سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :8

 (208)

پردي ۾ بگهڙ نفس جي سان آهيون يارَ،

۽ شينهن جان ڦاڙيون ڏاريون سان شوق شڪارَ؛

جڏهن نيٺ ڪَمن جي مٿان پردو کڄندو،

ظاهر ٿئي هُئا ڪهڙا اسان جا ڪَم ڪارَ.

(209)

آءٌ مست محبّت جو، منکي ڏيو نه شراب،

آتش ۾ وجهو مون کي، ڏيو مون کي نه آب؛

جو شڪوو ڪريانِ يا جي ڏيان ڪوئي عتاب،

ٿيو منهنجو خطاب اُن سان، نه ڏيو مون کي جواب.

(210)

جڏهن عشق جي غم سان سازڪار آهي دل،

تڏهن گهوڙي تي سَڌَ جي ڄڻ سوار آهي دل؛

جي دل نه هجي ته بيوطن هوئي نِت عشق،

جي عشق نه هّوئي ته پوءِ نِڪار آهي دل.

(211)

جي سروَ ٿيو قد تنهنجو، ڪِٿ انهي کي رفتار،

جي مُکري ٿيو چپ تنهنجو، ڪِٿ انهي کي گفتار؛

جي زلف سان تَنهنجي ٿيو مشابهه سنبل،

ڪِٿ اُن ۾ پريشان دليون قيد هزار.

(212)

اڄ اوچتو منهنجو يار آيو مون ڏي،

ايندي سان ڏنئين چميون اکين منهنجن تي؛

هُن منهنجون اکيون اچي انهي لاءِ چميون،

جو هُن ڏٺو منهن پنهنجو اکين ۾ منهنجي.

(213)

معشوق جڏهن ناز ڪري درد انگيز،

عاشق ڀلا درد کان ڪري ڪيئن پرهيز؛

ڪَنَ ان جي ۾ خَلق جي نصيحت آهي واءُ،

پر واءُ سو، جو باهه ڪري اُن جي تيز.

(214)

هر وقت منکي فلڪ ستائي ڇو ٿو،

ٿو ڇو نه هنن ٻن مان ڪري ڪم هڪڙو؛

همّت ڪري منهنجي منهنجي هٿ جان ڇوٽي،

يا هٿ ڪري منهنجو منهنجي همّت کان وڏو.

(215)

سبز آبِ جيڪي ٿا فرحناڪ ٿِيَن،

سبز اسبَ تي راڪب سندي افلاڪ ٿين؛

سبزي تي پين سبز خطن سان سبزو،

جيسين  ڪ سي سبزي جان اندر خاڪ ٿين.

(216)

دنيا ۾ پين ٿا ڪي زُمّرد گهوٽيل،

ياقوت ڳريل پين ڪي، نيلم ڪي ڳڙيل؛

آَلوُّدگي آهي هڪ نه ٻئي رنگ جي ايءَ،

هيري جان رهن نه پاڻي پي صاف ڇڻيل.

(217)

اي شاهه، هجي تنهنجو وڏو شل اقبال،

ٿيا راڄ ۾ تنهنجي ماڻهو سڀ خوش ۽ نهال؛

ٿيا ڏينهن تنهنجا عيد، تڏهن روزو حرام،

ٿيو ملڪ تنهنجو بهشت، مَئي تڏهن حلال.

(218)

ماڙيءَ تي ڏٺو ٿي عيد جو چنڊ سڄڻ،

جڳ جو لٿو سڄ، منهنجو لڳو تڏهن اڀرڻ؛

ان کي ڏسي سڀني چيو سبحان الله،

سڄ آهي اِجهو مٿي چڙهيو چنڊ ڏسڻ.

(219)

ڀانيم ٿي ته سُّور عشق جو پِي سگهبو،

ڄاتم ٿي ته ڌار يار کان ٿِي سگهبو؛

جي عشق ٿيو هي ته ڪيئن کڻي سگهبو بار،

جي يار ٿيو هي ته ڌار ڪيئن جِي سگهبو.

(220)

دنيا ۾ جَٽا نه هڪڙي دَم جو ٿو ڏسان،

هڪ سُک ۾ سندس هزار غم جو ٿو ڏسان؛

هڪ جهوني سَراء آهي، جنهن مان نڪتل،

هر طرف کان هڪ رستو عَدم جو ٿو ڏسان.

(221)

گلُ شاخ مان ٿي ڇڻيو، عجب درد ٿيُس،

چَيئين روئي صبا کي، ڇا چمن ۾ آءٌ رهيُس؛

ڏس عمر ٿي بي بقا، جو ٽن ڏينهن ۾،

مکري ٿُيس ۽ ٽڙيس، ڪُومايُس ۽ ڇڻيُس.

(222)

تون حرص هَوسَ جو عشق ۾ ساز نه ڪر،

خود بيني ۽ خود فروشي آغاز نه ڪر؛

جي تنهنجي مراد ٿي نه پوري، نه پُڪار،

آئين تون نياز لاءِ هت، ناز نه ڪر.

(223)

هِن وقت جِي آهي خوشي ۽ غم معلوم

هِن ملڪ جو خيال قول ۽ ڪم معلوم؛

انسان جو حَيوان کان جت قدر ٿيو ڪم،

آدم معلوم غير آدم معلوم.

(224)

تون واڳ ادا نفس مُّهوَسّ کي نه ڏي،

ايذا نه ڪنهين به خار ۽ خس کي نه ڏي؛

جي ڀانئين ته جڳ ۾ پائين سُک ۽ عزّت،

بيڪس کان نه وٺ ڪِي به ۽ ناڪس کي نه ڏي.

(225)

ٿَم خوف جلائي نه منکي تنهنجو جمال،

حاصل نه ٿئي منکي ڪڏهن تنهنجو وصال؛

جيئرو منکي گرچ خيال ٿو تنهنجو رکي،

ڊپ ٿَم اهو، ماري منکي پڻ تنهنجو خيال.

(226)

آءٌ مون ڏي، ٿي ويجهو پنهنجي آئيني جي،

گنج آهين تون، اندر آءٌ گنجيني جي؛

توکي نه ڏسي اکين جي رستي تا ڪو،

آءٌ دل ۾ لنگهي دريءَ منجهان سيني جي.

(227)

ڇو عقُل سان واٽ عشق جي تي ٿو هلين،

ڇو سڄ تون ڏِئي سان ڳولي بيعقل بنين؛

ٿين عيش پرست ڪيئن سڏائين عاشق،

ٿيو توکي زڪام ڪيئن کٿُوري ٿو سُنگهين.

(228)

رت ناز جي تير سان تون هارين جيڪو،

ڌرتيءَ  تي پئي شُڪر لکي تنهنجو ٿو؛

۽ جيڪو لڳي ترار تنهنجي کي ٿو رت‏،

هٿ تنهنجي تي لفظ ٿو لکي شابس جو.

(229)

جنهن وقت کان تنهنجي لب جي ٿي مون کي طلب،

يا ربَ چئي فرياد ڪريان روز ۽ شب؛

فرياد کان منهنجي ٿئي فلڪ بي آرام،

يا رب ٻڌي منهنجي چئي ٻيو ”يا رب يارب.“

(230)

سچ عقل سان دنيا ۾ ٿو انسان رهي،

پر مڪر فريب سان نه اُن جي ٿو پڄي؛

هدُ هدُ ڏسي پاڻي پيٽ ۾ ڌرتيءَ جي،

پر دام ڏسي ڪِين سگهي ڌرتيءَ تي.

(231)

مون گل کان پڇيو، ڪڪر کِلي روئي ڇو،

وڄ سان ٿو کِلي ۽ مينهن سان روئي ٿو؛

گل چيو، کِلي اميد ڊگهيءَ تنهنجي تي،

۽ عمر ننڍيءَ منهنجي تي ٿو روئي اهو.

(232)

غم تنهنجي کان ڪيسين رت روئي مون سندي دل،

بيجان ٿئي نيٺ، آهي انسان جي دل؛

ڪر رحم، جو اُڀ منجهان وسي ڪين ٿي جانِ،

ڪر قياس، جو ڌرتيءَ مان ڄمي ڪين ٿي دل.

(233)

آءٌ تنهنجي خوشيءَ ۾ خوش، تون منهنجي رنج ۾،

آءٌ کيسو رکان خالي، تون راضي گنج ۾؛

آءٌ هنج ۾ وَسايان پنهنجي پيو رت جون هنجون،

تو لاءِ، ۽ تون ويهين ٻين جي هنج ۾.

(234)

اي عشق ڪُٺو تو خاص ۽ عاميءَ کي،

سَودا ڪيو تنهنجي گُم نڪو ناميءَ کي؛

آندو ڪڍي ذوق شوق تنهنجي ٻاهر،

خلوت منجهان بايزيد بُسطاميءَ کي.

(235)

مجبور ڪيو عشق رومي ۽ جاميءَ کي،

معذور ڪيو عشق ڪوفي ۽ شاميءَ کي؛

بَهلُول ۽ تبريزي ڪيائين مجذوب،

ڪافر ڪيئين منصور ۽ بُسطاميءَ کي.

(236)

جنهن دوست جي ديدار کان وهسن ٿيون اکيون،

ديدار ري روڄ کان نه بس ڪن ٿيون اکيون؛

اُن جي ئي ڏسڻ لاءِ اکيون ٿيون گهرجن،

اُن کي نه ڏسن جي ته نه گهرجن ٿيون اکيون.

(237)

زاهد کي سدائين ڳاري سنسار جو غم،

مون کي ٿو سدائين ڳاري دلدار جو غم؛

شڪ ناهي ته نيٺ اسان ٻنهي کي ماري،

سنسار جو غم هُن کي، منکي يار جو غم.

(238)

هڪ شاهه سندو عدل ۽ انصاف ٻڌو،

شادي نه ڪرڻ گهريئين، گذاريائين ڇڙهو؛

چيئين ٿي ته رعيّت جون ڌيون منهنجون ڌيون،

ڌيءَ ساڻ نڪاح شرح ۾ ڪير ڪندو !

(239)

وڻ جهونا ڪِرن جڏهن، ڦُٽن ٿا ٻيا نوان،

پن وڻ جا ڇڻن جڏهن ته نڪرن ٿا نوان؛

غم ڪهڙو، حياتيءَ جو جي بدليو جامو،

دل خوش ٿئي ٿا ڪجن جڏهن ڪپڙا نوان.

(240)

چيومانس ته هَٻڪي تنهنجو گفتو نڪري،

آهي مِٺو پر ڀڄي ڀُري ڇو نڪري؟

چيائين ته ٿيو وات منهنجو ننڍڙو ان مان،

جي ڪين ڀڃان ته ڪيئن ڀلا ٿو نڪري.

(241)

ڏس رت جون هَنجون منهنجون وهائن ٿيون اکيون،

پنبڻين تي ڦُڙا لال جهليو بيهن ٿيون،

ناهن هَنجون، غم ۾ رت ٿي پئي منهنجي دل،

جهاتيون وجهي جو اکيون انهي جون ٿيون دريون.

(242)

اي دل تون نه ويهه ڀاڙي هن دنيا تي،

مر تنهنجي خوشيءَ جو باغ نِت سائو هوّئي؛

تون رهه انهي ساوَڪ جي مٿان ماڪَ مثال،

جا رات جو ويهي ۽ صبح جو ٿي اُٿي.

(243) ]در ياد انور[

گرچ آهي بهار، غم کان آهيان آءٌ هلاڪ،

نمناڪ اکيون، جگر ڦَٽيل، دل غمناڪ،

ڏِس سڀني گلن مٿو ڪڍيو خاڪ منجهان،

گل منهنجي مگر هيٺ مٿو نيو منجهه خاڪ.

(244)

جي ڀانئين ته تنهنجو هت وڏو ٿئي مقدار،

هرگز نه ڪنهين کي تون رسائج آزار؛

ڊڄ موت کان ڪين، غم نه تون رزق جو کاءٌ،

ٻئي وقت تي پنهنجي توکي ملندا اي يار.

(245)

ٿانءُ ڪارو بجيل جو، اَڇي ديگ ٿئي،

پاڻيءَ جو نه باهه جو، ڏِسن منهن سي ڪٿي؛

برسات بنا ڪڏهن نه ڌوپي ٿو هوُ،

گرميءَ بنا سڄ جي هِي ڪڏهن ڪين تپي.

(446)

ٿيو بسترو منهنجو تنهنجي در تي اڄ رات،

سو باهه سان دل جي پڻ سڙي ويو اڄ رات؛

ڏئي جانِ ڇُٽس فراق جي محنت کان،

راتين کان ٻين، ٿيسُّ سڀاڳو اڄ رات.

(247)

ڪعبي ۾ ويهي جي دل تون لاڙين ڏنهن غَير،

حج تنهنجو ٿي بُت پرستي ۽ ڪعبو دَير؛

پر جي ويهي بتخاني ۾ حق کي ڪرين ياد،

پڪ ڄاڻ ته عاقبت ٿي تنهنجي بالخير.

(248)

سلطان جي دل مُلڪَ ۽ گنجيني ۾،

درويش جو خيال دَلق پشميني ۾؛

عاشق رهي خوش ٿو داغ ديريني ۾،

آءٌ ڄاڻان ٿو ڇاهي منهنجي هن سيني ۾.

(249)

آءٌ رات ويُس سڄڻ ڏي ڊڄندي ڊڄندي،

سڀ غذر ٻُڌي مِهر ڪيائين مون تي؛

ڪيَئين معاف منکي ۽ پوءِ وٺي هٿ منهنجا،

مُرڪي مُرڪي وڌئين ڳچيءَ ۾ پنهنجي.

(250)

تون اصل کان ياالاهي آهين غفّار،

اِن ڏڍ جي ڪري گناهه ٿيا مون کان اپار؛

آءٌ ڏوهي وڏو، جو تون ڪريم آهين وڏو،

۽ بخشش ٿوريءَ کان اچي توکي عار.

(251)

ڀانيان ته جماعت جو هجان پيش نماز،

حق ڄاڻي ٿو، نا اٿم ريا فخر نه ناز؛

فقّط هي وڻي ته هّو ئي عبادت جي وقت،

پُٺ خلق ڏي، مُنهن خدا ڏي ۽ دل ۾ نياز.

(252)

خوش رهه تون هِتي پاڻ ۽ پڻ ساڻ ٻين،

ڪر رنج نه ڪنهن کي، تا گهڻا توتي مڙن؛

رهه اهڙو تون، جو جڏهن مرين تون، تون ڇُٽين،

رهه اهڙو نه جو جڏهن مرين تون هو ڇُٽن.

(253)

ٿي مال جي دل اندر محّبت ماري،

ٻاهر جو ڏيڻ وٺڻ مُئل دل جياري؛

پاڻيءَ جو رهي ٿو حال جيئن ٻيڙيءَ سان،

اندر ٻوڙي ۽ ٻاهر اُن کي تاري.

(254)

ڇو اهڙي تون شيء پين جو وڃي تنهنجو آب،

تعريف ٿئي اُن  جي، گلا تنهنجي باب؛

بخشش جي ڪرين، چَون شراب آهي ڪئي،

رنجش جي ڪرين چَون ته هن ڪئي نه شراب.

(255)

واءُ آهين تون، جسم ۾ وڃين جو سان ساهه،

باهه آهين تون، ساڙين دل هَوسَ حرص سان آهه؛

پاڻي آهين تون، جنهن ري نه جِي سگهجي هِتي،

مٽيّ آهين تون، ڏئي جا مَرڻ بعد پناهه.

(256)

نابخت اٿم جو دوست سان واصل ٿيان،

ناعقل اٿم جو عشق کان پاسو ڪريان؛

ناهٿ، جو قضا سان ۽ قَدر سان آءٌ وڙهان،

نا پير جو پنهنجي جند ڇڏائي آءٌ ڀڄان.

(257)

ٿَم ريس مَٿي تنهنجي سُٿڻ پيراهن،

ماري ٿو گريبان ۽ تنهنجي دامن؛

هڪ پيرَ چمي تنهنجا، وجهي ٻيو ڀاڪر،

هٿ ۾ رهي تن جي تنهنجو تن ۽ گردن.

(258)

جي تون ڪي ڏِسين ٻُڌين ته ڏس حق ان مان،

نه ته انڌو ۽ ٻوڙو رهه تون اک ۽ ڪَن سان؛

جي ڀانئين ته ڳالهائين ته ڪر حق جي ڳالهه،

نه ته گنگو رهڻ ڀلو ٿيوّ ڳالهائڻ کان.

(259)

آدم کي خراب خوار ٻن سازن ڪيو،

شرنائي نڙيءَ جي هِڪ، دُهل پيٽ جو ٻيو؛

فتني ۽ فساد جا اهي ٻئي باني،

ڪمخوار ٿيو ته پوءِ ڪَم خوار ٿيو.

(260)

مردانو ٿيوّ شمس، گرچه مادي سڏجي،

نَرُ گرچه قمر، زنانو آهي ۽ ڊڄي؛

سڄ تيغ سان ٿي سوار نڪري تنها،

چادر ڍڪي چنڊ اُڌاري، تارن سان هلي.

(261)

نرگس ۽ گلاب جو ڏٺو دستو مون،

تِن ياد ڏياريو دوست جو مُنهن ۽ اکيون؛ـ

پر هُو هيون ڄڻ اکيون، نه هو جن کي مُنهن،

۽ هي هئا ڄڻ مُنهَن، نه اکيون جن کي هيون.

(262)

جڏهن صبح ٿيو ۽ منهن ڪڍيو سّڄ مٿي،

چنڊ منهنجو سجاڳ ٿيو اکيون پنهنجون مَلي؛

چيو مانس ته ڏي چُمي چيائينم ته وٺ،

چيو مانس ته وٺ شراب، چيائينم ته ڏي.

(263)

اي پيارا پِٽيان پاڻ کي ۽ توکي پيو،

ايءَ پِٽ ٿي دعا اچي مٿي مون ۽ تو؛

ڳٽ تنهنجي ڳچيءَ ۾ منهنجي ٻانهن جو هّوئي شال،

۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ تنهنجي وارن جو رسو.

(264)

مَٽ تو کي اي شاهه مون گدا سان ڪنهن ڪيو،

نفس ۽ هَوسَ آهي منهنجو هڪ ٻانهو ٿيو؛

غالب ٿيو نفس توتي، تنهنجو سو ڌڻي،

ٻانهون ٿئين تون منهنجي به هڪ ٻانهي جو.

(265)

مون کان ٿا رکن سُوحَّد ۽ مُشرڪ ننگ،

ٻئي هستيءَ تنگ منهنجي کان ٿيا دلتنگ؛

ٻاهر آءٌ مسلمان اندر ۾ ڪافر،

مُنهن منهنجي جو هڪ رنگ ۽ دل جا سؤ رنگ.

(266)

ٿيو تنهنجي ڏسڻ کان دل کي روڪڻ مشڪل،

۽ بعد ڏسڻ جي لحظو ترسڻ مشڪل؛

تو مون کي چيو ته مَرُ ته پوءِ پهچين منکي،

آسان مرڻ، مگر ٿيو پهچڻ مشڪل.

(267)

تون ماٺ ڪري نه ويهه؛ همت نه وڃاءِ،

مطلب جي طلب ۾ پيو ڊڪون ڊوڙون پاءِ؛

جي توکي اندر وڃڻ جو رستو نه ملي،

اميد نه ڇڏ، در جو ڪڙو پيو کڙڪاءِ.

(268)

ڀر ۾ رهون هڪٻئي جي ٿا آءٌ ۽ يار،

گڏ آهيون، ڏسون نه پاڻ کي پر ڪنهن وار؛

آهيون ٻه اکيون اسين جا غُرّه ۽ سَلَخ،

هي هڪ جو هوُّ ٻئي مهيني جو، گڏ به ۽ ڌار.

(269)

مِل جلد، جو گڏ گهڻو نه هونداسين حيات،

تاخِير ۾ ضرب المثل آهي آفات؛

جي مَيل وفا جو رکين، هي دل هي جانِ،

جي قصد جفا جو رکين، هي سِر هي ڪات.

(270)

توکان آءُ هجان پري نه هڪ لحظو شال،

تو ريءَ نه ڏسان ڪڏهن ڪٿي ڪي ٻيو شال؛

تو ڌارا کڻان پساهه جو پنهنجي منهن،

يا رب سو پساهه پونيون هوّئّي منهنجو شال.

(271)

ظالم، جو سدا کائي غريبن جو جگر،

جيرا ۽ بُڪيون پنهنجون سو کائي ٿو مگر؛

دنيا آهي ماکي، جيڪو کائي سا گهڻي،

رت وڌ ٿئي، تپ اچيس، کائي نشتر.

(272)

ٿيو عشق ۾ درد تنهنجو مون لاءِ درمان،

هيٺانهين مٿانهينِ ٿِي، ٿيو ڪُفَّر ايمان؛

دل، جان ۽ تَنُ ٽيئي هئا روڪ وڏي،

تن دل ٿيو، دل جان ٿي ۽ جان جانان.

(273)

محراب نشين ڀرن ڏي نت تنهنجي سِري،

زنار پرست تنهنجي زلفن تي ڪِري؛

ڪهڙو آهين قبلو تون جو ساري جڳ ۾،

ڪافر ۽ مسلمان جي دل توڏي ڦِري.

(274)

دل کي چيم احوال اي دل پنهنجو ڏي،

روئي ٿي چوڻ، نه خيال ۾ توکي اچي؛

احوال  انهي جو ڪهڙو هوندو، جنهن کي،

مرضي ۽ مراد ٻئي جي تي هلڻو پئي.

(275)

عالَم آهي چڪر ۽ زمانو مانڌاڻ،

دشمن ڪو سڏيس دوست ڪو پنهنجو پاڻ؛

موجن ۾ رهي بحر ۽ ڪک ويچارو،

ڄاڻي ته هي ڇڪتاڻ آهي سڀ مون ساڻ.

(276)

عاشق توڙي عابد، ٿيا ٻئي توکان تباهه،

ويجها ۽ پري توکان ٻئي ڪن پيا آهه !

دنيا ۾ بچيو ڪو نه، ڏنا سڀني ساهه،

ڪي تنهنجي تغافل وڌا ماري ڪي نگاهه.

(277)

جڏهن حور جي اک سان ٿي مشابهه انگور،

تڏهن مئي آهي جانِ،  جا رهي ٿي منجهه حور؛

پنَ ڊاک جا سبز ڄڻ ٿيا مَلڪن جو لباس،

مَٽ ڇانوَ مَنَهه جي ساڻ طوبيٰ مشهور.

(278)

ويراني ۾ غم جي دل رهي ٿي ڀَٽڪيَل،

در تنهنجي تي سؤ دليون ڏٺائين اٽڪيَل؛

زلفن ڏي ڀڳي تنهنجي ته پائي آرام،

پر اُت به ڏٺئين ٻيون هزارين لٽڪيل.

(279)

تون حُسن ۽ ناز سان وجهين دل کي وَنگ،

۽ ٻوليءَ مٺيءَ سان تون هئين دل کي ٻنگ؛

مَٽ توسان ٿئي نه مُور بلبل ۽ مور،

جو هوءَ رڳو آواز ٿِي ۽ هي رڳو رنگ.

(280)

ڏيکارين جي منهن پنهنجو ته ٿئي عيد مِٺا،

کولين جي تون زلف، ٿئي قيامت برپا؛

چَپَ چورين جي، عالم کي ڪرين زير زبر،

اک جي کڻين، ٿئي ’عالِيهَاَ سَافلَهاَ‘.

(281)

اک کوليان جمال تنهنجي تي آءٌ ته چڱو،

اک پوريان خيال تنهنجي تي آءٌ ته چڱو؛

سڀڪجهه ٿيو چڱو تنهنجو، فقط بڇڙو فراق،

سو گهاريان وصال تنهنجي تي آءٌ ته چڱو.

(282)

ڀانيان ته ڪريان تنهنجي وِهَڪ پنهنجو من،

۽ توکي ڍڪايان جان جو پيراهن؛

ڪڏهن هٿ چُمان آستين جان تنهنجا پوءِ،

ڪڏهن پير چمان تنهنجا ڪري جيئن دامن.

(283)

سهڻا آءٌ ڪڏهن نه توکي سج چنڊ سڏيان،

جيڪي ٻيو چوان ان کان پشيمان ٿيان؛

ڊپ کان نه چوان توکي آءٌ پڻ پنهنجو ساهه،

جو ڄاڻان ته نيٺ ساهه نيندا مون کان.

(284)

ڇو شڪوو ڪرين ٿو سُورَ پيرن جي جو،

اسرار سڄڻ اِن جو سندئي مَنصب ٿيو؛

ٿيو بند مٿي ۾ تنهنجي دشمن سندي سُورُ،

دانهين ڀڳو، تنهنجن اچي پيرن ۾ پيو.

(285)

اي دل چڙهيو نيٺ تارو تنهنجو منهنجو،

اڄ رات سڄڻ ٿيو سارو منهنجو تنهنجو؛

ٻيو شمع بنا ڪونهي وٽس جلدي آءُ،

پروانا، اڄ آهي وارو منهنجو تنهنجو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org