(1)
گلشن ۾ صبا کي جُستجو تُنهنجي آهه،
بلبل کي سدائين گفتگو تُنهنجي آهه،
هر رنگ ۾ آهي تُنهنجي قدرت جو نشانُ،
جنهن گل کي سُنگهان ٿو تنهن ۾ بُو تُنهنجي آهه.
(2)
ڪيئن ٿي سگهي عبد کان عبادت تُنهنجي،
فضل ۽ ڪرم ۽ عَطا ٿي عادت تُنهنجي،
صَحرا صَحرا گناهه ٿيا منهنجا اگرچ،
دريا دريا مگر ٿي رحمت تُنهنجي.
(3)
آءٌ ٻانهو گنهگار، رَضا تنهنجي ڪٿي؟
دل منهنجي ٿي بيمار، شفا تُنهنجي ڪٿي؟
جي ڏين تون بهشت اسان کي اطاعت جي عيوض،
سؤدو ٿيو اهو، پوءِ عطا تنهنجي ڪٿي؟
(4)
بيڏوهه جهانَ ۾ بشر ٿيو ڪهڙو؟
۽ ڏوهه گناهه ري هِتان ويو ڪهڙو؟
آءٌ بُڇڙي ڪريان ۽ تون ڏِين بڇڙو بدلو،
پوءِ تُنهنجو ۽ منهنجو فرق ٿيو ٻيو ڪهڙو؟
(5)
ڪنهن غير تُنهنجي کي تو طرف ڪونهي سَير،
خالي ناهي تو کان ڪا به مسجد يا دَير،
سڀ طالب مطلوب جي آهن مون ڏٺا،
سي سڀ آهين تون، تن ۾ ٻيو ڪونهي غير.
(6)
ڪٿ آهي سو عقل سمجهي جو تنهنجو ڪمال؟
سو فهم ڪٿي پروڙي جو تنهنجو جلال؟
جي تون کڻي پردو پنهنجي منهن تان لاهين،
ڪٿ آهي سا اک، ڏسِي سگهي تنهنجو جمال؟
(7)
جنهن رستي وصال تنهنجو ڳولينِ چڱو،
جنهن در کان حجاب تنهنجو کولينِ چڱو،
جنهن اک سان ڏسن جمال تنهنجو بهتر،
جنهن ٻول سان نانؤ تنهنجو ٻولينِ چڱو.
(8)
آءُ موٽي تون ڪير به هجين، آءُ موٽي،
ڪافر ٿين يا بُت پرست ٿين، آءُ موٽي،
درگاهه هي اصل نااميديءَ جي ناهه،
سؤ ڀيرا تون توبهه جي ڀڃين، آءُ موٽي.
(9)
هو نُور عدم کان اڳ قضا جي ڪم ۾،
ظاهر ٿيو سو نيٺ اچي آدم ۾؛
حق کي تون جدا نه سمجهه عالم کان ادا،
عالم سڄو حق ۾ آهه، حق عالم ۾.
(10)
جڳ ۾ آهي محفي گنج انسان جي ذات،
۽ ملڪ بقا جي حق ڏني اُن کي ڏات،
پاڻي ۽ مٽيءَ جي جڏهن ڇڏيسين ظلمات،
تڏهن خضر اسين ۽ پڻ اسين آبحيات.
(11)
هڪ واٽ وڃي ٿي حق کان ڏنهن خلق سَئِين،
ٻي واٽ وڃي ٿي خلق کان حق ڏانهِين،
هُن واٽ ۾ جي پوين، وڃي پهچين ڌر،
هِن واٽ ۾ جي پوين،رُلي نيٺ مرين.
(12)
نسخو ۽ نمونو تون الاهي آهين،
آئينو تون لاءِ حُسن شاهي آهين؛
ٻاهر ناهي توکان جيڪي عالم ۾ آههِ،
جيڪي تون گهرين تِنهن جو تون واهي آهين.
(13)
اک آهي ۽ دل اسان جي بينا توکان،
۽ آهي زبان اسان جي گويا توکان؛
آهيون اسين ڦوٽا ۽ تون درياهه عميق،
نابود آهيون پاڻ کان پيدا توکان.
(14)
عالم مان اثر جڏهن تعين جو ويو،
ڪثرت ٿئي وحدت، تون نه رک شڪ شبهو،
جڏهن ويئي ٻُڙي رقم مان نڪري تڏهين،
ڏهه، سؤ، ۽ هزار ٿي پون ٿا هڪڙو.
(15)
محبوب کي پنهنجي مون چيو اي سهڻان،
وِجهه مُنهن تي نه پردو هر گهڙيءَ ناز منجهان؛
چيئين مون کي کِلي، جهان جي اُبتڙ آءٌ،
پردي ۾ عيان آهيان ۽ ري پردي نهان.
(16)
آهيس جي ڪا وفا ته پاڻهئي ٿو اچي،
آهيس اچڻ روا ته پاڻهئي ٿو اچي،
تون ڇو ٿو رُلين پٺيانس، ويهه ماٺ ڪري،
جي آهي اُهو خدا ته پاڻهئي ٿو اچي.
(17)
حيرت آهي يار منهنجي من ۾ ماپي،
۽ جانِ لکن جي هڪڙي تن ۾ ماپي؛
هڪ داڻي ۾ ٿيون هزارين ٻاريون ماپن،
عالم سڄو سُئيءَ جي سوڙهي ڳن ۾ ماپي.
(18)
جي خيال پچائين گل جو نِت، گل ٿين تون،
بلبل جو پچائين جي، ته بلبل ٿين تون،
حق ڪُلُ تون جزو آهين، جي ٿورا ڏينهن،
ڪُل جو ڪرين فڪر دل ۾، تا ڪل ٿين تون.
(19)
ڪر ڪانه پڇا هي ڪعبو آهي يا دَير،
گمراهي ۽ شڪ جي دشت ۾ ڪر نه تون سَير؛
وڃ، واٽ عبادت جي تون شيطان کان سِک،
ڪر سجدو تون هڪ کي، ٻيو اڳيان آڻ نه غَير.
(20)
جو پاڻي حياتيءَ جو ادا، ٿو ڳولي،
سو خضر جي پيروي سدا ٿو ڳولي؛
ڄاڻي ٿو ته ڪير آهي شيطان رجيم،
اِنسان کان ٻاهر جو خدا ٿو ڳولي.
(21)
اسرار ازل جو نه پڙهان آءٌ نه تون،
مشڪل هي ڳجهارت نه ڀڃان آءٌ نه تون؛
پردي پٺيان آهي آءٌ ۽ تون جي ٻولي،
پردو جي کڄي ته پوءِ رهان آءٌ نه تون.
(22)
دنيا به عجيب سرائي فاني آهي،
جا شيء اچي هت، ترت رواني آهي؛
اچي نه وڃي وري، سا آهي پيري،
وڃي نه اچي وري، جواني آهي.
(23)
مَرُ فوج ۾ تنهنجي جڳُ ڪري پيو ڀرتي،
ڇا ٿيو جي زمين ساري هيءَ تو ورتي؟
خوش رهه، جو نصيب توکي مونکي آخر،
ڏهه گز ٿيندو ڪفن ۽ ٽي گز ڌرتي.
(24)
هيءَ عمر، جنهن ۾ تون رهين ٿو بيتاب،
پاڻيءَ تي آهي نقش، يا آهي اُو حباب؛
دنيا آهي خواب ۽ حياتي اُن ۾،
گويا آهي خواب، جو ڏسين ٿو منجهه خواب.
(25)
ٻاراڻو زمانو ويو، جوانيءَ جو عمل،
پيريءَ جو آيو ڏينهن، ٿيو ويجهو اَجل؛
مهمان کي ٽي ڏينهن رهڻ آهي روا،
گذريا سي ٽئي ڏينهن، اُٿي هاڻ تون هل.
(26)
ٻيڙيءَ ۾ جڏهن چڙهي نديءَ ۾ ٿيون روان،
هر شيءَ جي لنگهڻ جو پوي ڪنڌيءَ تي گمان؛
هر لحظي جهان مان وڃون لنگهندا اسين،
پر ڀانيون اسين ٿا، ٿو وڃي لگهندو جهان.
(27)
تون سونُ آهين، جي اُن جو جويا آهين،
۽ لقمو، جي اُن جي منجهه تمنا آهين؛
رک ياد طلب جي راهه جو هي قانون،
جنهن شيءَ کي تون ڳولين جُهد مان، سا آهين.
(28)
دنيا مان گهڻئي صاحب، اقبال ويا،
دولت نه وئي ساڻ، نه اطفال ويا؛
پهچائي قبر تائين وري آئي خلق،
جي ساڻ ويا، ته يارو اعمال ويا.
(29)
جڏهن منهنجي ڪفن دفن جو ٽاڻو ٿيندو،
تڏهن قبر ۾ عاقبت ٽڪاڻو ٿيندو؛
مونس اُتي ڪو نه ٿيندو تنهائيءَ ۾،
مٽيءَ کان سواءِ نه هنڌ وهاڻو ٿيندو.
(30)
مون آهي مريِ مريِ وسايو توکي،
ٻيو سڀڪي ڇڏي اچي ورايو توکي؛
ڇو ٻک نه وجهي سمهان آءٌ تو کي، اي قبر،
مون ساهه ڏيئي آهي وٺايو توکي.
(31)
نِت غازي مٿا هڻي شهادت لئي ٿو،
پر آهي شهيد عشق جو کانس ڀلو؛
محشر ۾ ڪٿان هي ٿو ٿئي، هُن سان مٽ،
هي آهي ته دشمن ڪُٺو، هو دوست ڪُٺو.
(32)
هِن جڳ جي تون جان سان جي آهين جيئرو،
شرم آهي جو پاڻ کي سڏائين جيئرو؛
ري عشق نه رهه هتي ته مردو نه ٿئين،
مر عشق ۾ تا رهين سدائين جيئرو.
(33)
ٿيو عشق رواجيءَ جو سماچار ٻيو،
۽ عشق اسان جو ٿيو اسرار ٻيو؛
سيکارجي مدرسن ۾ جو علم هنر،
وهنوار ٻيو ۽ عشق وهنوار ٻيو.
(34)
مون هُل ٻُڌو ٿي عاشقيءَ جو ايڏو،
معشوق جي لئي سور سٺم ٿي ڪيڏو؛
معشوق ۽ عاشق ٿي مون سمجهيا ٻه ڄڻا،
پر هئا سي ٻئي هڪ ۽ هئس آءٌ ٽيڏو.
(35)
منجهه عشق نه پيدا ۽ نه پنهان آهيان،
آءٌ جسم نه آهيان ۽ نڪي جان آهيان؛
جنهن ڏي ٿو ڪريان نظر اُهو آهيان آءٌ،
ڪافر نه آهيان آءٌ، نه مسلمان آهيان.
(36)
صوفين جي صفت ٿي شمع تو ۾ ساري،
سڀ وصف تو آهي عاشقن جي ڌاري؛
مُنهن زرد رهي ۽ جر اکين کان جاري،
دل جي سوزش ۽ رات جي بيداري.
(37)
قرآن سڄو جي دل تي دلبر ٿو رکين،
ٿيو ڇا جي اندر ۾ نفس ڪافر ٿو رکين؛
سجدي ۾ مٿو پٽ تي هڻين لاءِ نماز،
هڻ پٽ تي، مٿي جي جيڪي اندر ٿو رکين.
(38)
ڀڃ پاڻ کي يار، بُت ڀڃڻ آهي اهو،
ڇُٽ پاڻ کان، قيد مان ڇٽڻ آهي اهو؛
ٿي گوشه نشين دل ۾ تون ماڻهن جي،
رک ياد ته گوشي ۾ وِهڻ آهي اِهو.
(39)
سؤ گهر جي عبادت سان تون آباد ڪرين،
تنهن کان ته چڱو جي هڪڙي دل شاد ڪرين؛
جي لطف سان ٻانهون ڪرين هڪڙو آزاد،
بهتر جو هزار ٻانها آزاد ڪرين.
(40)
ادنيٰ کي جو سرُ جهڪائي، اعليٰ سو آهه،
ٿيو خُلق جو قطرو جنهن ۾، دريا سو آهه؛
ڪهڙو نه چڱائيءَ جو دليل آهي چڱو؛
نادان جو سمجهي پاڻ، دانا سو آهه.
(41)
محنت جو ئِي ڦل پوي ٿو هر دامن ۾،
محنت جون ئي برڪتون ٿيون هر خرمن ۾؛
موسيٰ ٿيو ڌنار قوم جو تيسين ڪين،
ڌڻ جيسين نه چاريائين وڃي مدين ۾.
(42)
درگاهه ۾ حق جي عرض هي موسيٰ ڪيو،
مقبول گهڻو ٿيو ڪهڙو بندو تنهنجو؛
ٿيو حڪم ته منهنجو نيڪ بندو سو آهه،
سَتُ ساري، وٺي نه بديءَ جو بدلو.
(43)
تيشي جان نه آڻ سڀڪي پاسي پنهنجي،
رندي جان اُڇل نه پاڻ کان سڀڪي پري؛
گذران جو سِک سبق تون ڪارائيءَ کان،
ڪي پاڻ ڏي آڻ، ڪي ٻين کي پڻ ڏي.
(44)
جي ڀانئين ته، تنهنجي دل ٿئي آئينو.
ڪر صاف ڏهن شين کان پنهنجو سينو؛
حرص ۽ اَمل ۽ ڪوڙ ۽ ڪاوڙ، غيبت،
بخل ۽ حسد ۽ ريا ۽ هٺ ۽ ڪينو.
(45)
صراف سخن ٿي نه ڳالهاءِ اڳي،
چئو ڪينڪي جيسين نه ٻيو تو کان پڇي؛
ڏس توکي ٻه ڪن ڏنائون ۽ هڪڙي زبان،
ٻُڌ يعني تون ٻن سان، ڳالهه ڪر سان هڪڙي.
(46)
بڇڙي ڪري ٿئي طمع چڱي جي توکي،
بڇڙي جو ڪري سو نِت رهي منجهه جوکي؛
جيتوڻيڪ خاوند ڪريمِ آهي رحيم،
هر گز نه لُڻي ڪڻڪ، جو جَوَ ٿو پوکي.
(47)
رئندو آئين، دنيا ۾ جڏهن ڪيو تو وطن،
ٻيا سڀ ٿي کِليا، هو خوش سندن جان ۽ تن؛
اَڄ رهه تون ائين جو جي سڀاڻي تون وڃين،
کلندو تون وڃين ۽ ٻيا سڀيئي رئندا رهن.
(48)
جي پاڻ ڪي ڪين ڏسين آهين مرد،
جي نفس تي غالب تون پوين آهين مرد؛
ڪنهن شخص ڪِريل کيت هڻڻ مردي ناهه،
پر جي تون ڪِريل جو هٿ وٺين آهين مرد.
(49)
جنهن کي ڪيو خدا نصيب عقل ۽ اِدراڪ،
سو پنهنجي جهاد جنگ ۾ ٿيو چالاڪ؛
جيئرو آهي پاڪ گرچ، ۽ مردو پليت،
هي نفس پليت جڏهن مري، ٿئي ٿو پاڪ.
(50)
جن کي دنيا ۾ عقل وارو ٿا سڏين،
سي سِرُ ٿا وٺن، زبان وڪڻيو ٿا ڏين؛
جڏهن آهي مڇيءَ ڇڏيو اصل ڳالهائڻ،
تڏهن ماڻهو، ڏسو، سسي نه اُن جي ٿا وڍين.
(51)
دنيا ۾ اي دوست دل جي همت جي جهلين،
لازم ته طمع ۽ حرص کان پاڻ پلين؛
تون ٿي نه وزير، جو هلين پاسيرو،
بهتر ته پيادو ٿي سنئون سوڌو هلين.
(52)
فرض آهي اِهو، قضا جو تون حڪم مڃين،
ڪي ڪين ڪُڇين، رضا کان ٻاهر نه وڃين؛
وِتُ ڪهڙي مٽيءَ کي جو پڇي ڪنڀر کان،
ڇا لاءِ ٿو ٺاهين وري ڇالاءِ ٿو ڀڃين؟
(53)
درويش آهي هڪڙي شهنشه جي سمانِ،
جو مفت ڏئي ملڪ، ٿو هر دم هرآنِ؛
دوريش اُهو ناهي، پني جو مانيون،
دوريش اُهو آهي جو بخشي ٿو جانِ.
(54)
ڪر چاڪري طالب تون ڪا درويشن جي،
بيگانو نه ٿي، خدمت ڪر خويشن جي؛
ڪر پاڻ سان جنگ، جا ڪرين ماڻهن سان،
ڇڏ پاڻ کي، ڪر تون صلح جوئي تن جي.
(55)
ٿا چون ته آدميءَ کي گهرجي ٿو هنر،
يا اصل نسل حسب نسب هوئي بهتر؛
سچ، هئا اُهي سڀ اڳئين زماني ۾، مگر
درڪار به هن زماني ۾ آهي زر.
(56)
پئيسن سان آهن غلام رئيسن جهڙا،
سڀ تن کي چون اوهين ته ههڙا ههڙا؛
ويا پئسا جڏهن، چوي اُنهن کي سڀڪو،
نڪرو هتان، آهيو ڪير ههڙا تهڙا.
(57)
گڏ توسان نه ننڊ اچي ٿي دلداريءَ کان،
۽ تو کان پري نه ننڊ اچي ٿي زاريءَ کان؛
راتيون ته ٻئي مون کي رهي بيداري،
پر فرق ته ڏس تون هِن جو هُن بيداريءَ کان.
(58)
جا شيء هو ئي چڱي اُنهي جي ٿئي منع مدام،
تا خلق اُنهي پٺيان نه ڪاهي پئي عام؛
نه ته راڳ شراب توڙي سُهڻي صورت،
خاصن کي حلال آهي، عامن کي حرام.
(59)
جنهن زال رکي، سو عقل وارو نه هوئي،
ڳڻتيءَ کان ڪڏهن به اُن کي چارو نه هوئي؛
دنيا ۾ ٿو گهر رکي، مگر زال نه ڪا،
ڇا لاءِ ڀلا خدا سگهارو نه هوئي.
(60)
آءٌ ۽ تون ٻئي مخالف آهيون معذور،
تون سُک ۾ستل ۽ مون کي سؤ قسم جا سور؛
آءٌ بخت آهيان تنهنجو جو جاڳان پيو سدا،
تون بخت آهين منهنجو جو جاڳين نٿو مور.
(61)
پهراڻَ جي بار کان ڪِري آءٌ ٿو پوان،
آواز جي واءَ سان ڪِري آءٌ ٿو پوان؛
منهنجو ٿي ڪِريو پاڇو اڳي ڌرتيءَ تي،
هاڻ ضعف کان پاڇي جان ڪِري آءٌ ٿو پوان.
(62)
ثابت آهي يارو جي ڪريو خوب نگاهه،
ٻارهن ٿيا امام ۽ آهن ٻارهن ماهه؛
بيشڪ آهي حق تي هرڪو اثناعشري،
ٻارهن ٿيا حرف لااِلٰہ الاّاللّہ.
(63)
جي ماڻهو ”قليچ“ نيڪ تو کي ٿا سڏين،
جي تنهنجو اندر ڏسن سڃاڻن هوند ڪين؛
هيسين هوئين ايئن، جئن ڪ ٿو تون ڄاڻين پاڻ،
هاڻ ائين به ٿي، جيئن گمان تو ۾ ٿا نِين.
(64)
ڪو موت مان اهل دل کي ايذا ناهي،
ننڊ ڪين سجاڳ دل کي ڊپ سان ڊاهي؛
جي جان ڇڏيو جسم کي اُڇلي، ٿيو ڇا؟
جڏهن ٿئي ٿي پراڻي، نانگ کل ٿو لاهي.
(65)
پنهنجو مون طبيب وٽ ڪيو درد بيان،
چيئين دوست بنا نه ٻئي جي لئي چور زبان؛
مون چيو ته غذا، چيئين ته پِي خون جگر،
مون چيو پرهيز، چيائين ڇڏ هر دو جهان.
(66)
ڏس عشق اُٿي ٿو پهرين دل ۽ تن مان،
پوءِ دل کي ۽ تَن کي سوَ رسائي صدمان؛
سچ آهي ائين، جو لوهه کي کائي ڪَٽ،
۽ ڪٽ به ته پيدا ٿي ٿئي لوهه منجهان !
(67)
ڏينهن رات ادا تون جو خدا پيو ڳولين،
اَنڌو ٿي ڇو پاڻ کان جدا پيو ڳولين؟
حق توسان پيو ڳالهائي سدا ۽ پيو چوي،
آءٌ توسان لڳو وتان، تون ڇا پيو ڳولين؟
(68)
ٿو عمر مان منهنجي يار جيڪي گهٽجي،
سو عمر ۾ تنهنجي دوست هردم ٿو وڌي؛
ٿي پنهنجي حياتي رات ۽ ڏينهن وانگي،
ٿو ڏينهن وڌي، جيتري رات کُٽي.
(69)
ٿي جاءِ بهشت زهد پروردن لاءِ،
دوزخ آهي اصل ڪسوٽي مردن لاءِ؛
ناهي، ٿا چون، بهشت ۾ درد يا غم،
معلوم ٿيو، آهي جاءِ بيدردن لاءِ. |