سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :13

 

رباعيات عمر خيام

 

 

ديباچو

 

عمر خيام تاريخن ۾ ڪئڪائوس، جمشيد، فريدون، خسري سُّليمان، بهرام گور ۽ محمود جي وڏائن جون ڳالهيون پڙهي پاڻ کان پڇو ته ”اي مسڪين خيام اِهي سڀ پنهنجن نؤبتن نغارن سميت ويا ڪاڏي؟ ائين ته نه آهي جو جنهن مٽيءَ مان ڪنڀار هاڻي ٿانوَ پيا ٺاهين، سا خود انهن بادشاهن جي عضون جي مٽي آهي؟ ائين ته نه آهي جو منهنجو غريباڻو ڪُوزو فريدون جي آڱر ۽ خسري جي تِريءَ مان بنيو آهي ۽ منهنجو پيالو ڪئڪائوس جي کوپريءَ مان؟“ آسمان جي چرخي تي، ”دهر جي زيرن زبرن تي“، دنيا جي اسرارن تي، هن ”فانوس خيال“ ۽  هن ”فريبخانه“ جي چرترن تي، فڪر ڪندي ڪندي عمر خيام نيٺ سموري دائره دؤر جي ۾ سچو مرڪز، سموريءَ فنا ۾ سچي هستي، سموريءَ ڪثرت ۾ سچي وحدت، سمورن خارن ۾ سچو کلرخسار ڳولي لڌو. ۽ انهيءَ هڪ کي جهان جي جان سمجهيائين ۽ جهان کي سندس بدن. انهيءَ اصل شناسيءَ کي هن شراب سڏيو آهي ۽ چيو اٿس ته اهو شراب زماني خونيءَ جو رت آهي ۽ ماڻهن جي رت پيئڻ کان زماني خونيءَ جو رت ڇو نه پيئان. اِنهيءَ شراب خوريءَ جي تعريف سان سنديس رباعيات پُر آهن.

جي خيام وانگي، شڪَ ترڪ ڪري نيٺ يقين سان روح کي سلطان سمجهن ٿا ۽ عالم کي سندس تنبوُ، ۽ جي ائين سمجهي، مڪاشفه ۽ مشاهده لاءِ، نمرتائي ۽ نياز سکي، ماٺ ۽ تنهائيءَ ۽ پنهائيءَ ۾ اندر جي تاڙي لائي، ايڪمنا ٿي، ڌيان ڪن ٿا، سي لاشريڪ لاثانيءَ جي سونهن تي حيران ٿي درجي بدرجي عشق جي منزل کي پهچن ٿا. انهيءَ منزل ۾ سڀ مذهبي تعصب ۽ عملي خطّ سياهه ميٽجي وڃن ٿا، ۽ سوين ڳالهيون جي اڳي آٽپَٽي ڏسڻ ۾ پي آيون، سي پوريءَ سمجهه ۾ اچن ٿيون. جيئن جيئن انهيءَ محبت جي راهه ۾ شوق ۽ ذ‍ؤق وڌي ٿو، تيئن تيئن اندرئين پکيئڙي کي ڄڻ ته کنڀ ٿين ٿا؛ ۽ غيب جا پردا وڌيڪ کُلن ٿا ۽ حيات جاوداني سرمايه لذت جوانيءَ جو سواد وڌيڪ اچڻ لڳي ٿو. اهڙو عاشق، هڪ کي ٻه هرگز نه چوي ۽ سنسار جي تالاب ۾ ڪنول وانگي نرليپ رهي ٿو. آخر پريم ڪيميا هن کي ڄڻ ته نئين صورت ڏئي ٿي، ۽ انهيءَ صورت ۾ ڄڻ دنيوي عقل کي ٽي طلاقون ڏيئي، حقيقي انگور جي ڌيءَ سان شادي ڪري ٿو، ۽ خِلوت ڪري خاموش ٿي ڪثرت قِلت جي ڄار کان ڇُٽي ”ساڪِن محِراب الست“ جو ٿئي ٿو.

شال هن ننڍڙي ڪتاب جي پڙهڻ سان حقيقت ۽ معرفت ڏي، اسان جن ماڻهن جو خيال  ٿئي ۽ هڪ سچي کي سڃاڻي، اُهو سڀني ۾ ڏسي وير وروڌ تياڳي، هڪٻئي سان سلوڪ ۾ رهن ۽ دليون نه ڏکوئين، هر طرح هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿي ملڪ جو فائدو ڪن ۽ سچو سک هٿ ڪن. عمر خيام چيو آهي ته ’روي زمين کي آباد ڪرڻ اهڙو آهي، جهڙي هڪ دل شاد ڪرڻ‘. شال اها نصيحت نه وسريئون.

 

حيدرآباد سنڌ                                          بنده

22- اپريل 1904ع                                ديارام گدومل

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

”عمر خيام“ جون پارسي رباعيون ملڪن ۾ مشهور آهن. هر هڪ رباعي ۾ اگرچ فقط چار مصراعون آهن، تڏهن به انهن ۾ جيترو علم ۽ حڪمت جو مضمون آندل آهي، تنهن جو مثال اهڙو آهي، جهڙو درياهه ڪوزي ۾. انهن ۾ جيڪي  نڪتا ۽ نصيحتون لڪل آهن، تن جي حقيقي معنيٰ پوري طرح سمجهڻ ڪري، انهيءَ عجيب ۽ قابل حڪيم جي حڪمت ۽ شاعر جي شعر جي نزاڪت ۽ خوبي معلوم ٿي سگهي ٿي. انهيءَ  حڪمتي نزاڪت ۽ اخلاقي خوبيءَ جي وڏي نشاني هيءَ آهي ته هيترين صدين جي گذرڻ کان پوءِ به، يورپ جي سڌريلن ملڪن ۽ قومن ۾ انهن رباعين جي تعريف هلي اچي، ۽ وڏن قابلن ۽ شاعرن انهن جا نثر توڙي نظم ۾ ترجما ڪيا آهن.انگريزي ترجمن مان پهريون مشهور ترجمو شعر جو شعر ۾ ”ايڊورڊ فٽز جيرالڊ“ جو آهي جو آئرلنڊ جو شاعر هو، ۽ جنهن جي تعريف هن صديءَ جي ملڪ الشعرا ٽينيسن به ڪئي آهي. اهو انگريزي ترجمو سنه 1858ع ۾ پريندي ڇپيو ۽ تنهن کان پوءِ به ٻه- ٽي دفعا وري وري ڇپيو آهي. ٻيو ترجمو لفظ بلفظ ڪيل ”رچرڊلي گالين“ جو آهي.

اگرچ عمر خيام جي شعر ۾ شراب ۽ عيش عشرت ۽ ٻين ڪن ظاهري خراب ڳالهين جا اشارا ڏنل آهن، جن جي مجازي معنيٰ نفرت ۽ گمراهيءَ جهڙي آهي؛ تڏهن به جيئن ”حافظ“ ۽ ٻين صوفي شاعرن جي شعر جي ظاهري يا مجازي هڪڙي معنيٰ آهي، ۽ باطني يا حقيقي ٻي معنيٰ آهي، تيئن عمر خيام جي رباعين جو به حال آهي. جي حقيقت ڪري معنيٰ جي ڪا خرابي هجي ها، ته جيڪر يورپ جا سڌريل ماڻهو انهن جي تعريف ۽ مشهورائي کان پري ڀڄن ها.

اهڙي عجيب ڪتاب جو ترجمو يورپ جي ٻولين ۾ ٿيو آهي، مگر افسوس آهي ته هندستان يا ڪنهن ٻي مشرقي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. تنهن ڪري مون ڪوشش ڪري انهيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اصل رباعيون گهڻيون هيون، مگر ڪن جو مضمون دلچسپيءَ جهڙو نه هو، تنهن ڪري اُهي ڇڏي ڏنيم. باقي سوا سؤ کن رباعيون چونڊي ڪڍيم، جن جو ترجمو پارسي رباعيءَ جي طرز يا بحر تي ڪيم. جيتوڻيڪ اصل زبان جي خوبي ٻي زبان ۾ پوري طرح ڏيکارڻ تمام مشڪل آهي، تڏهن به جيتريقدر ٿي سگهيو آهي اوتريقدر شاعر جا  خيال صاف طرح ڏيکاريا ويا آهن.

اصل پارسي ڪتاب ۾ رباعيون رديف موجب الف- بي وار لکيل هيون. سنڌي ترجمي ڪرڻ ۾ اها اصلوڪي ترتيب قائم رکي ويئي آهي، ۽ هڪٻئي پٺيان جيڪي رباعيون انتخاب ڪيون ويون تن جو ترجمو ڪيو ويو. سنڌي رديف جو خيال ڇڏي ڏنو ويو، انهيءَ لاءِ ته اصل رباعيون مقابلي لاءِ وري ڳولي هٿ ڪرڻ آسان ٿين.

معلوم هجي ته پارسيءَ ۾ رباعيءَ جو بحر گهڻو ڪري ”مفعول مفاعلن مفاعيلن فاع“ يا ”لاحول و لاقّوت اِلاّ بااللهّ“ آهي، اگرچه انهيءَ ۾ ويهارو کن ڦيريون گهيريون آهن. اهو بحر تمام مشڪل سمجهيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ته پارسيءَ کان به زياده مشڪل سمجهڻ گهرجي. انهيءَ هوندي به ڪوشس ڪري اصلوڪي نزاڪت مدنظر رکي ويئي آهي. اُميد آهي ته پڙهندڙن کي انهيءَ مان لذت حاصل ٿيندي.

هاڻي اسين”عمر خيام“ جي حياتيءَ جو مختصر احوال ڏينداسين، ۽ پوءِ سندس توڙي ٻين صوفي شاعرن جي شعر ۾ جي مکيه لفظ ۽ اصطلاح ڪم آيل آهن، تن جي مختصر حقيقي معنيٰ ڏينداسين ته انهيءَ جي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.

 

عُمر خّيام جي سوانح عمري

”عمر خيام“، جو شاعر به هو ۽ حڪيم به هو، سو خراسان جي ”نيشا پور“ شهر ۾ انگريزي يارهين صديءَ يا هجري پنجين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ڄائو هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ جي پوري خبر ناهي مگر هيترو معلوم آهي ته سنه 430 هجري (سنه 1038ع) ۾، هن نيشاپور جي مشهور دارالعلوم ۾ تعليم حاصل ڪئي، ۽ سنه 517هه (سنه 1123ع) ۾ هن وفات ڪئي ۽ سندس عمر پنجاسي ورهين ڌاري هئي. انهن کي اڄ تائين اٺ سؤ ورهيه اچي ٿيندا. هن جي ننڍي هوندي جي ڏينهن جي گهڻي خبر ڪانهي، نڪو سندس وڏي هوندي جي ڏينهن جو محقق ۽ پورو احوال ڪنهن ڪتاب مان ملي سگهي ٿو. مگر جن ڏينهن ۾ هو پيو پڙهندو هو، تن ڏينهن جي هڪڙي مزي جهڙي ڳالهه ڪرڻ ۾ ايندي آهي ته، نيشاپور ۾ هڪڙو قابل اُستاد ”امام موقف“نالي هوندو هو، جو ساري خراسان ۾ مشهور هوندو هو. هو تمام پير مرد هو ۽ سوين شاگرد وٽس تعليم وٺندا هئا. اهو عام اعتقاد هوندو هو ته جيڪو شاگرد هن وٽ قرآن ۽ حديث پڙهي اُٿندو هو، سو وڏي درجي کي پهچندو هو.

هڪڙي ڀيري ٽي ڇوڪر هن عالم وٽ گڏ پڙهندا هئا ۽ همسبق هوندا هئا. هڪڙو ”حَسنَ بن سبّاح“، ٻيو ”ابوالقاسم“ جو پوءِ نظام الملڪ جي عهدي کي وڃي رسيو ۽ ٽيون ”عمر خيام“ اهي ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ گهرا  يار هوندا  هئا. هڪڙي رات هنن پاڻ ۾ صحبت ويٺي ڪئي ته ”حسن“پنهنجن ٻن سنگتين کي چيو ته ”اها ڳالهه مشهور آهي ته جيڪو اسان جي امام يا اُستاد وٽ علم جي تحصيل ڪندو آهي، سو وڏي درجي ۽ دولت کي رسندو آهي. جي اسين ٽيئي اهڙا نصيب وارا نه ٿياسين ته من اسان مان ڪو هڪڙو اهڙو ٿئي؛ تنهنڪري اچو ته پاڻ ۾ عهد اقرار ڪريون ته جنهن کي اهڙو بخت لڳي، سو پنهنجن ٻن سنگيتن سان ونڊي وٺي، رڳو پاڻ انهيءَ جو فائدو نه وٺي.“سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هڪٻئي سان عهد اقرار ڪيائون.

ڪن ورهين کان پوءِ هي ٽيئي ڄڻا تحصيل ڪري اُٿيا ۽ سڀڪو پنهنجي منهن نڪري هليو ويو. ”ابوالقاسم“ نظام الملڪ، جنهن هيءَ ڳالههِ لکي آهي، سو خراسان گهمندو غزني ۽ ڪابل ۾ آيو ۽ سگهو ئي نصيب يار ٿيس، جو ”سلطان الپ ارسلان“ جو وڃي وزير ٿيو. ڪن ورهين کان پوءِ سندس ٻئي ننڍي هوندي جا سنگتي وٽس آيا ۽ انجام پوري ڪرڻ لاءِ چيائونس. وزير نظام الملڪ جي سفارش تي سلطان ”حسن سباح“ کي هڪڙو وڏو عهدو ڏنو؛ پر جلد اضافي نه ملڻ ڪري هو ناراض ٿي، پنهنجي مربّي وزير جي بر خلاف منصوبا ۽ فساد ڪرڻ لڳو ۽آخر نظام الملڪ کي قتل ڪري کپائي ڇڏيائين.

”عمر خيام“ به وزير وٽ مدد لاءِ آيو هو، مگر هن کي ڪنهن وڏي عهدي يا لقب جي لالچ نه هئي. هن وزير کي چيو ته ”تون مون تي رڳي ايتري ڀلائي ڪر، جو مون کي پنهنجي اقبال جي پاڇي ۾ هڪڙي ڪنڊ ڏي، جي آءٌ  ويهي علم ۽ حڪمت جي ترقي ڪريان ۽ توکي دعائون ڪندو رهان“. تنهن تي وزير نظام الملڪ هن کي نيشاپور جي خزاني مان ٻارهن سؤ مثقال سون جا ساليانو مقرر ڪري ڏنا.

انهيءَ طرح عمر خيام نيشاپور ۾ خير جا ڏينهن گذاريا ۽ گوشه نشيني ۾ پنهنجي عمر حڪمت ۽ شعر جي شغل ۾ گذاري. ”خيام“ هن جو شعر ۾ تخلص هو، مگر خيام جي معنيٰ آهي خيمه دوز يا تنبو جوڙيندڙ. ڀائنجي ٿو  ته اهو هن جي پيءُ ڏاڏي جو ڌنڌو  هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ته هو پاڻ به اهو ڪم ڪندو هو. يا ته جيئن هن پاڻ هڪڙي رباعي ۾ چيو آهي ته:

خيام ڪه خيمه هاي حڪمت ميدوخت

يعني حڪمت جا خيما سبندو هو، نه هي ظاهري خيما؛ جهڙيءَ طرح شيخ ”فريدالدين عطار“ ۽ ”حسين بن منصور حلاج“ جي نالي، ٻي معنيٰ سان عطار يعني پاساري ۽ حلاج يعني پڃارو چوندا آهن. پر انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ”عمر خيام“ علم هيئت، علم رياضي ۽ علم نجوم ۾ گهڻو سڌارو ڪيو ۽ ”الپ ارسلان“ جي پٽ ”ملڪ شاهه جلال الدين“ جي راڄ ۾ هن ٻين ستن حڪيمن سان گڏ هڪڙي تقويم يا جنتري جوڙي ۽ سال جلالي انهيءَ وقت کان وٺي شروع ٿيو، جو تواريخن ۾ ”زچئه ملڪ شاهي“ جي نالي سان مشهور آهي. ”عمر خيام“ فرنگي ٻوليءَ مان الجبرا جو ڪتاب به ترجمو ڪيو. انهيءَ علم کان سواءِ هو فلسفي ۽ شعر ۾ به استاد هو. سندس شعر اڪثر رباعين ۾ آهي، جن ۾ هن دنيا ۽ آخرت ۽ روح جي نسبت پنهنجا رايا ڏيکاريا آهن، جي رباعين جي مضمون مان معلوم ٿيندا. هو اِسلام جي اصولن تي پورو هو، مگر تقليدي نه هو.سکڻن اکرن تي هلڻ وارو نه هو، نڪي حقيقت دل ۾ رکي ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ ظاهري شريعت تي هلندو هو، مگر ظاهري جي ڪا به پرواهه نه رکي، ظاهر توڙي باطن ۾ حقيقت تي هلندو هو. انهيءَ ڪري تقليدي مسلمان سندس برخلاف هوندا هئا ۽ انهيءَ سبب ڪن ورهين تائين هو پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي وسري ويو. پر نيٺ سچ لڪڻ جو نه هو ۽ حقيقت آخر وڃي ظاهر ٿي ۽ جيڪو”عمر خيام“ جي رباعين جو قدر ٿيو، سو ڪنهن ٻئي حڪيم يا شاعر جي تصنيف جو ٿورو ٿيو هوندو. دنيا جي بيوفائي ۽ ناپائداري ۽ زماني  جي گردش کان بيپرواهي، ۽ حياتيءَ جي وقت جي خوش گذاري ۽ ظاهر پرستي کان نفرت، ۽ باطن يا دل جي صفائيءَ جي ڪوشش بابت جي ڪنهن کي عمدا خيال معلوم ڪرڻا هجن، ته اهو ”عمر خيام“ جون رباعيون پڙهي. انهن ۾ ڪڏهن ڏسبو ته هو بدعت جي قيد ۽ دين جي پابنديءَ کان علحدو ٿي، آزادي ۽ زندهه دليءَ جي تعليم ڏئي ٿو، ۽ ڪڏهن ڏسبو ته رندن واري وعظ ۽ قلندرن واري تلقين کان پري ڀڄي، اخلاق جي سچي رستي جي رهنمائي ڪري ٿو.

هاڻي اسين صوفين جا ڪي خاص اصطلاح ترتيبوار ڏينداسين.

 

 

 

صوفين جا ڪي خاص اصطلاح

 

آبرو= عبوديت- حجاب الوهيت جو.

بوسه يعني چُمي= روحاني لذت.

بيهوش=ذات حق جي صفات ۾

محو ٿيڻ.

بُت=هستيءَ جو مظهر يعني حق-

غيبي تجلي.

جلال= قهاريءَ جي تجلي.

جُرعه يعني سُرڪي= اِسرار الاهيءَ

جا مقامات.

خرابات يا شرابخانو= حق جو مظهر-

مرشد جي خانقاه- عارف ڪامل.

خواب يعني ننڊ= انساني ڪمن ۾

فنا اختيار ڪرڻ.

دير يعني مڙهي= عالم انساني.

رز يعني ڊاک= حق جي معرفت-

دلي محبت.

زِنار يعني جڻيو= يڪرنگي،

محبوب حقيقيءَ جي طاعت.

ساقي=مرشد- محبوب حقيقي.

بيداري= محويءَ جي حالت.

بتخانو ۽ شرابخانو= خانقاهه يا مرشد

جو گهر يا عارف ڪامل.

جمال= حق جو تجلو- مشاهدو.

شراب= عبوديت جو عيش- محبت

جو جذبو- معرفت جي لذت.

شاهد يا معشوق= حق تعاليٰ.

عاشق= جمال ۽ جلال الاهيءَ جو

مست.

جام= احوال- عارف جي دل.

حسن= جميعت ڪمالات.

باده نوش يا باده فروش يعني

شراب پيڻ يا وڪڻڻ وارو.

مرشد ڪامل.

ديوانگي يا مستي= عاشق جي مغلوبي.

دين= اعتقاد.

دم= سالڪ جو ذوق ۽ شوق.

دوزخ= نفس آماره.

زاهد خشڪ= جاهل- بي معنيٰ

ساغر يا پيالو= جنهن شئي ۾ غرق

نُور يا مشاهدو معلوم ٿئي

شرابخانو= خانقاه- مرشد ڪامل.

عشق= حق جي ذات- عالم جبروت.

فراق=حق جي معرفت- وحدت

جو مقام- عالم باطن کان عالم

ظاهر ڏي اچڻ.

ڪفر= عالم لاهوت ۽ ملڪوت

ڪثرت کي وحدت ۾ لڪائڻ

ڪافر= جو شخص اسماءَ ۽ افسانه

۽ صفات کان نه لنگهيو هجي

۽ حق کي تعيّنات ۽ ڪثرت

۾ لڪائيندو هجي.

ڪعبه ۽ محراب= دل جو مقصد.

ڪليسا ۽ ڪنشت= عالم تعيّن-

شهود معرفت.

مطرب يا ڳائڻ وارو= ترغيب

ڏيندڙ- فيض پهچائيندڙ.

 

حيدرآباد،                                      قليچ بيگ

6- اپريل 1904ع

 

اشارو: شعر جي وزن پوري ڪرڻ لاءِ جتي ڪي لفظ تڪڙا آڻڻا آهن يا ملائڻا آهن، اُنهن جي مٿان شد ( ّ) جي نشاني ڏني وئي آهي جيئن لاّءِ = لَئي.

 

 

 

(1)

اڄ هيئن ٿو پُڪاري صبح کان مَيخانو،

رِندو، مستو، شرابيو، ديوانو؛

پئمانا ڀري پي وٺو مئي جا به متان،

ڀرجي اچي عمر جو سندوَ پيمانو.

(2)

منظور منکي جهان کان آهين تون،

اَعليٰ به اکين جي شان کان آهين تون؛

ناهي ڪا عزيز جان کان واڌو چيز،

سؤ ڀيرا عزيز جان کان آهين تون.

(3)

هِن دهر ۾، جت هئي اسان جي منزل،

ٿيو ڪين سواءِ غم جي ٻيو ڪي حاصل؛

افسوس اسان جي حل نه ٿي هڪ مشڪل،

وياسين ۽ رهي هزار حسرت منجهه دل.

(4)

آءٌ دوست ته هڪٻئي کي در آغوش ڪريون،

سڀ فڪر ۽ وسوسا فراموش ڪريون؛

جوڙِين مٽيءَ منجهان اسان جي ڪوُزو،

اڳ تنهن کان شراب ڪوُزي مان نوش ڪريون.

(5)

ٿيان فوت جڏهن، شراب سان غُسل ڏجوم،

پيالي ۽ صراحيءَ سندي تلقين ڪجوم؛

جي ڀانيو ته حشر ۾ لهو منهنجو نشان،

ميخاني جي در سندي مٽيءَ ۾ ڏسجوم.

(6)

قرآن کي خلق ٿي سڏي حق جو ڪلام،

پر تنهن کي ڪڏهن ڪڏهن پڙهن ٿا، نه مُدام؛

جا جام جي خط ۾ آهي آيت روشن،

هر جا ۽ هميشہ سا پڙهن خاص ۽ عام.

(7)

اڄ توکي سڀان جي دسترس، اَصلا ناههُ،

۽ فڪر سڀاڻي جو بجز سودا ناهه؛

هي دم نه وڃاءِ جي اٿئي دل بيدار،

هن باقيءَ عمر کي بقا پيدا ناهه.

(8)

ڪعبو بتخانو بندگيءَ جو آهي،

ناقوس ترانو بندگيءَ جو آهي؛

مسجد ۽ ڪليسيا ۽ تسبيح صَليب،

هرهڪ سو نشانو بندگيءَ جو آهي.

(9)

بيگانو ڪري وفا ته پوءِ چئبو خويش،

جي خويش ڪري جفا ته ٿيو بد اَنديش؛

جي زهر موافقت ڪري ٿيو تِرياق،

جي نوش مُخالفت ڪري چئبو نيش.

(10)

ٿيو منزل ڪُفر جي کان دين هڪڙو نَفَس،

ٿيو عالم شڪ جي کان يقين هڪڙو نفس؛

اِن هڪڙي نفس عزيز کي تون خوش رک،

ٿيو عمر کان حاصل آخرين هڪڙو نفس.

(11)

جي پاڻ نه پين مئي ته نه ڪر مئي بدنام،

ميخوار جي ٿئي قبول توبهه به مدام؛

تون فخر ڪرين اهو ته پين ڪو نه شراب،

سؤ ڪم ڪرين جن جو شراب آهي غلام.

(12)

جنهن ڏينهن کڻان جام، پيان خوب شراب،

۽ فَرط خوشيءَ جي کان ٿيان مست خراب؛

ڏيکاريان هزار مُعجزا عالم کي،

ٿئي طبع سنديم باهه، سخن منهنجو آب.

(13)

مُهلت جا ٻه ٽي ڏينهن اٿئي پِي تون شراب،

ڪر هوش، وئي عمر نه موٽي ڪنهن باب؛

دنيا ۾ جڏهن آهي خرابي آخر،

پِي ڇو نه شراب ٿين شب و روز خراب.

(14)

ثابت آهي جاني اڄ جواني منهنجي،

مئي آڻ جو آهي ڪامراني منهنجي؛

ڪڍ عيب نه ايءُ منجهانس تا آهي تلخ،

تلخ آهي جو آهي زندگاني منهنجي.

(15)

هشيار رهان ته عيش ۾ ٿئي نقصان،

جي مست رهان ته عقل تي پئي تاوان؛

حالت آهي هڪ انهن ٻنهي جي وچ ۾،

سا آهي حياتي، آءٌ اُنهيءَ تان قربان.

(16)

نِتُ فڪر فنا جو آهي تنهنجي مستي،

نه ته آهي انهيءَ فنا ۾ تنهنجي هستي؛

عيسيٰ جي ٿيس دم سان جڏهان ڪر آءٌ حيات،

ٿي موت کي آهي مون مان حاصل پستي.

(17)

”خيام“ گناهه لئي هي ماتم ڪهڙو؟

غم کاءُ نه، غم سان تنهنجو ٿيو ڪم ڪهڙو؟

جنهن ڪيو نه گناهه تنهن کي بخشش نه ملي،

بخشش ٿي گناهه لاءِ پوءِ غم ڪهڙو؟

(18)

جنهن دل کي اچي سڪ  ۽ محبت جو سواد،

مسجد کي وسائي يا ڪري دَير آباد؛

منجهه دفتر عشق جي لکيو جنهن جو نانءُ،

دوزخ ۽ بهشت کان ٿيو سو آزاد.

(19)

ڍُڪ مئي جي کان ناهي مُّلڪ ڪائوُس جو وڌ،

نه تخت قباد جو نڪي طوس جو وڌ؛

جا آهَ ڪري وقت سحر جي عاشق،

تنهن کان نه اَذان نه ذِڪر سالوس جو وڌ.

(20)

آءٌ مئي نه پيان خوشيءَ جي لئي روز ۽ شب،

اِن لاءِ نه پڻ ته ترڪ ٿئي دين ادب؛

ڀانيان ته گذاريان بيخوديءَ ۾ ڪو دم،

ميخواري ۽ مستيءَ جو اهو آهي سبب.

(21)

جائز نه شراب لئي نبيءَ ڪيو شُّعبان،

رجب ته اصل پاڪ مهينو ٿيو عيان؛

شعبان رسول جو، خدا جو ٿيو رجِب،

اي يارو، ٿيو خاص اسان لئي رمضان.

(22)

جنهن قصر ۾ بهرام ٿي نت ورتو جام،

ڪئي جُوءِ هرڻ ۽ شينهن ورتو آرام؛

بهرام سڄي ڄمار ٿي ورتا گور،

ڏس نيٺ ته ڪيئن گور به ورتو بهرام.

(23)

اي دل، ٿو رکي زمانو توکي غمناڪ،

ناگهه تَنَ مان روح وڃي تنهنجو پاڪ؛

سبزو ڄمي تنهنجي خاڪ مان، تنهن کان اڳي،

سبزي تي ويهي ماڻ مزا، ٿي چالاڪ.

(24)

اڄ ڏينهن ڀلو، جُّمون جنهين جو نام آهه،

پِي مئي جو قدح، جو اڄ نه پورو جام آهه؛

هر روز جي هڪ قدح ٿي مئي جو پيتئي،

اڄ پِي ٻه قدح،  جو سيدالايام آهه.

(25)

”خيام“ بدن تنهنجو ٿيو خيمي وانگيان،

منزل اُتي روح جي، جو آهي سلطان؛

فراشّ اجل جو وجهي خيمو ڊاهي،

منزل اچي ٻي جڏهن ۽ ٿئي شاهه روان.

(26)

دل روزي نماز ڏنهن جڏهن مائل ٿِي،

مون چيو ته مراد سڀ منکي حاصل ٿِي؛

افسوس ڀڳو روزو چُڪي مئي جي سان،

۽ منهنجي نماز باد سان باطل ٿِي.

(27)

هوئي فصل بهار ۽ بُت حورُ سرشت،

پڻ آب روان، صراحي ۽  سبزہء ڪِشت؛

جيتوڻي جهان وٽ اهو آهي بد،

ڪمتر ٿيان ڪتي کان جي ڪريان ياد بهشت.

(28)

منجهه جام لڳي شراب خوشرنگ چڱو،

اُن وقت لڳي ٿو عوُد ۽ چنگ چڱو؛

زاهد، جو نه ڄاڻي مئي جو ۽ راڳ جو قدر،

رندن کان پري هزار فرسنگ چڱو.

(29)

ڪر ڌيان جو روح کان جدا تون ٿيندين،

پردي ۾ تون اسرار خدا جي ايندين؛

پِي مئي، جو نه ڄاڻين ٿو ڪٿان آئين تون،

ٿي خوش، جو نه ڄاڻين ٿو ته ڪيڏي ويندين.

(30)

حق آهي جڏهن وڃڻ، رهڻ ڇا مطلب؟

بيفائدو اِت طمع ڪرڻ ڇا مطلب؟

جنهن هنڌ نه ڇڏيندا مصلحت لئي توکي،

بيفڪر سفر کان ٿي وِهڻ ڇا مطلب؟

(31)

ٿي عمر جو مدح مئي جي ٿِي منهنجو وِرد،

اسباب شراب جو مون کي نت چوگرد؛

اي زاهد، عقل ٿيو جي تنهنجو اُستاد،

اُستاد به تنهنجو آهي منهنجو شاگرد.

(32)

ماڻهو ٿا سڏين مون کي فاسق گمراهه،

مون ڪيو نه قصور، حال وڌ تن جو تباهه؛

ٿيو شرع جي برخلاف، اي ديندارو،

نشي ۽ زنا کان وڌ نه منهنجو ڪو گناهه.

(33)

آءٌ آهيان گنهگار رضا تُنهنجي ڪٿي؟

دل منهنجي ٿي بيمار شفا تنهنجي ڪٿي؟

ڏيندين جي بهشت تون عبادت جي عوض،

اِيءُ ٿيو ته اُجورو پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي؟

(34)

آءٌ مئي پيان ڪن منع منکي ماڻهو سدا،

۽ چون شراب دين دشمن جي بجا؛

جي آهي سچي دين جو دشمن به شراب،

دشمن جو پيڻ رت آهي مذهب ۾ روا.

(35)

نيڪي ۽ بدي ڪري هتي جيڪا بشر،

شادي ۽ غمي لکي قضا جيڪا قدر؛

سا ڄاڻ نه تون فلڪ کان، جو موجب عشق،

صدبار آهي توکان فلڪ عاجز تر.

(36)

هفتو سڄو جي ڀانئين ته مئي پِي ٿئين مست،

ڇڏجئين نه جُّمي جي ڏينهن ساقيءَ سندو دست؛

مذهب ۾ اسان جي جمون ۽ ڇنڇر هڪ،

جبّار پرست ٿي، نه ٿي روز پرست.

(37)

يا رب تون ڪريم، ڪر ڪرم ساڻ رحم،

عاصيءَ کان سبب ڪهڙي کسيُّئي باغ اِرم؟

طاعت سان جي بخشين ته ڪرم ناهي اهو،

عصيان سان جي بخشين ته اِي آهي ڪرم.

(38)

گذري ٿي جڏهن عمر، ڇا شيرين ڇا تلخ،

جڏهن جانِ بلب ٿي، ڇا نشاپور ڇا بلخ؛

مئي پِي جو اسان کان پوءِ ڪئي چنڊ لنگهن،

ڪو سلخ مان غره ٿئي ۽ ڪو غره مان سلخ.

(39)

هي قافلو عمر جو عجب ٿو گذري،

سڦرو سوئي، دم جو منجهه طرب ٿو گذري؛

کاءُ ساقي غريبن جي سڀاڻي جو نه غم،

ڏي  ترت پيالو روز شب ٿو گذري.

(40)

اي يارو، غذا جي لاءِ مئي قوت ڪجوم،

منهن آهي جو ڪهربا سو ياقوت ڪجوم؛

مئي سان ڌوئجو منکي، مران آءٌ جڏهن،

۽ ڊاک جي ڪاٺيءَ منجهان تابوت ڪجوم.

(41)

جيُ منهنجو ادا عمر کانَ محروم نه ٿيو،

اِسرار رهيو ڪو نه جو مفهوم نه ٿيو؛

جي ڌيان ڪري ڏسان ٿو پنهنجي دل ۾،

گذري وئي عمر، ڪي به معلوم نه ٿيو.

(42)

سجاده پرست جي ٿيَن آهن خر،

مڪرن جا کڻن بار، ريا جا اَٿر؛

هي سڀ کان عجب جو زهد جي پردي ۾،

اِسلام ٿا وڪڻن، ٿيا ڪافر کان بتر.

(43)

جنهن وقت اچي اجل، وڃان آءٌ مري،

۽ خاڪ ٿئي جسم سڄو منهنجو ڳري؛

جوڙينِ صراحي جا مٽيءَ مان منهنجي،

جڏهن پُّر ٿئي مِئي سان، جِي پوان آءٌ وري.

(44)

آيو نِسُّتو اسان جو اوّل کان وجود،

حيرت کان سواءِ ٿيو حياتيءَ مان نه سُّود؛

وياسين هتان رنج سان، پئي ڪانه خبر،

هن اچڻ وڃڻ رهڻ مان ڇا هو مقصود؟

(45)

ميخاني ۾ آءٌ کڻان صراحي ساغر،

سو ڪيئن کڻان دفتر ۽ وَسايان منبر؟

تون زاهد خشڪ آءٌ آهيان فاسق تر،

آتش جو سُّڪي ۾ ٿي نه آلي ۾ اثر.

(46)

جي مرد خدا جا ٿيا خاصان جهان،

سي اوج فلڪ جي تي وڃن سير ڪُنان؛

نت معرفت حق ۾ فلڪ وانگي رهن،

سرگشته ۽ سرنگون ۽ سرگردان.

(47)

هونداسين اسين ڪين مگر هوندو جهانُ،

نالو نه هتي اسان جو هوندو نه نشان؛

هئاسين نه هنان اڳي، ته هو ڪو نه خلل،

هونداسين نه جي پوءِ، ته ڪهڙو نقصان؟

(48)

هي سڀئي اڪابر جي آهن منصبدار،

نت غم ۾ رهن ٿا جان کان سي بيزار؛

جيڪو نه ٿئي حرص جو بندي تن جان،

تنهن کي نه چون آدمي سي مرد مڻيار.

(49)

هي چرخ ستمگر آهي بد دل ۽ دماغ،

آباد ڪري ڪڏهن نه ڪنهن جو ڪو باغ؛

جنهن جاءِ ڏٺائين داغ واري ڪا دل،

اُن داغ مٿان ڏنائين تنهن کي ٻيو داغ.

(50)

جاهل هي ٻه ٽي جي ڪين ڪنهن پر ڄاڻن،

ٿا جِهل کان پاڻ کي اڪابر ڄاڻن؛

ڇا ٿيو جي اُهيِ پنهنجي خريءَ جي سببان،

خر جيڪو نه آهه تنهن کي ڪافر ڄاڻن.

(51)

مئي هوندي متان مئي کان ڪرين هيئن توبهه،

ٿيندين تون پشيمان ڪندين جيئن توبهه؛

گلشن ۾ ٽڙي گل ۽ پڪاري بلبل،

موسم ۾ هجي اهڙي روا ڪيئن توبهه؟

(52)

خوش رهه جو هي عالم سڄو ويران ٿيندو،

۽ روح بدن جي لاءِ حيران ٿيندو؛

هي حرص هوسَ ڀريل مٿي جو ڪاسو،

پڻ ڪوزه گرن جي پير هيٺان ٿيندو.

(53)

گُل مُّل جي آهي باده پرستن کي خبر،

ته تنگدلن ۽ تنگدستن کي خبر؛

نِت بيخبريءَ کان بيخبر ٿيا معذور،

هن ذوق ۽ شوق جي ٿي مستن کي خبر.

(54)

ميخاني ۾ مئي سوا وضو ٿي نه سگهي،

بي آب جي جڳ ۾ آبرو ٿي نه سگهي؛

مئي آڻ جو ننگ ۽ حيا جو پردو،

ڦاٽي  پيو اهڙو جو رفو ٿي نه سگهي.

(55)

افسوس ته منهنجي دل کي درمان نه رسيو،

۽ جان لبن تي آئي جانان نه رسيو؛

غفلت ۾ اچي عمر رسي تا پايان،

افسانو سندس عشق جو پايان نه رسيو.

(56)

نِت جان جي عالم ۾ ادا هوش ڪجي،

ڪم ڪار جهان جي ۾ خاموش ڪجي؛

جيسين هجي جائگير اک ڪَن ۽ زبان،

اک ڪَن ۽ زبان کي فراموش ڪجي.

(57)

هن دهر ۾ جنهن کي نيم نان آيو هٿ،

يا پنهنجو اَجهو ۽ آستان آيو هٿ؛

خادم نه ڪنهين جو هو ئي نه ڪنهن جو مخدوم،

خوشدل سو رهي جو خوش جهان آيو هٿ.

(58)

ڪنهن کي نه ملي زماني ۾ گلرخسار،

جيسين نه لڳيس دهر جو دل ۾ خار؛

ڏس جيسين ڦڻي نه چيرجي ٿئي سؤ شاخ،

تيسين نه نصيب تنهن کي ٿئي زلف نگار.

(59)

شل هٿ ۾ هميشہ آب انگور هجيم،

۽ عشق بتن جو دل ۾ ڀرپور هجيم،

مون کي ٿا چون تو کي خدا ڏئي توبهه،

هو خود نه ڏئي، آءٌ نه ڪريان، دور هجيم.

(60)

باطن تنهنجو دانائي فلڪ ٿو ڄاڻي،

دل تنهنجيءَ جو سڀ يقين شڪ ٿو ڄاڻي؛

ممڪن ته فريب مڪر سان خلق ٺڳين،

ڇا تنهن سان ڪندين جو يڪ بيڪ ٿو ڄاڻي؟

(61)

مئي عشق جي بنديءَ جو پرو بال ٿئي،

مئي عقل جي بانوءَ جو خط و خال ٿئي؛

پِيتي سين نه مئي ۽ ماههِ رمضان لنگهيو،

ٿي عيد، سدورو مانَ شوال ٿئي.

(62)

ڪا رات نه جو دل کي تحيّرُ نه ٿئي،

وسڪارو هنجن جو مينهن وانگر نه ٿئي؛

سودا سان نه ڀرجي ڪوپري ماڻهوءَ جي،

اونڌو جو پيالو هوئي ڪڏهن پُّرُ نه ٿئي.

(63)

جو عشق مجازي هجي، هوئي تنهن کي نه آب،

ٿئي باهه اُجهايل کي نه تابش ۽ نه تاب؛

عاشق کي نه گهرجي روزشب ماهه ۽ سال،

آرام قرار خُّرمي خورد نه خواب.

(64)

ڪيسين اها عمر خودپرستيءَ ۾ لنگهي،

يا روح جي نيستي ۽ هستيءَ ۾ لنگهي؛

مئي پِي، جنهين عمر ۾ هجن اهڙا فڪر،

بهتر ته اُها خواب يا مستيءَ ۾ لنگهي.

(65)

ڪي لاف گزاف کان پيا منجهه غرور،

ڪي حرص کان سارين سدا حور قصور؛

معلوم ٿئي جڏهن کڄن پردا سڀ،

دروازي کان تُنهنجي سي سڀئي آهن دور.

(66)

هوئي يار بغل ۾ ته شراب آهي خوب،

هو ئي دل ۾ جي غم چشم پر آب آهي خوب؛

هي عالم بي وفا، بقا ناهي جتي،

اِنسان اُتي مست خراب آهي خوب.

(67)

ٿا چَونَ اڳيان بهشت آهي ۽ حور،

ماکي اُتي، کير ۽ شراب آهي طهور؛

معشوق ۽ مئي پرست ٿياسين جي هتي،

جائز آهي جو نيٺ ائين ٿيو مامور.

(68)

ٿا چَون بهشت حور ۽ ڪوثر آهه،

موجود شراب شهد ۽ شڪّر آهه؛

پُّر پيالو ڪري تريءَ تي منهنجي تون رک،

هڪ نقد هزار نسيه کان بهتر آهه.

(69)

پردي ۾ قضا جو ڪوئي همراهه نه ٿيو،

اِسرار قَدَر جي کان ڪو آگاهه نه ٿيو؛

ڏينهن رات ڪيو فڪر مون ٻاهتر سال،

پيو ڪونه پتو، ۽ قصو ڪوتاهه نه ٿيو.

(70)

مئي پِي جو دليان ڪثرت قلت گم ٿئي،

ٻاهتّر ملّت جي به ذلّت گم ٿئي؛

منهن موڙ نه اهڙي ڪيميا کان، جنهن جو،

هڪ قطرو جي پِين هزار علت گم ٿئي.

(71)

سک صبح جو تون شرابخوريءَ جو سبق،

۽ شام جو وار مئي پرستيءَ  جو وَرَق؛

چوڻي آهي خلق ۾ ته حق آهي ڪڙو،

تڏهن اهڙي دليل ساڻ مئي آهي حق.

(72)

هڪ جام شراب تي دل ۽ دين قربان،

هڪ سُّرڪ تي پڻ مملڪت چين قربان؛

دنيا  ۾ نه آهي مئي کان ٻيو ڪو خوشتر،

سو تلخ جنهين تان جان شيرين قربان.

(73)

پِي مئي، جو حيات جاوداني آهي،

سرمايئه لذت جواني آهي؛

ٿيو سوز ۾ آتش جان و ليڪن غم لاءِ،

نِت ساز ۾ آب زندگاني آهي.

(74)

هي ڏينهن جوانيءَ جا، شراب آهي چڱو،

گڏ ساڻ عجيبن مئي ناب آهي چڱو؛

هي عالم فاني، جو خراب آهي اصل،

تنهن ۾ ته رهڻ مست خراب آهي چڱو.

(75)

عالم ۾ وڏا عشق تنهينجي شَر شور،

تنهنجي اڳيان درويش تونگر ڪمزور؛

تون سڀني سان ڳالهين ۾، ڪَنين سڀ ٻوڙا،

تون سڀ جي اکين اڳيان، اکيون سڀني جون ڪور.

(76)

جي پين تون شراب؛ عقلمندن سان پِي،

يا لاله رخن سان خّرم ۽ خندان پِي؛

ظاهر ۽ گهڻو نه پِي، نڪي ڪر عادت،

ٿورو پِي؛ ڪڏهن ڪڏهن پِي، ۽ پنهان پِي.

(77)

ڍُڪ مئي جو ڀلو بادشهي جَم جي کان،

بوءِ مئي جي چڱي غذائي مريم جي کان؛

ميخوار جي هڪ آه اندر جي بهتر،

فرياد ابوسعيد ادهم جي کان.

(78)

جڏهن آهي جهان جي حقيقت به مجاز،

اَي دل، ڇو سهين ٿي رنج غم دور دراز؟

رک ڪمّ قضا تي، درد تي وڃ تون هِري،

ويو جيڪو قلم وهِي اچي مور نه باز.

(79)

هي چرخ ڏَسي نه ڪنهن کي ٿو پنهنجا راز،

ويڌن سان ڪُٺئين هزار محمود اياز؛

پِي مئي، جو ملي ڪنهن کي نه ٻيو ڀيرو عمر،

ويا جيڪي جهان مان اچن مور نه باز.

(80)

عاقل سان سدائين پَرِ محبت جي پار،

جاهل کان پري هزار فرسنگ گذار؛

دانا جي ڏيَئِي زهر ته بيشڪ ڪر نوش،

نادان هٿان ملئي جي شربت، تون هار.

(81)

ويا جيڪي اُنهن مان ڪو نه موٽيو دمساز،

جو توسان ڪري غيب جي پردي سندو راز؛

پورا ڪري ڪم تنهنجا نياز ۽ نه نماز،

ڇا آهي نماز سا جنهين ۾ نه نياز؟

(82)

جي سعيو نه بندگيءَ جو ڪيو مون هرگز،

تو دَرَ جو نه جي سفر ڪَٽيو مون هرگز؛

تنهنجي نه ڪرم کان نااميد آءٌ آهيان،

ڇالاءِ جو ’هڪ‘ کي ’ٻه‘ نه چيو مون هرگز.

(83)

آهيون اسين پُتليون ۽ فلڪ بازيگر،

هي آهي حقيقي ۽ مجازي منظر؛

پيا ناچ ڪريون وجود جي فرش مٿان،

هڪ هڪ ٿي ڪريون عدم جي پيتيءَ ۾ گذر.

(84)

مون هڪڙو پکي ڏٺو مٿي قلعهء طُوس،

هئي تنهن جي اڳيان سِسي سندِي ڪيڪائوس؛

ٿي چيائين سسيءَ کي هاءِ افسوس افسوس،

نوبت ۽ نغارا ڪيڏي ويا، ڪٿ ناموس؟

(85)

عاشق اسين ديوانا ۽ مست آهيون اڄ،

۽ لاءِ بتن باده پرست آهيون اڄ؛

هستيءَ کان آهيون پنهنجي ڇٽل ۽ آزاد،

نِت ساڪن محراب الست آهيون اڄ.

(86)

هن دهر زبر ۽ زير ٿيندڙ جو نه پڇ،

جيڪي اچي سو وڃي، تون ويندڙ جو نه پڇ؛

تون حال جي هڪ پل کي غنيمت پيو ڄاڻ،

ماضيءَ کي وسار، وقت ايندڙ جو نه پڇ.

(87)

دُڪّان ۾ ڪوزه گر جي ٿيو جوش خروش،

ڪوزا ڪي ڏٺم سخن ۾ ۽ ڪي خاموش؛

سڀني ٿي زبان حال جي سان چيو اُت،

ڪٿ ڪوزه گر ۽ ڪوزه خر ۽ ڪوزه فروش؟

(88)

مئي، جنهن جي پيڻ سان عقل ٿئي اصل شناس،

سو آب حيات آهي، ۽ آءٌ  اِلياس؛

چؤ روُح جو قُوت، دل جي قوّت تنهن کي،

چيو ان کي جڏهن خدا منافع لۡلنّاس.

(89)

ٻاهتر آهن مذهب ملت ڪم بيش،

سڀني منجهان عشق تنهنجو مون کي درپيش؛

ڇا ڪفر ۽ اسلام ۽ ڇا ڏوهه ثواب،

خالي نه طلب کان تنهنجي بيگانو نه خويش.

(90)

ڏِس هڪ هڪ نيڪي ۽ بديون ڏهه ڏهه بخش،

هوئي جيڪا خطا منهنجي سا يڪباره بخش؛

تون حرص هوا سان باهه غصّي جي نه ٻار،

مسڪين کي واسطي رسول الله بخش.

(91)

جي گل نه هوئي نصيب ۾ خار ڀلو،

جي نُور نه قسمت ۾ هجي، نار ڀلو؛

جي خرقو ۽ خانقاهه ۽ شيخي ناهه،

ناقوس ڪليسيا ۽ زنار ڀلو.

(92)

اَي قاضي، آهيان توکان خبردار وڌيڪ،

نشي  ۾ به توکان آهيان هشيار وڌيڪ؛

ماڻهوءَ جو تون پين رت، آءٌ پيان ڊاک جو رت،

چؤ هاڻ ته آهي ڪير خونخوار وڌيڪ؟

(93)

بهتر ته شراب پِي ۽ دل شاد ڪريون،

آئي ۽ وئي کي ڪينڪي ياد ڪريون؛

هن روح جي بنديءَ کي اسين هڪ لحظو،

اِن بند منجهان عقل جي آزاد ڪريون.

(94)

پاڻيءَ ۽ مٽيءَ مان مون کي ڪَيئي، منهنجو ڇا؟

مرضيءَ پٺيان هيءَ اُڻت اُڻيئي، منهنجو ڇا؟

نيڪي ۽ بدي وجود ۾ جيڪا اچي،

سڀ منهنجي نصيب ۾ لکيئي، منهنجو ڇا؟

(95)

تون مئي کان سواءِ رهه نه مورون هڪ دم،

جو مئي سان ٿئي عقل دل ۽ دين خُرّم؛

ابليس جي مئي چُّڪو پئي ها هڪ پل،

ٻه هزار ڪري ها سجدا آڏو آدم.

(96)

هوئي تنهنجو ڪرم، گناهه کان ڪين ڊڄان،

هوئي تنهنجو سمر ته راهه کان ڪين ڊڄان؛

جي تنهنجو ڪري لطف مون کي روئي سفيد،

عملن جي خط سياهه کان ڪين ڊڄان.

(97)

آءٌ تون ٻئي آهيون مِثل هڪڙي پرڪار،

ٿيو جسم اسان جو هڪ، مٿا ٿياسين ڌار،

مرڪز تي ڦرون پيا اسان گهيري جان،

گڏجون اچي هڪ جاءِ وري آخرڪار.

(98)

بس، سُور زماني جو اسين هيئن نه پيون،

ڪيِ مئِي کان سواءِ جيئن هجي تيئن نه پيون؛

مئي رت ٿيو زماني جو، زمانو خوني،

خونيءَ جي جگر جو رت اسين ڪيئن نه پيون؟

(99)

جي مَٽ منجهان مئي جي مست آهيان، آهيان،

جي گبر ۽ بت پرست آهيان، آهيان؛

هر قوم جو نت مون ۾ جدا آهي گمان،

آءٌ پاڻ ۾ نيست هست آهيان، آهيان.

(100)

هڪ هٿ ۾ اٿون قرآن ٻئي هٿ ۾ جام،

هڪ وقت حلال کائون، ٻئي وقت حرام؛

هن دور ۾ دنيا جي رڳا آهيون اسين،

نه ڪافر مطلق، نه مسلمان تمام.

(101)

حق جان جهان جي، جهان آهي بدن،

۽ مُلڪ حواس، جيڪي آهن منجهه تن؛

عضوا به مواليد، عناصر افلاڪ،

توحيد اها آهي، ٻيا مڪر ۽ فن.

(102)

ڪي مذهب دين جي تفڪّر ۾ مڙئي،

ڪي شڪ ۽ يقين جي تحيّر ۾ سڀئي؛

ناگاهه ندا ٻڌڻ ۾ آئي هڪڙي،

اي بيخبرو، راهه نه هوءَ آهي نه هي.

(103)

ڪهڙو آهي جو گناهه ۾ ناهي غَرُق،

لَنڀدو نه ڪو بيگناهه، منجهه غرب نه شرق؛

جي آءٌ ڪريان بڇڙي ڏينم تون بڇڙو عوض،

پوءِ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ٿيو ڪهڙو فرق؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org