سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :8

بيت

”امين محمّد“ عشق جو، سبق ڏنو سچ،

ناچو ٿي جيئن نچ، نعرو هڻي نيهن جو.

ڪافي

 آهي راڳ رقص رفتار سان،

پيو پاڻ پسڻ جو پتو پيو.

رنگ راهونڊيءَ ۾ رتو رتو،

پکن واري پڙ تي پڌرو،

پائي پيچ پڪو پڳدار سان.

ڪري تاب حسن آهي تتو تتو،

سهي ساز صراحي سر جو،

سهڻي صورت جي سينگار سان،

رکي محبّت مَي جو متو متو،

مچي ”محمّد“ موج منڊل ۾،

ملي ماهر ٿي مهندار سان.

ٻيو سبب شاعرن جي مقبوليت جو اهو آهي ته همعصر يا ننڍي ٽهيءَ وارا معاصر تتبع ڪن. همعصرن جي تتبيع ڪرڻ ته وڏي ۾ وڏي مقبوليت آهي جا امين سائين کي قدرت طرفان عطا ٿي هئي. اوهان مٿي پڙهي آيا آهيو هاڻي اچون ٿا سندن ننڍن معاصرن جي تشبيع تي.

        سندن پسند عام ڪلام مان هڪ ڪافي جنهن جو مطلع اڳ به ڏئي آيا آهيون. سا هيءَ آهي:

امين سائين

بانگي اَلَستُ رَبِّي، چڱي عشق جن تي آيو،

ميدانِ معرفت ۾ ڪونتل تنين ڪڏايو.

ان جي تتبيع تي سائين صالح شاهه راڻيپور واري ۽ مرحوم مرزا قليچ بيگ جون ڪافيون آهن. سڀ گڏ ملاحظه ڪريو.

صالح شاهه مرحوم:

مطلع: معراج ليل جاني، صاحب توکي سڏايو،

ڪونتل براق ڪاهي، جبرئيل جلو ٿي آيو.

مقطع: ”صالح“ سڀئي پيغمبر، بردا غلام بردر

هر دم چون ٿا هر هر، سردار اسان جو آيو.

 

مرحوم مرزا قليچ بيگ

مطلع: دردن جو دل ۾ دلبر، دونهون اچي دکايو،

محبت جو مچ مچائي، جيرو جگر جلايو.

مقطع: جي عشق توکي آهي، وڃ تون ”قليچ“ ڪاهي،

 (1) سر ڏي هٿن سان لاهي پورهيو ٿيئي سجايو.

تصوّف ۽  شعر و شاعري

پکن ڌڻي، حضرت امين محمّد سائينءَ جو ڪلام، معنوي خيال کان تصوّف جي دقيق خيالات سان لبريز آهي، راز ۽ نياز، سوز ۽ گداز جي پالوٽ سندن ڪلام کي هر نقطه نظر سان سه آتشه ڪري ڇڏيو آهي.

امين سائين جي ڪلام جي سڀ کان وڌيڪ خصوصيت اها آهي ته سندن ڪلام ۾ اصليت ۽ حقيقت آهي، سندن معاصرين ۾ اگرچ خواجه فريد ۽ پير پاڳارو پير علي اصغر شاهه (تخت ڌڻي بادشاهه) موجود آهن، تاهم سندن ”فن“ سڀني کان جداگانه حيثيت جو آهي، سندن شعري اصناف ۾ بيت ۽ ڪافي کي نمائندگي حاصل آهي، پر مواد ۽ پيشڪش ۾ کانئن اڳ گذريل صوفي شاعرن جو ڪوبه صوري ۽ معنوي اثر نظر نٿو اچي، اهو سندن فني ۽ ادبي پختگيءَ جو ثبوت آهي، ان کان سواءِ سندن معاصرين مان ڪيترن قادرالڪلام شاعرن، سندن تتبع ۾ ڪلام چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سندن منفرد اسلوب، ۽ دلڪش انداز بيان ٻئي ڪنهن جي به حصّي ۾ نه آيو آهي. سندن روح پرور ڪلام جو رنگ سڀ کان جدا آهي.

عالمن ۽ ناقدن جي راءِ آهي ته  جيستائين ڪنهن ادب جي ڪمال ۽ پختگي جو تعلق آهي، اهو تيستائين قابل تحسين و آفرين نه چئي سگهبو، جيستائين ان ۾  اصليت پسند ۽ اوريجنل مواد نه پيدا ڪيو ويو آهي. اصلّيت ۽ جزالت ”فن“ جي جان آهي، ان جي فني پرورش، تشڪيل ۽ تعمير ۾ جتي زبان ۽ لغت، مواد ۽ موضوع جا ڪيئي وسيع ۽ فني مسئلا سهيڙيل ٿين ٿا، اتي شاعر جي افتاد طبع، دلڪش ۽ شيرين انداز بيان، محبّت آفرين ۽ وجدانگيز واردات ۽ خيالات جي آميزش به رهي ٿي.ان خيال کان به پکن ڌڻيءَ جو ڪلام پنهنجي معاصرين شاعرن ۾ ائين آهي، جيئن هيرن ۾ ڪوهه نور.

ان طرح ان اصّليت  پسند ۽ جزالت آميز فن ۾ به شعر و شاعريءَ واري حصّي کي ترجيح حاصل آهي.

شعر، استعاري ۽ ڪنايي جي آڙ ۾ انسان جي ذهن ۽ فڪر، اخلاق ۽ جذبات تمدّن ۽ ثقافت جي جيتري ڀرپور، صحتمند ۽ سالم ترجماني ڪري سگهي ٿو، اها نثر ۾ نٿي سمائجي سگهي. اها ناممڪن نه، ته ڪنهن حد تائين دشوار ضرور آهي، ڇو ته شعر پيدا ٿئي ٿو طبع جي روانيءَ ۽ جولانيءَ مان، جذبات جي سرچشمي جي طغيانيءَ مان، قلبي ڪيفيات ۽ وجداني واردات جي جوش بيانيءَ مان، ان جي مقابلي ۾ نثر لاءِ ڪيترن خارجي اثرن ۽ مسئلن جو هجڻ لازمي امر آهي. عبارت آرائيءَ سان گڏ صنايع ۽ صرف و نحو جي اصولن جي گرفت، فصاحت ۽ بلاغت جي قانونن جي خارجي تسلّط کانسواءِ ڄڻ ته نثر جو لکڻ ئي ناممڪن آهي، اهڙن خارجي ۽ هٿرادو پيدا ڪيل اثرن جي ڪري ئي شعر جي مقابلي ۾ نثر اهڙو نڪو دلنشين ٿو ٿئي، نڪو اثر انگيز، نه روح پرور، نه دلاويز، اسان جي سنڌي زبان ۾ به، سڀني زبانن وانگر ادب جي ابتدا شعر و شاعريءَ سان ٿي آهي ۽ نثر گهڻو پوءِ پيدا ٿيو آهي.

 

سنڌي جو شعري ادب، اوّل اوّل هن علاقي جي قابل فخر عالمن پيدا ڪيو آهي.  ان ڪري لازمي طور تي سنڌي شعر جي بنيادي ۽ اوائلي تعمير دينيات ۽ تصوف سان ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي پراڻن بزرگن جي فقهي ۽ ديني  تاليفات کي سَنَد طور پيش ڪري سگهجي ٿو. انهن فقيهن ۽ عالمن، ديني مسئلن کي نه فقط ٺيٺ سنڌي زبان ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ان طرح، دين جي فروغ ۽ اشاعت جو ڪم پڻ ڪيو آهي، پر ان سان گڏ، سنڌي زبان کي تبادله خيالات لاءِ اسلوب ۽ مواد به ڏنو اٿن. حضرت مخدوم نوح، قاضي قاضن، شاهه ڪريم کان وٺي لطيف ۽ سچل خواجه زمان لواري واري ۽ مخدوم عبدالرّحيم گروهڙيءَ  تائين اسانجي بزرگن، بيت ۽ ڪافيءَ لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ شعر ۽ شاعريءَ جو پورو ذخيرو سمن، سومرن، ترخانن ۽ ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن سميت ديني ۽ اخلاقي، روحاني ۽ مذهبي رهندو آيو آهي. ٻاهرين صنفن مان اگر ڪٿي ڪٿي سنڌي ۽ فارسي ۾ طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي، ته به عشق مجازيءَ جي بيان ڪندي، تصّوف جي مسئلن جي شرح ۽ ترجماني پئي ڪئي ويئي آهي.

ان حقيقت کي اڳيان رکي، سنڌ جي بهترين شاعر، امين محمّد سائين ”امين“ جي ڪلام کي پرکڻ گهرجي،سندن ڪلام مان صاف طور ظاهر ٿو ٿئي ته سندن ڪلام الله تعالى جي محبّت ۽ رسول ڪريم ﷺ جي اطاعت لاءِ صوفيائي ڪرام جي خيالات کان سرشار آهي. لفظن جي چونڊ ۽ بندشن جي پختگي،سندن ڪلام جو ٻاهريون لباس آهي، ورنه معنوي طور، تصوّف جي اهم مقامات کي بيان ڪيو ويو آهي.

سندن ڪلام، ٺيٺ سنڌي صنفن تي مشتمل آهي، سندن بيت نهايت رقت انگيز آهن ۽ ڪافيون وجد آور آهن.

سندن ڪلام، راڳداري جي فن سان پڻ وابسته آهي، سندن ڪلام آسا، ڀيروين، ڪلنگڙو، گنڌاري، تلنگ، ڪاريهل، جوڳ، ڪوهياري، بهاڳ، ڀوپالي، ڪلياڻي، کنڀات ۽ ڀاڳيسريءَ تي آهي.

ان طرح سندن مولود، ”بِهاڳ“ راڳ ۾ ڳايا وڃن ٿا ۽ ڪافيون مختلف سُرن ۾ ڳائجن ٿيون، اها ترتيب نه فقط راڳ جي فن موجب آهي، پران جي کان  سواءِ  سروري  جماعت  جا  فقير ”سماع“ وقت پڻ امين سائين ڪلام کي ڳائيندي، سُرن جي ترتيب ۽ مَهلن جي رعايت ملحوظ رکندا آهن.

سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ سندن بيت، ڪافيون، لوليون سه حرفيون، مولود  ۽  مرثيا  زبان  زد  عام  و  خاص  آهن ، جن  کي  سنڌ  ۽  سنڌ کان ٻاهر بهاولپور ۽ پنجاب، مارواڙ ۽ جيسلمير، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين، رمتا ۽ ڳائڻا فقير به ڳائين ٿا ۽ سروري جماعت سان وابسته مريد به ڳائين ٿا.

امين سائينءَ جو سارو ڪلام نهايت شيرين ۽ دلنشين، پختو ۽ شستو آهي ته معنوي طور به نهايت روح آفرين آهي. سندن ڪلام جا بنيادي عناصر آهن. عشق حقيق سرورِ صه ڪائنات جي مدح ۽ تعريف ۽ تصوّف جا مقامات.

سندن ڪلام کي، سنڌ جا ڳائڻا، نهايت ادب ۽ احترام سان ڳائين ٿا. تنهن ڪري هر محفل ۾ رنگ ڄمائين ٿا. سندن ڪلام جي زبان ۽ هيئت پاڪيزه ۽ مِٺي آهي، تنهن ڪري ٻڌندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃي ٿي.

سندن چند بيت پيش ڪجن ٿا.

”امين محمّد“ آيا، جوڳي جهونجي جوءِ،

ڪل شيءِ يرجع... ثابت سندي سوءِ،

گاروڙي گرناٿ کان، رانول رَتِي روءِ،

”هُو“ ۾ ٿيا هوءِ معرفت جي معرڪي.

فرمائين ٿا ته ”عالم ارواح، اسان جو اصل ۽ ماڳ آهي. ”روح“ پنهنجي مصدر ارواح کان ٽُٽو آهي، اهو ڪُلّ شيءِِ يَر جِع اِلى اَصِلھ، موجب پنهنجي اصلي ماڳ تي پهچندو، ان حقيقت کي بيان ڪندي ٻڌائين ٿا ته اها گاروڙي يعني سالڪ، گرناٿ يعني مرشد ڪامل کان رڱجي، ”فنا في الشيخ“ جي منزل کي مٽي، بقايا الله جي منزل ۾ پهتا آهن ۽ ”هوءِ ۾ هوءِ“  ٿيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ”معرفت“ جي معرڪه آرا مقام جي حاصلات کان پوءِ ٿيو آهي.

ٻيو بيت ڏسو:

معرفت جي معرڪي، آديسي آيا،

دونهان دواپر جا، جوڳين جاڳايا،

سر سناسين پانهنجا، ناٿ اڳيان نايا،

”فسَجَدُوا“، في الحال ٿي، ”امر“ ۾ آيا،

ڪال نه ڪنبايا، ڪالُ ڪنبايو ڪاپڙين.

فرمائين ٿا ته آديسي، معرفت جي معرڪي ۾ آيا آهن ۽ انهن ڪلجڳ ۾ دونهان دکايا آهن ۽ مرشد ڪامل جي اڳيان سِرُ جهڪائي، ”سجدو“ ڪري اطاعت مڃي، فَنا ٿي، ”فنافي الامر“ ٿيا آهن، يعني خود ”اَمُر“ ٿيا آهن. اهڙن فاني ماڻهن حيات جاوداني حاصل ڪئي آهي، ايتري قدر، جو هو، ڪال کان به نٿا ڪنبن، اُٽلو ڪال کانئن ڪنبي ٿو.

شريعت جي تقليد متعلق، اهل تصوّف سالڪن کي هن طرح ٿا تلقين ڏين:

پورب ڪجو پڌرا طريقت جا تانَ

آهِن جٽاهين جوڳ ۾، سڀ کاهوڙي خان،

پاڻي پوربين کي، نفرت ڪنان نانَ

سامين کي سرير ۾، شريعت جا شانَ

ڀينر ڀَلا مانَ، وجهَل ويراڳين جو.

حقيقت جي حال جي حاصلات لاءِ فرمائين ٿا.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته ڪِرتئون مارج ڪال،

”وَنحنُ اقُرَبُ“ ويجهڙو ٿئي واهد جو وصال،

چاڙهج نه جاٽائن کي، رڱج نا رومال.

ڪيئي گذرن گُرري، سامجي توکي سالَ،

حقيقت جا حال پورب ڪجو پڌرا،

فرمائين ٿا ته الله تعالى جو وصال ويجهو آهي. ان راهه ۾، نڪو جٽائن ٻڌڻ جي حاجت آهي، نڪو رومال رڱڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پنهنجي مجازي گروءَ جي صحبت اڪسير آهي،ان جي وجود ۾ فنا ٿيءُ ۽ پوءِ پوربَ (قيامت) ۾ حقيقت جا حال وڃي پڌرا ڪجو.

هڪ بيت ۾ فرمائين  ٿا:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته واتئون وِرد وسار،

موت منجهيئي مار تون،ماري جيءُ جيار،

دود دکائج دل ۾، نيڻين ننڊ وسار،

پنجئي حِسَ حبيب سان، چُست عناصر چار،

وائي ٻي ناوار، آڌوتي الک ريءَ

فرمائين ٿا ته جوڳي ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ورد ظاهري کان مٿي وڃجي، ورد ۽ وظيفي کي دل ۾ حلّ ڪرڻ گهرجي، ان طرح موت کي پاڻ ۾ مارجي، ۽ ان واٽ سان جيءَ کي جيارجي، پنهنجي پنجنئي ظاهري ۽ باطني حواسن ۽ پنهنجي مادي جسم جي چئن عنصرن کي ”حبيب“ سان حلّ ڪجي. دل ۾ دود دکائجي ۽ ننڊ وسارجي ۽ اَلک (الله) کان سواءِ ٻي ڪابه وائي نه وارجي.

مقام ”عبديت ۽ احديت“ کي هن طرح ٿا بيان ڪن:

وحدت جا وجود مان، ڀنگار ڀڃي ڇڏ،

جهڳا جبيرين سين، وڃي عبديءَ ۾ اَڏ،

ڦڪا، فقيريءَ جو حال نه پوئي هَڏ،

منجهه ۾ ويهه ماٺ ڪري، سڄي پوءِ مَ سڏِ

اکيون ان سان گَڏِ، جي اوڏاڪين احد کي.

حضرت امين محمّد سائينءَ جو مقام، ”عبديت“ سان اُنس آهي، پاڻ نبي ڪري ﷺجن جي اطاعت ۾، اَنَا عَبُده وَرَسُولھ کي ٻين جي“ سبحاني ما اعظم ثاني“ ۽ ”اناالحق“ جي نعرن تي ترجيح ڏين ٿا، ۽ فرمائين ٿا ته ”وحدت“ جا وجود مان سڀ ڀنگا ڀڃي، جبيرين، يعني عابدن ۽ شرع وارن صاحبن سان ”عبديت جي مقام ۾ وڃي پکا اڏي ويهه ۽ ٻئي پاسي تاڻون تاڻ نه، ڪر پنهنجي خوديءَ ۽ مَنجهه ۾ ماٺ ڪري ويهه، ۽ جي ”احديت“ سان اوڏا ڪين آهن، پر ”عبديت“ ۾ مقيم آهن، تن سان ئي اکيون گَڏِ.

قرآن جون تلميحات: امين محمّد سائينءَ، قرآن جي تلميحات کي پنهنجي  بيتن  ۾  ائين  جَڙيو آهي، جيئن منڊيءَ تي ٽڪ، مثلاً هڪ بيت آهي:

”امين محمّد“ انهن جي رڪوع ڪيو روح،

نيڻ وهائي نار ڪيا، جيئن کاهوڙين کوهه،

منجهان فيض فتوح ”الم“ ٿيو انهن کي.

امين محمّد سائين فرمائين ٿا ته انهن صاحبِ فيض و فتوح بزرگن جي ”روح“ روز اَلست تي رڪوع ڪيو هو. ان کانپوءِ، فرمائين ٿا ته انهن جي علامت آهي، نيڻن مان نير وهائڻ، آخر ۾ چون ٿا ته منجهان ”فيض فتوح“ الم ٿيو انهن کي.

ظاهر بين نظر، نيڻ وهائڻ سان گڏ ”الم“ ڏسي ائين ئي سمجهندي ته اتي ”الم“ معنى“ غم آهي، پر ائين نه آهي. پاڻ قرآن ڪريم جي تلميح، ”سوره انشراح“ مان ورتي اٿن. ”الم نشرَحَ لَڪَ صَدرَڪَ“ ڇا اوهان جي سيني کي انشراح نه بخشيو ويو. فرمائين ٿا ته فيض جي فتوحات مان انهن بزرگن کي ”شرح صدر حاصل ٿئي.

تضمين: ان طرح پاڻ آيات کي پنهنجي ڪلام بلاغت نظام ۾ تضمين به ڪن ٿا. فرمائين ٿا:

آهه ”الم“ ٿيو اوچتو، ساميڙن کي سَڏُ

لاهوتن لبيڪ چئي، هيڻون ڪيو هَڏُ،

گاروڙي گُر سان ٿِيا، گوڏا ڀڃي گَڏُ،

”ذَالِڪَ الڪِتَاب لاَرَيبَ فِيھَ، هُدًي الِّلمتَقِينَ“

ڪو جوڙئيون مَڏ،

گُر تنئين سان گڏُ جي گڏيا گرناٿ سان.

هن بيت ۾ پاڻ ”نزول وحي“ جي ڪيفيت بيان فرمائي اٿن، اتي به ”الم“ ”انشراح“ تان اخذ ڪيل آهي، ڇا لاءِ ته اها سوره مبارڪ، ”اقرء“ کان پوءِ جلد نازل ٿي آهي. ڪي عالم ان کي ٻيو نمبر ڏين ٿا، پر ڪي مفسر ٽيون نمبر لکن ٿا.

فرمائين ٿا ته جڏهن مٿن ”انشراح“ ڪيفيت واردات ٿي، تڏهن الله تعالى گويا کين سڏيو ”الله يَدعوا اِلى دَارِالسّلاَمِ“ جي مصداق ان سَڏَ تي لاهوتين لبيڪ چئي، ۽ اسرار معرفت کي قبول ڪرڻ لاءِ رضايت ۽ گوشه نشيني اختيار ڪري، ظاهري ۽ مادي قوتن کي مٽائي، ملڪوتي صفات سان متصف ٿيا، ان طرح گاروڙي، پنهنجي گُرَ سان گڏ ٿيا، ظاهر بِين نظرون جبرئيل عليھ السلام جي آمد ڏانهن وينديون. پر هت اشارو ”قاب قَوسَينِ اَو اَدنى“ ڏانهن آهي، انهن جو مقام آهي. ”قرآن“ جنهن ۾ ڪوبه ريب نه آهي، ۽ اهو متقين لاءِ هدايت آهي، آخر ۾ فرمائين ٿا ته جي حق تعالى سان وصال حاصل ڪن ٿا. تن سان ”حقيقت محمّديه صه“ به شامل حال آهي. اتي ”گُر“ حقيقت ”محمّديه صه“ ۽ عبديت لاءِ اشارو آهي، ۽ ”گرناٿ“ حقيقت احديث“ ڏانهن ڪنايو آهي.

هن چند بيتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته امين محمّد سائين، ڪهڙي قال ۽ حال وارا هئا. پاڻ طريقت جا مقامات، ڪهڙي نه ماثر طريقي ۾ بيان ڪيا اٿن، سندن مقصد هو ماڻهن کي دلنشين ڪرائڻ، ان لاءِ گر، گرناٿ، جوڳي، آديسي، سامي، پوربي ۽ گاروڙي لفظ آندا اٿن. جن مان مراد ڪٿي حق تعالى آهي ته ڪٿي حقيقت محمّديه صه آهي ته ڪٿي مرشد ڪامل آهي ته ڪٿي مريد صادق.

ان طرح سندن سارو ڪلام، ڪافيون، بيت ۽ مولود، تلميحات صوفيه سان ڀريل آهي.

امين سائين جو نظريه حسن: ”امين“ سائين جو نظريه حسن ۽ خير جا متلاشي ٿين ٿا. سندن نظر ۾ حق به ”حسن“ آهي، خير به ”حسن“ آهي، ۽ ”حسن“ هڪ ابدي حقيقت آهي.

امين سائين جي نظريه حسن ۾ جا باليدگي ۽ زندگي آهي، اها اهل تصوف جي نظريات ۽ تصوّرات جي هڪ عمدي ڪڙي آهي، هن سلسلي ۾ اها تصوف شاعرن جي نظريه حسن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ، صاف نظر اچي ٿو ته امين سائينءَ جي ڪلام ۽ ان جي تعبير ۾ ”جمال حقيقت جي نه فقط تلاش موجود آهي، پر حسن پسند معيار ۽ پرک جو پڻ ”حسين“ تصوّر موجود آهي. قدرت جي طرفان، هر ڪنهن انسان کي جبّلي طرح سان ڪي خاص قوّتون مليل آهن. اهڙين نعمتن مان ”احساس“ جي لطيف ۽ نفيس نعمت به آهي، جنهن سان ”انسان“ انفس ۽ آفاق ۾ ”حسن- ڪُل“ جا مظاهر ۽ نظارا ڏسي پَسي ٿو ۽ انهن جي حقيقت ۽ ماهيت کان متاثر ۽ منفعل ٿئي ٿو. ان خيال سان، ڪيٽس (Keats) جو ائين چوڻ ته ”هر حسين شئي ۾ اَبَدي مسرّت سمايل آهي“ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اها حقيقت، گهڻو اڳ، اهل تصوّف جي مختلف مڪتبه فڪر وارن توڙي ويدانيتن ۽ اشراقين به چئي آهي.

”حسن“ ۽ ان جو احساس، انساني تاريخ جي سڀني مختلف دورن ۾ موجود آهي. تارخ کان اڳ به اڻ سڌريل ماڻهن ۾، ”احساس جمال“ موجود آهي. هن سڌريل ۽ علمي دور ۾ به ”حسن ۽ جمال“ جي پرستش موجود آهي. ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ هر انسان، حسن ۽ جمال کان متاثر رهي ٿو. پر جڏهن اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”خود حُسن ڇا آهي؟“ ”حسن“ ۾ انساني مسرّت جو پُرڪيف ۽ وجدانگيز تاثر ڇو آهي؟ تڏهن جواب ڏيندي، انساني فڪر ۾ اختلاف ۽ تنوع جو هڪ پُر بهار داستان ڇڙي ٿو پوي، حُسن ۽ ان جي تعريف تي پيدا ٿيل رايا ۽ نظريا اگر گڏ ڪيا وڃن ته پوءِ جيڪر هڪ دفتر تيار ٿي پوي.

 

هن سلسلي ۾ مفڪرن ۽ حڪيمن به تعريفون ڪيون آهن، اهي سڀ هڪٻئي سان اختلاف رکن ٿيو. شاعر جو خيال پنهنجو آهي ته حڪيم جو پنهنجو، سائنسدان جو رايو پنهنجو آهي، ته فيلسوف جو پنهنجو: صوفي جو نظرو پنهنجو آهي ته ظاهر پرست جو پنهنجو، بهرحال ”عقل جي توضيح پنهنجي آهي ته علم جو استدلال پنهنجو آهي. انهن سڀني جي مقابلي ۾، صوفيءَ جي ”وجدان“ جو تاثر پنهنجو آهي.

مختصر طور اگر انهن سڀني راين ۽ خيالن کي جمع ڪجي ته پوءِ هوندي هيئن چئجي ته ”عينيت پرستن“ جي نظر ۾ حسن ۽ جمال آهي هڪ ”خيال“ ان طرح ”ماده پرستن“ وٽ مادي تناسب ۽ ظاهر توازن جو نالو آهي. ”جمال“. مذهب ۽ اخلاقيات جي ڄاڻن وٽ جمال ۽ حُسن آهي، خير محض! افاديت پسند ماڻهن وٽ ”حسن“ آهي، ان شئي جو نالو، جا ڪم ۾ آڻي سگهجي.ان طرح طبعيات جي ماهرن، ڪيميائي تجزيي کان پوءِ حسن ۽ جمال جو تعبير ڪيو آهي، مقناطيسي ڪشش. ان طرح اهل تصوّف وٽ، حسن ۽ جمال آهي، حق تعالى ۽ سندس ”صفاتِ حسنه“، ۽ ”الله جَمِيلُ ويُحبّ الجمال“ق جي مصداق، خود حق تعالى جميل آهي!

بهرحال، تاريخ جي هر دور ۾ هر مڪتبه فڪر ۾ حسن ۽ ان جي ماهيت، انساني فڪر لاءِ خاص الخاص موضوع رهندا آيا آهِن. سڀ ڪنهن پنهنجي حال ۽ بساط آهر ان جي تعريف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄڪلهه مابعد البعيات ۾، ”حسن ۽ جمال“ کي مستقل فلسفي جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي.

ان سلسلي ۾ ”جماليات“ مستقل طرح بحث لکيا ويا آهن. حتى ڪ، جماليات تي قرآن ڪريم جي روشني ۾ به ڪتاب لکيا ويا آهن. اسان جي سنڌي ادب ۾ سپرين ۽ ان جي سونهن هڪ مستقل عنوان رهندو آيو آهي.لطيف ”جان جمال“ چئي. ”حق“ جي تعريف ڪئي آهي. ان طرح ٻين صوفي شاعرن ”پرين ۽ سپرين“، يار ۽ دلدار“ جي ڪنايي ۾ سراپا بيان ڪئي آهي. ڪي ته حسن کي حق تعالى جي مظاهر حسن ۽ صفات ڪماليا مان هڪ ”صفت“ قرار ڏئي چڪا آهن.

هت ڏسڻو آهي ته امين محمّد سائين جهڙي حسن ڪار ۽ صاحب فن، اهل دل ۽ صاحب- بصيرت شاعر،. پنهنجي شاعرانه تصورات جو بنياد ڪهڙي نظريي تي قائم رکيو آهي؟ پاڻ ”حسن ۽ جمال“ کي ڪهڙي خيال سان ڏٺو اٿن، ۽  پوءِ ڪهڙي انداز سان بيان ڪيو اٿن؟

امين محمد سائين جي شخصيت، هڪ متشرع صوفيءَ جي آهي. پاڻ طريقهِ سهرورديه عاليه سان نسبت رکن ٿا. ان طرح فلسفيانه تصوّف جي سلسلي ۾ پاڻ  ”وحدت الوجود“ جا قائل آهن. ان نظريي جو باني حضرت شيخ اڪبر محي الدين ابن العربي اندلسي آهي. جنهن ”نوفلاطونيت“ کي قرآن جي آيات بينات جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري، انساني فڪر جي تاريخ ۾ عظيم ڪارنامو انجام ڏنو آهي.

”وحدت الوجود“ کي ”همه اوست“ پڻ چيو ويو. ان فڪر جي قائلن ۽ ترجمانن ۾ حضرت جنيد بغدادي، حضرت شبلي، حضرت منصور بن حلاّج، حضرت غوث اعظم سيّد عبدالقادر جيلاني، حضرت شيخ المشائخ شهاب الدين سهروردي ۽ سندن چاچو نجيب الدين سهروردي، (جنهن جي اولاد امجاد ۾حضرت مخدوم نوح رحه ۽ سندن ذريات طيبات اچي وڃن ٿا،) ۽ حضرت خواجه غريبنواز معين الدين چشتي اجميري پارا برگزيده روزگار ۽ اساطين- زمانه اچي وڃن ٿا. مختصر طور ائين چئجي ته قادريه سهرورديه، ۽ چشتيه حضرات سڀ وحدت الوجود جا قائل ۽ شارح آهن.

ان طرح، صوفي شاعرن ۾ فريدالدين عطار، جلال الدين رومي، عبدالرحمان جامي ۽ محمود شبستري اچي وڃن ٿا. انهن جا ڪتاب،  بترتيب منطق الطّير مثنوي رومي، لوائح ۽ تحفت الاحرار ۽ مثنيو گلشن راز ”وحدت الوجود“ جي شرح ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.

اسان جي سنڌي ادب ۾ حضرت مخدوم نوح، شاهه ڪريم، لواريءَ جا بزرگ، مخدوم عبدالرّحيم گروهڙي، شاهه لطيف ۽ سچل بادشاهه به ”وحدت الوجود“ سان وابسته آهن. مشهور عالم دين، شاهه ولي الله محدث دهلوي، ان نظريي  کي  ”فلسفي“  جي حيثيت  سان بيان ڪري، ”وحد الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي نظرياتي اختلافن  کي  رفع   ڪرڻ   جي ڪوشش ڪئي آهي.

”وحدت الشهود“ جو باني مُباني حضرت امام ربّاني مجدد الف ثاني آهي، جو ”همه ازوست“ جو قائل ۽ شارح آهي. ”وحدت الشهود“ جي فلاسافيءَ ۽ ان جي استدلال کان علم وارا چڱيءَ طرح واقف آهن.

حضرت امين محمّد سائين، ”وحدت الوجود“ کي ”ايمان“ ٿو سڏي. سندن ڪلام ۾ هر هنڌ ان قسم جا اشارا موجود آهن. سندن نظريي جمال موجب حقيقي محبوب حق تعاليٰ جي ذات آهي سندن هڪ مشهور ڪافيءَ ۾ آيل آهي:

”ادنى“ کان منجهه عَبدي آيا،

”وحدت“ جا تن ورق ورايا

قرب قرابت، رمز ريجهايا...

پير پرت ڏي پايان پايان.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:

بانگ، اَلَستُ رَبِّي“ چئي عشق جن تي آيو،

ميدانِ معرفت ۾ ڪونتل تنين ڪڏايو.

------

ڪِٿَ مصر ماه ڪنعان، لائي پرت پوءِ ٿيو پنهان،

رکي بار برهه بَه نِهان، مالڪ ٿي ملهه چڪايو.

ان ڪافي جي آخر ۾ چيو اٿن:

لاشڪ ”لباس“ لائي، ”ڪثرت“ ۾ پير پائي،

”احمد“ اچي سڏائي، ”محمّد امين“ ٿي آيو.

ٻئي هنڌ اڃا به کولي چون ٿا:

”احدًا رّائيتُ“ پسڻ ٿيو پرينءَ جو،

پنهنجو ڀاڻو ڀيٽيدا.


 


(1)  ان جي ثابتي سامهون صفحن جي عڪسن مان معلوم ڪندا. هڪ طرف سائينءَ صالح شاهه راڻيپور واري جو خط ۽ ڪافي ڏنل آهي، جا ڪافي امين سائين جي تتبع ۾ لکي، مرزا قليچ بيگ ڏي ارسال ڪئي ويئي آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ويئي آهي ته مرزا صاحب به اهڙي نوع تي ڪافي لکي موڪلي، ٻئي طرف وري مرزا صاحب جي ڪافي ساڳئي تتبع تي عڪس ٿيل آهي:مؤلف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org