سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :15

 

هن دور ۾ سنڌي نثر به چڱو واڌارو ڪيو. ترجمي جو سخت زور هو. سڀ درسي ڪتاب، قصا، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ افسانا، خواهه نظم ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيڻ لڳا، جن ادب جي وينجهارن هن ڳري ڪم کي ونڌيو سي هي آهن: ديوان ننديرام سيوھاڻي، ديوان اڌارام حيدرآبادي، ديوان پرڀداس حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽوي، ميان غلام حسين قريشي ٺٽوي، سيد ميران محمد شاهه اول ٽکڙائي، ميان محمد حيدرآبادي، واڌومل ٽلٽيءَ وارو، مرزا غلام رضا بيگ حيدرآبادي، آخوند عبدالرحيم عباسي ڪراچيءَ وارو ڪوڙومل کلناڻي ڀريائي، آخوند لطف الله حيدرآبادي ميان شمس الدين ”بلبل“ ميھڙائي، ديوان ليلارام ”خاڪي“ حيدرآبادي، ڪيولرام سلامتراءِ حيدرآبادي، آخوند فتح محمد ۽ سڀني جو سرتاح مرحوم مرزا قليچ بيگ.

هي دور تعليمي سماجي سڌاري جو دور هو. مسلمانن خواهه هندن مان گهڻيئي محن ميدان ۾ آيا، جن قوم ۽ ديس جي خاصي خدمت ڪئي آهي. شال انهن جا روح ابدي سڪون ۾ رهن! اهي صاحب هي آهن:

مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي (ولادت ــ 1830ع)، مرحوم شيخ بابو سليمان مرحوم قادر داد پٺاڻ (وفات ــ 1903ع)، مرحوم سردار محمد يعقوب (ولادت ــ 1858ع)، مرحوم شيخ صادق علي (ولادت ــ 1856ع)، مرحوم سيد الھندو شاهه (ولادت ــ 1863ع)، سرڳواسي  سيٺ هرچند راءِ (ولادت ــ 1862ع)سرڳواسي ديوان ڏيارام گدومل (ولادت ــ 1857ع)، ديوان ڏايارام ڄيٺمل (ولادت ــ 1845ع)، ديوان ڪوڙومل کلناڻي (ولادت 1844ع)، ديوان نولراءِ (ولادت ــ 1848ع)، ساڌو هيراند (ولادت ــ 1863ع).

هاڻي سندن ننڍن معاصرن جي مڻيا وارو ذڪر ڪجي ٿو. ڪيترن ئي دفترن کي اٿلائي پٿلائي لسٽ ته لنبي ٺاهيم، پر پئي ويس ڇانڊيندو.

جن صاحبن جي ولادت امين سائينءِ جي وفات 1303هه) بعد ٿي آهي، تن يارن کي درج نه ڪيو ويو آهي ــ هيٺين نالن مان معلوم ٿيندو ته پوِءِ گهڻا صاحب منظر عام تي اچي ويا آهن. پهريائين عيسوي سن جي ولادت وارا نالا ڏنا اٿم، ان بعد هجري سن وارا.

وريل فقير (ولادت 1849ع)، مير عبدالحسين خان سانگي (ولادت ــ 1851ع)، مرحوم مولانا الهرکيو عرف ڪريمداد چانڊيو معرفاڻي (ولادت ــ 1851ع)، مرزا قليچ بيگ (ولادت ــ 1855ع)، مرحوم شمس الدين بلبل (1857ع)، فقير محمد محسن بيڪس (ولادت ــ 1858ع)، محمد هاشم مخلص (ولادت ــ 1860ع)، حاجي علي محمد قادري (1860ع)، مرحوم لعل بخش خان لغاري (1860ع)، مولوي غلام الرسول عرف محمد محمد هاشم شڪارپوري (1863ع ڌاري)، ٻڌل فقير ولد عبدلواسع شڪارپوري (ولادت ــ 1865ع)، سيد روشن علي شاهه ولد سيد قطب الدين شاهه (ولادت ــ 1868ع)،  ديوان ڀوڄاراج (ولادت ــ 1867ع)، سيد پير شهاب الدين شاهه (ولادت ــ 1868ع ڌاري)،سيد صاحبڏنو شاهه ولد محمد شاهه بلڙي (1868ع)، فقير احمد علي (1869ع)،سيد صالح شاهه راڻيپور وارو (1870)، پير علي بخش شاهه ولد پير لطف علي شاهه ڀٽائي (1871ع)، سيٺ حاجي خداداد سرهيو(1872ع)، نواب غلام حيدر ولد ولي محمد (1872ع)، مولانا عبدالرحمان ڌامراهه (ولادت ــ 1268هه) ، ميان محمد اڳرو (ولادت ــ 1274 هه)، خليفو محمد خان جمالي (1274هه)، مرهوم خليفو ڇٽو (1275هه)، مولوي حاجي محمد بن آخوند محمد اسماعيل هالا پراڻا (1276هه)، مرحوم مولانا غلام محمد صاحب ملڪاڻي (1276هه)، سيد علي اصغر شاهه راشدي (ولادت ــ 1278هه)، حضرت حاجي حافظ خواجه  محمد حسن جان سرهندي (1278هه)، مرحوم شمس العلماء شاهه مردان پير صاحب پاڳارو ڪوٽ ڌڻي (ولادت ــ 1279هه)، مولوي اسماعيل ميمڻ مورائي (1280هه)، ميان امام بخش ولد محمد بچل بدوي شڪارپوري ( 1281هه)، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي هالائي (1281هه) مرحوم فقير پير بخش ڪلوئي (1283هه)، فولاد علي فقير شر (ولادت ــ 1282هه)، مرحوم سيد اسدالله شاهه ٽکڙائي (1285هه)، سيد حاجي  محمد حافظ شاهه ٽکڙائي (1287هه)، قاضي محمد دائود بن حافظ حاجي حامد ٽکڙائي (1286هه)، مولانا حاجي عمرالدين چنا (1288هه)، حاجي مولانا محمد حسين جان سرهندي (1290هه)، علامه مرحوم محمد عثماني نوراني ( 1294هه)، مرحوم قاضي عبدالرؤف مورائي (1299هه)، مرحوم مولانا عبدالرحمان ميمڻ شڪارپوري (1299هه)

 

 

 

ضميمو نمبر 2

تفصيل سن وار سجاده نشينان درگاهه شريف هالا

1 ــ حضرت غوث الحق مخدوم

لطف الله عرف مخدوم

نوح رحه                        دستار اول         (911هه ـ 998هه)

2 ــ حضرت مخدوم امين محمد

صاحب اول             دستار دويم       (952هه ـ 1015 هه)

3 ــ حضرت مخدوم ابوالحمد

عرف ابولخير صاحب  دستار سويم      (980هه ـ 1050هه)

4 ــ حضرف مخدوم عبدالخالق

صاحب                         دستار چهارم            (1030هه ـ 1081هه)

5 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب اول             دستار پنجم             (1055هه ـ 1117هه)

6 ــ حضرت مخدوم مير محمد

صاحب اول             دستار ششم            (1099هه ـ 1149هه)

7 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب ثاني           دستار هفتم             (1119هه ـ 1184هه)

8 ــ حضرت مخدوم مير محمد

صاحب ثاني           دستار هشتم           (1151هه ـ 1202هه)

9 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب ثالث           دستار نھم             (1180هه ـ 1222هه)

10 ــ حضرت مخدوم ميرل

معصوم                       دستار دهم             (1221هه ـ 1223هه)

11 ــ حضرت مخدوم امين محمد

صاحب ثاني           دستار يازدهم         (1205هه ـ 1252)

12 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب رابع            دستار دوازدهم         (1233هه ـ 1269هه)

13 ــ حضرت مخدوم امين

صاحب ثالث           دستار سيزدهم        (1254هه ـ 1303هه)

14 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب خامس         دستار چھاردهم            (1278هه ـ 1331هه)

15 ــ حضرت مخدوم ظهيرالدين

عرف پريل ڄام                دستار پانزدهم      (1280 هه ـ 1345هه)

16 ــ حضرت مخدوم غلام محمد

صاحب عرف گلڻ ڄام        دستار شانزدهم             (1303هه ـ 1353هه)

17 ــ حضرت مخدوم محمد زمان

صاحب سادس طالب الموليٰ   دستار    (تولد:9 ــ محرم الحرام

زيد عمره                       هفدم             1338هه)

 

 

ضميمو 3

(مخدوم امين محمد صاحب جي خاندان جو شجرو، مجاور آخوند

صاحبن جي بياس تان هيٺين ريت ورتل آهي.) ــ مولف

مخدوم محمد زمان رابع

 

مخدوم امين محمد ثالث     ميان شاهنواز           ميان غلام نبي

)پکن ڌڻي(            ]لاولد[                                                     (پنيڏنو)

مخدوم محمد زمان خامس    مخدوم ظهيرالدين   ميان فتح محمد  ميان نبي بخش

]لاولد[                                           (پريل ڄام)                   ]لاولد[

مخدوم غلام محمد     ميان عبدالحسين     ميان الله بچايو     ميان مولوي غلام حيدر

(گل سائين)                     ]لاولد[                          

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ                     ميان امين محمد

ميان محمد امين فهيم         ميان غلام محمد           ميان الله بچايو                 ميان عبدالحسين                

                                                     (خليق الزمان)     

(رفيق الزمان)                   (شفيق الزمان)

ميان غلام حيدر                      ميان لطف الله

(سعيد الزمان)                          (نويد الزمان)

ميان انيق الزمان                       ميان لبيب الزمان              ميان فضل احمد

(حسيب الزمان)

ميان ظهير الدين            ميان فتح محمد     ميان نبي بخش   ميان ابو نجيب              

(جميل الزمان)               (شڪيل الزمان)             (عقيل الزمان)               (نجيب الزمان)

ميان نعمت الله                            ميان حبيب الله           ميان ابو محمد

(خليل الزمان)                           (جليل الزمان)                              (سنڌ يار)

سوروري جماعت ۾ سجاده نشين لاءِ ”مخدوم“ ۽ ”ميان صاحب“، ۽ خاندان جي ٻين فردن لاءِ صرف ”ميان“ جو لقب استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چارٽ ۾ ”مخدوم“ جو صرف سجده نشين جي نالن اڳيان ڪم آندو ويندو آهي. ان کان ساءِ وڏي ڏنگي [ ] لاولد بزرگن ۽ ننڍي ڏنگي ( ) عرف يا ٻيو نالو نمايان ڪرڻ لاءِ ڪم آندي وئي آهي.

 

 

 

 

 

 

 

ضميمو 4

حضرت ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو

نسب عالي جي عنوان ۾ اسان کي معلوم ٿيو ته سائين امين محمد کي ٻه بيا به ننڍا ڀائر هئا: هڪ ميان شاهه محمد عرف ميان شاهنواز ۽ ٻيو غلام نبي عرف ميان پنيلڌو. ميان شاهه محمد جي ادبي ذوق جو نمايان پتو نه آهي، پر ميان غلام نبي ته امين سائينءَ وانگر علم و ادب جو سعل هو. هت سندس سوانح جو چند سٽون ۽ ڪلام جي موتين مُٺ قارئين ڪرام جي آڏو پيش خدمت ڪجن ٿيون.

        سندن نالو ميان غلام نبي عرف ميان پليندو هو. شعر ۾ ”پنيلڌو“ يا ”پنيل“ تخلص ۽ ڪن ڪڳافين ۾ ”غلام نبي“  نالو به آندو اٿس ۽ سنڌي، فارسي، اردو ۽ عربيِءَ ۾ به ڪافي مھارت هيس. سيلاني به هڪڙو هو. پاڻ ڳچ وقت حيدرآباد دکن جي مسحور ڪُن فضا ۾ وڃي ساڪن ٿيو،

اتي شادي به ڪيائين، ۽ مدت مديد رهيو. امين سائينءَ جي لولي هن پياري جي ياد ڏياري ٿي. ان ڪري خاندان جي ان ڪڙيءَ جو تعلق حيدرآباد دکن سان ٿيو. پنيل سائينءَ جي اولاد جون به اتان شاديون ٿيل آهن. مرحوم نھايت سليم الطبع ۽ وقت وقت جو خوش ڪلام شاعر هو. رعبدار شخصيت جو مالڪ هو. زماني جي دستبرد ڪري سندس ڪلام  جو ڳچ حصو گُم ٿيل آهي، ۽ باقي جو منهنجي هٿ لڳو آهي، اهو حاضر خدمت ڪريان ٿو. سندس ڪلام جي مطالع مان پڌري پَٽِ ظاهر ٿيندو ته سندس ڪلام توحيدي تجليات جو آئينو آهي ازان سواءِ منجهس جابجا ماحول جو نقشو اهڙيءَ ته خوبيءَ سان چٽيل آهي، جو ڪلام پڙهڻ يا ٻڌڻ شرط اهو نقشو اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. کيس چار فرزند عنايت ٿيا، جيئن ضميمي ٽئين مان  ظاهر آهي. اهي چارئي صاحبزادا علم و ادب ۽ شعرو شاعريءَ جي ذوق کان سرفراز هئا ۽ پنهنجي والد سائينءَ ۽ عموي صاحب جن جي نقش قدم تي هليا.

ڪافي 1

اڄ ڪئي عجيبن ترتئون تياري،

وري وصل جي پرين واڳ واري.

جڏهن جانثاري قدم تي ڪئيسون،

تڏهن عشق جي اوٽ پرتئون پئيسون،

ثبوتي سريءَ جي خفيءَ کان نيازي.

اُپت ڪئيء اندر جي درن جا دريچا،

سڀئي سونجهه سارا تون ڳولي ڳريچا،

اڇل هن اکين تي ڪا ”ونحن“ جي واري.

”جمع بينھان“ ۾ گهڙ ايڪ گهاري،

پرت جي پکيءَ کي اصل ڏي اڏاري،

ڏسو ڏيهه پنهنجي کان گهرجي نه گهاري.

اسين عبديت جي نه ڍاري ڍرياسون،

۽  وحدانيت جي وطن ڏي ورياسون،

”فَسَجَدوآ“ صحيح ڪر سُهڻي ڳالهه ساري.

”پنيل“ پار پنهنجو صفا جي سڃاڻين،

ته ازخود اکين کان اهو آب آڻين،

جتان جان کي ٿي تجلي تياري.

ڪافي 2 (سرائڪي)

مظھر ذاتي ٿياسين ظهور، ناز نفي ڪجهه ڪام نه آيا.

انحد عشق اشارا آندا، سڀ سنسار هليا هيڪاندا،

آک ”اناالحق“ پاتس ڦاندا، هر مظھر وچ هوا مشهور،

هر هردي وچ هردم آيا.

ڪٿ آ رني ڪٿ ايمن آوي ڪٿ تجّلي طور جلاوي،

ڪٿ برده بازار وڪاوي ڪٿ قرباني من منظور،

ڪٿ برده پڌري دا پايا.

من مظھر تان منصب پاوين وچ ذاتي دي ذات سڏاوين،

عبد دي اولي مول نه اوين صاف ”سري“ دا شان شھور،

رک ڪي رمز رندي رنگ لايا.

”ونحن“ هر رنگ دي وچ ريخان ڪام ڪرون ڪين تو ول ويکان،

جَڙيان من محبت وچ ميخان هوا هردم حال حضور،

ماضي مستبقل دي مايا.

”پنيل“ پري هڪ پل نا ٿيوين تان تڪرار جڳان جڳ جڳ جيوين،

هٿون جام علي دي پيوين اهين سڪرت وچ صاف سحور،

عين اکين سر سمجهه سھايا.

 

 

ڪافي 3

عين ٿيڙا اشڪبار، ساهه سدا سڄڻن کي ساري.

جيءُ جدائيءَ ۾ جلي منهنجو بدن ٿيو بيقرار،

ساعت هڪڙي صبر ناهي عشق تنهنجي ڪيو آزار،

واءِ ! ڪيئن ويٺين وساري.

قرب اچي ڪانڌي ٿيو ۽ سِڪ جنازي جو سينگار،

چار تڪبيرون چئي محبت منهنجي ٿي مزار،

اڄ نه ڪو توريءَ اٿاري.

ڇڏ رسا مون رنج م ڪر پلپل ”پنيل“ کي ڏي پيار،

جلد ڪر جمھور جاني ناز پرور نيڻ ٺار،

شُڪر ڪيو شادان گذاري.

 

 

ڪافي 4

ياد ڪر يوم القيام، شُڪر ڪر سيّد کي ساري.

جڏهن الستي ٻول هئا هر هر ٿي ڪيڙيءَ هل هنگام،

ڪيئن وساري ويھي رهيون عاشق جي ڪيا هُيئي هت انجام،

ڏي پيارل کي سي پاري.

”فاڪر ڪروا“ جي فيض جي البت ملي آن کي انعام،

”فَاد خُلُوۡا جَنّات تَجري“ مھر مئون آن جو مقام،

ويٺين ڪيئن وحدت وساري.

سرّ سرّي تنهنجي ڪارڻ آهي صحيح صادق ڪلام،

عليءَ کي استاد وٺجئين جُنگ پياري ڪوثر جو جام،

ناز پرور ننگ پاري.

اي صبا ساري ڏجئين ”پنيل“ جا پرين کي پيغام،

”ماريه“ ۾ ماڳ ڏي حامي ٿي يا حضرت امام،

پڳ لڳو توکي پڪار.

ڪافي 5

عشق اصل کنئون اڙانگو، پرت جو پنڌ پري ٿيو.

ملهه ته ملندءِ ڪينڪي، سر ڏني لاهه سانگو.

سڌڙيا ٻڏن ٿا ٻارَ ۾، طلب وارن کي اهي تانگهو.

هن دنياجي دور سان، دل رکڻ آهي منهن دانگو.

گم ٿي ”غلام النبي“، نا ته سڏيندءِ نڀاڳو.

ڪافي6 (سرائڪي)

رانجهو يار نال رمزان رليان.

هاتف مزده ڏني هي مئنون، پا جهولي مئن جهليان.

مجلسئون مرشد پير مغان، برهه براتان مليان،

”غلام النبي هڻ سرّي ديان، ساکان ڪنهن نه سليان.

 

ڪافي 7 (سرائڪي)

مئنون لڳرا قرب ڪلوري.

روح رباب طلب ديان تاران، تن بنياهئي طنبوري.

بتُ ”بلاول“ آڱر ”آسا“، قلب ”ڪليان“ ڪسوري.

بن سڄڻ ڪي سيجهه نه ڀانوين، سمھڻ ٿيا هڻ سوري.

باهه برهه دي ڀڙڪا لايا، خوشي ٿي هڻ گهوري.

بس ”غلام النبي“ ڪر گفتا، پرت نه ٿيسي پوري.

 

ڪافي8

جيڏيون هن حال جي ڪريو تدبير،

آءُ سُتي منهنجو ساجن ويڙو، ڪا ته پيم تقصير،

يا ته مون کي پنهنجو يار ملايو، يا ته وجهو تڪبير.

آءُ اوهان وٽ عاجز آهيان، دوست بنان دلگير.

باهه برهه جي اندر ڀڙڪي، سڙي ويو ساهه سرير.

پرت ”پنيل“ کي پڌر پايو، جئن سو بدر منير.

ڪافي 9

مون کي هوت ملي هيڪار، دعا ڪرپوڙي جيڏيون.

شھر نحر وو پٽيون، ووڙينديس وڻڪار.

مون تان ائين نه ڀانئيو، جت آهن جهونهجار.

آهي اميد الله ۾، دم نه ٿيان هڪ ڌار.

”پنيل“ جي به پريت جي ميان، پريتڻين منجهه پچار.

ڪافي 10 (سرائڪي)

مڪتب دي وچ محبت والي، سبق سوراندا سِک رهيان.

پرت پياري نال رلايم،

هر هردي وچ هُل مچايم،

عشق دي ابدي پرت پڪايم،

دفتر درد دي لک رهيان.

خويش قبلا چا جنگ جوڙي،

ماءُ پيءُ مارن مئن ڏنگي ڏوڙي،

مول نه موڙسان مردي توڙي،

وچ رانجهن دي هڪ رهيا.

چاڪ دي  چولي روز ازل دي،

پِرتئون پاتم کيڙي کلدي،

سرتين سھيليان پلپل دي،

پڪي پريم دي مئن پڪ رهيان.

پئي ”پنيل“ وچ پھر گذاري پھلي،

”نون“ طي يا“ ڪِ ”تون“ ڳالھين ڳھلي،

رل راول دي رمزان رهلي،

”لام“ دي مئن لڪ رهيان.

ڪافي 11 (سرائڪي)

ڇاکون ڇڏي وئين پريدس پيارا، آءُ اسان ڏي ويڙهي.

مئن تساڏي تون هڻ ميڏا، ڪيا ڪرسين کيڙي.

دم هڪ دلبر دور نه ٿيوين، رهه نماڻي ڪون نيڙي.

دعا ڪرڳو آهين درد منديون، مولا ماهي ميڙي.

ڇڏ رسامان پرچ ”پنيل“ سان، ڪر نه اجائي جهيڙي،

 

ڪافي 12(سرائڪي)

چئن نيڻان دي دن رين ڏونهين،

آءُ ميان رانجهان اڱڻ اسان ڏي.

جڏهان هردي وچ درڪ ڪتوسي،

”غين“ دا نقطه غرق ڪتوسي،

عشق دکائي عين ڏونهين.

”الانسان سرّي“ دا اشارا،

راز رمزون صحيح ڪر سارا،

درڪف هئا دارين ڏونهين.

عين احديت واحد ڄاڻي،

ڇوڙ نفي تان اثبات سڃاڻي،

حال همه حرفين ڏونھين.

’”ڪنت ڪفر“ دا هئي عشق عرابه،

هئي هڪ ڪوثر هڪ هئي ڪعبه،

بام حقابه دين ڏونهن.

”پنيل“ پرت دا پنڌ پڇاوي،

يثرب والا يار ملاوي،

حامي ڪر حسنين ڏونهين.

 

ڪافي13

اي جڳ ساراهي سور، ٻاجهون عشق الله دي

پڪڙيم پريت  دا پور،

ڇوڙيم الھه تلھه دي،

هُن آ ڪيتا عشق اشارا.

ماريم ”اناالحق“ دا نعرا،

بدن هئا ڀرپور،

تل نينهن طاق تلھه دي.

جنهن ڏينهن اسان نون نينهن نکيڙيا،

ماءُ لايا جند دا جهيڙا،

جهوڪ وڃڻ ٿيا ضرور،

ڪجهه ڪجهه ٻي، ٻي ڪھدي،

”غلام نبي“ وچ غير نه ڪوئي،

صاف سّري دا سرّ سڀوئي،

حاصل روز حضور،

ٽل ڳئي شرڪ شبھه دي.

ڪافي 14 (فارسي ۽ سنڌي)

جاني جدا از من مسو، بھر همان من ناتوان.

درد دل جي کان لڇا، سوين سور ساجن لئي سھان،

هي حال ٻئي ڪنهن کان چوان، از چشم من آبِ روان.

سرتيون سڀيئي ٿيون ٻڌو، هي حال منهنجو هيئن ٿيو،

ڄڻ روح قالب مان ويو، بھر از فراق دوستان.

آءُ قرب ڪيچن جي ڪئي، مهڻا نه ڏيو مون کي مُٺي،

ويندي تئين ڪيچين پُٺي، رفته ڪجا آن ساريان.

ڪانگو ٿو ڪالھو ڪر لنوي، پيغام پرين جو چوي،

پرتو ”پنيل“ کي ٿو پوي، ڪن آمدن پير مغان.

 

ڪافي 15

پهچ يا پير پروش ڪر سگهو سردار صمداني.

توکي ساري سدا جندرو، منگي ٿو مهر هي منڊڙو،

طلب طالب آهي سنڌڙو، رحم تنهنجو آهه رحماني.

عنايت تنهنجي آهي اعليٰ، آهيان آءُ زير ڪر بالا،

مھر تنهنجي مھر مولا، فڪر جا فند ڪر فاني.

گهران تنهنجي صحبت سائين، جڙيم محبت جي من مانئين،

رسن شل سوال تو تائين، گهوريم سر ساهه جند جاني.

”پنيل“ پالڳ تنهنجوپازي، تنهن جو تون روح ڪر راضي،

نشو ڏي، نينهن جو نازي تنهنجب حب لئي آهه حيراني.

ڪافي 16

سڄڻ ڪيو ناگاهه نظر، اکيون وهن نارا نديون،

هو اکيون حاڪم هنن جون، هي اکيون هن جيون بنديون.

هي سڪن هن لئي هميشھ، هر لحظه ڪيو يار ياد،

هن کي شڪرانو ۽ ساباس، هو نه ڄاڻان ڪيئن ڪنديون.

حسن سان همذات ٿيون، حلوت ڏسي ڪيائون جان نثار،

سي پسڻ ڌارن نه پرچن، جي ڏکن آهن ڏڌيون.

سڪ جي سوزش سرخ ڪيون، ابرو اُتم ٿيون آبدار،

سي وسن ”لوهو“ جيون نھرون، برهه جي بادل ٻنڌيون.

”پنيل“ رهه پابوس جانا، روز ازل کان تا شمار،

محب توکي معافي ڏيندو، ميٽي مر مرشد منديون.

ڪافي 17

من تي ٻاري مچ، هاڙي مئيءَ جي هوت ويو

وير مَ پئين ورهه جي، آءُ  ڀانيا ٿي اڄ.

ڪميڻي جي ڪوڪ تي، امين محمد“ اچ.

توري ڪريان ڪنهن سان، ڳالھيون اندر ڳچ،

ڇو ٻڌائين ٻين کي، تون پر ۾ ”پنيل“ پيو پچ.

 

ڪافي 18

 

جيڪي محنت ساڻ مليم، ڙي اديون،

سو عام کون اَلبو.

ذرو ٿو طاهر ڪريان، اهو عشق اٿم ڙي اديون

صاف نا سلبو.

وندر جي وڻڪار ۾، پرين پير لڌم ري اديون،

سو منهن سان ملبو.

خط ڏيان ڪونهي خابرو، ڏک ريءَ ڪونه ڏٺم ڙي اديون،

غم کي گهلبو.

جيڪو سبق سڄڻ ڏنم، ڙي اديون، سو پرتون پڙهبو.

اول عروج نزول جو ميان، ساري سبق سکيم ڙي اديون،

دم سان ڌربو.

”الانسان“ جي اوج ۾، مرشد من مڙهيم ري اديون،

لھه ٻئي نا لڙبو.

”پنيل“ پير مغان جي، جلوي جوش جڙيم ڙي اديون،

سڪ ۾ سڙبو.

ڪافي 19

وساري ڪيئن ويهي رهان منهنجو آجهو آرياڻي،

هاڙهي هيڪلڙي سان ٿيندو  سڏ مٿي ساڻي.

ڇڏي ويا چپر ۾ مون کي ڄاڻي سڃاڻي،

هاڙهي ٿينديس هوت لئي آءُ جيجل جوڳياڻي.

سرتيون ڏئي سور جي مون کي هوتن همياڻي،

ڪڏهن ڪندو ڪين ڪي مون سان پنهل پڄاڻي.

سندءِ پيئي سڌجان توڙي ڪوجهي جي ڪاڻي،

ماڻهن ۾ مشهور ٿي وڃي وندر واڃاڻي.

”پنيل“ چوي ڪيچ ۾ وڃي عاجز وڪاڻي.

”موتوا قبل موت“ سان وڃي رلي ٿي راڻي.

 

ڪافي 20

هاڙهي رسن هوت کي منهنجي درد جون دانھون،

سرتيون سڻي سڏڙا من اچن اوراهون.

هئين نه چڏجن هيڪليون پنهنجيون پاروچا ٻانهيون،

لوئي نه ڇڏ لڄ سنڀالج اچج آڳاهون.

واڪا ڪري وڏيون ڏنيم وندر ۾ واهون،

ڪيچين شال قبول ڪيون هن عاجز جو آهون.

ڪوڙئين ڪيم ڪوڪرا رند وٺ راهون،

ڪيچين پٺيءَ ڪيتريون ڪيون ڪميڻيءَ ڪاهون.

”وَفِي انفُسِڪُم“ ناهي پنھل پراهون،

”پنيل“ پير مغان ڏنيون اهي سھڻيون صلاحون.

ڪافي21

ڪداڪيون ڪيچيئڙن سان منهنجو لکئي جون لائون.

اڇڻ لاءِ عجيب جي ڪيم سھسين سکائون.

ڇڏي ويا ڇري ۾، منهنجي ڪل نه ڪيائون،

مُٺيءَ جي ملڻ لئه، نڪو ماڻھو مڪائون.

ميس مليس ڪينڪي، اديون ڙي آئون،

وندر جي وڻن ۾، منهنجو لوڙهه نه لَٽيائون.

ڪوڙيئين ڪيم ڪيچ جون، مون ”پنيل“ پڇائون.

ور جي وصال لاءِ، نيٺ ڇو نه ڇڏيائون.

 

ڪافي 22

ڪانگل قريبن کي ڏج نيئي نياپو،

هيڻي ڇڏيئي حَب ۾، مري بنان تون.

سرتين کي ساڻيهه ۾، آهي لکين لاڳاپو،

اسان امڙ ابو  ڇڏي، ڪيو اوهان سان علاقو.

رڙي رَڙي روڄ ڪيو، هُوءَ ٿي چڙهي چڙهاڪو،

ڪڏهن ڏٺو ڪونه، جنهن ڏونگر جو هئو فڪر ٻيو فاقو،

ڪميڻيءَ جي ڪھلپ تي، من ڪيچئون اچي ڪو.

”پنيل“ وڏو پَٻَ ۾، آهي هوتن جو هاڪو،

”واحد خَلوا في الارض“ ٿيا، وجهي لالڻ لياڪو.

ڪافي 23

سور سڻايان شال ويڙهيچن کي ويهي.

کوءِ تنهنجو ماڙيون، بنگلا ويچاريءَ نا وڻن،

جيرا جگر بڪيون، سانگيئڙن لئه سڙن،

دوزخ آهي دل کي، پلڪ پري جا پيئي.

ڳالھين ڳاري آهيا، چاڪن ڪيس چري،

عمر اباڻن ڌاران، وينديس ماڳ مري،

جيڪي گوندر گذريا، ڳالھه ڪريان تن ڪيهي.

سومرا سرتين جي، مون کي سڪ آهي سدا،

اٿم اميد اها، ميڙيندوم خدا،

موٽي ماڳ ملان، تن پکڙن ۾ پيهي.

”پنيل“ نصيب ٿئي سانگيئڙن جي صحبت،

وير نه ڪنهن ٿي وسري، ماروئڙن جي محبت،

تنهن صحبت لئي سڪندي، عمر وڃايم ويهي.

ڪافي 24

راڻا آءُ نه ڄاڻا، رُٺين ڪھڙي ڏوهه ڏمر.

سوڊل آهين سڀ کئون سھڻو، ٻيا سڀ ڪوجها آهن ڪاڻا.

تون سڀ کان سڌر.

وڻ ته ويچارا ڪاڪ ڪنڌين جا، تو ريءَ ڪوئز ڪُو ماڻا،

سڪا اچي ساوا سي ڪر.

هيڏا ماڻا ڪر نه مئي سان، اسين تنهنجي در وڪانا.

خوف خدا جو ڪر تون ڪر.

پرتان ”پنيل“ چئي نه مومل ماڻيئي، ٽڪر ٿيا سي ٽڪاڻا.

پرين تن کي پنهنجو اچي ڪر.

 

ضميمو 5

امين سائين جي عصر جي سلسلي ۾ جيڪي ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن، تن جي لسٽ حسب ذيل ڏجي ٿي:

1. سنڌ جي ادبي تاريخ حصهء اول     مرحوم خانبهادر

محمد صدرق ميمڻ

2. === حصهء دوم                                       =

3. تذڪره لطفي حصهء اول            محترم لطف الله بدوي

4. = حصهء دوم                       =

5. = حصهء سوم                      =

6. ياد رفتگان                 قبله مخدوم محمّد زمان

طالب الموليٰ

7. تذڪره شعراء سنڌ

(اردو)          

مرحوم فقير هدايت علي

نجفي

8. ڪليات خادم 

محترم لطف الله بدوي

9. تذڪره شعراء ٽکڙ   اسدالله شاهه ٽکڙائي

10. ”مھراڻ“ ٽماهي (سونج نمبر ــ مرتب: ڊاڪٽر بلوچ)

سنڌ ادبي بورڊ

11. الوحيد                                                       سنڌ آزاد نمبر اداره الوحيد

12. ڪلام حسن بخش شاهه                      محترم شاهنواز شاهه ڍ

                                        عارف الموليٰ

13. ٻڍل فقير           انندارام طوطلداس راجائي

14. ريلائي پير                 محترم علي محمد سيال

15. رساله سرمست            مرزا علي قلي بيگ

16. سچل سرمست            آغا صوفي شڪارپوري

17. رسالو سچل سرمست      مرحوم عثمان علي انصاري

18. رساله ڪريمي              مرحوم مرزا قليچ بيگ

19. رساله ڪريمي             مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو

20. ڪليات گدا               محترم رشيد احمد لاشاري

21. ديوان فاضل                محترم محمد صديق مسافر

22. ديوان سانگي جلد اول    مرحوم مير سانگي

23. = جلد دوم                =     =

24. ڪلام صوفي قلمي      مرحوم محمد ابرهيم ڀٽي

                                                                                         صوفي

25. ڪافين جو ڪتاب         مرحوم سيد فاضل شاهه

26. ===                      پوڪرداس (پبلشر) شڪارپور

27. ===                      شولداس ٿانور داس

28. سُرها گل           مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو

29. چونڊ گل                  شاهاڻي پريس ڪراچي

30. تڪملهء مقالات ــ (فارسي)  مرحوم محمد ابراهيم

31. لوراريءَ جا لال            سرڳوامي ڊاڪٽر گربخشاڻي

32. ديوان قادري              مرحوم علي محمد قادري

33. الفارقھ بين اهل

الله و بين المارقھ               پير رشدالله صاحب العلم

34. اسم شريف بيعت نامو            =

سنڌي

35. قي رد هدا آخر ظهر              =

36. ”نئين زندگيءَ“ ماهنامو  مولانا عبدالواحد سنڌي

نومبر 1959ع

سنڌ جو سنيگار               محترم عبدالڪريم سنديلو

لاڙڪاڻي جو تواريخي          =

۽ ثقافتي احوال قلمي

39. پنهنجون پچارون         فقير ملهار خاصقيلي

40. تاريخ پير پاڳار           فقير رحمت الله

41. ”فردوس“ (ماهوار رسالو)  ايڊيٽر: سليم هالائي

جولائي 1956ع

42. ”فردوس“ (1953ع)       مخدوم نوح نمبر

43. رسالو اشرف شاهه         مرحوم سيد اشرف شاهه

                                                         ڪاماري وارو

44. ديوان بيدل                 محترم عبداالحسين شاهه

                                                               موسوي

45. بيدل جو سنڌي ڪلام  محترم بولچند راجپال

46. سائين قطب شاهه        پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه

47. ديوان گل          قاضي عبدالغفور هالائي

48. منطوق محمدي          مرحوم محمد کٽياڻ

49. ڪليات حمل             ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

50. ديوان آسو                 صوفي آسورام

51. ديوان قاسم               مرحوم مرزا قليچ بيگ

52. يوسف ــ زليخان سنڌي  مرحوم مرتضائي ٺٽوي

53. سڪندر نامه سنڌي               =

54. شاهنامه سنڌي                    =

55. ڪليات علوي             مرحوم سيد علي نوز علوي

56. ديوان مفتون               مرحوم مولانا عبالغفور

                                                         ”مفتون“ ھمايوني

57. ڪلام رکيل شاهه        مرحوم پير بخش ڀٽو

58. گل خندان (لطف الله آخوند)  مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽو

59. ارمغمان حامد             مرحوم حافظ حامد ٽکڙائي

60. مجموعه مولود شريف     پوڪرداس شڪارپور

61. ديوان رمضان واڍو (قلمي)   فقير رمضان واڍو

62. خطبات عثماني          مرحوم مولوي محمد عثمان

                                                           نورنگ زاده، کور واهي

63. منهاج العاشقين          مرحوم مولوي غلام محمّد

                                                                         خانزائي

64. سڪندر نامه سنڌي      ايضاً

65. يوسف زليخان سنڌي     مرحوم مولانا تاج محمد

                                                                       صاحب امروني

66. الھام الرحسن (ترجمه قرآن شريف)   ايضاً

67. مسدس اٻوجهو           مرحوم مولوي الله بخش

                                                            اٻوجهو

68. مفتاح رشدالله (تفسير قرآن ڪريم)

69. توحيد نامه                مرحوم پير رشدالدين

70. ديوان قليچ                مرحوم مرزا قليچ بيگ

71. پرشين پوئٽس آف سنڌ (انگريزي) ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي

72. عمر مارئي، ويھين صديءَ جا خطبا شاهه محمد ديدر

73. يوسف زليخان               حاجي خانڻ

74. سيف الملوڪ              ايضاً

75. جنگنامو                            ايضاً

76. انسائيڪلو پيڊيا آف پرسانيجز

          آف پاڪستان، لاهور

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org