370- مصحف= قرآن مجيد، پاڪ
صحيفو، يا پاڪ ڪتاب.
مقدّس= پاڪ.
قَلمي= قلم جو، اَڻڇاپيل
نسخو يا مسوده.
ناياب=اڻلڀ، بينظير.
وقف= بيهڪ جون نشانيون
(ڪلام الله ۾).
خط= ڏاڙهي، ريش، ڳلن جا وار.
خال= ڳل جو تِرُ.
اعراب= حرفن جون حرڪتون:
زيرون زيرون ۽ پيش وغيره.
371- آهَ جانُ= آهَ وانگي، دل
مان نڪتل دانهن يا ٿڌي ساهه وانگي.
هَنجُن= اکين جي ڳوڙهن.
هنج= گودي، گود، جهولي۔
373- خانه نشين= گهر ۾ ويٺل،
ٿانيڪو.
خانه خراب= دربدر.
374- گُلگون= گُل وانگي
(ڳاڙهو)، ڳاڙهو، لال.
377- دل راز.... آهي ڪٿي= اُها
دل جا محرم راز هجي، سا
ڪٿي آهي؟
378- اسرار= (سرّ جو جمع)ڳُجهه،
گهڻا راز يا ڀيد.
ڪشف= الهام، القا،
انڪشاف، اظهار، غيب جي
ڳالهين جو اظهار، کولڻ يا
ظاهر ڪرڻ جو عمل.
زباندان= عالم، شاعر، فاضل،
فصيح، بليغ، زبان يا گهڻين
ٻولين جو ماهر.
ناطقِ قرآن= ڳالهائيندڙ يا
ٻوليندڙ قرآن.
منطق طير= پکين جي ٻولي.
381- عاصين= گنهگارن.
گبر= آتش پرست، باهه جو
پُوڄاري، پارسي.
382- گهوري ٿو= گُهمائي ٿو.
وسَائي ٿو، قرُبان ڪري ٿو.
383- تَنَ تي= بدن يا جسم تي.
پيراهن= چولو، پهراڻ.
رَهَيمُ= مون کي رهيو.
384- عُود= اگر، هڪ قسم جي
ڪاري ڪاٺي، جا باهه ۾
سڙڻ سان خوشبو ڏيندي آهي.
385- اَڳيانس= وَٽس، هن جي
اڳيان، هن جي آڏو يا روبرو.
386- تعمير= بناوت، اڏاوت.
387- لافزني ڪرڻ= لاف هئڻ، ٻٽاڪ هڻڻ.
اَصل= بُنياد.
مَني= ڌات (ماڻهوءَ جي).
392- دنيادار= شاهوڪار ماڻهو.
سَگها= چاق، صحتمند.
393- زار زبون= برباد، ناس،
چٽ، بدحال.
جُنون= سودا، چريائي.
نگون= اُونڌو، اُلٽو، هيٺ
جهُڪيل.
394- خواند نوشت= لکپڙهه،
پڙهڻ لکڻ.
سرشت ڪرڻ= پيدا ڪرڻ،
خلقڻ.
395- شق القمر=(حضور صلعم
جن جو هڪ معجزو)
چنڊ جو ٻه اَڌ ٿيڻ يا ڏري پوڻ
دونيم= ٻه اَڌ
397- سعادت= نيڪ بختي،
سڀاڳائي، خوشقسمتي.
بدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.
صدر= پريزيڊنٽ، اعليٰ يا
مٿانهين درجي وارو اعليٰ
بزرگ، امير (مجلس)، سردار،
مجلس جو مور.
محشر= قيامت.
شب قدر= رمضان المبارڪ
جي ستاويهينءَ جي رات،
عزت ۽ عظمت واري رات.
398- ڏاڻ= انعام، دان، سخا،
سوکڙي، تحفو.
اهڃاڻ= نشاني.
اَشراف= شريف ماڻهو،
معزز.
399- وظيفو= ورد، روزاني دُعا،
روز مرَهه جو ذڪر.
لاالہ الا الله= (ڪلمي شريف
جو پهروين حصّو) ناهي
ڪو الله سواءِ هڪ الله جي.
صراف=جوهري، سونارو.
کوٽو= ڪوڙو، جعلي.
مَرُ= بيشڪ، ڀلي.
400- محرم= واقف، ڄاڻندڙ.
غيب= غائب، پوشيده،
لڪل، مخفي (ڳالهه)، خدائي
ڳجهه يا راز.
لاريب= بيشڪ، بلاشڪ.
401- دل بَستو= دِلبَسستہَ، دل
ٻَڌل، رغبت يا شوق رکندڙ،
دوست، يار.
دل خستو= خسته دل، پريشان،
غمگين، مايوس، نامراد،
ناڪام.
بَرجستو= مضبوط، طاقت
وارو، طاقتمند.
402- رهنس= هن جون (اکيون) رهن
406- بدر منير= روشن چنڊ
(چوڏهينءَ جو).
بيمثل نظير= بيمثل ۽ بينظير،
لاثاني، لاجواب.
گوءِ= کينهون، بال.
چوگان= بيٽ يا کينهونءَ
سان راند کيڏڻ جي ڪاٺي.
407- بَڻُ=(بڻڻ مان امر) بڻج،
ٿيءُ.
بيخود= آپي کان ٻاهر،
بيهوش، چريو، پاڳل،
مدهوش.
408- قفل= ڪلف، تالا.
409- ڪُشتو=(باهه ۾) ماريل
ڌاتو (طاقت جي لاءِ).
410- اَهل دل جا= اهل دل،
صاحب دل درويش، الهه لوڪ
(بزرگ)، صوفي، سالڪ.
شهرت= مشهوري.
411- روڳ= بيماري.
ساز= وڄائڻ جو اوزار.
سوز= درد، شوق.
جيڪي تون پُڇين= جيڪي
پُڇجينِ.
ورنديءَ ۾= جواب ۾.
تادر..... تن تن= ساز جي
وَڄَت (جو آواز).
412- ڪلمه گو=ڪلمو پڙهندڙ،
مسلمان.
مُرتد= بيدين، ڪافر.
ڪبير= (ضد- صغير) وڏو.
شمرذي الجوشن= يزيد جي فوج جو هڪ افسر، جنهن حضرت امام حسين کي ڪربلا جي
ميدان ۾ شهيد ڪيو هو، مردود، ملعون، بد ذات،
ظالم.
جوشن= وظيفن جو مشهور
ڪتاب (جوشن ڪبير).
413- ڪوءِ بَڪُوءِ= هڪ گهٽيءَ کان ٻيءَ گهٽيءَ تائين، ڪُو بَڪُو. سوءِ
بسوءِ= هڪ طرف کان، ٻئي طرف تائين، سُو بَسُو.
سربسر=سارو، سربستو.
موءِ بموءِ= وار وار جيترو،
سارو، سربستو.
دست بدست= هٿ ۾ هٿ.
لب بلب= چپ تي چپ،
روءِ بروءِ= منهن تي منهن، روبرو.
414- ڪنهن پَر= ڪنهن طرح، ڪنهن ريت.
415- اسرار=(سر جو جمع) ڳجهه،
ڀيد، راز.
اَبَد= (ضد= اَزل) پڇاڙي،
انتها (دنيا جي)، آخرت.
416عُقدو= ڳَنڍ، مُشڪلات،
ڳجهه، راز، مسئلو.
اَڻچيل= بيان نه ڪيل.
417- منجهه ابجد= ابجد جي حساب
موجب (ميم حرف جو انگ
يا قيمت، چاليهه آهي).
418- رنج ڪڍڻ= تڪليف سهڻ
يا برداشت ڪرڻ، محنت ڪرڻ.
ڏک ڏنج= (سُک سنج جو ضد)ڏک ڏوجهرا، ڏک ڏاکڙا.
گنج= دولت، مال، خزانو.
419- مرثيه خواني= مرثيو پڙهڻ،
نوحه خواني، روڄ راڙو.
421- ٻانڀ= پوڙهي، بنهه بڇڙي
يا بد صورت، ڏائِڻ زال.
گُلچَهر= گُلرخ، گُل
جهڙي، گُل جهڙو چهرو رکندڙ.
ترياق= زهر کي ماريندڙ دوا.
ٽوٽو=نقصان.
دل افگار=زخمي دل،
گهائل، مجروح دل،
وڍيل دل.
صحّت= چڱڀلائي، چاقائي،
تندرستي.
423- سؤ وار= سؤ گهمرا، صدبار.
بيدار ٿيڻ= هوشيار ٿيڻ، ننڊ
مان جاڳڻ، سُجاڳ ٿيڻ.
424- ذاتي شرافت= ذاتي جوهر.
426- شيخ الاسلام= سڀ کان
وڏو دين جو پيشوا، وقت
جو امام، سرگروه شريعت جو.
427- چَپُ= ڪنارو.
428- عارف= سڃاڻندڙ، خداشناس،
خدا رسيده.
ناقص= (ڪامل جو ضد)
اَڌورو، غير مڪمل، اڻپورو،
عيبدار، ناڪارو، نڪمو.
429- شيخ= مرشد، اُستاد، پير.
حق بين= حق کي ڏسندڙ.
431- موهه= محبت.
ڊوهه= جادو.
432- اَزلي= اَزل کان، آد کان.
خط جلي= روشن خط (اَکر).
433- درمان= علاج معالجو،
دوا درمل.
435- ڪوهه= جبل.
ڪکن ۽ گاهه= تُڇ يا
حقير ڳالهه.
436- سِڪ= چاهه، انتظار، محبت،
عشق.
ري بهري= بيبهره، لاحاصل،
محروم، نراس.
436- تائين عيد= عيد تائين.
438- چوٽي= بلندي، ترقي.
همدم، دمساز= (هم معنيٰ
لفظ) گهرا دوست.
439- خودبين= پاڻ کي ڏسندڙ،
مغرور.
عالم= زمانو، دنيا.
440- داد دِهي = اِنصاف.
441- آس= اُميد، آرزو، حسرت (دل جي).
442- بينائي= بصيرت، اکين سان ڏسڻ جي طاقت، اکين جي روشني.
آنڌائي= معذوري، نابينائي.
443- علم دلي= دل جو علم.
حال= الهيٰ جذبو، رقّت، حالت، ڪيفيت.
قال= محويت، مدهوشي.
سهي= چَکي.
444- اک جي چوٽي= اکين جا
مٿيان پنبڻ.
ارض و سما= زمين ۽ آسمان.
445- پاهڻ= پٿر.
اَياڻ= اَياڻو، بيوقوف.
446- مايو= (مائڻ مصدر مان
ماضي) سمايو.
450- طواف= ڪنهن به مقدس يا
پاڪ مقام(جهڙو ڪعبو)
جي چوڌاري ڦِرڻ جو عمل.
452- گلگون= گل جهڙو ڳاڙهو، لال.
پُر خون= رت سان ڀريل.
453- جُهد= سخت ڪوشش.
454- پرده پوش= عيب ڍڪيندڙ.
ستر ڪندڙ۔
ڪرم= احسان، مهرباني.
بُخل= ڪنجوسي.
سَرپوش= ڍَڪڻ، ڪنهن
شيءِ جي مٿان وجهڻ لاءِ
چادر جو ٽُڪر( جئن ميز پوش).
456- جاڪُون= جڏهن کان.
ڏولا= تڪليفون، ڏولاوا،
ڏک ڏنج.
457- همزاد= هڪ ئي وقت تي ٻئي ڪنهن سان گڏ ڄاول، جاڙو، هم سن، شيطان يا جِنُ
جو هر ڪنهن انسان سان گڏ ڄمي ٿو ۽ هميشہ اُن سان
گڏ رهي ٿو.
همشير= ساڳيءَ ماءُ جي ٿڃ
ڌائيندڙ، (ڀيڻ).
دلگير= مايوس، رنجيده، نراس.
458- وارد ٿيڻ= لهڻ، نازل ٿيڻ، ڄمڻ.
459- ساٿي، مددگار، واهرو.
460- وَنگ وجهڻ= وَنگڻ،
رسيءَ سان (پير) ٻَڌڻ،
قابُو ٻَڌڻ، سلهاڙڻ.
461- سيمرغ= ڪوهه قاف جو
هڪ قداور پکي، شاهين
(لفظي معنيٰ- ٽيهه پکي).
462- شبڪور=- رات جي وقت انڌو.
466- هر قسم= هر نموني، هر طرح سان.
طلسم= جادو، افسون، سحر.
غذا= کاڄ، کاڌو.
467- ايذا= تڪليف، ڏک.
ڪينو=بغض، حسد، وير،
اندر جو ساڙ، ڪُپت.
اَئين= اوهين.
سوز گُداز= کامڻ ۽ پگهرڻ
يا ڳرڻ، روڄ راڙو، رِقت،
دل جو درد ۽ غم.
469- عالم بالا=مٿانهين دنيا،
آسمان، عرش، بهشت جي اعليٰ
درجي وارن ماڻهن جو جهان.
چؤ وائو= چئني طرفن کان
لڳندڙ هوا، طوفاني واءُ.
470- ٿاڻو=آستان، مڪان، رهائش.
471- راز= پيار، محبّت، عشق،
مام، اٽڪل، ڳجهه.
نيازي= نيازمند، نياز ڪندڙ،
نمندڙ، جهڪندڙ.
هِڪَ تارو= يڪتارو، وڄائڻ جي ساز جو هڪ
قسم؛ هڪ تار وارو.
رباب= وڄائڻ جو ساز.
472- مٿي آل عيال= زال ۽ ٻارن ٻچن تي.
شفقت= لطف، مهرباني،
محبت، پيار.
473- سَرگشتو= حيران، پريشان،
آفت زده، بدبخت، رُلندڙ
پنندڙ.
محمل=ڏولي، اُٺ جو ڪجاؤ
يا هودج (هوده).
474- روءِ= شڪل، منهانڊو.
خوءِ= عادت، خصلت.
475- نمودار ٿيڻ= ظاهر ٿيڻ،
پر گهٽ ٿيڻ، وارد ٿيڻ.
ڪُوزه گر= ڪُوزو (ٺڪر جو) جوڙيندڙ، ڪُنڀار.
476- مُنعم= نعمت ڏيندڙ، فياض، سخي، داتا، مربي، آقا، مالدار، تونگر، خدا
تعاليٰ.
477- ڪري دير بحال= دير سان بحال ٿو ڪري، دير سان سوال ٻُڌي ٿو، سوال پورو
ڪري ٿو.
478- تدبير= ڪوشش.
تقصير= قصور، خطا، گناهه.
479- شتاب= جلد، تڪڙو؛ فوراً.
480- بعيد= پرَي، ڏور. پليد=نجس، ناپاڪ.
ديد=نظر، اک.
481- ڀاڻين= پسند آئي، وَڻي.
483- اَلوان= قسمين قسمين، نموني
نموني، طرحين طرحين.
484- مَلڪ= ملائڪ، فرشتا. بيت الله= الله جو گهر، ڪعبو.
485- لوڪشف غطاء (لوڪشف الغطاء ما از دوت يقيناً)= جيڪڏهن تون پردي کي پري
ڪندين ته منهنجي يقين ۾ اضافو نه ٿيندو
يقين مون= مون کي يقين
پُوڄان نه اُنهيءَ رب کي....
=(لااعبد رباَلَم آره ) ڏانهن اشارو يعني نه پوڄيندس
انهيءَ رب کي جنهن کي مون نه ڏٺو آهي.
جلي= چٽو، ظاهر، روشن،
487- اَئِين= اوهين. ڪلام ڪرڻ= گفتگو ڪرڻ،
ڳالهائڻ.
488- قوي= طاقتمند، مضبوط،
همت وارو، قوت وارو.
اتحاد= ايڪو، ٻَڌي،
ايڪتا.
قالب= جسم، بدن.
489- زور= طاقتمند، مضبوط.
490- خاني= گهر.
491- مَثَل= پهاڪو، مثال،
ضرب المثل.
يَڪ مُشت نمونہ خروار=
نموني خاطر هڪ وڏي ڍِڳ مان هڪڙي مُٺِ.
492- گردان= ڦيرو.
صَرف ونَحو = گرامر، ويا ڪرڻ، اُهو علم جنهن ۾ لفظن جو جوڙ توڙ ۽ ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جا قاعدا بيان ڪيل آهن.
مشق= اُهو لفظ، جو ڪنهن ٻئي لفظ مان نڪتل هجي، اُهو صيغو، جو مصدر مان ٺهيل
هجي.
493- صُنع= ٺهيل شيءِ، مصنوع.
صانع= ڪاريگر.
آخوند= اُستاد، معلم، مدرس.
جامع=ڪُل، تمام، ڪامل،
اَڪمل.
خليفو= نائب، قائم مقام.
قانع= قناعت ڪندڙ، ٿوريءَ شيءِ تي قناعت ڪندڙ يا راضي رهندڙ، صابر.
نحن صُنع الله= اَسين الله
جا ٺهيل آهيون(حديث).
494- بسيار= گهڻو.
اقرار ڪرڻ= اعتراف ڪرڻ،
مڃڻ.
495- مستغرق= ٻُڏل، غرق ٿيل،
نهايت مصروف.
496- عشاقن= عاشقن (عاشق جو
جِمع عشاق آهي، پر هتي
سنڌيءَ ۾ جمع الجمع ڪم
آيل آهي).
مطّهر= پاڪ، صاف، مبّرا،
معصوم.
ميسّر ٿيڻ= حاصل ٿيڻ،
هٿ اچڻ.
498- ٽاهُو= ٽهندڙ، لڄاڙُو.
ٽاهُو وڄائن= نالو ناموس
ڪڍڻ.
باهُو ڪُتا= بَهندڙ يا ڀونڪندڙ ڪُتا.
باهُو= سلطان باهُو (هڪ مشهور صوفي، عابد، زاهد شيخ ۽ پير ٿي گذريو آهي).
يا هُو، يا هُو= ”يا الله يا الله“ جو ورد يا وظيفو يا تسبيح. يا هُو گهٽا=
زاني، بدڪار، بدمعاش، اوباش.
499- مشقت= گهڻي محنت، رياضت، تڪليف، ڏک، ضروري.
درمان=دوا درمل، علاج معالجو.
چندن= صندل جي ڪاٺي.
عُود= اگر، سُرهي ڪاري ڪاٺي.
عَنبر= هڪ قسم جي سرهاڻ
(جا باهه تي ميڻ وانگي
پگهر جي ويندي آهي).
502- اي نيڪ= اَي چڱا مڙس !
503- مَٽ ٿيا= برابر يا هڪجهڙا يا هڪ جيڏا ٿيا.
ليل ونهار= رات ۽ ڏينهن.
مُردا= مئل ماڻهو، مُرده.
زندا= زنده، جيئرا.
حَمل= آسمان جو پهريون بُرج، ميک.
غفار= معاف ڪندڙ، گناهن
تي پوش ڏيندڙ، خدا تعاليٰ
جو صفاتي نالو.
قهار= قهر ڪندڙ، جبار، خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
504- مُوم= ميڻ.
معدوم= ناممڪن(نيست، نابود)، مشڪل.
نسبت= واسطو، تعلق، لاڳاپو.
معلوم= ڄاتل، علم ۾ آيل.
505- وَبال=بار، بوجو، مصيبت، آفت.
محض= فقط، رڳو، صرف.
506- ”شايد تو ڏٺو“= ”شايد تو لَڌو“.
”غور مان“= ”گهُور مان“.
507- هَوس= لالچ، طمع، لوڀ.
پيش ۽ پَس=اڳ ۽ پوءِ.
نَفَس= ساهه، دم.
509- لڳو هُم= مون کي لڳو هو.
تاب و توان=طاقت، سگهه، همت.
سَرتاپا= مٿي کان وٺي پيرن تائين، ننهن کان چوٽيءَ تائين.
ڪيو اُن جريان=منهنجي هڏ هڏ ۽ رڳ رڳ ۾ عشق، درد جو جريان يا درد جي وَهُڪَ
جاري ڪري ڇڏي آهي.
510- ڪَهڪايو=(ڪهڪائڻ يا
ڪهڪائجڻ مصدر مان ماضي)
ڪَهڪايل، ستايل.
وَرسايو= وَسايو، واسيو،
خوشبودار يا معطر ڪيو.
512- ڪَون و مڪان= دنيا،
جهان، جڳ، سنسار، عالم
موجودات، هستي.
513- سَرائ= گهر، رهڻ جي جاءِ.
هَمسايو= پاڙيسري.
رابعه چيو.... الدّار= بيبي رابعه بصريءَ چيو ته پهرين پاڙيسري(ڏس)، پوءِ
گهر (وٺ).
514- گيڙ وان= گيڙوءَ رتا.
مرادَ=آس، اُميد، خواهش، آرزو.
مُريد= حق جو طالب.
ڪَنان= ڪَنن مان.
515- سندئي= تنهنجو.
ريائي= ريا جو، ظاهرداري يا ڏيکائيءَ جو، زمانه سازيءَ يا مڪر ۽ فريب جو،
ڌوڪي يا دولاب جو، ناانصافيءَ جو.
اطاعت= فرمانبرداري، عبادت.
لال= سُرخ.
خرقي ۽ ڪُلاه سان=
درويشاڻي گودڙيءَ ۽
ٽوپيءَ سان.
516- اسرار= ڳجهه، راز، ڀيد.
ڇاڻين= سمجهين.
لِقا= ديدار، جلوو، ملاقات، چهرو، صورت، شڪل. لِقا ماڻڻ= دوست جو ديدار ڪرڻ.
517- رعد= وڄ يا کنوڻ جو ڪڙڪو، ڪڪرن کي هلائڻ واري فرشتي جو آواز.
سَرگشتو= پريشان، حيران، دربدر.
وصال=(ضد= فراق) ميلاپ، گڏجاڻي، ملاقات.
519- وجود ۽ عدم=(ٻئي هڪٻئي
جا ضد) هستي ۽ نيستي.
520- روز اَلست= شروع وارو ڏينهن.
بليٰ= هائو، بيشڪ.
522- تولاءِ بس.... ناهين=اي يا ڇا! تو لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته تون سِڄ
کان پري يا دور نه آهين.
523- پاڻ کان پاڻ پلڻ= پنهنجي هستي وڃائڻ، پاڻ کي پاڻهئي نيست نابود يا
قربان ڪرڻ، آپو يا خودي وسارڻ، پنهنجو پاڻ کي
وسارڻ.
آشنا ٿيڻ= واقف ٿيڻ، شناسا
ٿيڻ، دوست ٿيڻ، دوستي رکڻ.
525- مقصود= مقصد، غرض،
مدّعا، مطلب.
طلسم= جادو.
اِسم= نالو.
526- خندان =کِلندڙ، ٽِڙندڙ.
527- سان باهه= باهه سان. گاهه بيگاهه= وقت بيوقت، هر وقت.
528- نِنڊاکيون= نِنڊاکڙيون، نِنڊ ۾ ورتل (اکيون)،
خواب آلود اکيون.
زنگ= ڪَٽ.
530- باري بها لعل= بي بها يا لاثاني لعل، اَملهه لعل، وڏيءَ قيمت وارو لعل.
532- پنهان= (عيان جو ضد)، لِڪل، مخفي،ڳُجهو.
دشوار= (ضد اسان جو) ڏُکيو، مشڪل.
534- مظلوم= (ضد- ظالم) جنهن تي ظلم ٿئي، ستايل، ستم زده، ظلم رسيده، ڏکويل.
مفهوم ٿيڻ= فهم يا سمجهه ۾ اچڻ، معلوم ٿيڻ.
اِسرار=(سر جو جمع)راز، ڳُجهه، ڀيد.
535- مچايو ٿئي= مچايو اَٿيئي، تو مچايو آهي.
گهر غم ۽ خطا جو= يعني اِنسان، خاڪ جي مُٺ، اي انسان ! اي غم ۽ خطا جا گهر !
ڪور= انڌو، معذور.
اِيءُ= ايترو، ايتريقدر.
536- شڪرانو= آءٌ شڪر بجا ٿو
آڻيان، شڪر الحمد الله !
آس= اُميد، آرزو، حسرت.
دام= ڄار (جانورن کي
ڦاسائڻ جي).
538- صدا= آواز، دانهن.
روباهه= لومڙ.
صفت= مثل، وانگي.
خواب خرگوش= مدهوشي،
بيخبري، غفلت جي ننڊ،
سُستي، تغافل، سَهي جهڙي ننڊ.
539- وصل هجر=(هڪٻئي جا
ضد) وصال ۽ فراق، گڏجاڻي ۽ ڦوڙائو.
خلوت= تنهائي، اَڪيلائي، ڪُنڊ ڪوڇو، پوشيدگي، خوابگاهه، علحدگي.
540- سُوئي بسُوئي=هرطرف، هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين.
مُوئ بمُوئ= هر وارُ (مٿي جو).
ڪُوئ بڪُوئ= هر گهٽي،
هر گلي، هڪ گهٽيءَ کان
ٻيءَ گهٽي تائين.
لب بلب= چپ تي چپ.
رُوئ برُوئ= منهن تي منهن.
541- مُهر لِڪي هڻڻ= سِڪو
جوڙڻ (جعلي).
پارکو= صرّاف.
542- محرم= واقف، ڄاڻو، رازدان، دوست.
هَمنفَسَ= ساڳيو ساهه
کڻندڙ، همدم، دوست.
543- حال زار=افسوسناڪ حالت، بُڇڙي يا خراب حالت.
سودائي=چريو، ديوانو.
هر ديار= هر ملڪ، هر ديس، هر شهر.
544- مقصود=مقصد، خواهش، آس.
زهره= ٽئين آسمان جي هڪ ستاري جو نالو.
مِرّيخ=(اُچار-مِر+ريخ) هڪ آتشي قسم جو سيّاره، جو ستين آسمان تي آهي، منگل.
زُحل= ستين آسمان جي هڪ نهايت سُست رفتار تاري جو نالو(جو نحس سمجهيو وڃي
ٿو)، ڇنڇر.
سَهل= آسان، سولو.
ڪَنا= کان.
قطب= قطب تارو(جو اُتر يا ڏکڻ پاسي نهايت روشن رهندو آهي ۽ هميشہ هڪ ئي جاءِ
تي بيٺل نظر ايندوآهي.
سُهيل= مشهور چمڪندڙ
تارو، جو يمن جي مُلڪ
۾ اُڀرندو آهي ۽ اُن جي
تاثير کان چمڙي ۾ خوشبو
پيدا ٿيندي آهي ۽ زمين جا سڀئي جيت جنتر (حشراة الارض) مري ويندا آهن.
سُها= هڪ ننڍو تارو.
546- اکين جا ماڻهو=ماڻڪيون
(اکيون جُون).
خطر=خطرو، ڊپ.
547- آبرو خاڪ ڪرڻ= عزت
خاڪ ۾ ملائڻ، سخت بيعزتي
ڪرڻ.
548- مِهر ۽ ماه=سج ۽ چنڊ.
ناگاه= اوچتو، اَچانڪ.
549- فاخلع نعليڪ= پنهنجي جتي لاهه.
پَيڪ= قاصد.
550- ڪَس و ناڪس= اعليٰ ۽ ادنيٰ، خاص ۽ عام، هرڪو ماڻهو.
باريڪ= سنهي، سوڙهي.
هوَس= لالچ، لوڀ، اَجايو حرص.
551- کان تنهنجي غم= تنهنجي غم کان.
552- اَلستي حڪم= اَلست جو حڪم، روزالست جو حڪم.
چؤڦير=چوڌاري.
553- راهگذر= واٽهڙو، واٽ تان لنگهندڙ.
ڪوتاه نظر= ڪم نظر، ڪم
عقل، گهٽ سمجهه وارا،
ڪم بين، گهٽ ڏسندڙ،
ڪوتہ اَنديش.
554-خلوت= اڪيلائي، تنهائي،
ڪُنڊ ڪوڇو، لڪل جاءِ.
555- شيخ= پير مرد، مُرشد، پير، پيشوا، صوفي، سجاده نشين، خانقاه جو سردار،
عرب جو سردار، معزز ماڻهو.
اَڌ رات جي آه= نالہء نيم شبي،
اُها آه ۽ زاري، جا آڌيءَ
رات جو اُٿي ڪئي وڃي.
556- بَدّل=عوض، بدلو.
قيام= قيامت جي ڏينهن.
فضل= رحم،ڪرم، مهرباني.
557- مان حق جي خوان= حق جي دستر خوان مان، زمين مان.
558- زِندو= زنده، جيئرو.
عَفو= بخشش.
چارو= رستو، طريقو.
جُويندو= جُوينده، ڳوليندڙ.
يابِندو= يابِنده، لهندڙ،
حاصل ڪندڙ، لڀندڙ.
559- شَر جو= شيطاني، ناخيري.
محض= فقط، رڳو، صرف.
بشر=انسان، آدمي.
561- مان بحر زماني جي=زماني جي بحر مان.
562- لاءِ دلدار= دلدار يا دوست لاءِ.
درڪار= گهُربل.
دَلق=درويشاڻي گودڙي.
دستار= مولوين جو پَٽڪو.
563- هڪ دم= هڪ لحظو،
هڪ ساهه.
قفس= پڃرو، جسم.
حرص هوا= لالچ، هَوسَ،
لوڀُ.
564- تائب= توبہ ڪندڙ.
تقصير= قصور، ڏوهه،
جُرم، غلطي.
565- رهڻيءَ ۾= بودوباش ۾،
گڏ رهڻ ۾، گڏ جالڻ ۾،
خويش= مِٽ مائٽ، پنهنجو
عزيز (ضد- غير).
بيش= زياده، وڌيڪ، معتبر، مٿانهون.
پيش=اڳي، اعليٰ، صدر، گوءِ کڻندڙ، سونهون.
بَد اَنديش=دشمن، مَٺگهُرو.
566- درمان= دوا درمل، علاج معالج.
دشمن جان= جان جو دشمن،
جاني دشمن.
567- قرب= (ضد- بُعد) نزديڪي،
ويجهڙائي (خدا جي).
مقيم= رهاڪو، رهندڙ.
تفويض= خدا تي ڀروسو.
تسليم= خدا کي سڀڪجهه
سونپڻ.
559- سيّد= سردار.
سيّد ڪنهين........... مدام=
اِشارو هن حديث ڏانهن آهي
”سيد القوم خاد مهم“ قوم
جو سردار ان جو خادم آهي.
570- پرڪار= گول ڪڍڻ جو اوزار، پلڪار.
571- پڙهئي جو=پڙهيل (ماڻهوءَ)
جو، پڙهيل ڳڙهيل جو.
572- بَدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.
هِلال= پهرين تاريخ جو چنڊ.
تنزّل=(”ترقي“ جو ضد) زوال.
573- ناقِص= اَڌُرو، اَڻپُورو، نُقص وارو (ڪامل جو ضد).
فَواري= ڦُوهاري، فّواره.
آغاز=(ضد= انجام)شروعات، منڍ.
574- وَڌ وَڌ= هڪٻئي کان وڌيڪ.
روزَ= ڏِهاڙا، ڏينهن.
575- حق کان=رب کان.
جَنَم= پيدائش، ڄَمُ.
بهلول= هڪ مست درويش
۽ شاعر جو نالو.
والد کان....وڏو= جيئن آءٌ، پنهنجي پيءُ کان به ويهه سال وڏو آهيان. (مرزا
صاحب مرحوم جن جي والد بزرگوار جن جي عمر 57 سال
هئي ۽ خود مرزا صاحب جن جي عمر، هن رباعيءَ لکڻ
وقت 77 سال هئي).
577- اَنت=تُون.
نَحن= اسين.
مُصحف= قرآن پاڪ.
578-سواديشي= سوديشي، پنهنجي
ديس جو، ديسي، مُلڪي.
579- اختلاط= ميلاپ، هڪٻئي ۾ گڏجڻ، آميزش، ميل جول،
ربط ضبط.
580- سواراج= سوراج، پنهنجو راڄ، حڪومت خود اختياري، هوم رُول.