سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :5

موتين جي دٻلي

ڀاڱو ٻيو

 

 

 

 

 

(1)

ذات اهڙي جنهين جو نه نشان آهي نه نام،

ٿيو جنهن کي نه آغاز؛ نه جنهن کي انجام؛

اُو آهي مقيد نه، نڪي مطلق آهه،

ناڪُلّ نه جزو، ۽ نه خاص آهي نه عام.

(2)

توحيد سان گڏجي حق ٿئي راهنما،

مشغول ٿئي ڪرڻ کان پڻ شغل جدا؛

مشغول اُٿيو، شغل ويو، آيو حق؛

ڪيئن ٿيندو ڀلا خدا سان مشغول خدا.

(3)

تو لطف سان بخشيو بادشاهن کي تاج،

پنڻن جان ٿيا بادشاهه تنهنجا محتاج؛

صنعت ۾ مخمس ٿيا هي پنج حواس،

قدرت ۾ مربع ٿيا هي چار مزاج.

(4)

سڀ ڳالهه مُوحَد ته محقق چوندو،

حق ڌارا ٻين کي ترڪ مطلق چوندو؛

ڪن اُن کي جي حق جي راهه ۾ سؤ پرزا،

هر پرزو انهن مان سؤ ’اناالحق‘ چوندو.

(5)

ڪا دِل نه رهي عشق ۾ تنهنجي محزون،

زاهد کي رکي عقل خوش، عاشق کي جنون؛

مسجد ۾ مسلمان، مڙهيءَ ۾ ڪافر،

ڪُلُّ حِزبُ بِمَالَدَ يهِم فرحُنون.

(6)

مسجد ۽ مڙهي جيسين ڪ ويران نه ٿئي،

ڪُل صُلح جو جڳ ۾ ساز سامان نه ٿئي؛

ايمان جي ڪفر، ڪفر ايمان نه ٿئي،

هڪ ماڻهو حقيقتاً مسلمان نه ٿئي.

(7)

معروف ٿيس صاحب عرفان ٿيس،

عارف ٿيس آءٌ، پاڻ کان عريان ٿيس؛

پيدا تو ڪيو مون کي ۽ خواهان ٿئين.

مون توکي ڪيو پيدا ۽ قربان ٿيس.

(8)

نت ناز تنهين جي مون کي سيکاريو نياز،

توکي ڏسي مون وساريو روزو ۽ نماز؛

گڏ تو سان مجاز منهنجو ٿيو سارو نماز،

توکان پري ٿي نماز سڀ منهنجي مجاز.

(9)

اڻ مُلهه ماڻڪ، جو اصل دريا ۾ هو،

کوليسين جو اک، پيل صحرا ۾ هو؛

مشهور ٿيو ته قاف ۾ عنقا آهه،

سُڌ هاڻ پيئي ته قاف عنقا ۾ هو.

(10)

اي جان ۽ دل منهنجي جو نت آرو تون.

۽ موت حياتيءَ جي ڏيڻ وارو تون؛

تون منهنجي ٿئين هستي، ٿئين آءٌ سارو،

آءٌ نيست ٿيس تو ۾، ٿيس سارو تون.

(11)

جڏهن ناهي زبان، ڪير ڪي ڪجهه ٻولي،

جڏهن ناهن پير، ڪير پئي منجهه رولي؛

توکي ٿا اسين ڳوليون پئي منجهه ڀولي،

سڀڪجهه ٿئين تون ئي، ڪير ڪنهن کي ڳولي.

(12)

مُنهنِ تنهنجو جي بُت، ته بت پرستي بهتر،

مَٽَ تُنهنجي مان مَئي ملي ته مستي بهتر؛

هستيءَ ۾ آءٌ عشق تنهنجي جي نيست ٿيس،

ايءَ نيستي، کان هزار هستي بهتر.

(13)

ميخاني جي مِٽيءَ سان تيمّم ڪيوسين،

اُت عزم نماز جو مصمّم ڪيوسين؛

مُلّن سان مسيتن ۾ گذاريوسين گهڻو،

چيوسين مَنَ هِت لهون جو هُت گم ڪيوسين.

(14)

ڪر غيرکان انڪار تون، ايءَ ٿَئِي تصديق،

دوڙاءِ دليل دل جو، ايءَ ٿَئي توفيق،

پَئي پيروي خلق جي کان جڳ ۾ تَفريق،

تقليد کي تَرڪ ڪر ته ايءَ ٿئي تحقيق.

(15)

دنيا ۾ خلاف ڪفر ۽ دين جو آهه،

مقصد جي ٻنهي جو هڪ، ته پّوءِ ان ڇاهه؛

مُسلم ۽ هندوءَ جي جنگ مان مطلب ٿئي،

جڏهن پهڻ وڙهن ٻه، نڪري تن مان تڏهن باهه.

(16)

جذبي بنا، دوست ڏانهن ٿو ڪو نه وڃي،

رهبر بنا اِنَ راهه تي ڪو ڪو نه وڃي؛

رڙ ٻُڌ تون مسيت جي مُلي جي، جو سڏي،

گهر ۾ به خدا جي اڻ سڏيو ڪو نه وڃي.

(17)

آءٌ يار جي ڳولا ۾ ٿيُس مردانو،

مُهڙ ئي ۾ وجود کان ٿيُس بيگانو؛

هُن علم نٿي ٻڌو، ٿيُس آءٌ نادان،

هُن عقل نٿي ڳڌو، ٿيُس ديوانو.

(18)

آءٌ عشق جو غم نه دين ايمان تي ڏيان،

آءٌ سوز نه دل جو ساز سامان تي ڏيان؛

درد آهي نشاني دوست جي نِت مون وٽ،

سو درد نه آءٌ هزار درمان تي ڏيان.

(19)

هر روز ٿِي تنهنجي غم ۾ دلِ زار وڌيڪ،

دل سخت تنهنجي منکان ٿي بيزار وڌيڪ،

تو مون کي ڇڏيو، نه غم منکي تنهنجي ڇڏيو،

غم تنهنجو ٿيو ڏِس توکان وفادار وڌيڪ.

(20)

در تنهنجي جو بادشاهه بندو گندو،

ٿي بندگي تنهنجي فخر انسان سندو؛

ڪٿ بندو ۽ درجو بندگيءَ تنهنجي جو،

آءٌ بندو اُنهيءَ جو، ٿيو جو تنهنجو بندو.

(21)

جيسين نه ٻُڌين عشق کان ”فَاَ خلَعَ نَعليَڪَ،

تيسين نه چو ئِي دوست سَلاَمُ، نه عَلَيڪَ؛

جڏهن ڪن ۽ اکيون ۽ چَپَ ڪرين غير کان بند،

تڏهن دوست وٽان اچن ٿا پيغام ۽ پَيڪ.

(22)

بيرنگ سدا ٿّيو يار دلخواهه اي دل،

راضي نه ٿي رنگ تي، ٿي آگاهه اي دل؛

رنگن سڀني جو اصلِ ٿّيو بيرنگي،

”مَن اَحسَنَ صِبيغةَ مِنَ اِلله “ اي دل.

(23)

اي دل تون خدا جي زير فرمان نه ٿينءَ،

بڇڙن عملن کان تون پشيمان نه ٿينءَ؛

عالم ٿينءَ، عابد به ٿينءَ ۽ زاهد به ته ٿينءَ.

ٻيو سڀڪجهه ٿينءَ، مَگر مسلمان نه ٿيئنءَ.

(24)

ٿيان ناس، جي آءٌ طالب رضوان ٿيان،

حيران آءٌ لاءِ دين ايمان ٿيان؛

دشمن جڏّهن منهنجو هيءَ مسلماني ٿي،

ڪافر ٿيان جي وري مسلمان ٿيان.

(25)

پي ويس آءُ درياهه، منکي آهي عجب،

دريا جان رهن خشڪ ٿا نت منهنجا لب؛

ٿِي خشڪ لبَيءَ کان مون کي دريا جي طلب،

دريا آهيان، خشڪ لب ٿيسُ انهيءَ سبب.

(26)

دنيا ۾ تون وت چوندو، تَوَ ڪّلَتُ عَلَيڪَ،

محبوب ملئي جو؛ تنهن کي چؤ نُسبتُ اِلَيڪَ؛

هل ڪين تون حقّ ڏي کڻي لٺِ ۽ جُتيِ،

وڃ الُق عصاڪَ ۽ ٻُڌ تون فَاخلَع نَعلَيڪَ.

(27)

اي دل ! تون قضا خدا جي تي ٿي راضي،

مستقبل تون وساري ڇڏ ۽ ماضي؛

قسمت ۾ اٿئي هڪڙو ۽ تون ڳولين ڏهه،

ڏهه توکي ڪو ڏيندا، پاڻ ٿي تون قاضي.

(28)

منجهه عشق تون ڳار جسم، تا ٿين تون جان؛

ٿين چست ۽ چالاڪ تون، ۽ شير جوان؛

جڏهن ڪُفر ٿيَئي ڪمال، ايمان ڏسين،

ڪافر ٿين، جڏهن ٿئي نه ڪامل ايمان.

(29)

اي عين بقا، ڪهڙي فنا ۾ ناهين،

ڪنهن جاءِ ۾ آهين، ڪهڙي جا ۾ ناهين؛

ٿي ذات سنديئَي جاءِ جِهَت کان عاري،

آخر تون ڪِٿ آهين، ڇاهين، ڇا ۾ ناهين.

(30)

دنيا ۾ آءٌ خير شرُّ چاهيان پنهنجو،

ڪعبو ۽ ڪليسا به آءٌ ٺاهيان پنهنجو؛

ٻئي سان نه رکان واسطو ڪو پاڻ بنا،

آءٌ عاشق ۽ معشوق به آهيان پنهنجو.

(31)

دنيا ڇڏيَئي، موليٰ جو تون محرم نه ٿئين،

عقبيٰ ڇڏيئي، فردوس کان بي غم نه ٿئين؛

سڀڪجهه ٻيو ڇڏيئي ادا، مگر ڏاڏي جان،

جيسين نه ڇڏين بهشت، آدم نه ٿئين.

(32)

گردش جي فلڪ جي اَئين ڪريو ڪا تدبير،

مَستيءَ  لاّءِ زماني جي ڪو ڳوليو زنجير؛

هِن زاغ ۽ هِن زغن کي اڇلائي هڻو،

ڪو پهڻ ۽ ڪو ڀتر، ڪو گز ۽ ڪو تير.

(33)

ديوانا ٿياسين، دوستو ڪا تدبير،

ڪا پند ملامت يا ڪو بند ۽ زنجير؛

بي دين ۽ بي ادب جو ٿئي مست، ان کي،

هُجي ڪو ٺِڪر ڀتر پهڻ، لاّءِ تعذير.

(34)

ٻاهر آهيان ڌار، اندر سڄڻ سان ٿم ڏيٺ،

پرڪار جان آءٌ ڦري اچان اُن وٽ نيٺ؛

آءٌ پاڇو سندس، اگرچه پئي پاڇو پري،

پر جي ڪريو ڌيان، آهي سو پيرن هيٺ.

(35)

اڄ عيد ٿي حج جي، خلق ڪعبي ڏي روان،

تا ڪن سي طوافُ ربُّ پنهنجي جو عيان؛

مون کي مليو ڏَس ته دل ۾ منهنجي تون رهين،

تنهن لاءِ پيو آءٌ پنهنجي چوگرد ڦران.

(36)

ڪِر ناز جي ننڊ مان اُن کي يا رب بيدار،

مَستيءَ مان ڪرينس حُسن جي تون هُشيار؛

يا نِت رهي بيخبر، سڃاڻي هو نه پاڻ،

يا حال ڏسي منهنجو لهي منهنجي سنڀار.

(37)

ٿيو آهين ٻُڍِو، اَڇيون ٿيئَي ڏاڙهي مُڇون،

ڇڏ حرص هَوَسّ، نه وڃ تون شهوت جي پُٺيون؛

عينڪ جو ٿئيّن محتاج، اکيون کول، سنڀال،

گهرجن اي انڌا، اڄ ٿيون اکين کي به اکيون.

(38)

پيري جڏهن آئي، زندگاني وئي لنگهي،

قوتّ هئي جيڪا جسم جاني، وئي لنگهي؛

هاڻ موت جي لاّءِ تيار ٿي ويهه ”قليچ“،

موت آهي حياتي، جڏهن جواني وئي لنگهي.

(ڀاڱي پهرئين ۾ آيل: 84)

محتاجي عجب، بُري فقيري پيري،

بيشڪ آهي، وڏپڻ ۾ صغيري پيري؛

ڏاڏي کان پڇيم، خراب پيري يا موت،

اُن دانهن ڪري چيو ته ’پيري پيري‘!

(39)- جواب

شاهي ٿي جواني ۽ فقيري پيري،

آزادي جواني ۽ اسيري پيري؛

مشغولي منکي شعر جي، خلوت موجود،

مون لاءِ، چوان سچ، ٿي اميري پيري.

]ڀاڱي پهرين ۾ آيل:102[

پيري آئي ۽ عضوا سڀ چُور ٿيا،

سڀ يار جوانيءَ جا ڀڄي ڏُور ٿيا؛

هر وقت ڪفن جي يادگيري ٿي رهي،

مُشڪي جي هئا وار، سي ڪافُور ٿيا.

(40)- جواب

پيري آئي، ۽ فڪر سڀ دوُر ٿيا،

تنها آءٌ ٿيُس ۽ پُورا سڀ پُور ٿيا؛

ٿيو شغل فراغت ۾ بلاغت جو عجيب،

دل پنهنجي به خوش ۽ ٻيا به مسُرور ٿيا.

(41)

واريءَ  کان به وڌ گناهه جو ڪيا هئا مُون،

ويٺس ڪري ڪنڌ هيٺ شرم ۽ ڊپ کُؤن؛

آواز اُٿيو غيبي ته غم کا نه ”قليچ“،

لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ڪريون.

(42)

جنهن ماڻي جواني، تنهن کي پيري نه وڻي،

پيريءَ وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي؛

ٿئي زال جڏهن پِير، ڄڻڻ کان ڪري بس،

هر لحظي هزار عيب پيري ٿي ڄڻي.

(43)

دريا آءٌ ٿيس، مگر لٿي منهنجي نه اُڃ،

صحرا آءٌ ٿيس، مگر ڏٺم پاڻ کي رڃُ؛

جاڳيسُ آءٌ، ڏٺو سُتل اڃا پاڻ کي مون،

گهرُ منهنجو هو آباد، رهُيس پر منجهه سُڃ.

(44)

گهرندين جي منکان ساهه، فدا آءٌ ڪندس،

گاريون جي منکي ڏيندين، دعا آءٌ ڪندس؛

ڦيرايان نه مُنهن ڪڏهن جفا کان تنهنجي،

جي تون پيو جفا ڪندين، وفا آءٌ ڪندس.

(45)

گهرَ، پنهنجي کان ٻاهر نه ڪڏهن يار تون ٿي،

تو ڌارا نه گهر ۾ ٻيو سڄڻ ٿيو ڪو ڀي؛

ڪعبي ڏي وڃن ڇو ٿا هِي حاجي، جو خدا،

هرگز نه زيارت ڪري گهر پنهنجي جي.

(46)

دل توکي ڏنيم ته منهنجو نت يار هجين،

آءٌ تو سان ۽ تون مون سان وفادار هجين؛

مون کان نه تون آهَ جان ڪڍي نين دامن،

جهوليءَ ۾ هنجُن وانگي تون هر بار هجين.

(47)

ٿئين خانه نشين تون جڏهن کان اي جناب،

دل منهنجي پُر آتش ۽ اکيون منهنجون پُر آب؛

غم کان ٿيو خراب منهنجي دل جو خانو،

تون خانه نشين ٿئين ۽ آءٌ خانه خراب !

(48)

هر قسم جون نعمتون اٿئي منجهه عالم،

زالن جان نه ويهه رزق لاءِ، منجهه ماتمِ؛

داڻو نه ملائي ڪڻڪ جو پنهنجا چَپَ،

ٿو توتي کلي، جو ڌارين روزيءَ جو تون غم.

(49)

ڇو ڏک جي گلا جي توکي عادت ٿي پئي،

ڪر سعيو ته رنج تنهنجو راحت ٿي پئي؛

محنت ڪري ٽي ڦڙا پگهر جا تون هار،

تا سيگهه مان عُسرت ڦري عشرت ٿي پئي.

(50)

گردش کان زماني جي ٿا گذرن ايّام،

تا ننڊ اسان کي اچي ڏينهن رات آرام،

آهيون اسين  ٻار ۽ فلڪ پينگهو آهه،

لوڏي کان سواءِ ٻار سمهن ڪين مدام.

(51)

ڏينهّن سڀڪو، ٿئي رات تائين جنهن جو ٿو زوال،

جانچين جي، ته معلوم ٿيَئي ان جو حال؛

موت آهي، اچي ٿو جو منجهان ملڪ عدم،

عمر آهي، ڪري ٿي اُن جو جا استقبال.

(52)
اُٿ رات جو، ڪر ذڪر ته وڌ ٿيَئي اقبال،

محبت ۾ تون حق جي هڻ سدائين پَروبال؛

ڇو مادي ڪڪڙ وانگي سمهين ٿو نامرد،

ڏي ٻانگون ۽ ڪر دانهون ڪڪڙ نر جي مثال.

(53)

بهتر ته اکين پَٽيل هجين رات سڄي،

منجهه ذڪر حقي رُڌل هجين رات سڄي؛

رک شرم ڪو، ٿي نه تون ڪڪڙ کان ڪمتر،

هُو جاڳي ۽ تون سُتل هجين رات سڄي.

(54)

مومن آهي دل ۽ نفس آهي ڪافر،

مومن کي ادا، حوالي ڪافر جي نه ڪر،

چئين هڪڙي، ڪرين ٿو ٻي، ڪو رک شرم آخر.

تسبيح هٿ ۾، جڻيو مٿي دل جي ڪمر.

(55)

ڇو مؤلوي پنهنجي دل تو پاڙهِي ڪاڙهِي،

قبي جيهي دستار مٿي تي چاڙهِي؛

رک ماڻهپو هڪ وارَ جو دل پنهنجي ۾،

رِڇَ وانگي نه رک سڄي بدن تي ڏاڙهي.

(56)

مڪتب ۾ به عقل جي ٿي پنهنجو تون ڪتاب،

۽ حق جي سوال ۾ ٿي پنهنجو تون جواب؛

جي ڀانئين حساب ۾ سڀاڻي نه مُنجهين،

وٺ پاڻ کان اڄ اي دوست پنهنجو تون حساب.

(57)

خاتونَ سڏين جنهن کي جنّت واري،

چئي سيدّة النِسّا ٿي دنيا ساري؛

چيو بِضعة مِنّي ٿي پيمبر جنهن کي،

سادات جو نسل ٿيو انهي مان جاري.

(58)

اي مولوي، هٺ کان مغز تنهنجو گندو،

تو کي ٿو سلام جڏّهن ڪري هي بندو؛

ڏين ٿو نه جواب، مَنَ رڳو ڪنڌ لوڏين،

سُڌ تا پوي، مُردو آهين تون يا زِندو.

(59)

نسبت نه ستيءَ سان ڏي تون پرواني کي،

ٿو هِن جي ۽ هُن جي عشق ۾ فرق رهي؛

هُوءَ پاڻ جلائي باهه ۾ مُردي لاءِ،

هي شمع اُجهاڻل تي ذرو ڪين ڦِري.

(60)

فرياد آهي منهنجي قلم تي فرياد،

جو راز اندر منهنجي جو ڪيائين برباد؛

مون چيو ته وڍي زبان گُنگو آءٌ ڪريانس،

ٿيو پاڻ وڍڻ سان وڌ فصيح ۽ آزاد !.

(61)

ڌڻ ڦاڙي بگهڙ وڌو، ڌڻار آهي ڪٿي،

ويران ٿيا باغ، بهار آهي ڪٿي؛

طوفان شروع ٿيو، ڪٿي آهي نُوح،

ڪافر ٿيا ماڻهو سڀ، ترار آهي ڪٿي.

(62)

سهڻا سڀئي دنيا جا ٿا سڀني کي وڻن،

ڇا چيني ۽ ڪشميري ڇا تاتاري هجن؛

ٿئي حسن فرنگيءَ منجهان ثابت هي ڳالهه،

هُت دوزخي هِت بهشت ٿا نقد رکن.

(63)

آواز مٺِي ۽ حُسن سان ٿئين مُمتاز،

دل خلق  جي هٿ ڪئي تو سان سوز ۽ ساز؛

داؤد ۽ يوسف کان تون آهين بهتر،

داؤد رکيو نه حُسن، يوسف آواز.

(64)

وئي عُمر ٿي گُم تنهنجي، ادا اُن کي سڏ،

دل پڻ ٿي ڀڄي پُرزا، تون سي آڻي گڏ،

هُئي جانِ مِلي توکي اُڌاري ڪي سال،

ٿورو مڃي ڇو نه ڏين تون موٽائي سا هَڏ.

(65)

آهن ٻه شيون، لڳن گهڻو دل کي شاق،

ڪن دل کي ڪباب، موت جو ڪن مشتاق؛

آءٌ توکي ٻڌايان، جي ٻڌي سي تون سگهين،

نايابي جوانيءَ جي، محبّن جو فراق.

(66)

ڇڏ پاڻ کي، ٻئي جي دلپسندي ڪر هٿ،

سهه ٽوٽو تون، ٻئي جي سود مندي ڪر هٿ؛

رهه ويس اُڌاري کان کجيءَ جان آزاد،

ڌرتيءَ تي تون ويهه، سر بلندي ڪر هٿ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org