(139)
منجهه عشق نه ظاهر نه ڳجهو آهيان آءٌ،
جانِ آهيان نه آءٌ نڪي جُثو آهيان آءٌ؛
ڪافر نه مسلمان، عجب آهيان شخص،
جنهن ۾ ٿو نظر ڪريان اُهو آهيان آءٌ.
(140)
ٽي واٽون وڃن ٿيون حق ڏي، ٻڌ تن جو نشان،
پهرين آهي تن، ۽ ٻي آهي دل، ٽين جان؛
ٿيون شرع طريقت ۽ حقيقت ٽيئي،
چئي ڪين زياده ٿو سگهان ساڻ زبان.
(141)
ٿئي نُور عيان اسان جي تن خاڪيءَ مان،
ٿئي روح روان اسان جي چالاڪيءَ کان؛
ڪن شرمِ مَلَڪ اسان جي پاڪائي ڏسي،
ڪن ديوَ حذر اسان جي بيباڪيءَ کان.
(142)
ڪر ڌيان، مجاز سان حقيقت تون نه مَٽ،
معراج جو وٺ مثال، چؤ وڌ نه گهٽ؛
مُلا ٿا چون ته ويو نبي عرش مٿي،
صوفي ٿا چون ته عرش آيو اُن وٽ.
(143)
ماريوم فراق، ناتوان ڪيائين منکي،
بيمار جان بستر تي ڪيرايائين منکي؛
وئي ضعف کان صورت به بدلجي اهڙي،
جو آيل اجل پر نه سڃاتائين من کي.
(144)
رندن جو خدا سدا وڏو ڪيو اقبال،
ٿيا شرع تي پورا ۽ رهن پڻ خوشحال؛
سڀ ڏينهن اُنهن کي عيد، ٿيو روزو حرام،
محفل ٿي بهشٽ تن جي، ۽ مَئي ٿي حلال.
(145)
جي پير ۽ اوليا سڏائن نادان،
زوريءَ ٿا وڃي ٿين گهرن ۾ مهمان؛
ظاهر ۾ چون هميشہ الله رسول،
باطن ۾ رهن هميشہ ديوَ ۽ شيطان.
(146)
جڏهن يار جي ڳولا ۾ آءٌ مردانو ٿيس،
اول ۾ ئي پاڻ کان آءٌ بيگانو ٿيس؛
اُن عِلُم نٿي ٻڌو، ڪيو وات مون بند،
اُن عقل نٿي ڳڌو، آءٌ ديوانو ٿيس.
(147)
ٿيا مرد، جي ڪنهن جي دلشڪني نه ڪندا،
خودبيني، خودي ۽ خودپرستي نه ڪندا؛
حق جي هٿان وحدت سندي ورتائون وٽِي،
ميخانا ڪندا خالي ۽ مستي نه ڪندا.
(148)
نت هٺ ۽ وڏائيءَ جو ڪيو فخر جَنِي،
جن اصل ۽ نسل جي ڪئي لافزني؛
آهن سي يقين بي شرم ۽ احمق،
ٿيو اصل جڏهن اُنهن جو مِٽي ۽ مَني.
(149)
جي تو کي هدايت جي آهي دل ۾ طلب،
ڪر فخر نه نسل تي نڪي ڳول نسب؛
جنهن شيء تي جڳائي ٿو ڪرڻ توکي فخر،
عقل آهي، حيا ۽ علم، پرهيز ادب.
(150)
غفار چون توکي ۽ قهار البت،
ٿيا اسم عجب تنهنجا، عجب تنهنجي صفت؛
پر قهر کان تنهنجي ٿي زياده رحمت،
سو ڪو ته بهشت اَٺ ۽ دوزخ ٿيا ست.
(151)
تون گبر يهود يا نصارا کان نه لڪ،
جت رات پوئي، خدا جو گهر ڄاڻي ٽڪ؛
مسجد ۽ مڙهيءَ مان حق پرستي مطلب،
گهَرَ جي ٻه ٿيا، ته گهر ڌڻي آهي هڪ.
(152)
جي جانِ ڇڏيم تَنُ، نه مرندس ڪڏهين،
جي خاڪ ٿئي بدن، نه مرندس ڪڏهين؛
نادان غلط چون ٿا مئو آهي ”قليچ“،
جيسين نه مريمِ مَنُ، نه مرندس ڪڏهين.
(153)
تو ۾ آهي موجود، جي تون ڳولين ذات،
تو ۾ ٿي رهي ذات، نه آيات صفات؛
ايءَ کُوهي خوديءَ جِي جي ٻه- ٽي گز کوٽين،
گهر پنهنجي ئي ۾ لهين اُهو آبحيات.
(154)
توکان سواءِ يا ربّ نه اٿم ڪو چارو،
آءٌ آهيان گنهگار، تون بخشڻ وارو؛
ڪيا فضل سان وار ڪارا منهنجا تو اڇا،
وارن سان اڇن نه منهنجو ڪج مُنهن ڪارو.
(155)
تنهنجي ٿي لڳي دوست پياري ياري،
جند جان جي ڳڻتي مون وساري ساري؛
جي ڏينهن ٻه - ٽي، مرِي ڏنم توکي ساهه،
گويا هي حياتي مون اُڌاري ڌاري.
(156)
نت نِينهُن سڄڻُ نيڻ ملائي لائي،
نت پرت سڄڻُ جڳ کان ڇپائي پائي؛
جيڪي ڪري سو منکان پڇي پوءِ ڪري،
جيڪي کائي منکي چکائي کائي.
(157)
جَرَ ٿَرَ آءٌ ٿڪس يار کي ڳولي ڳولي،
اُن لاءِ ڇڏيم ڇپر کي ڇولي ڇولي؛
هاتف چيو هُو ته تو ۾ ٻولي ٻولي،
توکي وڌو ڇو ڀُلائي ڀولي ڀولي.
(158)
جا ذات رهي پاڪ ٿِي آب و گِل کان،
خلوت کان جدا نه آهي يا محفل کان؛
اندر مان اچي زبانَ تي جنهن جو نانءُ،
ڪٿ ٿو رهي، پُڇ اُهو تون منهنجي دل کان.
(159)
پردي ۾ رهي نمود جي هڪ تصوير،
۽ غيب ۾ پڻ شهود جي هڪ تصوير؛
جي تون نه هجين ته هوند هجي ها نه وجود،
هيءُ دهر ته ٿيو وجود جي هڪ تصوير.
(160)
اي دل تون خدا جي واسطي ڪر نه گناهه،
ناحق تون عملنامو ڪرين پنهنجو سياهه؛
رحمان ڏي پٺ تنهنجي ۽ شيطان ڏي منهن،
لاحول ولا قوة الا باالله.
(161)
قومي جلسن ۾ خوش بياني ڪيسين !
لڪچر اسپيچ قصه خواني ڪيسين !
پئسو ڪريو جمع ۽ ڪريو قوم تي خرچ،
گهر ويٺي جمع خرچ زباني ڪيسين !
(162)
عالم جي ڪمن ۾ گهرجي خاموش ٿيڻ،
۽ جان جي عالم ۾ کپي هوش ڏيڻ،
جيسين هوئي اک، زبان ۽ ڪن پرجا،
ري اکِ ۽ زبان ڪن جڳائي ٿو جيڻ.
(163)
اڄ باغ ۾ محبوب جي محفل هوندي،
گل غمزدو، بلبل به ته بسمل هوندي؛
ٿي بوءِ اچي ڪباب جي باغ منجهان،
ڪنهن عاشق بيدل جي جَلِي دل هوندي.
(164)
اڄ باغ ۾ محبوب جي منزل هوندي،
گل جي سِسي شرم کان جهڪائل هوندي؛
ٿي بوءِ اچي گلاب جي باغ منجهان،
پاڻي ٿي مگر گل جي وهِي دل هوندي.
(165)
دنيا کان ۽ دنيا جي پُٽن کان نفرت،
جيئن تون ڪرين تيئن توکي ٿئي حاصل فرحت؛
مون اُن جو ڏٺو بهار ۽ اُن جي خزان،
دنيا جي چمن ۾ ڪونهي گل ري حيرت.
(166)
دل حسن ۽ عشق ۾ وري ٿي مدهوش،
تسبيح مصلو ڇڏي ٿي مَئي ڪري نوش؛
آءٌ پوڙهو ۽ دل ۾ ٿيو جوانيءَ جو ذوق،
ڏس وقت خزانيءَ جي بهاريءَ جو جوش.
(167)
آءٌ جسم ۽ جان ۾ جڏهن هوس جوان،
غالب نڪي نفس ٿيو، نڪي ٿيو شيطان؛
پيري جڏهن آئي تڏهن گناهن ڪيو وَرُ،
ڏس درد عجب آيو، نه آيو درمان.
(168)
هي شهر جبل ۽ باغ دريا، سڀ ڪوڙ،
جيڪي ٿو ڏسين تون زشت زيبا سڀ ڪوڙ؛
حق سان تون گذار، ڪر تون ٻئي سڀ کان گذر،
سڀ خواهشون لاءِ دين دنيا سڀ ڪوڙ.
(169)
اڄ دوست ڏسو ڊول دورنگيءَ جو رکن،
قرآن کڻن، دين فرنگيءَ جو رکن؛
گهارين ٿا شطرنج جي سارين وانگي،
دل ۾ ٿا خيال خانه جنگيءَ جو رکن.
(170)
جيسين نه ٿئين نيست نه ڪن توکي هست،
هي مرتبو ڪيئن ملي، جي همت هوئي پست ؟
جڏهن شمع جان اقرار سڙڻ جو تون ڪرين،
رشتو تڏهن روشنيءَ جو ٿئي تنهنجي دست.
(171)
جنهن وقت ڏسين ڪنهين جو تون عيب هُنر،
پنهنجو تون تڏهين عيب هنر آڻ نظر؛
ٻئي ڪنهن جو نه ڏس عيب، فقط پنهنجو ڏس،
ڄاڻج تون اهو هنر سڀن کان بهتر.
(172)
ٿيا منهنجا گناهه تنهنجا احسانَ هزار،
ٻاهر ٿيا حساب کان سي بيحد بسيار؛
سؤ ورهيه ڪريان جي ليکو، تا پڻ ٿئي وڌ،
لطفن کان تُنهين جي منهنجي ڏوهن جو شمار.
(173)
ڪرمن کان آءٌ پنهنجي آهيان يا ربّ منجهه شرم،
سرد آهون ڀريان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان آءٌ گرم؛
گهرجي نه ڪرڻ جيڪي، ڪيو مون سوئي،
ڏس پنهنجي ڪرم ڏي، ڪين ڏس منهنجا ڪرم.
(174)
ديوانگي دل منهنجي جي ٿي عقل ڪمال،
ايءُ جوش محبت جو ڏسي ڪين زوال؛
درياهه جو ڪوزي ۾ ٿيو ماپڻ مشڪل،
جيتوڻي چون، مگر خيال آهي محال.
(175)
جنهن کي ڪو مليو بَهرو منجهان عقلِ ڪمال،
هرگز نه ڪري خيالَ ۽ فڪرَ محال؛
ٿي گوشه نشين ڏسي تماشو جڳ جو،
هڪ شمع ٻري، هزار فانوس خيال.
(176)
رهه شاد هميشہ تون مٿي روئي زمين،
ڪيخسرو ۽ جمشيد رهيا ڪين يقين؛
احوال جهان جو ٻڌايان توکي،
آهي سو سدا گاهه چنان گاهه چنين.
(177)
رحمت جو دريا هُن جو ٿيو بي پايان،
قاصر ٿي زبان شڪر ۾، دل حيران؛
جيئن جيئن ٿيو گناهه واڌو رحمت واڌو،
منجهه بحر گناهه جي تري ٿياسون روان.
(178)
ذرڙي جي پٺيان ڪيسين وسائين تون سُڃ ؟
ڇو سونَ رُپي جي ايتري ڌارين اُڃ؛
گوشي ۾ منڊيءَ جي ٽِڪ جان ويهه هڪڙي هنڌ،
پاڻيءَ تي هي نقش ڄاڻ، يا ڄاڻ تون رُڃ.
(179)
آسان نه ٿيو سمجهه سان اُن جو سمجهڻ،
مشڪل ٿيو اکين ۽ دل سان پڻ اُن کي ڏسڻ؛
دل کي ڪري ديوانو، اکين کي حيران،
سمجهڻ ۽ ڏسڻ ان جو، سڃاڻڻ ڄاڻڻ.
(180)
زاهد ڇا لاءِ دين دنيا تي مَٽين ؟
ڇو مفت ريا ۽ ڏيک لئي ڏک ٿو ڪَٽين ؟
تسبيح جو ڌاڳو وارَ جهڙو، تنهن مان،
مضبوط رسو ٿو پنهنجي ڦاسيءَ جو وٽين.
(181)
جي شاهه ٿيڻ گهرين، گدائي تون نه ڪر،
درويش جي ٿين ته پارسائي تون نه ڪر؛
پِي مئي جي ڪَٽِي ته هٿ اچئِي صاف دلي،
ميخاني کان هڪ گهڙي جدائي تون نه ڪر.
(182)
جيتوڻيڪ شوخ ۽ دل آزار آهين،
وڌ سَڀِ کان تون غمخوار وفادار آهين؛
عالَمَ آءٌ گهميس ۽ آزمايم ۽ ڏٺم،
محتاج ۽ خسته دل جو تون يار آهين.
(183)
فارغ تون هوا ۽ حرص کان دم نه ٿئين،
ڳڻتين کان جهان جي تون بي غم نه ٿئين؛
ڳڻتيءَ ۾ ته پنهنجي پڻ رهي ڍور ڍڳو،
گهٽ ٿئين تون گڏهه گهوڙي کان، آدم نه ٿئين.
(184)
تون خواب ۾ آهين ڪا نه ٿَئِي پنهنجي خبر،
غفلت ۾ وڃائين مفت پيو چار پَهر؛
راهي ٿيا سڀئي يار، تون، آهين منجهه راهه،
لحظي جي حياتيءَ تي ڪرين ڪا نه نظر .
(185)
مذهب ٿيا گهڻا، اُنهن ۾ ڪي خاص ڪي عام،
رهبر ٿيو ڪن جو ڪفر، ڪن جو اسلام؛
هڪڙي ئي وجود کي جدا نانوَ سڏين،
رحمان رحيم ڪي، ۽ ڪي لڇمن رام.
(186)
هت تاج ۽ تخت عَلَمُ ۽ عالَم ٿو ملي،
عنقا سيمرغ اسم اعظم ٿو ملي؛
پارس، ترياق، سرخ گوگرد، اڪسير،
هي سڀ ٿا ملن، دوست مگر ڪم ٿو ملي.
(187)
نت بند ۾ رهه جي تون رهائي ڳولين،
نت وصل تون ڳول جي جدائي ڳولين؛
ٻانهو جي ٿِين، سِک ڌڻي ٿيڻ پهرين تون،
ٿي بندو تون، جيڪڏهن خدائي ڳولين.
(188)
خودبين نه ٿي، گهُر تون دلپسندي سڀ جي،
ڳَڻِ پنهنجو زِبانُ سودمندي سڀ جي؛
عاري ٿي کجيءَ جان ويس کان عاريتي،
ويهه پَٽَ تي ۽ وٺ تون سر بلندي سڀ جي.
|