت جي صورت.

(165)

بلعم باعُور ڏِس تڙيو کان غفلت،

’صنُعان‘ ٿيو گمراهه، ڇڏِي تنهن خلوت؛

پورهيو ڪيو ورهن جو به ڪُٽ ’بَرسيسا‘،

جو اُن ڪئي هڪ نظر فقط مان شهوت.

(166)

جڏهن حجّ جو آءٌ ڪريان ارادو ٿو ادا.

مون وٽ ڪري پنڌ ٿو اچي ڪعبو سدا؛

تيئن ايندو بهشت نيٺ مون وٽ پاڻهئي،

جو ’اُزۡ لِفَتۡ الۡجنة‘ فرمايو خدا.

(167)

آهي سڏيو دنيا کي بزرگن پاڇو،

رک ڪا نه طلب اُن جي، ادا ٿي ڏاهو؛

جو اُن جي پٺيان پوي، ڀڄي ٿي اُن کان،

۽ پُٺ ۾ پوي اُن جي، ڀڄي اُن کان جو.

(168)

پُٽ ڄائو منکي پهريون، سڏيم سو ’نادر‘،

ٻيو ڄائو، سڏيم اُن کي خوشيءَ کان ’اختر‘؛

آيو ٽيو ۽ اُن کي ’همايون‘ سڏيم،

چوٿون به، ويو وري، سڏيم سو ’انور‘.

(169)

حق فضل سان پنهنجي پُٽ ڏنو هڪ ’اَفضل‘،

ڪيئَين لطف ڪمال جو ڏنئين ٻيو ’اَڪمل‘؛

ٿيڻي هئي پُٽن جي ٻي رُباعي پوري،

مصرع ٿيو’اَسد‘ پهرين ۽ پوئين ’اَجمل‘.

(170)

مشهور ٿيا آسمان سَت، سَت تارا،

پڻ سَت ٿيون زمينون ۽ ست اقليم ٿيا؛

دوزخ ۽ بهشت سَت ۽ ست هفتي جا ڏينهن،

سَت  پُٽ هئا بابي جا ۽ سَت ٿيا منهنجا !

(171)

ست پُٽ هئا بابي کي، هيون پڻ ٻه ڌِيوُن،

ست پُٽ ٿيا مون کي پڻ، ڌِيون پر ٽي ٿيون؛

هي بُرج ٿيا ٻه ڄڻ ته منهنجي گهر جا،

جيئن بُرج فلڪ جا ٿيا ٻه ٽيڙوُ ۽ ڪتَيون.

(172)

تسبيح زبان تي ۽ دل ۾ گهوڙا،

تسبيح مان اهڙي ڇا اثر ٿيندو ڀلا؛

هوئي وات ۾ جي شراب ۽ دل ۾ خدا،

ڪيئن اهڙو شراب هوئي نه مذهب ۾ روا.

(173)

دم جيڪي هڻن ٿا دوستيءَ جو تولاءِ،

سي ڏيک ٿا ڪن، تن تي نه ويساهه جڳاءِ؛

آهن اهي آرسيءَ ۽ پاڻيءَ وانگي،

جيسين هُو ڏسن توکي، ڏين دل ۾ جاءِ.

(174)

منجهه عشق مُوَحد ٿي، جو حق ٿيو هڪڙو،

هڪ طرفو ٿي رهه، جو آهي قبلو هڪڙو؛

ڇا لاءِ ٿو دل هِن سان ۽ هُن سان لائين،

دل هڪڙي ٿي، دوست پڻ کپي ٿو هڪڙو.

(175)

ڇو حُسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،

دلبر پنهنجو پاڻ سان لِڪو لايو وتين؛

غيرت نه اٿئي، شرم نٿو توکي اچي،

هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين !

(176)

ٿي سَير ڪيُم باغ جو هِت هُت ڀَٽڪي،

دلبر ڏسي مون کي چيو هي ڪهڙي ڄٽَڪي؛

آءٌ ٿُڙ آهيان، گل چمن جا منهنجون ٽاريون،

ڇو ٿڙ ڇڏي ٽارين ۾ پوين ٿو اَٽڪي.

(177)

مُنهن گرچه نه ڏيکارين منکي سال بسال،

ناهي ڪو ذرو تنهنجي محبت کي زوال؛

هر ڪنهن سان ۽ هر هنڌ ۽ هر دم هر حال،

سِڪ تنهنجي اٿم دل ۾ اکين منجهه خيال.

(178)

يارب ! تون مدد ڪر ته دوئيءَ کان آءٌ ڇٽان،

پاڻئون وڃان ۽ پنهنجي خوديءَ کان آءٌ ڇٽان؛

بيخود منکي خود کان پنهنجي هستيءَ ۾ تون ڪر،

تا پنهنجي خودي ۽ بيخوديءَ کان آءٌ ڇٽان.

(179)

توحيد، ٿو جنهن ۾ رهي صوفيءَ سندو سَير،

سا دل جو تَوَجهّ آهي حق ڏي ڪنان غير؛

وحدت جي پکيُن جي ايءَ مِٺي ٿَئي ٻولي،

سمجهي جي سگهين، اهو اٿئي منطق طير.

(180)

ٿيو شان ۾ ذات پاڪ تنهنجي جي نه شَين،

حق تنهنجي ۾ ’ڪَيف‘ چئي نه سگهجي ٿو نه آَين؛

سڀ تنهنجي صفات ذات ڌارا ٿِي غير،

فقط ٿيو ذات تنهنجي سان سڀڪجهه عَين.

(181)

ڳَلُ تو سندو ري نقاب مشڪل ٿيو ڏسڻ،

ديدار به ري حجاب مشڪل ٿيو ڏسڻ؛

سج اُڀري کان پوءِ ڀرو هِنن چشِمن سان،

چشمو سندو آفتاب مشڪل ٿيو ڏسڻ.

(182)

واجب کي وجود نيڪ بَد هڪجهڙو،

واحد کي گهڻو ٿورو عدد هڪجهڙو؛

مالڪ ٿيو پاڻ، ٿيا اڳيان مالڪ جي،

ٻانها سڀيئي، والد ۽ ولد هڪجهڙو.

(183)

قصّا تون وِسار سڀ، سندا جسم جِهات،

ڪر ياد نه تون جماد حَيوان نبات؛

ذات آهي سڀن اندر حقيقت هڪڙي،

هِين ڪثرت وهميءَ جو سبب صاف صفات.

(184)

هڪ ذات ۾ حق جي جزُو  ڪُل، زر ۽ خاڪ،

سڄ چمڪي پليد پاڪ تي جيئن بيباڪ؛

نُور ان جو پليد شيءِ کان ٿئي ڪين پليد،

پاڪي نه سندس ٿئي پاڪ شيءِ کان وڌ پاڪ.

(185)

ڀانئين ٿو ادا تون آهين صاحبِ تحقيق،

۽ صدقَ يقينَ جي کان آهين صديق؛

هر مرتبي موجودَ سندي رک تون سنڀال،

جي حفظ مراتب نه ڪيۡئي ٿئين زنديق.

(186)

ظاهر رهي هر شيءِ ۾ هستيءَ جو حساب،

جي ڀانئين ته سمجهين اُن جو مطلب تون شتاب؛

وڃ، ڦوٽو شراب جي مٿان تَرندو ڏِس،

ڦوٽو ٿيو شراب منجهه ۽ منجهه ڦوٽي شراب.

(187)

بحر آهي وجود هڪڙو وحدت جو نهان،

موجن کان سوا ٿئي نه اُن مان ڪي عيان؛

ٿئي بحر مان موج ۽ لڪل موج ۾ بحر،

ڪثرت اِهي موجون، جي ڏسي سارو جهان.

(188)

اسرار عجيب ڏِس تون عالم ۾ اللهّ،

ظلمات ٿيو تَنُ، آبِ حيات آهي ساهه؛

درياهه مان پيدا ٿيون بي اَنت مڇيون،

گهمسان مڇين جي ۾ لِڪي ويو درياهه.

(189)

چئي فسلسي، عقل جي رکي جو نه خبر،

عالم ٿيّو خيال، جو ڪري دم ۾ گذر؛

عالَم آهي هڪ خيال بيشڪ ليڪن،

دائم اچي اُن اندر حقيقت ٿي نظر.

(190)

هستي، جا نه هڪ شانَ ۾ ڏسجي ٿي ٻه آن،

هر آن ۾ جلوو ٿي ڪري منجهه ٻئي شان،

ٻوڙا تو نه ’ڪُل ُّ يَوم فِي شانِ‘ ٻڌو،

حجّت ٻي وڌيڪ ڪهڙي ٿي کان قرآن.

(191)

سبحان الله عجب خداوند وَدُود،

فضل ۽ ڪرم اُن ۾ جمع ٿيا رحمت جُود؛

هر پل ۾ عدم ڏي ٿو نئي هڪڙو جهان،

ٻيو آڻي عدم مان، ڪري اُن دم موجود.

(192)

آئيني ۾ رهنمُونَ تنهنجي صورت،

بيچون ۽ بيچگونَ تنهنجي صورت؛

هي چيو مون غلط، لطف سان هر آئني ۾،

پيدا ٿئين پاڻ تون نه تنهنجي صورت.

(193)

هستي ڪئي ذات پنهنجي خاوند عزيز،

سڀ شيءِ ۾ هُو، سڀ منجهس به، ڪر تون ڪو تميز؛

عارف جو چيو هي قول سو آهي سچو،

سڀ چيز سمائجي اچي منجهه سڀ چيز.

(194)

عِجز آهي ۽ نيستي اسان مان مطلوب،

اختيار ۽ هستي ٿي اسان کان محجوب؛

صورت ۾ اسان جي ٿيو حق پڌرو پاڻ،

سگهه ڪم جي ٿي ان ڪري اسان سان منسوب.

(195)

جنهن هنڌ وجود آهي ڪيو سَير اي دل !

پڪ ڄاڻ نسورو آهي نِت خير اي دل !

شَرُ پهچي عدم مان، ٿيو عدم غير وجود،

تڏهن شر ٿئي پيدا ٿو منجهان غير اي دل !

(196)

گهنڊ وانگي وڄي پنهنجو ڏيکارين ڇو فن،

ڪر ماٺ تون بڪبڪ کان ادا لحظو کن؛

موتين جو حقيقت سندي دٻلو نه ٿئين،

جيسين نه تون سِپ وانگي سڄو ئي ٿين ڪَن.

(197)

دنيا جون سڀئي شيون ٿيون آئينو،

حق جلوه گر آهي تن ۾ جيئن صوفين چيو؛

يا آئينو حق ۽ صورتون ٿيون سي سڀئي،

ان طرح ٻئي ٿيا آئينو هڪٻئي جو.

(198)

دنيا جون شيون شيشا ٿيا رنگين سڀئي،

هستيءَ سندي سج جي روشني تن تي پئي؛

ڪو شيشو ٿيو ڳاڙهو، پيلو ۽ ڪو نيلو،

سج ڏسجي ٿو هر هڪ ۾ انهي رنگ جو ڀي.

(199)

جڏهن ساهه کڻي بحر، تڏهن اُڀري بخار،

جڏهن گهاٽو ۽ گڏ ٿئي، ڪڪر ٿئي، سو شمار؛

نڪرن جڏهن قطرا اُن مان سڏجي تڏهن مِينهن،

ٿئي مِينهن به نَهر، بَحر آخرڪار.

(200)

هڪڙي جي حساب ۾ نه آهي ڪا حد،

موجود اَحَد سڀ ۾ ٿيّو، هوّ ئي جيڪو عدد؛

سؤ هوّ ئي يا هزار، لک هجي يا هوئي ڪروڙ،

صورت ۾ يا اصل ۾ سندس آهي احد.

(201)

معشوق آهي هڪڙو، رکيا تنهن آڏو،

آئينا هزار، تا ڏسي منهن پنهنجو؛

ڪو  صاف ۽ ڪو ڪَٽيل، وچولو ڪو منجهن،

هر هڪ ۾ اُنهي قدر ٿو ڏسجي چهرو.

(202)

ڪثرت جو غبار دل جي شيشي تان ڪڍڻ،

ڪثرت جي بجاءِ ان ۾ وحدت جو ڏسڻ،

حق هڪ چئِي وات سان مُوَحد نه ٿئين،

توحيد ٿِي هڪ ڏسڻ، نه ٿِي هڪڙو چوڻ.

(203)

غم عَشَق جو، راز دردمندن جو آهه،

خورسند دِلن نه خود پسندن جو آهه؛

ٿو نقش مان نقاش پُروڙي سگهجي،

ايءُ نقش عجيب نقشبندن جو آهي.

(204)

يا رب، ٿو سلوڪ جو ڪريان دل سان سَير،

هادي ٿي تون، هيڏي ڪعبو ۽ هيڏي دَير؛

فاتحه به ۽ خاتمه به تون منهنجو ٻئي،

’فَافتحَ يِا لخَير ربِ وَاختمۡ بِالخَيۡر‘.

(205)

ٿيو اصل احد، صفت سندس ٿي وحدت،

وحدت جا ٻه رخ اَحديت ۽ واحديت؛

ٽي مرتبا، ذات ۽ صفات ۽ اَسما،

مُّطلق، مُجمل، مفصّل آهن البت.

(206)

ٿا عَين بطون ۾ جنهين کي ڪوٺين،

تنهن کي ٿا ظهور ۾ سڀئي غير سڏين؛

ساڳيو اُهو سو نفس اصل رحماني،

هڪ ٻئي جا ٻئي عين، نه ڪر فرق منجهين.

(207)

رب اسم ٿيو هُنن جو ۽ تون مربوب سندس،

هو محب ٿيو تنهنجو ۽ تون محبوب سندس؛

تون پاڻ کي پاڻ جي سڃاڻين اي ”قليچ“!

بيشڪ ٿين دل و جان سان مطلوب سندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

tyle="font-size:17.0pt;font-family:adabi"> تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُهاڻي آهيان؛

مون لَڄ رهائين، جو پَليء لڳيس تانهنجي.

 

(3)

آءٌ ميئي مُهاڻِي، تون سَمو ساري سَرّ جو؛

قرب منهنجو ڪهڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛

کاري سر کنيم ٿي، ڇِڇيءَ کِکيءَ هاڻِي؛

راجا تنهنجي راز سان، ٿيس راڻنِ جي راڻِي؛

تو سَما سِيباڻِي، نه ته هيس بيهودي بڇڙي.

 

(4)

ڪلسا ڪلوري، ڪِنَ ڪالورا ڪينجهرين؛

پيهي وڃي پَن ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري؛

روز تِني کي راوَ ڏنهن، ٿيا چانور آئون چُوري؛

جي هيون اڌو ٻَنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري؛

هيٺ مَٿي تَن ٿي، ڍڪيون سالان سموري؛

واسِيا وتَن ويسَ ۾، هُيَن کُهنبي کَٿُورِي؛

ڇڇيءَ کِکيءَ تارِ جي، سي اَپَر عَطوري؛

ٿِي مُلڪين مشهوري، سَمي جي سُهاڳ جِي.

 

(5)

پيرَ آئون مُنهن نِيرا، پاڻيءَ پوندا جَنِ هئا؛

سي اڄ ٻَڌيو وتن سِرَ تي، چاهه منجهؤن چِيرا؛

ماڻِڪَ موتي مُنهَن تي، هٿ تَنهين هِيرا؛

ڪاتَ سڀيئي ڪِيرا، سُگهَڙَ سَمي ڄامَ جا.

 

(6)

وَهين وَهل لَپيُون، ٿي پيٽَ پاريا تنِ پانهنجا؛

ڏنيون ڏُٿ ڏُپ جون، ٿي جهٻَيرن جَهپيوُن؛

کِکيءَ خاطِر ڌُٻيريون، ڌُٻن منجهه ڌُپيوُن؛

جي کائِن پَٻڻِ پَپيون، سي چُوريءَ تي چَريون ٿيون.

(7)

جي جهاڳيون وتَن جَهاڳَ، ميئون ڪارڻِ قوتَ جي؛

سي اعليٰ درجي آنديون، سَمي جي سُهاڳَ؛

مَنڇر مَها وچ ۾، ڪَن رنگيليون راڳَ؛

هُئا حال جنين جا هِهڙا، تن تي ڀلي ڪيا ڀاڳَ؛

ڪينجهُر ٻن ڪنڌين جِي، ٿي هٿ اُنهن جي واڳَ؛

هِيرا ۽ ياقوت ٻيا، اَڄ اُنهن وٽ اَجهاڳَ؛

ٻيا ڀِي لَکين لاڳَ، تنهن ڏُلين کي ڏيئي ڇڏيا.

 

(8)

بيحد ڀڳوڙيون، هُين ڊولِ نه ڪنهن ڊونڊيون؛

ناپي ڏُٿ آئون ڏُپَ جون، ڪن خرارين کوڙيون؛

ٻُوريءَ ڦرها ڦَريون، اچن ملاحيون موڙيون؛

جوڙون سڀ جوڙيون، ڄامَ تماچيءَ تن جون.

 

(9)

ڊولِ نه ڪنهن ڊونڊيون، پَر هُيون سَمي جي سهاڳَ تي؛

ڪينجهر سنديَ ڪنڌئين، ڪَنَ ٽوريون آئون ٽونڊيون؛

چِڪَ جيهون چونڊيون، ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾.

 

(10)

هُيون لڱين ليڙيون، مُنهن نه موچاريون؛

سي ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون؛

ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏئي، ٻَهڳڻ تَن ٻيڙيون؛

وٺن ماڻِڪ موتئين، تنهن کؤن جهٻِيون ۽ جهيڙيون؛

توڙي اِهڙيون اَويڙيون، ته ڀي سَمي ڄام سُهاٺِيون.

 

(11)

جَن ٿي پالِيا پيٽَ، ڪُمنَ ڪالورَن سان؛

سي تا تيل ڦليلَ سان، ٿيون مَلائِن ميٽَ،

ڄام جواهِر جي ڪري، ٿو اُنهن پارِ اُميٽ،

ڪَئي لاکِيڻي ليٽَ، سَمي مير مُهاڻن ڏي.

 

(12)

هئا وڏا جَن تي ويلَ، ٿي قوت مِلُين ڪين ڪِي؛

خاصين سي خوراڪن تي، تان ڪَن مُهاڻيون ميلَ؛

مِڙي جُھڙي پاڻ ۾، ڪن سيلابين سيلَ؛

پوءِ لاٿا ڄام لُطف سان، زبونِن تَؤن ذيلَ؛

تن سي تيلَ ڦُليلَ، اَڄ عطر گاڏڻَ اوتيا.

 

(13)

جَنهين اَڌوٻنڌِ، هُئي عُمر سَڀائِي اِهڙي؛

سي سَمي جي سهاڳ تي، آيون. ڏاڍي اَنڌِ؛

تنين جي طولان جيون، پيون هاڪان هنڌوهنڌِ؛

ڏُلِيون ڏوليين چَڙهيون، پيرين پَوَن نه پنڌِ؛

سَڀ اَندامين سَنڌِ، جَڙيون جواهِر ۾.

 

(14)

چولِيون جَن چِڪِ هُيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو؛

جُتيون جَڙائُو، پايون وتَن پيرَ ۾.

(15)

نوريءَ نادر ڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛

تنهن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنهن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛

وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏهاڙي اُن کي.

 

(16)

هون مَڪَ هِڪَ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛

تنهن برابر نه ڏيان، توڙي ڏين جال جَوهارُ؛

جو پَلءِ پِيڙو ههڙو، مهاڻِيءَ مَڻيارُ؛

تنهين مَرُ ڪينجهرَ ڀَرِ قرارُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

 

(17)

تارازيءَ جِي توري، مَڪ موتِن تي نه ڏيان؛

ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري نه ٿوري؛

گهوري آءٌ گهوري، جو ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

 

(18)

مَڪَ برابر نه ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻُ؛

سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو.

 

 

نوري

داستان ٻيو

 

(1)

مَٿي جَن مُوڙا، هئا ڄارين گندئين گودڙئين،

بئنسر بئينان زر جا، تن جهاٻا اَئون جُهوڙا؛

جَن ٻانهين ڪُلهين ڪِين هو، تَن چُوڻ تائين چوڙا؛

سمي جي سهاڳ سان، تن ننگن نپوڙا؛

ڪوڙيون ۽ ڪوڙا، سچا سمي سڀ ڪيا.

 

(2)

رنگ ڪاري رُويون، هيون مڙني مَلاحَن جِيون؛

سي کنيون کارَن ۾ اَچن، دَرا ۽ دُويون؛

جِت بيحد بدبُويون، اُت الله عطر اوتيا.

 

(3)

هڪ دَرا ٻي دُوءِ، پيون گوجان مارنِ گانگَٽيون؛

تَن مون کِکيءَ جِي اَچي، برابر  بدبوءِ؛

اچي مُشڪ عطر جي، اَڄ منجهانئن خوشبوءِ؛

رنگ سوني جِيءَ رُوءِ، صورت انهين سُوهڻي.

 

(4)

منهن مِٽِيءَ ميريون هيون، بيهوديون بڇڙيُون؛

گِهڻ گِهڻ نوريءَ گِهنگِرو، ڇمِ ڇمِ ٿيون ڇيريُون؛

سمي پاڻ سهاڳ ڏئِي، هِي جي هُنَ هيريون؛

لوهاڻيون لوريون، پارسَ لڳي سون ٿيون.

 

(5)

پارس لڳي سون ٿيون، لُوهاڻيون لوريون؛

جَهلَ جُهڳن کي ڪانه ڪا، وَريون ۽ ويريون؛

مَحلين رَهن مَير جي، مهاڻيون ميريون؛

سمي ڏنا سُهاڳ کي، سَهجَ ۽ سيريون؛

ڪوجهِن مان سهڻيون ٿيون، جهٽ پَٽ جَهٻيريون؛

تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪِنيون کڻِي.

 

(6)

مُنهن مِٽيءَ ميرا، هئا بيهودا بڇڙا،

سمي جي سهاڳ تي، ٿيا گاندَر گُنيرا؛

ڏسو ڏهاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛

ساجُهر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان.

 

 

 

(7)

تَرڪو جَن تَريون، ٻيا ڪونئر ڪُڙهيون ڪَڇ ۾؛

تَن اَڄ لَڙهان لَڙڪن موتئين، ٻيون سنديون سون سريون؛

زيور اَئون پازيب ٻئا، زريبان زريون؛

ڪينجهر ٻئي ڀريون اُنهن کي انعام ٿيون.

 

(8)

جَنين دُوءِ دَرا، ڪَڇين ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون؛

سي مٿي پيرين بَرهنه، هئا گانَدرَ سَڀُ گَرا؛

اُهي پاهان پاڻ ڀَرا، ٿيا سَمي جي سُهاڳ سان.

 

(9)

جي ڪونئر ڀَرن ڪُمّ َ، تن ناتو ناپي سان هئو؛

تَرِن جا تن تار ۾، ٿي رَوان ڪِيا رُمّ؛

پوءِ اچي تماچِيءَ ڄام جي، پئي در تنين جي ڌُمّ؛

جي هئا گو شائت گُمّ، سي پَلءِ لڳي پَڌرا ٿيا.

 

(10)

بِههَ ڏوڏا جَن ڏاجُ، قوت جنين ڪُمَ ڪوڻيون؛

انهن جو اَحتياج، ٿو تماچي ڪيڏو ڪڍي.

 

(11)

نه ڪنهن رُوء نه رنگ، هئا بيهوا بُڇڙا؛

اڄ پڻ انهن جي ٿيا پيرن هيٺ پَلنگ

مِياڻيون معافي ٿيون، نه اَبوابَ نه اَنگَ؛

پَٽُ اوڍين اَڙٻنگ، سي سَمي جي سُهاڳ تي.

 

(12)

پوءِ ڪِيُون لَسَ پَلا، ٿي مُهاڻن ماريا؛

لَکَ هزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تن کَلا؛

ڪُڙهِيون جن ڪَنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳ ڀَلا؛

دمڙي تَن نه دَستَ ۾، هَئا ٺهريَل ڪين ٺَلا؛

اَڄ مَيئن جي گهر مالَ جا، ٿيا ٿَمّ ٿَلا؛

پَر هُيڙي اکڙين ۾، ڪا جا مِييَ ڪَلا؛

ڪينجُهر گُهمن لاڏڪِيون، ڪَيون رسَ رَلا؛

اَگلا جي سَگلا، سَمي نانوَ سُڃاڻبا.

 

(13)

حَريران ۽ حُلا ڏنا ڄام ته ڄارِنِ وارئين؛

جي هيون اَڌوٻنڌن ۾، تَن چوٽِيون چُوڪُلا؛

ڪينجُهر سَنديءَ جاءِ تي، تن بنايا بَنگلا؛

اَگلا جي سگلا، تا سَمي نانو سُڃاڻبا.

 

(14)

ڪينجُهر سنديءَ ڪَنڌئين، رهن ڀريون جي ڀَڀُور؛

تن ميئن مٿي آئيا، سالو ۽ سالُور؛

چڙهيو سا چَؤڏول ۾، ٿي حُڪم هلائي حُور؛

راتو ڏينهان راءَ جا، ٿيا مَلاحين مَذڪور؛

سي حاضر منجهه حضور، وهن تماچِيءَ ڄامَ جي.

 

(15)

تون سَمو سرتاجُ، آءٌ ميئي مُهاڻي آهيان؛

لاٿُئي پنهنجي لُطفَ سان، اسان کؤن اَحتياجُ؛

ڪينجهر سارو تو ڪَيو، مون ميَي سندو محتاجُ؛

تنهنجو مون ڏنهن راج، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.

 

(16)

لانگوٽيون لاشون هيون وَهَه وَهَلَ جي وچ ۾؛

سي پَلءِ لڳي پوءِ ڄامَ جي، ٿيون خوراڪين خاشيون؛

لَعلَن ياقوتن جون، وَٽن ڪِينهن ڪَماشيون؛

جن پاسا هِريل پَنِ تي، تَن فرشين فَراشون؛

تا ڀِي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشون؛

روءِ هيون راشون، پَر سمي ڄام سُهاڻيون.

 

(17)

هئا خامَ خسِيسَ، ڪينجهُر سنديءَ ڪَنڌئين،

سي مورائو مَڇيءَ جا، هَمہ ڪُلّ حَريصَ،

تڏيون تنؤريون تن کي، پاٿاريون سڀ پِيسَ؛

جڏهن ٿِي تماچيءَ جِي، ميئَن سان مجليسَ؛

سي سون رُپي سرسا ٿيا، لٿن هڪٻئي جي هيسَ؛

واتين ڪري ٿو اُن جِي، هر هر ڄامُ حديثَ؛

مهر آئون شفقت جي، ڏئي اُنهن کي آسِيسَ؛

تَن سان ڪير ڪَريندو ريسَ، جي سَمي ڄام سُهاڻيون.

 

 

(18)

جن واتين وَهُه وهَلَ، بانس آئِي ٿي بُڇڙي؛

تَن ويهاري وَٽِ ۾، ڪيا شاهه شُغل؛

اُهي چڙهيا پالڪئين، آهي سَڀ سَهَل؛

جتي جَهٻيرن جهوپڙيون، ٿيا ماڙيون تِتِ مَحَل؛

سمو ڄامُ اَنگَلَ، اَچيو اُنهن سان ڪَري.

 

(19)

ڇڇيءَ جِي هُئي ڇَٽَ، ٿي آئِي عام خلقَ کي؛

وَهِه وڃائي وَهَه ۾، ميئي مڃائي نه مَٽ؛

نورِي ڄام تماچيءَ سان، کِلي چڙهِي هُئي کَٽَ؛

سرلاڄو سَرپَٽ، مَلاحِڻ مَشرو ڍڪيا.

 

(20)

جنِين ڦاٽوڙيون هيون، گنديون گودڙيُون؛

تَن ڀيريون بافتن جيُون، جُنگ ڏئِي جوڙيُون؛

اُڇيلو اُنهن ڏي وجهي، سون رُپو روڙيُون؛

پانوَ پاسي ميي جي، قَناتان کوڙيُون؛

گهوڙا ۽ گهوڙيون، ٿو ويٺو ڏيهاڙيُون ڏئي.

 

نوري

داستان ٽيون

 

(1)

نوريءَ ڪيو نازُ، ٿِي ريجهائي راوَ کي؛

نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيو اُنهن جو ڪري.

 

(2)

تون تماچي ڄامُ، آءٌ مِيئي مُهاڻِي آهيان؛

ڏنو تو آرامُ،  ڪينجهر ٻِن ڪنڌيُن کي.

 

(3)

تنؤَ جي طنَابَ، اڄ ڪُتي ڪينجهر ڪنڌئين؛

ناد وڄن ٿا نادِري، ٻيا ڀِي رودَ رَبابَ؛

جِتي کِکيءَ کوڙَ هئا، قيماتِت ڪبابَ؛

وَتن مُهاڻا مستَ ٿيا، ماڇي بي مهابَ؛

تَن تَؤن سڀ حسابَ، مورائِين معاف ٿيا.

 

 

(4)

پَلَئه مون پاتوءِ، تون راجا لَڄَ رَهائيين؛

سَما سُڃاتوءِ، ڪاملَ پنهنجي قُرب کي.

 

(5)

ڏُٿُ جَنين ڏوڏا، پَهرڻ پاٻوڙا تَنين؛

پيٺا وَڃن تن جا، گَپَ اندر گوڏا؛

سو پَٽَن جي پِينگهُن ۾، تن لالُ ڏئي لوڏا؛

اُهي آڻيون اوڏا، ٿو وير  وهاري وَٽ ۾.

 

(6)

ڪوجهيون رنگ ڪاريون، منهن نه موچاريون اُهي؛

سي ڪڍيو ڪالورن جِيون، سر کَڻَن کاريون؛

ڪيئي کڻي اُن جيون، ٿو تماچي آريون؛

سي اَڄ شالون ڍڪِن سِرَ تي، ڪُلهين ڪِيناريون؛

زور ڇڏي زاريون، ٿو تماچي تَنِ کي ڪري.

 

(7)

لاڏ ڪيون لاڏ لُڏَن، ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين؛

ڪاريون ٿِيون ڪُڏَن، سَمي جي سهاڳ تي.

 

(8)

ڏُلين کي ڏولئين، ڄام تماچيءَ چاڙهيو؛

لَعلان زمردَ تَن ڏئي، ٿو جواهِر جهولئين؛

زريءَ ڪَلاباتَ جا، تَن چِڪَم تي چولئين؛

ڇڻڪائي ڇولئين، هيرا لَکان لَکنئين.

 

(9)

هئا لانگوٽِيا لُول، ڪوجها ڪنهين نه ڪَم جا؛

تَڏي مَڏي ڪانَ تَن، سي ڪَن جَهروڪين جُهولَ،

فَرشَ فُروشَ اَئون غاليچا، ٿو ڏئي تَنين کي طُولَ؛

مَڏيون مال ڏسي اُهي، غمزا هڻن غُولَ؛

قَدرُ تَن کي ڪهڙو ، جي آهن اولَجَلُولَ؛

پيا اِهڙي منجهه اَلولَ، تِن ڄاريون ڄار وسايا.

 

(10)

ڪؤنئر جَن ڪُڙهيون، هُيون هميشه هٿ ۾؛

سي لوڙهن جي لَڙهه لءِ، ٿي لُڙئي منجهه لُڙهيون؛

جُهڳن جَهل نه اُن جي، ڪونتلَن ڪُڙهيون؛

ڪي وَتَن ڇيڪ ڇُڙهيون، ڪي تازي طَويلن ۾.

 

(11)

هُيون لَسَ لانگوٽيون، پاڻيءَ پوندي جن جيُون؛

تَن مِياڻيون معافِي ٿيون، ٻِي ڇَر سَڀا ڇوٽيُون،

اُن جون کڻي ڪيتريون، ڄام سَمو ٽوٽيُون؛

جوِ ميئون ريجهائي راوَ کي،

ماڻن سان موٽيون؛

کَريون جي کوٽيون، ته ڀِي پيون پلئه ڄامَ جي.

 

 

(12)

ٿي پُڻ هُوءِ هُپيون، پورهيو ڪَندي پَن ۾؛

لَيڙَ نه جن لِڱن تي ٻاهين ڪنَين ٻُٽيون؛

پَلئه لڳِي پوءِ ڄامَ جي، ڇِيهن کانءُ ڇُٽيون؛

اُنهن لانگوٽِن ِ لُٽيون، ٿي مُهران لَعلان لاڏَ سين.

 

(13)

بيهودا بي آب هئا، اڳي ڪينجُهرَ ڪنڌئين؛

پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنهن جا جوڙَ جوابَ؛

ٻِيا سَڀ حرفَ حسابَ، مَلاحَن معافِي ٿيا.

 

(14)

پيرين اُگهاڙي جي گُهميون، تن لڳيون سَوّ سُتيون؛

ساڻ جڙاوَ جُتيون، ٿي ڏنيون تماچيءَ تن کي.

 

(15)

مُهاڻيءَ مَرڪُ، جان تماچي طُريلُ ٿيو؛

مَٿي ميَي گلابَ جو، ٿو اوتَي پاڻ عرقُ؛

ڪيائين ڪونه فَرَقُ، پاڻُ گڏيائين گاندرين.

 

(16)

جَن ِ مَون بُڇڙي باسَ، آئِي ٿي عامَ کي؛

تن سان سَمي ڄامَ جا، ٿيا ايڏائي اِخلاصَ؛

ٿي عامَ نه ڏٺو جن ڏي، سي ٿيا خاصاً خاصُ؛

عطر عَنبير ڪچور جا، اُهي وَڳين ڏَين واسَ؛

لَکين ڪن لباسَ، زريءَ اَئون زَربافَ جا.

 

(17)

تون سمو سُلطان، آءٌ  ميئي مهاڻي آهيان؛

تون مون ڏنُهن مِهربانُ، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.

 

(18)

ڪَڍيو ڪالوڙا، ٿي آندئون اَڌوٻَنڌ ۾؛

جن پيرين لِتَر ڪونه هو، سي ڪن جڙائو جوڙا؛

تن مُهران سون سَمو ڏئي، ٻيا رُپي جا روڙا؛

ڏينهن ۾ ڏوڙا، ٿئا سَمي جي سُهاڳَ سان.

 

(19)

ٿِي لانگوٽِين لوڙ، پِيو ڍويو ساريءَ ڍَنڍَ ۾؛

ناپي ۽ ڏُٿ ڏَپَ جا، آڻيو ڪَنِ اَروڙَ؛

تتي مُشڪ عطر ٿيا، هئا جِتِ کِکيءَ جا کوڙَ؛

سي ڪن ڪِينارئين ڪپڙا، ٻيا جواهِرَ جوڙ؛

مَٿي ٻَنڌي موڙ، گِھڙيو تماچِي تَن ۾.

 

 

 

نوري

داستان چوٿون

 

(1)

مَڪَ برابر نه ڏيان، توڙي ڀَرين موتئين ماڻِ؛

جو مون ڪميڻيءَ ڪاڻ، ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.

 

(2)

ڄامَ کنيو ڄارو، مُرڪي مَلاحن جو؛

تيلهان مَڪَ مٿي موتِن جي، ڏيان ٽِيڻو تُرارو؛

سڀ ڪينجهُر ڪنارو، مُهاڻن معافي ٿيو.

 

(3)

موتي مٿي مَڪَ جي، وٺان نه ٻِيڻا؛

ڀِي برابر نه ڪريان، جي ٻيڻا ڪِي ٽِيڻا؛

اَسين تا هِيڻا، پَر ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

 

(4)

مَڪَ موتين تي نه ڏيان، توڙي هُئن ڀاتون ڀاتِ؛

ڪوجهِي مان ڪَم ذات، پَر ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.

 

(5)

هئا ٽولاڪين ٽوٽَ، پر نادر ڄام نوازيا؛

جَن ناپا لوڙهه ڪَلور ٻيا، ٿي ڦَڪيائون ڦوٽَ؛

سي اڄ کِيا وَتَن خمارَ ۾؛ اَٺئِي پَهَر اَلوٽَ؛

ڪِينجهُر ٻِن ڪنڌيُن ۾، ٿيا لانگوٽيا لَک لوٽَ؛

پِينگهين اَئون سُک آسَڻين، ڪَن جَهٻيرا جُهوٽَ؛

هِڪُ ڪُلهين ڪونئر سئيل ڪَن، ٻيا منهن لائِن منهن سُوٽ؛

ڇِڇيءَ هاڻن ڇوٽَ، ڪيون مَرد مِياڻيون.

 

(6)

جن ٿي ڦَڪيا ڦُٽ، ٿيا ڪُلين قيمَن هيروان؛

اَڄ تَن دُشالا سِرَ تي، ٻيون شالون ٻنڌَن ٻُٽَ؛

زمرد اَئون ياقوت جِي، ٿي لَعلين هيرين لُٽَ؛

سَمي سڀ معافِي ڪئِي، تَن ساٽِن تان سَٽ ڪُٽ؛

لَٿا ذِيل اُنهن تَون، ٻي ڪُلّيِ ٿِين ڇَر ڇُٽَ؛

عيبَ ڏسِي عامَن جا، ڪيائين ڪان اُپَٽَ؛

اُنهن ڄامُ اکُٽَ، موتي ماڻِڪ ٿو ڏئي.

 

(7)

هيٺ مٿي پوتِي، هئي ماڳين مهاڻِن ِ کي؛

پاڻيءَ پوندي تَن هُئي، چِڪَ جيهِي چوتِي؛

اَڄ گاندر سِر گلابَ جي، ٻي عطر عنبر اوتِي؛

مُنهن لَڳُس موتِي، تان جهولي ٿِي جواهِرَ ۾.

 

(8)

ڄارو ڄام کڻي، ٿو مُرڪيو مَلاحن جو؛

زريءَ اَئون زرباد لَئي، ٿِي ڇُڳير ڇڻَي؛

سَهجَون سون رُپا ڏِئي، ماڻِڪَ مِيي مَڻي؛

خِيما خوب قناتان، هيجَون تِت هَڻي؛

ڳاڻاٽي نه ڳڻي، ڏي جالَ جواهرَ تَنِ کي.

 

(9)

تماچِي طُرا، ٿو سڏيون ٻڌائي اُن کي؛

سي شوق وَتَن شِڪار تي، کنيون زور زُرا؛

ڪُڏائِينِ ڪُرا سي ٻنهي ڪِينجهر ڪَنڌئين.

 

(10)

راتو ڏينهان ڏِٻ ِ، هو مَرَڪُ مَلاحن جو،

ٿي ٻوڙيون وَهَه وَهل ۾، ڪئِي جَهٻيرن جهِٻَ؛

هو روز جَنين جي رٻَ، سي اَڄ ڪُلين حلون هيروان.

 

(11)

مُهاڻِيءَ جي من ۾، نه هو گِيرَبُ گاءُ؛

نيڻن سان نازَ ڪري، ريجهايائين راءُ؛

سَمو سَڀنِي کانءُ، وٺي وَيٺي پاڻ سان.

پَلئي لڳي آهيان، آهيان اَياڻي،

سمي سُڃَاڻِي، ڄارو ڄارو ڪُلي کنيو.

 

(13)

هُئِي ويٺي بازر وچ ۾، هُئا هٿ کِکِيءَ هاڻَس؛

درَن ڪاڻ دُٻَن ۾، ٿي ڀَنَ وِڌا ڀاڻَسِ؛

هُئي مُهاڻِي ماڻَسِ، پر هِن سان ڪَرم ڪَريم ڪيو.

 

(14)

ٻيون ڀِي چار چُري هَليون، ٻُڌي دعوا دانايُون:

”هلي ته کِکيءِ کوڙ سان، ڳَچ ڪِي ڳالهايُون؛

مضمون ڇا هي مَلاح جو، جنهن سان راءُ کڻي رايُون!“

نوريءَ اَڳِيون نازَ مون، جڏهن چِٽِ اکيون چايُون؛

تڏهِن سُهمجي سايون، ٻولينديون ٻاتِيون ٿيُون.

 

(15)

لَٿو لانگوٽين جي، پَکي ڄامُ ڄُلِي؛

مَنهِن مَنَهِن پيون مَسندان جُهڳي پاس جُهلِي؛

ماڻِڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇولِ ڇُلِي؛

ڪِينجهُر سڀ ڪُلِي، ڄَڻ اَصليءَ کَؤن اَهڙو هئو.

 

(16)

فارغ ٿِيَن نه فِراقَ کَون، ويجها ڪين وصالَ؛

گُم ٿِيَڻ کَؤن گم ٿِيا، نِڪا سُرت سَنڀال؛

اتي قِيل نه قال، ”سچو“ صُمّ بُڪُمُ ٿيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

        !"#$%&'()*+,-./0123456789:;<=>?@ABCDEFGHIJKLMNOPQRSTUVWXYZ[\]^_`abcdefghijklmnopqrstuvwxyz{|}~????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????????      !"#$%&'()*+,-./0123456789:;<=>?@ABCDEFGHIJKLMNOPQRSTUVWXYZ[\]^_`abcdefghijklmnopqrstuvwxyz{|}~?