سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :12

 

ڪافي -11             (کنڀات)

 

سو ڪوئي ڪام ڪريوي،

جنهن وچ خاص خدا خود ٿيوي،

      

دل وچ ڌيان ڌريوي،

هر سنسار سريوي

”اَنفُسُ“ سِر اسراردلين وچ،

هر دي من وچ هر هو آوين،

چڙهه ڪر چاش چکيوي*.

من ڪي مرگهه (1) مريوي،

محبت مٽ ڀريوي،

برسر بار کڻيوي.

ماڙي تي منصور حوران دي،

الله هو ڪر عبدي والي،

مئي دا مئي دي نال لبالب (2)،

احد ”امين محمّد“ هڪ ڄاڻي،

 

ڪافي 12                     (کنڀات)

سوڪوئي بيک بناوين

جنهن وچ جامان (3) جند جلاوين.

يار برهه سر ê چاوين،

هو ابراهم آکاوين،

آ ڪي راند رلاوين،

آڻ ”انالحق“ ڳاوين،

هو هڪ احد الاوين،

لادي نال نهلاوين،

مَنُ ڪونه ”ميم“ مناوين.

آدم هو اسرار الستي،

نمرودي (4) دانائُن ê * پري ڪر،

سِردي شطرنجبازي برهون،

جسمي حال ”حلاج“ سڏارڪ،

ڀُنگي ڀن سٽ عبدي والي،

سِرُ ثبوت سمجهه سڀوئي،

الف ”امين“ هڪو هڪ ڄاڻي،

ڪافي -13            (کنڀات)

هو هو هردم- هر جا هٽيندا

آک  ”اناالحق“ ٿي اظهار،

وڃ وحدت وچ ملڪ مٽيندا.

اي صبيّان جوانو شيخو،

جان جسم ڪري ننگ نثار.

وحدت وجود وڃا ڪر ويکو،

”لا“ دي لذت پاوي جيڪو،

 

همت هوڻ دي پاڙ پٽيندا.

طور تجلّي تارڪ تن وچ،

پُر ڪر پيوين مئي ڪوه مار،

آکو عشق الست هي آن وچ،

محبت دي ميخاني من وچ،

 

هو هو هردم هرجاءِ هٽيندا.

ناز نفي دا برهه نه باسي،

تنهن دا طالب ٿي تڪرار

الحق ٿي اثباتئون پاسي،

عشق الک دي نين نراسي(1)،

 

جنهن دا جڳ وچ جلوه جٽيندا.

الٽ عقل دي ڇپ گئي تاري،

لؤن لؤن دي وچ لاوي لار،

ويکه عشق آفتاب اڀاري،

سارا سپهر گهٽيان گهاري،

 

من وچ مزگان سانگ سٽيندا.

وحدت دي وچ موجان ماڻي،

نيل نيڻان دِي ڪر نروار،

احد ”امين محمّد“ هڪو حق ڄاڻي،

ڪيا ڪثرت دي وچ پِيسي پاڻي،

 

وچ واقف ٿي گهات گهٽيندا.

ڪافي -14            (کنڀات ڪماچ)

عشق ميڏي گهر* آوندا، ملڪو مئينو ڏيئو مبارڪ

برهه ميڏي من ڀاوندا (2) مئن سلطان مغرب تي مشارق.

عشق عقاب چکي ڏي چاري،

جان جگر پٽ پرزه پاري،

مرغ مجيب (3) مريندا،

ڪيا گنجشڪ (4) تي طوطي شارڪ (5)

عشق عقل دي ورد وڃائي،

دام دلين ڪونه الٽي آئي.

لک لالي لٽڪيندا،

چاڙهه چنبا نوچ برهه دي بارق (1)

تسان اسانڏيان رمزان رليان،

ماءُ پيءُ آکي مول نه وليان (2)،

سودا سُد سريندا،

يار دليان دا ثابت صادق (3)

مئن ماهي تَئون اولي گهولي،

دل نفعان نقصان نه ڳولي،

گهاٽا وڻج گهڙيندا،

رانجهن دي هن تاب تبارڪ (4)

”امين محمّد“ عشق ديان ڳالهين*،

سٽ سيني وچ جئي دي جالين ê

محب موهني (5) مليندا،

فڪر ڪنون دل ڪرڪي فارق (6)

ڪافي-15              (کنڀات)

اسرار الستي

عشق اسان ڏي ڪول، الاڪي (7) انحد آيا.

ناز نيڻان دي نال نيتوئي،

جان ڏيوان جند گهول،

جهاتي پاڪي جهات ڪيتوئي،

”انفس“ سر وچ سر ستوئي،

”انفس“ سر وچ سر ستوئي،

ڪريمي ڪر ڪار آيا

جنهن ”اناالحق“ آڻ آليا،

هڻ گهتوئي هو،

مئن اهو منصور ڪهايا،

ماسبحاني ملهه ملايا،

مئن شاهي شملا(1) پايا.

سولي دا سردار سڏايم،

ڀن سٽيوني ڀول،

نال ثبوتي سينا ساهيم،

جڏان ”وجهڪ“ دا وڻج وهايم،

سري سرمد سلايا (2)

آپي ساقي آپ پيتوسي،

ماسي تولي تول،

اها مئي دي مستي، ڀُنڊي وستي،

چپ چپاتي چول،

آڻ الف اقرار ڪيتوسي،

اِلاّ اللهُ دا اسرار نيتوسي،

آک ”امين محمّد“ اسرار الستي،

هڻڪيون ڪيتوئي مئي دي مستي،

چپين چپ چال چلايا.

ڪافي 16     (کنڀات)

 

مئن وچ مؤج مريندا، عشق اليندا آري آري (3)،

ڪيا وت ڪيس ڪريندا،جان جگر پٽ پاري پاري،

قيس (4) ڪنين پائي * بانگ جرس دي،

ڪوهه ڪن (5) قصد ڪيتي رنگ رس دي،

تيشه ڪار ڪريندا،

سڀ لڱ لوهو (6) دي ناري ناري.

سَيّان * سهليان ڪِيون ڪوڙ لاون،

رانجهي دي سهڻي سڏڙي سيباون،

جي ماهي (1) يار مريندا،

ڍونڍ دا چا ڪري چاري چاري

عشق اصل ڪنون بات بڻائي،

”يَهدِي“ (2) يُضِلُ“ (3) دي ڪار نه ڪائي،

سڀ سنسار سڙيندا،

باهه برهه ڀرڀاري ڀاري،

وچ مسجد منوّر ميخانا،

آيا ”امين محمّد“ مرد مردانا،

واقف گهاٽ گهوڙيندا،

ناز نيڻ سڀ نياري نياري.

 

 

ڪافي 17                     (کنڀات)

رندون ڪا سودا

دم دم دلبر دور نهين هي، مذهب مؤمن هندو ڪا،

هر شئي دي وچ جهاتي پاوڻ، اي راز رمز رک رندو ڪا(4)

وچ مسجد ميخاني اوئي،

بتخانه وچ اور نه ڪوئي،

جس ول ويکون سمجهون سوئي،

چوڏس چارا (5) هي چندو (6) ڪا.

ٺاڪر (1) دواري (2) وچ دل آوندا،

راڳ رانجهن (3) دا هرڪوئي ڳاوندا،

جي ڪوئي ڳاوندا ميري من ڀاوندا،

سودا سارا هي زندو * (4) ڪا.

ڌُڪڙ ڌمامين ڪيئي نادَ وڃاون،

جوڳي هو ڪر جوت جڳاون،

جٿان لئون لاون اٿاون پئي آون،

آتش باران (5) هي رندو ڪا.

تن تجلّي مک مول نه موڙن،

جبر (6) نقص (7) دا ڇرڪ نه جوڙن،

عشق ”امين محمّد“ وچ ووڙن،

بخرا ê (8) يا ڪر بندو ڪا(9)

 

 

 

 

ڪافي- 18            (کنڀات)

هر هنٿه دي وچ مئن هل هون.

ڪٿ هندو ڪٿان مؤمن مذهب،

مئن هون ٺاڪر دواري مئن دل (10) هون،

گيا گرو هي ميرا آوڻ،

ستگر جڳ سنگت پرتم (11) پاوڻ،

جنم جراکت مرمر ماوڻ،

دوا پر ڌرمڪ (12) مئن رل هون.

جسد مين هي سنگت تيرا،

سنت سُلا پرتا من ميرا،

ڪچي* مچي ماگهن هر گهت گهيرا،

هر پنٿ دي وچ مئن جبل هون،

اندر آوڻ سارا جڳ سانوڻ(1)،

هر برهمڻ ڪونه ڀيد بتاوڻ،

گنگا گورک گهر گهت کاوڻ،

جمنا دي وچ مئن جبل هون،

ڪلپ (3) ڪر رام ريجهايا،

هر هردي وچ هر نون پايا،

رام ملي سڀ ملدي مايا،

هر مايا وچ مئن مل هون،

اربٿه (4) عشق ”امين محمّد“ انٿ (5)،

ڍونڍ رهي سڀ پٿر پنٿ (6)،

بديان ڀرڪون هون مئن هر هنٿه (7)،

هر هنٿه دي وچ مئن هل (8) هون.

 

 

سرائڪي ڏوهيڙا

(1)

اول ڪوئي انصاف ڪري، وچ سيني شطرنج جوڙي،

تخت اتي چا شاهه ٻلهاوي*، آڻ رخي تي گهوڙي،

وچ پهلو دي ويک وزير، جو مار مريندا ڏوڙي،

اُلٽ پلٽ گهت گهوڙي جڏان آ سر تي پوندي سوڙهي،

جيڪو ئي وت وزير مراوي، سو کٽي بازي ٻوڙي،

ري وزير شھ ڪونه شھ ڏي،متان نفس نهوڙي،

آءُ ”امين“ چڙهه عشق دي ٻيڙي، تان رَسُ نان رانڊ نه ڇوڙي.

(2)

خفي (1) جلي(2) اتي ڪشف(3) ڪرامت، اتي سڀ اوري چالي،

دل ٿُون منگ ديدار سڄڻ دا، وچ جلوه دي جالي،

روح رَلا رمزان وچ ويکو، عشق اڳي پرنالي ê،

مردان ڪونه معراج وکيندا، جتان ڀڙڪن ڀالي،

مئن بن تاري ترڻنه ڄانان، من ٿيوم سوز سمالي،

مانماهي ميلاپ ڪري، شالَ ترڪي نديان نالي،

”امين محمّد“ عشق هوران دي، هن نازڪ ڪم نرالي.

 

(3)

عشق عجائب الٽين باتان * ê هئي هئي هل مچايا،

هئي هئي حال حقيقت والا، سرا حرف سڻايا،

”نحو“ (4) دي نيڙي جهگهڙي جهيڙي،”جزوڪل“ قلب ڪنبايا،

 

ماسوى مار سٽيوني، هڻ هو هو دا رايا،

ٿي هو وچ غرق تان غرض ٿيوئي، سّرسبحاني سايا،

”وَفِي اَنفُسِڪُم“ سرّ سڀوئي، سيني وچ سمايا،

”اناالحق“ حلاج الايا جنهن ڪل ڪنڌ ڪپايا،

هَي هَي آک مته هُو هُو ٿيوي او ڪثرت اي ڪايا،

هو وي عشق ”امين“ اسان ڪون، جنهن ملدي ملدي مايا.

(4)

”الف“ الستي بانگ سڻائي ڪُلهم قَالوا ٻولي،

ناز نفي دي واقف نه هاسي، چڻنگ پئي وچ چولي،

سار لحاق (1) تي پاوسَٽ هڏان ڪونه، آڻي ڪرايس اولي،

وچ جهروڪي جهاتي پاڪي، ماهي مندر، ٻولي،

هردم حال حقيقت والا، پا ڪي هوسي هولي،

”امين“ اَلستُ بِرَبِّڪُم سڻ، رمز رندي رک رولي.

(5)

”ب“ بَدوّح بُهارانت برسر، ماهي مندر آيا،

باري برقعه کول خلافت ڪر، سبحاني سايا،

ميم چادر مٽ ڪراهڻ (2) انحد آڻ الايا،

”امين“ عشق اهو حق ڄاڻي، ڇوڙ دوئي دا رايا.

 

لوليون ۽ لوڙائو

آءُ وري -!

 

دک ماري دردن جو، آءُ وري آءُ وري،

سڄڻ تو سري، واهر ڪر يار، آءُ تو لئه چري.

(1)

خبر نڪو خابرو، سڪندي ٿيڙم سال،

پهتو خط خوشيءَ جو، ڪانگل هٿان ڪال،

اچڻ جي به عجيب ڪئي، مان ڏي محب مقال،

لاءِ ته ٿيون لال ميندي مبارڪ جي.

(2)

سامي سماوات (1) جو، سئير ڪيو سعيو،

رانول راهونڊ ڪنڌئين، نيئين* دونهون دکايو،

اوڇڻ آديسين کي، الستئون آيو،

روح êاهيو رايو، ته گڏگذاريون ڏينهڙا،

(3)

جوڳي جاڳائن ٿا، دل اندر دونهان،

ويراڳي وصال جا، سنياسي سونهان،

ڪمر قلابا ٻڌي، مرڪي ٿيا مونهان،

راضي ٿي روحان، رڙهندي راهونڊ ڏي هليا.

 

”الف“ آديسين جي،ماءُ نهوڙي نينهن

وري سي واريءَ تي، وَٺا محبت مينهن،

پهچان مان ”پريل“ (1) چئي، ماءُ سنياسي سيئن،

ڏٺڙي ٿيم، ڏينهن ڪينر (2)ڪاپڙين جا،

 

”ب“ براتون (3) يار جون، اجهي مون آيون،

بابُو بهريا ب ٿيا، آين اوساهون(4).

سڀ سهارا سئي ٿيا، ڪٽجي ڪارايون،

پڌر ٿيا پايون، ڳجهيون ڳجهڙيون ڳالهڙيون.

 

”ت“ تواضع يار جو، مٿي مون آهي،

ساهه سِري صدقو ڪريان لڱن تان لاهي،

مانَ ملاقي مون ڪري، راهونڊ ۾ راهي،

ڇنڻ مان ڇاهي، گڏج ته گوندر لاهيون.

 

”ث“ ثبوتي ڳالهڙيون، جوڳي جاڳائين،

نعرا نفيءَ جا هنيو، خوديءَ کي کائين،

آڌوتي * (5) ارداس (4) ۾، الک سان آهين،

”لا“ سڌو ê لاهين، ”الف“ کي اوڏو ڪري.

 

 

”ج“ جدائي يار جي اڄ مون کي ٿي ماري،

عهد اڄوڪي ڏينهن جا مانَ پرين پاري،

جوڳي منهنجي جان کي، آيل اُجاري،

آءٌ ڪنڌئون اُڪاري، سر سنياسيءَ کي ڏيان.

 

”ح“ حليمت سان ٿيو، واريءَ ۾ واپار،

سي سنياسي آئيا،جن جو جيءَ اجار،

هن زماني ضعيف ۾، ڪيائون ڪريمي ڪار،

اندر جو ته اجار، ”امين محمّد“ آئيو،

 

”خ“ خوشيءَ جون خبرون، مان مڪائون،

”خَيرمِّنَ النّوَمِ“ (1) کان جاڳڻ جفائون،

”من عَرَفَ نَفَسھ فَقَد عَرَفَ رَبّھ“ (2) ائين اتائون،

راهونڊ رتائون (3) هالن کان به هلي ڪري.

 

”د، دمامان (4) عشق جا ويٺا وڄائين،،

تُنِبيُنِ کي تارون ٻڌي، ڳجهڙو ٿا ڳائين،

آڌوتي ارداس ۾، الک سان آهين،

لِک نٿا لاهين، جيڪو آر الست جو .

”ذ“ ذڪر اذ ڪار، ٿيو، آديسين کي ايءُ،

سامي سر عرفات کان، ”هو هو“ چون هيءُ،

پرت پيالا هٿ ۾، پلٽيون چون پيءُ،

آءُ اسان جو ٿيءُ، ثابوتي سبحان جي،

 

”ر“ رياضت تن جي، مڙني کي معلوم،

ويراڳي ويهي رهيا، پَرُ ڪيائون بوم(5)

ڪنڌ ڌريائون ڪات تي، سڀ اجاري صوم،

اندر هُلَ هُجومَ گاروڙين گرنات (6) جا.

 

”ز“ زيارت تن جي، قادر ڪاري مانَ

هتانجي هلي ويا، سور ڪري سامان،

مانَ رهن ڪا راتڙي، مون وٽ ٿي مهمان،

اسان تي احسان، موٽي ملڻ جا ڪندا،

”س“ سخاوت سان ڪري، اندر اجاريئون،

ٻاري باهه برهه جي، ماسوا (1) ماريئون،

اکڙيون الک ڏي کڻي، نرتئون نهاريئون،

پر اها پارئيون، ”احد“ سان اقرار جي،

”ش“ ٻڌائون شملا، ڌاڳا ڌريئون لال،

تُنبين ساڻ طواف جي، رتائون رومال،

ويٺا ونڊين پاڻ ۾ حقيقت جا حال،

معرفت جا مال، جوڳين جوڙي هٿ ڪيا،

”ص“ صبوري سندرا، جوڙي ٻڌا جن،

آڌوتي اسرار جون، پِرَسين پچارون ڪن،

ڪينر ڪاپڙين جا، ماءُ منهنجي من،

ڏهاڻي ڏسجن، جي پڪا پرين اڏيا.

”ض“ضميرئون جن کي، رائي منجهه رهاڻ،

سدا ساري جندڙو، الله آديسي آڻ،

جيجان جيءُ جَکي (2) گهڻو، قلب جن جي ڪاڻ،

حيلا ڪنديس هاڻ،انهن جي به اچڻ جا،

”ط“ تمنا طلب جي اندر کي آهي،

جيجان جوڳين سان ٿيان، لاڳاپا لاهي،

جهنگم (3) جي جمالي ڏي، قرب ٿو ڪاهي،

اکين کي آهي، وِجهل (4) ويراڳين جي.

”ظ “ ظهوري يار جي، راهونڊ رچايو،

ان کي مچ مجاز جو، الستئون آيو،

هلڻ جو هنگلاج، ڏي، رانول کي رايو،

”پريل“ پچايو،اندر عشق عجيب جو،

”ع“ اچي اثبات ٿيو، اڄ امين آهي،

مَام محمّد جي رکي،ڪلمي سان ڪاهي،

الاّ الله آڳانڍو ڪري، سُنگ اهو ساهي،

”لا“ سان ٿو لاهي، مڙئي دوکا دل جا،

”غ“ غلامي يار جي، رهندو سو راضي،

ان کي استقبال ٿيو، قلب ۾ قاضي،

ماضي مڃن ڪينڪي، رمز ۾ راضي،

اها ايراضي،سامي سبق سکيا،

”ف“ فياضي ڳالهڙيون، دل کي ڪر نه دور،

فهم فڪرن سان ڪيو،آديسين عبور (1).

ادنى کان اعلى رسي، نرمَلَ ٿيا نور،

”پريل“ تن جو پور، دمدم پوي دل تي،

”ق“ قلابا،ڪيوٽيون جوڳين، جو جنسار،

اٺئي پهر انهن کي، وحدت جو واپار،

”امين محمّد“ آئيو، اڙين جو آڌار،

”پريل“ تنهن جو پار، جوڙي رکج جيءَ ۾.

”ڪ“ ڪثافت (2) دور ڪريو، جوڳي جلائين،

اٺئي پهر الک سان، آديسي آهين،

”لا“ لانگوٽين کي وڻي، آڻ ۾ آهين،

”هُوُ هُو“هلائين، ٽليءَ * ڏانهن ٽري ويا. ê

”ل“ لباسئون دور ٿيا، ڌاڳا دريائون.

هٿ ڪنگڻ ڪَن ڪيوٽيون، قابو ڪڙيائون،

ويراڳي وصال کي، چت ۾ چُڻيائون(1).

منگهٽ (2) مائيائون، هاڻي هليا هنگلاجي ڏي،

”م“ مشارق ملڪ جا، آندائون، اهڃاڻ،

مرڪي مغارب ڏي،هليا ”امين محمّد“ هاڻ،

آيل آديسين کي، ڪنهن جي ناهي ڪاڻ،

آءٌ انهن جي ڪاڻ، مادر مران ڇونه ٿي!

”ن“ نهاريائون نڪري،راهونڊ جون راهون،

گُسائي جنهن گس ويا، ايندم اتاهون،

اسان جون آهون مَنَ پَوَنِ ڪَنِ قريب جي،

”و“ ولايت جا ڌڻي، اڱڻ مون ايندا،

ماڻهو شال مبارڪون، ڏهاڻي ڏيندا،

هي جي طعام تيار ٿيا، سي کاهوڙي (3) کيندا،

نماڻي نيندا، پنهنجي وٺيو پاڻسين،

”هه“ هدايت * تن جي، اٿم اندر ۾،

اجهي آديسي آئيا، موٽي مندر ۾،

مڙهي کان مسجد ڏي، ڪاهيائون ڪَرَ (4) ۾،

داور جي در ۾، عمر انهن کي گهران.

”ي“ يگانا يارٿيا، مندر ۾ مليامِ،

عمر انهن کي گهران، پرين جي پسيامِ،

دک دلجا دور ٿيا، خوشيءَ سان کليام،

قادر ڪم ڪيامءِ مڙيئي مقصد ٿيا.

 

       

 

سي حرفيون

”الف“ ”بي“ ”تي“ بات جي ”ثي“ ۾ ثبات،

”جيم جياري جندڙو ”حي“ ۾ حياتي،

”خي“ خوشيءَ جون خبرون، پهتيون پرڀاتي،

سوارو ساٿي،اٿي جياريو جوڳ کي،

”دال“ دليري دائما، دل کان ڪر نه دور،

”ذال“ ذڪرذاتيءَ جو، ڏيهه نه اٿئي ڏور،

”ري“ رياضت سان رهو، پهچو پهرئين پور،

”زي“ زمين ضرور،ڪيئي کاهوڙي کپائيا*.

”سين“ سڌر (1) سرڪار جو، اٿئي ايءُ ê عتاب،

”شين“ شريعت سان رهو، برهه پڙهايو باب،

”صواد“ صبوريءَ جو اچي، خاوند کان خطاب،

”ضواد“ ضروري ضاب (2) طرح طريقت جي،

”طوي“ طريق سان ٿيو، وڃي حاضر اڳيان حق،

”ظوي“ ظفرياب (3) ٿي، پڙهو سور سبق،

”عين“ اڳيون ظاهر ڪيو، انهيءَ جو افق،

هتان لڏي لَکَ،گاروڙي ڪنهن گس ويا،

”غين“غافل نه رهو، حقيقت کان هاڻ،

”قاف“ قريبن ڪالهه ڪئي، رائي منجهه رهاڻ،

اسان کي اهڃاڻ، ويراڳين وصال جا.

”لام“ لياقت يار جي، طلب کي تاري،

”ميم“ * مري تان مرد ٿئي، جو موت کي ماري،

”نون“ نظاري، يار جي، نرتئون نهاري.

”واؤ“ وري واري، سڀڪو ورق وصال جو،

”هي“ هجي حال همٿ سان، باري برهه بيان،

الله آڻج عشق جا، سڀيئي سامان،

منصب موجودات ۾، ڪَھَ (1) پويئي ڪانه،

هن شاعر جا شان،مولا وٽ مقبول ٿيا.

”هي“ ”هو- هو“ حرف کي، جوڙيو جيءَ ۾جال،

آنکي عجيبن چيون، ڪهڙيون ڳالهيون ڪالهه،

سڪ صبر جي ساز جا، رڱايو رومال،

حقيقت جا حال، مورهين مٽجن ڪينڪي،

”ي“ ياري رکي يار سان قرب ۾ پيو ڪَههُ،

”امين محمّد“ عشق جا، سور سڀيئي سَههُ،

گسن تي گرناٿ جي، رموزي (2) سان رهه،

سو ڪو پڇين پهه، جنهن سان گُر جو گس ٿئي.

 

مولود شريف

(1)                      (بهاڳ)

مرحبا يا مصطفى سردار سرور مرحبا،

مرحبا شاهه رُسُل يا ميرمدني مرحبا،

مرحبا معراج ۾ آن، کي چيو خلقي* خدا،

يا شفيع المذنبين آءُ عاصين احمد اجها.

مرحبا ملڪوت چيو آن تي سدا اي سّيّدا،

اي ”يُرِ يدُاللهِ اطهر“ (1) توتي صلواة و ثنا.

شرف تنهنجي شان ۾ ياسين طھ هَل اَتَى،

وصف تو ”وَاليلِ“ وارن ”وَجهڪَ“تنهنجو وَالصحى“(2).

”يرزقون فَرِحِينَ“ فائق توهٿانسڀ توهه ٿيا،

حَاجَتِ الذّراتُ وجداً عِندَفِي اُسلوبِهَا

يا محمّد مصطفى وانت شافعُ وَالشّفَا.

 

(2)                            (بهاڳ)

محمد مصطفى ڪرماڙميان، دلگيرن جا دلدارميان،

اول صد صديق جو، ياور سندءِ هو يارميان.

عمر عاد دين جو، اڙين سندو آڌر ميان.

عثمان اڪمل آءُ چوان، ۽ حيدر ڪرار ميان،

ڪنبائي ڪفران کي ڌڙ کان سِسيون ڪيئن* ڌار ميان،

ٻيا مڙئي ٻهڳڻ هئا، اصحاب ۽ انصاف ميان،

سر سدا صدقو ڪري، گهورون ڪيئون گهر ٻار ميان.

عرض منهنجو احمد دائم سندءِ دربار ميان،

ڇڏايوم ڇِين کان ڪم چڱا مون ڪار ميان.

هوس هميشهھ حرجَ ۽ بديءَ جي بازار ميان،

وسيلا مون وڻج ڪيا سڀ لااَبُدê لاچار ميان،

آهي اميد ”امين“ جي مدد ٿي هرڪار ميان.

توهه تنهنجي تي تڳان دلبر اٿم، درڪار ميان.

(3)            (بهاڳ)

ساهه سِڪي ٿو سَيّدا،

هي تنهنجو توهي سيئن.

ڪو حيلو ڪريان هيئن،

ريءَ لطيف لنگهنديس ** ڪيئن،

ننگ نهوڙيس نينهن،

من ميڙائي جا مينهن،

هيڪلڙيءَ تي هيئن،

رڳي ê* چوڏس شرطن سئن.

منجهه جفعل جوڙي جيئن،

ويٺو ڏکيا گهاري ڏينهن

ري جانب جيئڙو جلي،

منزل رسائج مدّعا،

واري وصل وصال جو،

ڪاف ڪشالا ڪيترا،

عشق احمد ڄام جي،

وسن شال وجود تي،

ورج وسيلا واهرو،

دور دلين جا وريا،

وڍايو به وندر ۾،

”امين“ اوهان جي آسري،

 

مَرثيھ

(1)

السّلام اي ”سرّ سُبحَان الذي اَسرى“ امير،

السّلام اي سيّدا اسين طھ مهر* منير،

السّلام ارين اجها اي دل دکين جا دستگر،

السّلام اي مرسلن جا مقتدى (1) صدر سرير (2)،

السّلام اي سرجدا سردار سرور السّلام

السّلام اي شافع في يوم محشر السّلام،

 

(2)

جڏهن حسين ابن علي، پيدا ڪيو پروردگار،

حڪم ٿيو ان وقت جبرائيل کي از ڪردگار،

ڏي مبارڪ مصطفى کي وڃ مديني جي ديار (3)،

لوڏ ان پياري جو پينهگهو نير نيڻن واهي نار،

”في الجنَانِ نقهرُ لَبَن“ (4) هي لال کي لولي ڏجان

هَيءِ حسينا هيءِ حسينا هيئن چئي ڪورنش ê ڪجان

 

(3)

اصل کئون ب، w اقطاب هو شاهه، شهيدان ڪربلا،

”انت مِنِي مَن مُدّعا(5)“ چوندو هو جنهن کي مصطفى

نُور چشم و ماهرو خوش وقت چيو خيرالنساءِ،

 

مرحبا ”مِن رّوحِ رُوحِي“ (ا) الرضاؤ مرتضى،

هو رسول الله جو جنهن کي چون پيارو پسر،

سو حسين ابن علي شاهه شهيدان بحرو بر،

(4)

اڪثر گهڻو سي گهوٽ گهاريندا هئا مرسل جي گهر،

چوندا هئا ان کي ڪِ آ ”وَالشمسُ وَالضحى وَالَقَمر“،

اگي تنهنجي ڳالهه هِي پيارا ڪئي هئي پڻ پڌر،

روندا هئا نانو ۽ بابو درد دک ۾ سربسر،

چوندا هئا بابا جڏهن تون ماربين ميدان ۾،

مرگ ٿيندو مرسلن کي روضه رضوان ۾.

(5)

چئو ته يارو جن جي خدمت ۾ خداءِ جا خاص هئا،

تن جا رتبا ۽ رضائون خالق* الاخلاص هئا،

نُور عينين (2) مصطفى هردو پيارا پاڪ هئا،

”بضِعَةِ مِنِّي“ نسب پارهه ê جگر دل چاڪ هئا،

”اِنّمَا يُطَهِّرُ يُريدُ اللهِ“ جن جي شان ۾،

تشنه لب خسته جگر ڪيئن ماريا ميدان ۾.

(6)

هاڻي تون هڪ رات جا سڻ حادثا هُلَ حشر،

جڏهين ڇهن ورهن جو ٿيو لعل لاابالي گوهر،

وَالضُحى وَجهُڪَ شجاع شاه شهيدانêê بحروبر،

فائقي فرمان جنهن جي واسطي هو ”وَالَقَمَر“

 

 

ام سلمھ رض(1) جي اڱڻ آيو عليءَ جو نونهال،

ٿي پڇيئين آيو آهي نانو* نبّي ذوالجلال،

(7)

ام سلمھ رضه چيو اڳيان اي مرحبا ميرل اچو،

آنهنجي ê ناني اچڻ جو وقت آهي ويجهڙو،

ترس تا اوپڻ اچي محبوب مرسل من مِٺو،

اي ابا تنهنجي اچڻ جو مون ٿي اڄ رستو ڏٺو،

فارغ المحراب منبر ٿي اچن ٿا هن گهڙيءَ،

تيستائين آرام فرمايو اي منهنجا پيارا پيءُ.

(8)

تڏهن پلنگ تي پير ڏئي خوش ٿي ستو ابن الامام،

انتظاريءَ ۾ انهيءَ ايندو اجهو او ذوالڪرام(2).

مر اسان جو منهن ڏسي نانو نهاري صبح و شام،

آءُ اُن سان اڄ ڪريون ڪي پاڻ ۾ قرب و ڪلام،

تان طبيعت ناز پرور ننڊّ نرمل کي کنيو،

سر رکي بالين(3) بستر تي سڄڻ سمهي رهيو.

(9)

ٻن گهڙين کان بعد ات آيو رسولِ ذوالجلال،

۽ ڏٺئين بستر ستو بالين تي بدرالڪمال،

ام سلمھ رض ”کي چيائين هي اسان جو خوشخصال،

مرسُتو سؤکو رهي هن ساڻ واحد جو وصال،

ٻيو پلنگ ڀرساڻ هن جي آڻي جوڙيو جود ٿيو،

من گهريو مطلب اسان جو مڙئي هن موجود ڪيو.

امّ سلمھ رضه ان گهڙي، آڻي وڌو ان سان پلنگ،

منهن ڏٺو ٿي مصطفى لولاڪ صاحب لعل رنگ،

خوس ٿي چيئون امّت اسان جي نُور جو پرور تي ننگ،

حشر ۾ هوندو اسان کي هن جو همرھ ساٿ سنگ،

آئي ننڊ بيبيءَ کي باقي پاڻ پيا ذڪر خدا،

اوچتو عرش کان ٿيو آواز نرمل کي ندا.

(11)

يا محمّد مصطفى ﷺاڄ  ماريھ مجلس جڙ،ي

۽ اوهان جي لاءِ آيا ماڳ ات مرسل مڙي،

۽ علي رضه ڏي اوليا الحال حاضر ٿيا هلي،

هن اوهان جي پياري پٽ لئي اڄ عزاداري لڳي،

۽ ڏسو ارض و سما ۾ هي حشر ۽ شور شيَن(1)،

سڀ کي وائي وات هيءَ هر هڪ چوي هَئي هَئي حسين.

(12)

جوڙي جبرائيل آندي ات انباري سبزدار،

سڀ ملڪ موجود ٿيا سنبري ٿيو سرور  سوار،

ڪل لَيل ڪربلا ۾، مظهر ماتم تنوار،

هَي حسينا هَي حسينا ڪيو رئن رت زارو زار،

خاڪ سر سڀني کي واويلا جي ات ٻاڪار هئي،

سر پِٽڻ سينو ڪُٽڻ ۽ ٻي نه ڪنهن جي ڪار هئي.

(13)

آدم و نوح و خليل* ۽ آل عمران اشڪبار،

۽ به اسماعيل آن دم ٿي رنو رت رشته دار،

موسى ۽ عيسى به آيا ٿي رداءُ (1) بيقرار،

هر ڪنهين ڳل ڪاري ڪفني آه هڪ هئي هئي هزار،

جڏهن محمّد جو قدم پيو ماريھ ميدان ۾،

سڀ مَلڪ موجود ٿيا ان گوڙ ۽ گهمسان ۾.

(14)

مڙئي مرسل معرڪي هئا حال حضرت هو بهو،

سر پٽي سينو ڪٽي ڪيئون رنگ پنهنجا سرخرو،

ڪربلا جي خاڪ ۾ مڙئي ٿيا روليده (2) مُو*،

هٿ کڻي حضرت اڳيان ڪيئون آه عرشين ڪوبڪو(3)،

چيائون هي ماتم اسان جو حال هي زارو زبون،

آهه اي ختم الرسل انااليھ راجعون

(15)

۽ به اسماعيل آن دم هٿ چمي ڪيو هي عذير،

هاءُ هن ڌرتيءَ مٿي ايندو هلي حضرت شبير،

هوندو عزرائيل انسان تان به تقدير قدير،

۽ به ٿيندو قتل هن هنڌ نائب نعم النّصير،

۽ هتان هڪ خاڪ جي چپٽي امانت نيو اوهان،

جڏهن اهائي سرخ ٿئي تڏهن قتل ٿئي شاههِ جهان.

(16)

تڏهين وجهي دامن ۾ دلبر خاڪ کنئين خيرالورى،

۽ چيو جبريل کي ان حامي هردوسرى،

آڻ هڪ شيشو شتابي از ڪرم ڏهون ڪبرياءِ

تان رکئون هي خاڪ خاصن جي امانت اتقيا،

آندو جبرائيل جلدي سان نمونو (نور) جو،

۽ اڳيان آڻي رکي ڪيائين معجزور مذڪر جو،

(17)

چيائين هن مرقد کي مرسل خاڪ سين هاڻي ڀريو،

جي اوهان جو جانب دارالبقا ڏي سفر ٿيو،

تان ڏجو هي اهلبيتن کي مقرر معجزو،

جو پيارو پاڻ وٽ ڪنهن ڌيان سان نيئين ڌريو،

چئجو هن مرقد جي جڏهن خاڪ ساري خون ٿئي،

تڏهن اسان جو لعل و گوهر ماڳ هن مدفون ٿئي.

(18)

پوءِ مڙني مرسلن ئي موڪلايو مير کان،

بعد ماتم معرڪي ان تابع تقدير کان.

زيب و زينت عرش ڪرسيءَ جي محمد صه مير کان،

حامي- هر دوسرى ان عاصين دلڌير کان،

السّلام عليڪ يا شبّير جا نانا نبي (صلعم)،

منجهه قضا هن قتل جي توريءَ رضا ٻي ڪانه ڪي.

(19)

آن کي آهي شاهدي ۽ هن عِزاداريءَ جو حال،

ڪيو اسان پورو اچي فرمايو جيڪي ذوالجلال،

هاڻي مڙئي ماتمي آهيون اسين قربِ قمال،

هي اجر ايندو اسان کي تنهنجي نرتئون نت مقال،

پوءِ جبرائيل عليءَ سان هت عزاداري ڪئي.

هَي حُسينا هَي حُسينا نالھ و زاري ڪئي.

(20)

هٿ چمي ڏئي حاضري ارواح ٿيا عرشن جي پار،

آه سرد آبِ روان محمّد (صلعم) مديني جي ديار،

چيائون اي جبرئيل اخي حڪم قضا سان ڪهڙو عار،

نا ته ڪنهن جي سيني جي سانڍڻ جي آهي هيءَ نار؟

اي ادا آهي اسان کي راز ربّ العالمين،

نت اسين هن لئي پڙهون جي جامع المتفرقين.

(21)

هڪ گهڙي اڳهين اٿي بيبي محمّد ﷺمير جي،

جان ڏسي تان ناهه مرسل کٽ مٿي نرمل نبي،

۽ ڪڙا قابو دردن کي ٻي نه ڪا آهي دري،

ان تعجّب ۾ تحيّر هئي اڃا تان آه ٿي!

جان ڏسن تان هٿ ۾ شيشو ۽ رسولِ رازدان،

منهن مبارڪ گرد ۾ ۽ آب اکڙين کان روان،

(22)

تڏهين ڏسي هن حال جو ٿيو ام سلمھ کي عجب،

چيائين يا مرسل مٺا هيءَ آه و زاري ڇا سبب

۽ ڪريم معلوم هي جگر جفا تردد(1) و تعب(2)

زلف گرد آلوده آهن آه لب لرزان غضب،

نُر چشمان ناز پرو هُئين تون ڪامل منجهه قرار،

گرد آلوده ٿيا ڇو، تنهنجا گيسو مشڪبار؟

(23)

چيو نبي ان کي نهار هڪڙو دم خاموش ڪر،

هي اسان جي هٿ سو وهلو وٺي رک پنهنجي گهر،

(1) تردد= فڪر (2) تعب = رنج.

تان ڪريون مذڪور آن سان جيڪي گذريو سربسر،

هَي اسان جو هَي قراريو لاڏلو پيارو پسر،

تنهن جو اڄ مظهور مون سان مرسلن ماتم ڪيو،

راز ربّ العالمين جبرئيل شامل حال هو،

(24)

سر چميو محبوب جو چيائون نير نيڻن واهي نار،

”ان اللهَ لاَيُضِيعُ اَجرالمُحسِنِينَ“(1) اي من قرار،

ماريه ميدان ۾ تون هڪڙو، هُو هوندا هزار،

تشنھ لب دريا ڪناري سر ڪندا جڏ* ڌڙ کان ڌار،

تون سوار صبرن ۽ شڪرن جي نه ٻي ڪا ڪار ڪج،

مرد ٿي ميدان ۾ سڀئي بلائون سر سهج.

(25)

ناز پرور ناني جا اي جيءَ جگر جاني حسين رضه،

مرسلن ماتم ابا ڪئي تنهنجي مهماني حسين رضه،

تنهنجي غم کؤن عرش ڪرسي آهي ارماني حسين رضه،

اي ذبيح الله اسماعيل جا ثاني حسين رضه،

مرد ٿي محلات ڀڃ هي تنهنيج سر سڀ بار آهه،

ڪربلا نانو نه بابو ريءَ خدا ٻيو يار ناهه.

 

(26)

امّ سلمھ رضه آه جڏهن هي ڳالهه مرسل کان سڻي،

بيبي ات بيتاب ٿي هَيءِ هَيءِ ڪري سر هٿ هڻي،

ڇا نبي خيرالورى هيءَ وائي جان آن کي ê وڻي،

۽ انهيءَ ارشاد کئون ٻچڙي کي شل رکندو ڌڻي،

هن مِٺي جون من مرادون شال ڏيکاري الله،

هي سلامت هئي سدا،آءُ هن تان ڪريان صدقو ساهه،

(27)

ابتدا تا انتها هَي هَي جني جو ههڙو حال،

بعد ناني بابي کان ان تي جئڻ آيو جنجال،

تانڪ ڏک سک ۾ گذاري ٿيو عمر پنجاهه سال،

جسم جمعيت (1) ڪين هئي ۽ ساهه ساري ٿو وصال،

جيڪي سرگذري سا گذري لعل کي ليل و نهار،

ناني بابي ۽ ادي جي ساهه کي هر وقت سار،

(28)

جَامِعُ ال۾تَفَرِقينَ الفاظ پڙهندي ڏينهن رات،

تان اچي ڪئي اوچتي ڪا قاصدن ڪوفين جي بات،

چيائون يا ابن الامام آهي اوهان جي تن کي تات،

آءُ اسين بيعت ڪريون يا سَيّدِ عالي صفات،

مهرباني جو مجاهد ڪو ڪرم ان تي ڪريو،

جيڪڏهن ڪوفي طرف اقدام عاليءَ کي ڌريو.

 

(29)

تڏهن مڃي هي مرتضى فرزند فرمايو ڪِ ربّ،

ٿيو اسان کي حال حاصل دير سو ڪهڙو عجب،

پنهنجا نيندس پاڻ سان خورد و ڪبائر (2) ساري سڀ،

جن کي از روز ازل هوندو سعادت جو سبب،

سي سڀئي مون ساڻ هلندا شام شهزادا سوار،

توڙي پنڌ پيادو ڪَٽيندا ڪين مڙندا منهنجا ٻار.

(30)

هيئن چئي اسباب آڻيايئون سفر جو ساز ٿيو،

از زمين تا آسمان اهو الوداع آواز ٿيو،

چئي چڙهيا ”نَصُرمِّنَ اللهِ“ (1) اڄ رباني راز ٿيو،

هيئن قلم چيو ٿي فضا کي هي نسورو ناز ٿيو،

هي حقيقت ڇا لکان اي آسمان انڌار آهه،

هي شهيد ڪربلا ڄاڻي، جنهين تي بار آهه.

(31)

ڇا لکان تيغ و تبر ۽ ڇا هنن ڇاتي چوان،

هي حياتيءَ ۾ هميشھ هي ذات ۾ ذاتي چوان،

”ڪُلّ شيءِِ يرجِعُونَ“(2) هي ذات ۾ ذاتي چوان،

يا ”امين محمّد“ اهيئي سرّ سماواتي چوان،

هي مدد منهنجي ڪندا دوجڳ ۾ ۽ دنياؤ دين،

ڪر صبر سر ڄاڻ”انً اللهَ مَعَ الصّابِرِينَ“

(32)

هادي هر دوجهان رهبرِ راهه حسين رضه،

آسماني عزّو عظمت جا مهر ماه حسين رضه،

ٿو ڪريان هن حال جي آنساڻ آگاهي حسين رضه،

ڏي مداحيءَ کي مراتب يا شهنشاهه حسين رضه،

داد ڏي دارين جو يا وارث والا ولي،

توتي هي سرُ خَفِيّ مالڪِ مُلڪِ جلي.

 

متفرقات

(جواب خط جو مخدوم امين محمّد سائينءَ جي طرفان)

(بطرف سّيد حيدر شاهه اجناڻي)

”العِشِقُ نَارُ اللهِ“ (1) کي، جي سالڪ سڃاڻي،

ته سر ڏئي سودو ڪري، نيهن وٺي ناڻي،

 

وري وجھ الله ڏي پڌرو ٿئي پاڻهي،

ڪنين سوري سيج ڪئي، ڪي گهميا ڪي گهاڻي،

ڪي سر قدمِ يار چئي، هليا ويا هاڻي،

انهيءَ اهڃاڻي، اٿئي حيدر ڪم هّمت جو.

 

حيدر شاهه همّت سان، وٺ گاروڙين جو گس

”لا“ ۾ لاهوتين جو، ڏوري پڇج ڏس،

ٿي آڌوتي اکڙين کان، نير وهايو وس،

پوءِ جوڳي چوندئي جس، اچي آسڻ تنهنجي.

 

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته جهونجهي (2) ڏسج جوءِ،

مڻڪا ماله ان جا ڇني، هل  هنئين جي سوءِ،

سڀڪو داڻو دل جو، وڃي پنبڻين وٽان پوءِ،

پوءِ ”هُو هُو“ منجها هُوءِ، پاڻي ٿيندا پڌرا.

 

وڌائون وحدت جا، دل اندر درياهه،

بابوڪاهين پَر ڏي، سامي سنجهه صباح،

وڻي ويراڳين کي، صبر جي صلاح،

تن آديسين کي آهه، اٺئي پهر الک جي،

 

اٺئي پهر الک ڏي، آءُ حيدر شاهه هلي،

جهنگم جي جمال کان، ڳولڻ جي ڳلي،

اها آديسين ڳالهڙي، سورن ساڻ سلي،

راهونڊ منجهه رلي، تڏهن جوڳن جوءِ ڪئي.

 

 

غزل

اردو فارسي آميزش

دست دردست باده نوشان نوش

(1)

اي ”امين“ نزد ما مي آمد دوش،

از من و عشق يا جوشان جوش،

بار مست و خراب آيا هي،

ساغر سرخ ناب لايا هي،

جو مزه دائمي ٿا پايا هي،

دست دردست باده نوشان نوش،

من ڪي مين ني مراد هي پائي،

عالم افلاڪ سي صدا آئي،

حال بدمست زلف لهرائي،

بانگ بوسي ڪي گرم گوشان گوش

آ ملا جسم وجان ڪا جاني،

جان ميري ٿي جس ڪي مهمان،

ديک دلبر مرا هي لاثاني،

گئي رقيبون ڪي حال هوشان هوش،

لوگو محفل مين ڪيا ڪرون اظهار،

مين ني ديکا وڳ دلربا دلدار.

اب تو اک بات سي ڀي هون لاچار،

يا کهتا هي هو خموش خموش

(2)

بانگ شهباز

اي بارسا چه داني تو شيوه ز رندا،

شهباز برشڪارم تو ڪي ز اهل رندا،

ما مالڪيم ”سرّي“ اسرار راز عشقيم*،

ما خسرويم اجابت، ما خوشدليم خندان،

ما دلمراد داريم، جام جهان نمائي،

تو دل طمع به تسبيح، بيباڪ نا پسندا.

ما واقفيم وجهي، حور و قصر چه دانيم،

êماديده ايم ديدان، تو ڪي نه چيد چندان

انصاف ڪُن بيائيڊ، هر دوشيم حاضر،

تو طالب تمنّا، ما مير مستمندان،

آمد ”امين محمّد“ مطلوب شد ميسّر،

عاشق الستيم، تو عرض ارجمندان.  *êما

 

 

--------

 

قطعھ-غزل اردو

سيڪڙون سر گُم هوئي گمراهه ڪا

آءُ فرياد وفغان پر ميري يه هنستي هين لوگ،

ڪوئي ڪهتا هي ڪ جي اور جان سي ڀي مر رها.

 

عشق ميرا هي تمهاري عقل هي افراسياب،

دل ڪي ميدانِ مظفر، رستم رن پر رها،

 

مارڪر ميرا هي ملتا، خون هي خرگاه ڪو،

دست وپا دونو هين رنگين، قاتل ڪف تر رها.

 

اي ”امين“ اس بات پر انصاف هي اس آن مين،

سيڪڙون سر گُم هوئي گمراهه ڪا رهبر رها.

 

 

 

غزل اردو –ناقص

بسته هين تيري سجن زلف ڪي هر خم خم سي

 

يار ڪيون هوتي خفا، ڦِر هو دوباره هم سي،

آج ڪيون الٽ گيا، ميرا ستاره هم سي.

 

شعله دل سي مري آسمان ڀي جلتا هي،

آگ تو بجهتي نهين ميري چشم ڪي نم سي،

 

خنجر، دست حنائي ڪي هزارون ڪشته،

بسته هين تيري سجن زلف ڪي هر هر خم سي

 

 

(2)

مڻا کون سکي گا

تيري دام سي ميري دل ڪو ڇڙا ڪونه سکيگا،

تقدير کي لکهي کو مڻا کون سکيگا،

وه لائي ميري حق مين ڇري سينه په ميري،

اس هاٿ حنائي کو هڻا کون سکيگا.

مرگان کي تيرون سي تو زخمي هين هزارون،

گهايل کو تيري ديکهه بچا کون سکيگا.

افسونگري کرتي هين خود وه ميري دل پر،

پيچون سي مين اس ڪي ڇڙا کون سکيگا،

گر آپ چلن هار، هو اي ميري پياري،

اس داغ جدائي ڪو مڻا کون سکيگا،

هر دم هي ”امين“ ميري شفاعت په * محمدﷺ

گردش مين زمانه کي لڻا کون سکيگا.

 

------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org