سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :14

 

(104)

دنيا ۾ مراد سڀ ڏسين، آخر ڇا؟

۽ عمر جو خط سڄو پڙهين، آخر ڇا؟

مون ڪيو به قبول سؤ ورهيه خوش تون رهئين،

سؤ ورهيه ٻيا به جي رهين، آخر ڇا؟

(105)

اي دل، آهي معشوق ۽ مئي نت باقي،

ڇڏ مڪر فريب ۽ نه ڪر زرّاقي؛

احمد جي ڪرين جي پيروي، پي تون شراب،

اُن حوض مان، جنهن جو مرتضا ٿيو ساقي.

(106)

نت درد ۾ صبر ڪر لهين تا تون دوا،

ايذا کان نه دانهن ڪر لهين تا تون شفا؛

ٿين يار جڏهن تون بينوا رهه شاڪر،

پڻ عاقبت الامر لهين تا تون نوا.

(107)

آهن ٻه شيون، جن ۾ آهي دانائي،

بهتر آهي گفتگو کان ماٺيڻائي؛

ڪنهن شيءِ جي به کائڻ کان، نه کائڻ بهتر،

صحبت کان ڀلي آهي سدا تنهائي.

(108)

اِسرار کي تون سندي معمّا نه رسين،

نُڪتي کي حڪيم جي تون دانا نه رسين؛

پِي جام شراب، پنهنجو هِت ٺاهه بهشت،

جت آهي بهشت اُت رسين يا نه رسين.

(109)

ڄاڻين ٿو سبب ڪهڙي ۽ پڻ ڪهڙي راهه،

آزاد سڏيا سروَ ۽ سوسن افواهه؟

هِن کي ٿيون سؤ زبانون، ليڪن خاموش،

هُن کي ٿيا هٿ هزار، ليڪن ڪوتاهه.

(110)

اي دل، جي بدن جي فڪر کان ٿين تون پاڪ،

خالص آهين روح تون، اُڏامين افلاڪ؛

عرش آهي مڪان تنهنجو، توکي آهي شرم،

جي هيٺ اچي هتي وَسائين هيءَ خاڪ.

(111)

جي سمجهه ۽ هوش اٿئي، سُّڻ اي يار ڪنڀر،

آدم جي مٽيءَ کي ايترو خوار نه ڪر؛

آڱر به فريدون جي، خسرو جي تِري،

چاڙهي اٿئي چڪّ تي، پوئي ٿي ڪا خبر؟

(112)

دنيا جي فريبخاني ۾ يار نه ڳول،

ٻڌ منهنجي نصيحت ڪو مددگار نه ڳول؛

وڃ درد سان تون هِري، وسارج درمانُ،

غم ساڻ تون خوش ٿي ويهه، غمخوار نه ڳول.

(113)

وٺ پاڻ کان تون حساب، جي عاقل ٿين،

آندئي هت ڇا ۽ پاڻ سان ڇا تون نين؟

چئين ٿو نه پيان شراب جو مرندس نيٺ،

مرندين ته اُنهئين، شراب پين يا ڪ نه پين.

(114)

عاشق سدا مست مَئي پرست آهيون اسين،

۽ پِير مغان جا زيردست آهيون اسين؛

وياسين لنگهي نيڪ بَد، ۽ سڀ وهم خيال،

هوئي هوش اسان ۾ ڪٿ جو مست آهيون اسين.

(115)

جي روئي زمين کي تون آباد ڪرين،

اهڙو نه اهو، ته هڪڙي دل شاد ڪرين؛

ٻانهو جي ڪرين لطف سان هڪڙو آزاد،

بهتر جو هزار ٻانها آزاد ڪرين.

(116)

شمع آهي، شراب، ماهتاب، اي ساقي،

معشوق مثال لال ناب، اي ساقي؛

آتش ڀري هن دل کي متان خاڪ سان تون،

برباد ڪرين، پيار آب، اي ساقي.

(117)

ڄاڻين ٿو ته ويچارو ڪڪڙ، وقت سحر،

ڇالاءِ ڪري نَوحه، پڪاري هر هر؟

ٿيو صبح جي آئني ۾ معلوم اُن کي،

وئي عمر مان هڪڙي رات، توکي نه خبر.

(118)

ڳالهائين ٿو مون ساڻ تون ٿي چين بجبين،

مون کي ٿو سڏين سدائين ملحد بيدين؛

آءٌ پاڻ مڃان ٿو آهيان، جيڪي ٿو چوين،

پر توکي ڪو ايئن جڳائي، ٿي پاڻ امين !

(119)

اَي چرخ، تون دل کي منهنجي غمناڪ ڪرين،

تون منهنجي خوشيءَ جو پيرهن چاڪ ڪرين؛

جو واءُ اچي مون ڏي، ڪرين تون پاڻي،

پاڻي جو پيان سو وات ۾ خاڪ ڪرين.

(120)

تون چئن مان ۽ ستن منجهان پيدا ٿئين‏،

پڻ چئن ۾ ۽ ستن ۾ ڄاڻان ٿو نه پئين؛

مئي پِي جو اڳئي چار دفعا توکي چيم،

موٽڻ آهي تنهنجو ڪونه، جي وئين تا وئين.

(121)

پيدا ڪيو مون کي آهي تنهنجي قدرت،

سؤ ورهيه رکيو ناز ۾ تنهنجي نعمت؛

سؤ ورهيه ڪندس گناهه تا آءٌ ڏسان،

تقصير ٿي منهنجي وڌ يا تنهنجي رحمت.

(122)

خلقت سندو مقصود مڙئي آهيون اسين،

۽ عقل جي اک جي روشني آهيون اسين؛

هي دائرو دنيا جو مُنڊي آهي هڪ،

۽ نقش نگين تنهنجو ڀي آهيون اسين.

(123)

آءٌ مئي ٿو پيان مگر آءٌ مستي نه ڪريان،

پيالي بنا پڻ دراز دستي نه ڪريان؛

آهي اِهو منهنجو مئي پرستيءَ مان غرض،

تو وانگي ته آءٌ خود پرستي نه ڪريان.

(124)

هي چرخ، آهي جنهن کان مشّوس انسان،

فانوس خيال جو آهي اُن جو نشان؛

سڄ آهي چراغدان، عالم فانوس،

آهيون اسين صورتون منجهس ٿيون حيران.

(125)

رک خيال محال تي نه منهنجو ارواح،

مئي پِي تون سڄو سال، ٿيو توکي مباح؛

تون ڊاک جي ڌيءُ سان عيش ۽ عشرت ڪر،

ٿيو ماءُ جي نڪاح کان چڱو ڌيءُ جو نڪاح.

(126)

مئي پِي آءٌ غلاميءَ مان وٺان آزادي،

۽ پانهجي خاني جي ڪريان آبادي؛

پڻ عقل کي پهرين ٽي طلاقون ڏيندس،

پوءِ ڊاک جي ڌيءَ ساڻ ڪندس آءٌ شادي.

(127)

ميء ڪيائون حرام هت، ته ڪو شير پئي،

ڪنهن سان پئي، ڪيترو پئي، دير پئي؛

جنهن وقت ضرور ٿيا اِهي چارئي شرط،

دانَههَ کان سواءِ پوءِ ميء ڪير پئي؟

(128)

جنهن ڏينهن ٿئي ”اِذالسّماءُ النفطرت،“

جنهن وقت ٿئي ”اذالنّجوم النڪدرت،“

دامن وٺي تنهنجي آءٌ چوان توکي تڏهن،

اي يار سڄڻ، ”بايّ ذنب قتلت.“

(129)

آءٌ ڪافر عشق جو مسلمانُ ٻيو،

آءٌ ’مور‘ ضعيف آهيان ’سليمان‘ ٻيو؛

مون وٽ منهن زرد ۽ پراڻا ڪپڙا،

ڪمخاب فروشن سندو دڪّان ٻيو.

(130)

مئي پيڻ ۽ خوش رهڻ ٿيو آئينُ منهنجو،

۽ دين ڪفر کان منهن مَٽڻ دين منهنجو،

دنيا کان پڇيم ته ڇا هي تنهنجو ڪابين،

چيئين تو سندي دل خوش آهي ڪابين منهنجو.


 

ڪتاب ”موتين جي دٻلي“ (ڀاڱو پهريون)

جي ڏُکين لفظن ۽ اصطلاحن وغيره جي

معنيٰ ۽ سمجهاڻي.

ر- ن

لفظ، اصطلاع ۽ معنيٰ

ر-ن

اصطلاح ۽ معنيٰ


 

2- عبد= ٻانهو،

صحرا صحرا= نهايت ڪُشادا.

دريا دريا= اَجهاڳ، بي اَنداز.

3- سؤدو= ڏيتي ليتي.

4- بشر= ماڻهو.

5- غير = خدا کان سواءِ ٻيو.

دير= مڙهي.

7- حجاب=پردو (جو دَر تي

ٽنگبو آهي).

ٻول= ٻولي، زبان.

8 ٿين=هجين.

9- عدم= جڏهن پهرين ڪي به ڪين هو، خلقت کان اڳ، نانهن.

10- تڏهن خضر.... آب حيات=

حضرت خضر، ظلمات ۾ آب حيات يا اَمرت هٿ  ڪيو هو.

12- حُسن= خدائي جمال يا ذات.

جيڪي تون...... واهي آهين=

اُهو تو وٽ موجود آهي.

13- بينا=ڏسندڙ.

گويا= ڳالهائيندڙ.

ڦوٽا= پاڻيءَ جا ڦُوڪڻا، حُباب.

نابود= نيست، چَٽ، ڪي

ڪين.

پيدا= بُود، هست، موجود.

14- تعيّن= خلقت.

15- پردو= برقعو.

عيان= ظاهر.

نهان= لِڪل.

16- پاڻهئي ٿو آَچي= يعني خدا.

جانِ لکن جي= بيشمار

مخلوق جي.

هڪ داڻي ۾... ٻاريُون ماپن

=هڪ ٻج مان، گهڻو اَن

يا ڦَرُ پيدا ٿو ٿئي.

عالم سڄو... ڳَن ۾ ماپي=

سنهي ٽُنگ مان نهاري،

اڳيان سڀڪجهه ڏسي ٿو

سگهجي.

19- دَير= مڙهي.

دشت= بيابان.

ڪر سجدو.... آڻ نه غير=شيطان پڻ، خدا کي چيو هو ته تو کان سواءِ، ٻين کي سجدو نه ڪندس. آدم کي به نه!

20- رجيم= هڪاليل، تَڙيل.

23- مَر فوج ۾....ڀَرتي= ڀلي،

گهڻو ئي لشڪر گڏ ڪرين.

24- حُباب= پاڻيءَ جو ڦوٽو.

26- روان= روانا.

27-جُويا=ڳوليندڙ.

تمنّا= خواهش، طلب.

جُهد= سخت ڪوشش،

ذوق، شوق.

28- صاحب اقبال= خوشبخت

ماڻهو.

اطفال=(واحد- طفل) ٻار ٻچا.

29- ٽاڻو= وقت.

عاقبت= نيٺ، آخر.

مُونس= صحبتي، ساٿي.

30- وٺايو= هٿ ڪرايو، حاصل

ڪيو.

35- پيدا ۽ پنهان= (هڪٻئي جا

ضد) ظاهر ۽ لڪل

36- شمع= اَي شمع !

37- دلبر= اي دلبر! اي دوست !

جيڪي اَندر ٿو رکين= يعني،

هٺ ۽ وڏائي.

38- گوشي ۾= خلوت نشينيءَ ۾.

39- هڪڙو آزاد= يعني، هڪڙي

آزاد ماڻهوءَ کي.

40- اَدنيٰ=(اعليٰ جو ضد) نيچ،

تُڇ، گهٽ درجي وارو.

41- خَرمن=اَنَ جي ٻار، آنَ.

جو ديرو.

42- سَتُ ساري.... جو بدلو=

بدلي يا وير وٺڻ جي طاقت

رکندو هجي، پر هُو وير

نه وٺي.

43- تيشو- واهولو.

44- اَملَ= ڊگهي اُميد.

48- ڪي ڪين= تُڇ، ناچيز، خسيس.

49- ادراڪ= سمجهه.

نصيب ڪيو= عطا ڪيو.

جهاد=پنهنجو پاڻ سان يا

نفس سان جنگ.

جيئرو آهي= يعني شريعت

جي حڪم موجب.

50- سي سِرُ... ٿا ڏين= يعني،

پنهنجي زبان بند ڪري،

سِسي ٿا بچائين.

51- وزير= اشارو شطرنج جي

وزير ڏانهن آهي.

52- رضا= رب جي رضا يا خواهش يا مرضي.

خواهش يا مرضي.

وِتُ = جرات، طاقت، همت.

53- سمان= وانگر، مثال.

هر آن= هر لحظي.

54- ڇڏ پاڻ کي... تِنجِي= پاڻ

ساڻ صلح ڪرڻ جي بدران،

ٻين سان صلح ڪر.

55- هُنر=فضيلت، لياقت.

56- ههڙا ههڙا=يعني، انهن کي

پَڏائين ٿا.

ههڙا تهڙا= يعني، اُنهن کي اَجايو سجايو يا گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا.

57- زاري= روڄ  راڙو، زار زار روئڻ.

بيداري= اوجاڳو.

59- جنهن زال رکي = جنهن

شادي ڪئي.

چارو= رستو، طريقو.

دنيا ۾ ٿو گهَر رکي=

اشارو آهي ته ڪعبو ۽ مسجد

۽ عبادتگاهه، خدا جو گهر آهي.

61- پاڇي جانۡ= پاڇُولي وانگي.

62- اثناعشري= جو ٻارهن امامن

۾ اعتقاد رکندو هجي.

64- ڊاهي= هلاڪ ڪري، ماري.

نانگ= اشارو ”جان“ ڏانهن.

کَلَ= اشارو ”جسم“ ڏانهن.

65- غذا= مون اُن کان پُڇيو ته کاڌو ڪهڙو کانۡ؟

مون چيو پرهيز؟= مون اُن

کان پُڇيو ته ڪهڙي پرهيز

يا ڪِري ڪريان؟

66- اُٿي ٿو= جاڳي ٿو.

صدما= نقصان، ضربُون.

68- پنهنجي= پاڻ ٻنهي جي، اسان ٻنهي جي (حياتي).

69- زُهد پَروَ ردَن= پاڪباز

ماڻهن يا زاهدن.

بيدَ ردَن= اُهي ماڻهو،

جن جي دل ۾ درد ڪونهي،

مُئل دل وارا، بي اَثر دل

وارا ماڻهو، جن جي دل ۾

ڪو  احساس نه هجي.

70- ڦُر=ڌاڙو، لُٽَ.

71- مئي= شراب، مڌ.

72- نه نِڪتي منهنجي قسمت

کوٽي= جيڪڏهن آءٌ، چڱي

قسمت وارو ٿيس.

74- پاڻان= پاڻ کان.

ڌارين= رکين.

75- ڪانَهئِي جي= جيڪڏهن تو کي ڪا نه آهي (اندر ۾ باهه ۽ اک ۾ پاڻي)

ڦِٽ= لعنت، حيف !

76- ڪئين ڀيرا... توبہ= توبہ جو انجام ڪري، وري اُهو ڀَڳُم ۽ وري توبہ ڪيم.

بيزار ڪري... توبہ= مون، خود توبہ کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي(ڪُوڙيون توبهون ڪري).

توبہ سان.. پيالي کي= يعني، شراب پيئڻ کان توبہ ڪري، مون ڪالهه، پيالي کي ڀڃي ڇڏيو هو.

اڄ موٽي.... توبہ= يعني توبہ کي وساري، اَڄ وري

آءٌ شراب پيئڻ لڳس.

77-هَلُ= هَلت ڪر.

يارَ= اي يار! اي دوست !

79- سُڃاڻِي= دل سان هنڊائي.

80- ڪي= دنيا ۾ ڪي ماڻهو.

نفس پُٺيان= نفس جي خواهش

پُٺيان.

82- پاڻان= پاڻ کان.

ڦوٽو= پاڻيءَ جو ڦوٽو يا ڦوڪڻو يا حُباب.

83- سِبُ= (مصدر ”سبڻ“

مان اَمر) اکيون پور.

85- مُل= شراب.

86- ٻَئي= يعني، آءٌ ۽ آدم.

آدم کي....مون کي آب=

پکيءَ کي داڻو ۽ پاڻي

گهرجي ٿو.

87-  ثنا= تعريف.

88- جنهن دل....ناشاد= قلم،

منهنجيءَ دل  جو حال لکي،

مون کي رنج ڪيو.

پر پاڻ... آزاد= گهڙيل قلم،

وڌيڪ چٽو لکندوآهي ۽

چِٽا اکر لِکندو آهي ۽

تڪڙو لکندو آهي.

90- سَنگُ= سنگت، دوستي،

رستو، ناتو.

ٿئي رنگا رنگ= رنگين

يا مختلف رنگن وارو

ڏسجي ٿو.

91- سقيم= ضعيف

جَحيم= دوزخ.

اَدا=۔ اي ادا !، اَي ڀاءُ !

92- جا آگاهه آهي= جيڪا دل،

علم ۽ ڄاڻ (واقفيت) واري آهي.

في الله= الله ۾.

مِن الله= الله کان.

اِليٰ الله=الله ڏانهن.

93- يقين= يقيناً، بيشڪ، تحقيق.

94- مَر= بيشڪ، ڀلي.

95- روشن آهين.... گهارين=

حد کان زياده تِکي روشني،

اکين سان ڏسڻ مشڪل آهي.

96- ذڪر =خدا جي يادگيري.

فَرد= چونڊيل هڪڙو،

خاص. منتخب، لاثاني.

ٿو هردو جهان... سَرد

ڪري= يعني، ٻنهي جهانن

کان دل کي بيزار ٿوڪري(ذِڪر).

97- پيرن کان سواءِ... آهي

چڱو= يعني، هنئين يا دل

سان، هوت ڏانهن هلڻ.

98- تسخير= تابع ڪرڻ جو فعل.

99- داور= داد رَس، دانهن

ٻُڌندڙ، داد يا انصاف

ڪندڙ.

100- درد ٿئين= درد وارو ٿِين.

فرد= چونڊيل (بندو)،

اڪيلو، ڇڙهو، لاثاني

102- مُشڪي وارَ،= مُشڪ جي

رنگ جهڙا ڪارا يا نِڀُور ڪارا وارَ.

ڪافور= ڪافور جي رنگ

جهڙا سفيد يا اَڇا وار.

104- ليڪن آهي.... قرآن= يعني،

شرف ۾ زياده.

105- رکان آءٌ عزيز= (سڀني يارن

۽ اصحابن جي) آءٌ تعظيم ٿو رکان يا انهن کي تعظيم ٿو ڏيان.

106- رعنا= خوبصورت.

تنها= اڪيلو.

107- خوش چَهر= چڱيءَ شڪل

يا صورت وارو، خوبصورت، سهڻو.

اِيءُ بدر... اسپنگر=يوناني

۽ عربي نالو اسپنگر جو (بدر قطونا)، جو سڄي گهڻ ڪري، فائدو ٿو پهچائي، پر ڪُٽي يا چٻاڙي کائڻ سبب نقصان پهچائي ٿو.

ترياق= زهر جو علاج، زهر کي ماريندڙ دوا.

108- تون يار کنيو..... ڇا جِي؟ =

هندي پهاڪو- بغل ۾ لڙڪا شهر مين ڍنڍورا (ڪڇ وچ لڙڪا، شهر وچ ڍنڍورا).

109- قاف= جبل’قاف‘.

110- ابنِ زياد= عبيدالله ابن زياد، جنهن امام حسين کي ڪربلا جي ميدان ۾، يزيد جي حڪم سان شهيد ڪرايو.

ابنِ زياد لفظ جي لفظي معنيٰ آهي، زياده يا گهڻن ماڻهن جو پٽ.

115- قَدَر= قضا، تقدير.

116- زاهد= پاڪباز، پرهيز گار،

مومن.

حرم= ڪعبو.

راهب= مڙهيءَ وارو فقير.

117- سَما وار=اُهو وڏو ٿانءٌ،

جنهن ۾ چاءِ گرم رهندي آهي ۽ مجلس ۾ ويٺل ماڻهن کي، منجهانئس پياليون ڀري پيئڻ لاءِ ڏيندا آهن.

آَرض وسمَا= زمين ۽ آسمان.

118- حول= سگهه.

لاحول.... باالله= (تڏهن)

الله کان سواءِ، ٻئي ڪنهن

کي طاقت يا سگهه ڪانهي.

119- لَهه= لاههُ، رغبت، لاڙو،

خيال، انداز، موافقت، مناسبت.

جفاَ=ظلم.

صبا= صبح جي ٿڌي هير.

120- آئين=دستور، عادت.

صَحّو= هوشياري.

مَحّو= بيهوشي، محوّيت.

121- ديرينو= جهونو، قديم.

گنجينو=گنج يا خزاني رکڻ جي جاءِ.

122- محزُون= غمگين، دردمند.

عاقل مجنون= تنهنجو عاقل، مجنون آهي.

جنون= چريائي، پاڳلپڻو،

مستي.

123- دلبر= اي دلبر !

125- ناز ۽ محبوب.... ڪوتہ قد=

هنن لفظن جي جوڙي جوڙي اَنگ، اَبجد جي حساب موجب هڪجيترا آهن ۽ معنيٰ يا ضرب المثال ۾ هڪجهڙا شمار ۾ ايندا آهن

ابجد جي حساب موجب، عاشقي لفظ جو جوڙ

ٿو ٿئي ۽ دراز لفظ جوڙ  پڻ 212 ٿو ٿئي. وري

فتنه لفظ جو جوڙ 535 ٿو ٿئي ته ڪوتہ قد لفظ جو جوڙبه 535 ٿو ٿئي.ناز لفظ جو جوڙ 58 آهي ته محبوب لفظ جو جوڙ پڻ 58 آهي.

126- هَر نام= هر ڪو نالو،

هرڪو اسم، تنهنجو نالو.

هري ۽ هَر نام= هندن ۾ خدا جا نالا.

رام= مطيع، تابعدار.

رام رام= هندن ۾ خدا جو نالو.

127- ٿيو ماس گڏهه جو....=

سنڌيءَ جو مشهور پهاڪو-

ڪُتي جا ڏند، گڏهه جو ماسُ.

128- هي زالون= اشارو، خوبصورت

بدچال عورتن ڏانهن.

مائين= ماپن، سمائجن.

129- ڪربلا= اُهو ميدان، جتي امام حسين شهيد ٿيو هو.

ساڪن= رهاڪو، مقيم.

يزيد= جنهن، امام حسين کي مارايو.

130- باالله= قسم آهي خدا جو.

ثم يالله= وري به قسم آهي خدا جو.

133- ڪَتيون= آسمان ۾ تارن جا ڇُڳا، يا ميڙ.

سَرَ= هارَجِي لڙهِي، هارُ.

134- فِڪر= خيال.

معنيٰ ڌارينءَ جي= اُها معنيٰ، جا اڳي، پنهنجي خيال ۾ نه آئي هجي.

خويش= عزيز، مائٽ مٽ.

135- ساري افراد وئي= سڄي (عمر) اَجائي ويئي.

شاد ناشاد= خوش ناخوش.

ٻهِ - سالو پاڻي= ٻن ورهين جو رکيل يا پُراڻو شراب.

136- چُون ۽ چَند= شڪ شبهو.

هُو، گهر ۾ خدا جي ڄائو=

اشارو، حضرت عليءَ ڏانهن،

جو ڪعبي ۾ ڄائو هو.

لاولد= بنا اولاد. اشارو،

الله پاڪ ڏانهن.

گهَر ڄاوَل ڪو= خانه زاد،

ٻار.

138- موالي= ڀنگ پيئن وارا.

هَرپَنُ.... الله=ڀنگ جي

وڻ جي پَن جِي شڪل،

”الله“لفظ جهڙي ٿيندي آهي.

138-خوش ٿي= دل سان، شوق مان.

139- جُثو= جسم.

140- شرع= شريعت.

141- شرم= رشڪ، ريسَ.

حذر= خوف، ڊپ.

بيباڪي= مرادنگي، بيڊپائي.

142- ويو قبي عرش مٿي= اِشارو،

جسماني معراج ڏانهن.

عرش آيو اُن وٽ=اشارو،

روحاني معراج ڏانهن.

144- محفل ٿي... حلال= شريعت

موجب، عيد جي ڏينهن روزو رکڻ حرام آهي ۽ بهشت ۾ شراب حلال آهي.

145- جي پير.... نادان= جي نادان،

پاڻ کي پير ۽ اوليا ٿا سڏائين.

146- ڪيو وات مون  بند= علم کان بس ڪيم.

آءٌ ديوانو ٿيس= عقل کان بس ڪيم.

147- ڪنهن جي دلشڪستي نه ڪندا= ڪنهن جي دل نه ڀڃندا يا ڪنهن کي رنج نه پهچائيندا.

وَٽي= شراب جو پَٽُ يا پيالو.

ميخانا ڪندا....نه

ڪندا= شراب پِي، سڀ  مٽ خالي ڪري ڇڏيندا، پر نشو هرگز نه ٿيندن.

148- لاف زني= ٻٽاڪ هڻڻ.

يقين=يقيناً، بيشڪ.

150- غفّار= گناهه بخشيندڙ (خدا جو نالو).

قهار= قهر ڪندڙ، زبردست(خدا جو نالو)

151- گَبر= آتش پرست.

حق پرستي= خدا جي عبادت.

152-مَريمُ=منهنجو (مَنُ) مري.

153- ذات= خدا جي ذات.

آيات= نشانيون.

خوديءَ جي= پنهنجي اندر جي.

آبِ حيات= اسم ذاتي، الهيٰ ذات.

154- وارن سان اَڇن= اَڇن يا سفيد وارن هوندي.

158- آب و گِل= پاڻي ۽ مٽي.

481 ايندو ۽ آفت لفظ  جو جوڙ پڻ 481 ايندو. ساڳيءَ طرح بيعقل لفظ جو جوڙ 212

159- نمود= نماءُ، جيڪي ڏسجي ٿو، ڏيکاءُ، نمائش.

شهود= جيڪي ظاهر ڏسجي ٿو.

دَهر=زمانو.

161- خوش بياني= چڱيون تقريرون ڪرڻ.

لِڪَچر=تقرير.

اِسپيچ= تقرير.

162- خاموش= چُپ.

جان جو عالم= روحاني عالم.

163- بسمل= ڪُٺل.

164-مگر= شايد.

165- دنيا جي پُٽن= دنيائي ماڻهو.

166- مدهوش= مست.

ٿي مئي ڪري نوش= شراب

نوش ٿي ڪري.

167- وَرُ= وارو، موٽ، ڦيرو.

168- زشت زيبا= بُڇڙو ۽ چڱو.

169- ڊؤل= نمونو، طريقو، طرز.

قرآن کڻن= (يا) قرآن پڙهن.

170- نيست=فنا، نابود.

هست= بُود.

پُست= گهٽ.

رشتو= سر رشتو، ڌاڳو.

تنهنجي دست=تنهنجي

هَٿ (۾).

171- عيب هنر= اوگڻ ۽ گُڻ.

172- تنهنجا احسان= ۽ تنهنجا احسان.

173- ڪرمن= ڪمن، ڪَرتوتن،

ڪَرم= فضل.

ڪَرمَ= ڪم، فعل، عمل،

ڪرتُوت.

174- محبت جو ڏسي=(يا) محبت جو لهي.

محال= ناممڪن.

175- بهرو= حصو، ڀاڱو.

فانوس خيال=مئجڪ لئنٽرن،

يا تماشي وارو شمعدان،

جادو ئي بَتي.

176- شاد= خوش.

ڪَي خُسرو ۽ جمشيد= ايران

جا مشهور وڏا بادشاهه.

گاهه چُنان، گاهه چُنين=

ڪڏهن ڪيئن، ته ڪڏهن ڪيئن !

177- هن جو= يعني، خدا تعاليٰ جو.

قاصر= قصور واري، اَڻپوري.

روان= روانا، هلندڙ.

178- ذرڙي=(يا)قطري.

اُڃ=سِڪ، خواهش.

179- مَٽين= مَٽائين، بدلائين،

وڃائين، ڏيئي يا وڪڻي

ڇڏين.

181- ڪَٽي= شراب جي پيالي

جي تَر جي مِٽي.

182- خسته= درد مند، غمگين.

183- فارغ= آزاد، واندو.

184- ڪا نه ٿَئي= ڪا نه اَٿيئي.

تو کي ڪانه آهي (خبر).

186- عَلمَ= جهنڊو.

عنقا= ناياب پکي.

سيمرغ= ڪمياب پکي.

اسم اعظم= خدا جو وڏو نالو، ڏاڍيءَ طاقت وارو.

پارس= پارس پهڻ.

ترياق= سڀ درد جي دوا.

سُرخ گوگرد= ڳاڙهو گوگڙو.

188- خودبين= خودپسند، معذور.

عاري= آجو، آزاد.

عاريتي= اُڌاري (ويس کان، کجيءَ وانگي آجو ٿيءُ.).


 

ڪتاب موتين جي دٻلي (ڀاڱو ٻيو)

جي ڏکين لفظن، اصطلاحن ۽ ڪن مصرعن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي.

ر- ن

لفظ، اصطلاع ۽ معنيٰ

ر-ن

لفظ، اصطلاح ۽  معنيٰ


 

1- مقيّد=قيدي، اَسير، پابند،

قيد ٿيل.

مطلق= آزاد،خود مختار،

قطعي آزاد.

3- مخمسّ= پنجن ضلعن واري شڪل، پنج ڪُنڊو؛ اُهو نظم، جنهن ۾ پنجن پنجن مصرعن جو هر هڪ بند هجي.

مربّع= چؤگوشو، چؤڪنڊو؛

اُهو نظم، جنهن ۾ چئن چئن مصرعن جو هر هڪ بند هجي.

4- موحّد= پَڪو يا سچو مسلمان، خدا کي هِڪ ڪري ڄاڻندڙ.

محّقق= تحقيق ڪندڙ؛ اُهو ماڻهو، جو ڪنهن ڳالهه کي، دليل سان ثابت ڪري؛

فلاسافر يا فلسفي.

اناالحق= (منصور حلاج جو

مشهور نعرو) آءٌ خدا آهيان.

5- محزون= غمگين، ڏکايل.

جُنون= چريائي، پاڳلپڻو.

ڪُلّ حِزبّ.... فرحُون=

سڀڪا جماعت، جيڪي ڪجهه

وٽس آهي، اُن تي خوش

آهي. (القرآن)

6- معروف= مشهور، معلوم،

ظاهر، سُڃاتل.

صاحب، عرفان= عارفَ‏،

ولي الله،خدا شناس، حق تعاليٰ

جي معرفت رکندڙ.

خواهان= چاهيندڙ، طالب،

عاشق.

عارف= سڃاڻندڙ، خداشناس،

وَلي، خدا رسيده، معرفت ۾ ٻُڏل.

9- قاف= جبل، هڪ جبل جو نالو.

عنقا= سيمرغ، هڪ خيالي پکي يا جانور جنهن جو ذڪر اڪثر شاعرن پنهنجي شعر ۾ته آندو آهي، پر ان کي اڃا ڪنهن به نه ڏٺو آهي؛ ناياب يا اڻلڀ شئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org