سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :3

 

جاگرافيائي ماحول

هاڻي اچون  ٿا هن راهه واري تڪيي جي جاگرافيائي احوال تي: اهي لانڍيون يا تڪيو راهه واري ڀٽ تي واقع آهي ۽ جمڙائو واهه جي راهه واري بنگلي جي اڀرندي طرف ميل کن پنڌ تي آهي؛ رئيس ڦوٽل خان ڀرڳڙيءَ جي ڳوٺ کان ساڍا ٽي ميل کن اتر طرف ۽ ڄام ڏاتار جي مقبري کان ساڍا ٽي ڪوهه کن اوڀر طرف آهي، هي مقامي تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ آهي، ڀٽ، جنهن تي تڪيو يا لانڍيون ٺهيل آهن، سا ويهه پُرهه کن مٿي آهي، سڄي ڀٽ اتر کان ڏکڻ، ٻن – ٽن بلاڪن جي منڍي ۾ آهي. ايڪڙ کن ۾ زمين سنواريل آهي. ٻه ڪِڙ ٺهيل آهن ۽ هڪ اوتارو پهريون ڪِڙ اوڀرائون منهن، سائين پکن ڌڻيءَ وارو آهي، جو ڇپرائين ڪکن جو ٺهيل آهي. ٻيو وري طالب المولى جي ارشاد تي فقير محمّد صادق (گلو فقير جي ڀائٽي جي پٽ ٺهرايو، ان جو به اوڀرائون منهن آهي، هيٺ به ٻه اوتارا ٺهيل آهن، جي آءِ وئي لاءِ ٺهرايل آهن، ڀٽ جي اولهه طرف کان ڍنڍ ۾ ڦري ڏکڻ تائين وڪڙيل آهي. اوڀر طرف کان اچ وڃ ٿئي ٿي، ڍنڍ ۾ اونهاري ۾ پاڻي گهٽ ۽ سياري ۾ گهڻو آهي. گلو فقير ڏاهري اترادي اصل ويٺل ڳوٺ ابن شاهه ڪوٽڏيجي خيرپور رياست، ستن پيڙهين کان وٺي، سرور سائين جي ٽوڙ ۾ داخل هئا، اتان لڏي اچي راهه واري تي ويٺا، هڪ دفعي گلو فقير جي دعوت تي سائين امين جن آيا، هي سمو جمڙائوءَ جي گسن کان اڳ جو هو، هر هنڌ ويراني ۽ عير آبادي لڳي پئي هئي، هڪ ڏينهن مانجهاندو ڪري. گلو فقير کي موجوده لانڌين واري جاءِ تي وٺي آيا ۽ لڪڻ سان ليڪو ڪڍي گلو فقير کي چيائون ته ”هن جڳهه تي لانڌي ٺهرائجانءِ هي اسان جي ڪچهريءَ جو هنڌ ٿيندو“ هن فقير حسب الحڪم لانڍي ٺهرائي، ان جي هميشه خدمت ڪندو رهيو. ان جي  وفات کانپوءِ، سندس مائي ڀائٽي، صفائي وغيره ڪندي هئي، ان بعد دائم فقير ڏاهري ويٺل ٽنڊو الهيار، ”گل سائين“ حضرت مخدوم غلام محمد رحه جن جي اجازت سان ڪم ڪار سنڀاليندو رهيو، هاڻي يوسف ڏاهري خدمت ڪندو رهي ٿو.

 

 

 

 

گلو فقير جو شجرو

گلو فقير ڏاهري جو شجرو هي آهي.

 

جهنڊو فقير

ڪرامتون

ڪيتريون ڪرامتون ان خطي جون مشهور آهن، ”امين سائين“ جي متعلق مشهور آهي ته سندن ئي دعا سان ملڪ ۾ رنگ لڳي ويا. ان باري ۾ رمضان فقير ماڇيءَ ۽ حڪيم ڏاهري جا بيت ملن ٿا. هڪ ڀيري راهه واريءَ لانڍيءَ هنڌ سائين پکن ڌڻي فقير رمضان کي چيوته ”فقير! ملڪ وَسي ته سُٺو!“ فقير جواب ڏنو ته ”سائين! تنهنجي دعا سان وَسندو.“ ٻئي ڪنهن درويش ڪارو سمير نزديڪ اسٽيسن لنڊو تعلقي شهدادپور  جي ڪلراٺي حالت ڏسي چيو ته:

”ڪلري نه ٿيندو ڪماند، سمير نه ٿيندو ساري

هڙئي هاري ڏاند، هليا ويندا ملڪ مان.“

سائين پکن ڌڻي دعائيه جواب ڏنو:

”ڪلري ٿيندو ڪماند، سمير ٿيندي ساري،

هاري ناري، ڏاند وري ايندا وطن تي“

خدا جو شان، هن ڪاري ڪلراٺي ملڪ ۾ ڪماند ۽ سارين جي سرسبزي لڳي ويئي.

”جمڙائو واهه“ ۽ ”سدا واهه“

جمڙائو واهه سائين پرو ڄام جي تولد يعني 1864ع ڌاري کوٽايو ويو ٿو ڀائنجي، جيئن رمضان فقير ماڇي جي هيٺين بيت مان ظاهر آهي:

ڀڳي ٻنڌ اروڙو جي ٿيو نارو(1) نروار،

اِبو پير کان اٿلي، ڪيائين ڳچري ۾ گارو،

پوءِ جڏهن ڄام پرو ڄائو، تڏهن دمڙيءَ ۾ درياهه ٿيا.

”سدا واهه“ بابت هيٺيان بيت رمضان چيا آهن.

زميندار زمين تي آهي، ڏهرياڻي ڏاتار،

جنهن آندو واءُ وطن تي ڪري نَوَ لکي (2) مان نروار،

گوڙ ڪيائين ”گجراه“ * تي ، ڪيائين ”ڪاجهري“ مٿي ڪاهه،

”بڇيري“ * برساتون ٿيون، ٿي ”نياٿياڻي“ * به نڌان،

جهوڙ ڪيائين ”جهپ“ * تي، ڪيائين ”ڪنڊيءَ“ * مٿي ڪاهه،

موسمي موڪون لڳيون، ٿيو ”سُهيلي“ * سان سهاڳ،

رکيائين کاهه ”کرڙيءَ“ * سان، ڪيائين ”وانڍ“ * سان به وڌاءُ

مڙيئي ملڪ وسي پيو، ڀريو ”ڀاناڻو“ * ڀرپور.

 

”کونجاڻ“ تي ”کريون“ ٿيون، جتي ٿيو آهه، سارين جو به ضرور،

”گهٽڙن“ مان گهٽي ڪري، ڪيائين ”ڪٻن“ مٿي ڪاهه،

پوءِ سهجا تنهن شاهپور سان، ڪيو سرور پير سهاڳ،

پوءِ ٿيا ”ڪونهيري“ * ۾ ڪاڄ، جنعن ۾ ”امين محمّد“ آئيو.

حڪيم ڏاهري جا ٻه بيت مثال طور ڏجن ٿا، جي سندس ڀائٽيي صادق فقير کان مليا آهن.

(1)

اُٺيون مهرون ملڪ تي، ڪيا سرور پير سڪار،

مٽيءَ جهڙي مارُن جا، هئا وڻن سان واپار،

وڍيو سٽيو سويو آڻين، سڱر ڏارون ڏار،

سي سانگهي سرور شاهه کي، ڏيکارئين ڏاتار،

ڌڻي ڪرنه ڌار، تن کون حضرت پير ”حڪيم“ کي،

اُٺيو مهرو ملڪ تي، واليءَ ڪئي وراڻ،

مارن سندي مال سان، آهي راتيو ڏينهون رهاڻ،

جهانگي هليا جهنگ ڏي، تن رهِي نه تَنَ جي تاڻ،

رازق روز اسانهجو، اسان ڏي اماڻ،

حڪم بالا ”حڪيم“ چئي، اسان کي ڪنهن جي ناهي ڪاڻ،

الله اهي آڻ، آهي رمز جن سان روح جي،

 

راهونڊ لاءِ، ٻين شاعرن جا تاثرات

ان رياضت واري راهونڊ لاءِ ڪيترن طالبن ۽ معتقدن، رمز وارين رهاڻين جو ذڪر برهه وارن بتين ذريعي ڪيو آهي، جن مان ڪي قارئين ڪرام جي حظ خاطر هيٺ ڏجن ٿا:

 

سيد حيدر شاهه اجناڻي

(1)

رمين هل راهونڊ  ۾، جت گهوٽ ڏنو گهيرو،

جنت مڙئي جاءِ ٿي، جت پير ڀريو پيرو،

دين سندو ديرو، ”امين محمد“ آباد ڪيو.

(2)

رمين هل راهونڊ ۾ جت جوڳين سندي جوءِ

جتان عطر عنبير جي، اچي ٿي خوشبوءِ

وڃي روبروءِ، ”حيدر“ پس پرين کي

آخوند الله بخش انصاري

(1)

اڃا ڏسڻ جيون بکون، اکين کي آيون،

رڙهي ڏس راهونڊ ۾، جانب جيون جايون،

تنهن ورنهه جون وايون، ٿيو سمر ساريندن کي،

(2)

ڇڏي هنڌ حويليون، پکي ويٺو پير،

ٿيو هوت هلال مان، برحق بدر منير،

”امين محمّد“ امير، بيشڪ عشق جو ٿيو.

سيد فاضل شاهه حيدرآباد

(1)

آديسي ارداس ۾، آچر ڏينهن آهين،

سامين سڱريون سور جون، سهسين سيبائين،

اوري ٿي اثبات کي، ”لا“ لاهوتي لاهين،

”مَن’ عَرَفَ نَفسَھ فَقد عَرَفَ ربّھ“ ٺاهه اهو ٺاهين،

رمزون ريجهه رهاڻ سنديون، راهونڊي راهين،

واري ۾ واهين ”فاضل“ بحر فنا جو

قاضي يار محمّد هالا پراڻا

(1)

رڙهي هل راهونڊ ڏي، مٿو پير ڪري،

ويهج واريءَ ۾، ته توکي سون سري،

پرج ڪيم پري، ته اتي الک ماڻئين.

(2)

رڙهج تون راهونڊ ڏي، پاسي ڀر پئي،

لاَ خَوف عَلَيهِم وَلاهُم يَحَزنُونَ“ سڻج اي صحي

ڪانهي تن پئي، رهن جي راهونڊ ۾.

 

 

 

قبله طالب المولى

(1)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته جنت جاءِ مَ گهُر،

وجهي رک وجود ۾، پلپل پِرَ ڏي پُرُ،

حب ۾ ٿجئن حرّ ”طالب المولى“ مرد ٿي.

(2)

رات رهي راهونڊ ۾، ڪئيسون روح رهاڻ،

ويــراڳــي ورونــهــن لاءِ ڀــري آيــا پــاڻ،

سوا سوز فراق جي ڪڍيئون نه ڪنهن جي ڪاڻ،

الله اهي آڻ، واريءَ واري وطن ۾،

(3)

وري منهنجي وطن ۾، سي آديسي اچن،

رنگ لڳي راهونڊ ۾ ته محبت مچ مچن،

”طالب المولى“ مرد سي، ڏسي نيڻ ٺرن،

واحد! شال ورن پانهون پرديسي پرين.

محبت جا ميلا، رات هئا، راهونڊ ۾،

پسي رمزون رندن جون، روح ڏنا ريلا،

وهائيون ويراڳ ۾، وهواه سڀ ويلا،

اچن البيلا، وري منهنجي وطن ۾.

(5)

ويراڳن جي ورونهن کي، ساهه سندم ساري،

واحد! وٽم شل اچن، واڳڙون واري،

ويا گوندر گذاري، رات رهي راهونڊ ۾.

(27 نومبر 1955ع، پکا شريف(راهونڊ) هالا)

 

 

حسين بخش ”خادم“ جو تاثر، ڪافي ذريعي معلوم ڪريو:

(سر ڌنا سري ڪلواڙو)

هميشه سي حيات، جوڳي رڳي جوءِ مٽائين،

مرڻا اڳ جي مئا، سي ڪيئن مرندا، مرد نه آهن ممات؛

”قَالُوابَلى“ جو ٿا قرب ڪمائين؛

پاڻ وڃائي پرين کي پسن ٿا حق ڏسي حسنات؛

قرب ۾ هو ٿا ڪنڌڙو ڪپائين.

راتو ڏينهان آهين روح ۾، تن جي وحدت وائي وات

رمز رنديءَ جي راند رچائين.

هردم مون کي تن جي آهي، طلب اندر ۾ تات

قرب ڪري مَنَ پاڻ پسائين.

”لاَاِلــٰھَ“ وارا لانگها لنگهي سڀ الله ڪن اثبات؛

حال حقيقيءَ جو هُل ٿا مچائين.

”خادم“ هر دم حب سان رهجي، راهونڊن وٽ رات؛

پاڻ ڀلا ٿا ڀال ڀلائين.

(27 جنوري 1955ع، پکا)

 

 

 

شهباز علي ”ملازم“: هن يار جا راهونڊ بابت ٻول ٻڌو:

(1)

رهي ڏس راهونڊ ۾، حب مان هڪڙي رات،

وارياسي وٿاڻ تي، ٿي برهه وسي برسات،

دونهان درد فراق جا، جاڳائن جذبات

حقيقي حالات آهي پکن منجهه پيار جي.

(2)

ماڻيئون مري جيئڻ سان مزا محبوبي،

حاصل ڪيئون حق کان اعلى اسلوبي،

صاف ڪيائون صفت ۾، ثابت مطلوبي،

خاص اها خوبي، آهي ”ملازم“ مردن جي.

(3)

جيئڻ جڳائي تن کي، جي جيئڻ منجهه مئا،

مري هن جهان ۾، جوڳي جنگ جيئا،

آخر لڪا ڪين ڪي، پڌرا سي ٿي پيا،

”ملازم“ ٿيا، اهي نشانبر ناسوت ۾.

مولف جا ٻه بيت: هڪ دفعي قبله ”طالب المولى“ سائين سان گڏ، هي ناچيز مؤلف به، 26 ڊسمبر 1955ع تي، راهونڊ جي رمز واريءَ رات جو روحاني لطف حاصل ڪري آيو آهي. منهنجا تاثرات هيٺيان ٻه بيت آهن:

 

 

 

(1)

ٿي گڏجاڻي رندن جي، راهونڊ مٿي رات،

ادا ڪري نه سگهبي، تنهن رات جي ڪا بات،

جتي ”تونهين تون، جي تات، تتي رند به رمزن ۾ رهيا.

(2)

رند به رمزن ۾ رهيا، پسي رنداڻي  رات

”فَاذ ڪُرُوانِي اَذ ڪُر ڪُم“ جي، هر ڪنهين هئي تات،

محويت اسغراق ڪري، رندن چپ چپات

قربن سندي ڪات، قريبن کي خم ڪيو.

محمّد بلاول ”پرديسي“ جو به ان رات اسان جوساٿي هو، پنهنجا تاثرات ڪافيءَ ذريعي، هن طرح بيان ڪيا آهن:

تن ۾ سفر جي تات آهيون اسين پرديسي.

ڪڏهن ڪريون ڀٽ شاهه ۾ ڀيرا، ڪڏهين راهونڊ ۾ رات،

محبت وارا ماڻهو موهيون، ڪري لطيفي لات،

رندن وارا راز ٿا ڄاڻون، ڏاتر ڏنيسون ڏات.

حسين بخش ”خادم“ به ان رنداڻي رات کي اهڙي طرح ياد ڪيو آهي:-

رات رندن راهونڊ ۾، روحي ڪئي رهاڻ،

ڄاڻن لڌو ڄاڻ، حقيقي حال جو.

رات رندن راهونڊ ۾، حقيقي ڪيو حال،

ڪوڙا ڀانئن قال، سڄن لاءِ سوجهرو.

رات رندن راهونڊ ۾، برهه جي ڪئي بات،

”فَاذ ڪُرُوانِي اَذڪُر ڪُم“ جي وائي هين وات،

رندن جي رسمات، نئون ڪيو نينهن کي،

سرهو سانگ ٿيو، رندن جي رهاڻ جو،

سڄو ساٿ سروري، لنگهي پار پيو،

سبق هي سڄڻ وٽان، هر هڪ آهه مليو،

مچي مرد ٿيو محبت جي ميدان ۾.

پکن ڌڻيءَ پر ڪيو، ”خادم سندو خيال،

ڪڍي ڇڏيائين قلب مان، ڪوڙائي جو قال،

هاريءَ وٽان حالو، حقيقي حاصل ٿيو،

”خادم“ سندو خيال، ”طالب مولى“ تار ڪيو،

ادلي گدلي جي مَٿي، ڀلي ڪيڙو ڀال،

معرفت وارو مال هاديءَ کان حاصل ٿيو،

رات رندن راهونڊ ۾، محبت ماريو مچ،

پنهنجي ”خادم“ خاص تي، رهبر چاڙهيو رچ،

”طالب مولى“ جو چيو، سو سارو آهي سچ،

ڪوڙائي جو ڪچ، ڪڍي ڇڏيائين قلب مان!

 

سندن وفات ۽ مدفن

پاڻ هن مجازي محلات مان اٺيتاليهه- اوڻونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ مورخه 24 رمضان 1303هه مطابق 29- جنوري 1886ع بروز اربع انتقال  فرمايائون. سندن وفات حسرت آيات تي ڪيترن ئي مريدن معتقد ۽ متعلقن هنجون هاريون، جن مان ڪي وِرهه جا ورلاپ اوهان صاحبن کي آخوند الله بخش جي احوال مان ملندا. ان احوال لکندي، اسان کي محترم قاضي شفيع محمّد بن قاضي عبدالله ابڙو هالائي (1) جي پراڻن ڪاغذن مان هڪ کاڌل ڪاغذ هٿ لڳو، جنهن ۾ امين سائين جي وصال جون تاريخون درج هيون، چئن يارن قلم آزمائي ڪئي آهي؛ ٻه ديسي ٻه پرديسي، هڪ قاضي يار محمّد جو عزيز، مرحوم قاضي عبدالمعالي سڪنه هالا پراڻا، جنهن جو ذڪر قاصي يار محمد جي ضمن ۾ ايندو. ٻيو آخوند الله بخش جو عزيز، قاضي مفتي سعيد الله صاحب انصاري ”نيازي“ ساڪن هالا نوان؛ ٽيون مخدوم محمّد ابراهيم نقشبندي ٺٽوي، مؤلف تڪمله مقالات الشعراءَ؛ ۽ چوٿون ميان عبدالله ماستر ساڪن ٺٽو.

تاريخ وصال- تصنيف قاضي عبدالمعالي سڪنه، هالا کهنه.

مدفن

کين وڏي قبي ۾ حضرت غوث الحق رحه جي پيرانديءَ ۾ رکيو  ويو، هي قبو مخدوم محمّد صاحب ”پنج پاڳئي“ جي دور ۾ سن 1205هه ۾ مير فتح علي خان ٽالپر حاڪم سنڌ تعمير ڪرايو.

پکن ڌڻي جا معتقد ۽ مريد

سندن فيض

سندن فيض ابيض جي رود روان مان ڪيئي اڃايل سيراب ٿيا، جن مان 1- سيد حيدر شاهه اجناڻي، 2- سيد فاضل شاهه حيدرآبادي، 3 آخوند الله بخش انصاري، 4 قاضي يار محمد هالا پراڻا، 5 فقير محمد پريل مگسي، 6 فقير محمد پريل نوشهرائي، 7 منٺار فقير راڄڙ، 8 فقير علي بخش ڀُٽو، 9 قاضي عبدالله پورگر، 10 آخوند عبدالغني، 11 آخوند عبدالمنعم، ۽ 12 سيٺ وشنداس جا نالا قابل ذڪر آهن.

پهريان ٻه صاحب، پهريائين پکن واري صاحب کان سرد دل هئا، مگر جڏهن سندن جيءُ، سائين پکن ڌڻيءَ سان جڙجي ويو ته پوءِ ”ڪڙو منجهه ڪڙي“ وانگر ڪڙجي ويا، سڀني جو مختصر احوال سلسليوار هت پيش ڪجي ٿو:

سيد حيدر شاهه اجناڻي (1). سيد حيدر شاهه ولد سيد مير علي شاهه اجناڻي، مٽياري سادات جرار پوٽي جو نسلي سلسلو ڏهين پُريءَ ۾ حضرت امام موسى ڪاظم جن سان گڏجي ٿو. شاهه صاحب جا وڏا جئين پنهنجو ڳوٺ اچي ٻڌي ويٺا تيئن اتي ئي رهيا ۽ شاهه صاحب جو تولد به پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿيو. ڳوٺ جو نالو سندن وڏي ڏاڏي اجن شاهه ڪري ، ”اجن شاهه“ مشهور ٿي ويو آهي، ۽ ان ڳوٺ کي ”سيد جو ڳوٺ“ به ڪري سڏيندا آهن. شاهه صاحب جي ڄمڻ بعد، سندس والده وفات ڪئي، ۽ ڳوٺ جي هڪ مائي موچياڻي شاهه صاحب کي نپائڻ لڳي. سال کن جي گذرڻ بعد، شاهه صاحب جو والد بزرگوار وفات ڪري ويو. شاهه صاحب جڏهن نون يا ڏهن سالن جو ٿيو تڏهن سندس وڏي ڀاءُ، سيد ماڪن شاهه مست کين هالن ۾ حافظ تقيءَ جي مدرسي  ۾ پڙهائڻ ويهاريو، جتي شاهه صاحب قرآن حڪيم حفظ ڪيو، ان بعد شاهه صاحب دائري شريف ۾ (اڏيري لال جي ڀرسان) وڃي، تعليم وٺڻ، ڪجهه وقت گذرڻ بعد شاهه صاحب جي ڪوٽڙيءَ ۾ قسمت ٿي، جتي هڪ عالم وٽ تعليم وٺي وقت جي دستور موجب فارغ التحصيل ٿيو. ان بعد، شاهه صاحب مير نور محمّد جي ٽنڊي اچي، شيخ عبدالله ڪتب فروش وٽ ڪتب فروشيءَ جو ڌنڌو شروع ڪيو. مير حسين علي خان جي خواهش تي جامع مسجد جي پيش امامي قبول ڪيائين.ان مير صاحب جي خرچ تي شيخ صاحب جي دختر نيڪ اختر سان سندس شادي ٿي. حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ هڪ وڏو ڪتبخانو کوليائين. شاهه صاحب کي ٽي فرزند تولد ٿيا، پر ننڍي هوندي ئي فوت ٿي ويا. ٿوري وقت کانپوءِ شاهه صاحب حج ادا ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ موٽي ٽنڊي نور محمّد ۾ آيو. اتي کيس هڪ نياڻي ۽ فرزند تولد ٿيا. موٽي اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”اجن شاهه“ ۾ رهيو ۽ اعلى پيماني تي ڪتب فروشي شروع ڪيائين. اُتي به شاهه کي ٻه فرزند تولد ٿيا. هڪڙي جو نالو سيد مٺن شاهه ۽ ٻئي جو نالو سيد يوسف شاهه رکيائين. ڪتب  فروشي جو مرڪز لاڙڪاڻو بڻايو ويو. جتي ڇهين- ٻارهين مهيني وڃي شاهه صاحب حساب ڪتاب صاف ڪندو هو. هالا ۾ به، شاهه صاحب جي ڪتب فروشي جو ڌنڌو هلندو هو.

مرحوم حاجي حيدر شاهه هڪ شريعت جو پابند عالم هو. جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس ڳو‎ٺ ”اجن شاهه“ جي ويجهو راهونڊ واري ڊٻ ۾ مخدوم امين محمّد صاحب جَن دنيا کي ترڪ ڪري، فقيرٿي اچي چله ڪشي ۾ ويٺا آهن، تڏهن شاهه صاحب انهيءَ گس کان هالن ڏي اچڻ ڇڏي ڏنو. جو خيال ڪيائين ته بدعتي ماڻهن جو ڏسڻ به گناهه آهي ۽ اتي غير شرعي رسمون هونديون حقيقت ته هئي بلڪل ان جي برعڪس. هالن کان جيڪو شهدادپور رستو وڃي ٿو، ان رستي سان ”اجن شاهه“ ٻن ميلن کان مٿي آهي ۽ هالن کان وچون رستو جيڪو راهونڊ کان آهي، ان رستي وسيلي ”اجن شاهه“  هڪ ميل مس ٿيندو. ان ڪري، اڪثر اجن شاهه جا ماڻهو راهونڊ واري گسن کان هالن ڏي ايندا ويندا آهن. پکن وارن صاحبن، پنهنجو پکو به انهيءَ گس جي قريب هنيو. هڪ دفعي، شاهه صاحب هالن ڏي اچي رهيو هو ۽ ان ڏينهن اُٺ تي جَت هو نئون، جنهن کي هي معلوم ئي ڪونه هو ته ڪو شاهه  صاحب راهونڊ کان هالن ڏي ڪونه ايندو ويندو آهي. سو هليو آيو راهونڊ کان. شاهه صاحب به ان ڏينهن هو  ڪنهن پنهنجي ڌن ۾، سو ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنائين، اچي پکن جي ويجهو پهتو ۽ ذڪر ”لااِلــٰھَ اِلاّاللهُ“ جو آواز ڪن تي پيس. اتي پاڻ سنڀاليائين ته ڪٿي اچي ويو آهيان. اُٺ واري کي چيائين ته هاڻي اُٺ تڪڙو هڪلي نڪري هل ۽ پاڻ چادر سان کڻي جھُنڊ هنيائين. انهيءَ خيال سان ته انهن فقيرن تي نظر نه پوي، متان گنهگار ٿجي. هوڏانهن  پکن وارن صاحبن به فقرا سميت اچي، ڪچهري واري ٿلهي تي سويروئي ويٺا ۽ فقرا کي ٻڌايائون ته اڄ اسان جو دوست اچي ٿو. جڏهين شاهه صاحب اچي ٿلهي جي برابر ٿيو، ته پکن وارن صاحبن چيس ته ”حاجي حيدر شاهه! اسين اوهان کي ڏاڍو ياد ٿا ڪريون، اهي لفظ شاهه صاحب جي ڪن تي پوندا ويا ۽ شاهه صاحب هلندي اُٺ تان پاڻ کڻي ڇڏيو ۽ ڊوڙندو روئندو اچي مخدوم صاحب جي قدمين لڳو ۽ گوڏا ڀڃي، واريءَ ۾ ويهي رهيو، جَت کي چيائين ته ”ابا هاڻي توکي موڪل آهي، آئون منزل تي پهتس“

 

شاهه صاحب بيان ڪندو هو ته جڏهن هو صاحب حج لاءِ روانو ٿيو هو، تڏهن حرم شريف ۾ نماز بعد، سلام ورائڻ وقت هي آواز ٻڌندو هو ته ”حاجي حيدر شاهه اسين اوهان کي ڏاڍو ياد ٿا ڪريون“ حيران ٿيندو هو ته هي آواز ڪٿان آيو. اڄ اهو ئي آواز ۽ اهي لفظ ٻڌم.

شاهه صاحب جا وڏا اصل کان حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جا مريد هئا. پاڻ به ان وقت ئي بيعت ڪري. ذڪر جي تلقين ورتائين. سندن پويان اڄ ڏينهن تائين سروري دورازي جا سلامي آهن.

شاهه صاحب هڪ دفعي جيئن لاڙڪاڻي مان بيخوش ٿي ڳوٺ موٽيو تيئن ٻاروچي باغ وٽ، هالن کان اتر طرف اٽڪل چئن يا پنجن ميلن تي زياده بيمار ٿي پيو، جو کيس کٽ تي کڻي ڳوٺ‎ آيا ۽ ان ڏينهن ئي شاهه صاحب 10 محرم الحرام 1303هه وفات ڪئي. يعني سائين پکن ڌڻي جي وفات کان ست مهينا اڳ.

شاهه صاحب پنهنجي وقت جي بهترين شاعرن مان هڪ هو. موزون ۽ غير موزون ڪلام لکيو اٿن، مگر افسوس آهي جو شاهه صاحب جو ڪلام چند سنڌي ڏهرن ۽ هڪ منظوم خط جي، ٻيو سڀ ضايع ٿي ويو، سندن جيڪو ڪلام اسان کي هٿ آيو آهي، سو خدمت ۾ حاضر ڪريون ٿا. شاهه صاحب هيٺيون منظوم خط پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ موڪليو.

”اڏر ڪانگا ڪَهي وڃ پار پِريَنِ،

کنياتل خوش هجين چؤ سؤ سلامن،

ٻڌي ٻانهون وهج تون، وينتيءَ سان،

اکين مان آب واهي چئج، جيئن چُوان،

ڪروڙين ڪرنشون آزيون ادب ڪج،

رڙي روئي تون عالم کي عجب ڏج،

رهج راهونڊ ۾ ڪي روز راتيون،

لکيڻا لئج ات اللهِ لاتيون،

ويهي ورنھ اڳيان وائي ورائج،

ڀري ڀؤنرا ڀلائيءَ جا ڀلائج،

ادا ات حال هن مسڪين جو چؤ،

سڪي ساري، اٿس راهونڊ جو رؤ،

سڪڻ ساڙو، روئڻ راڙو ۽ راڙهو،

ڏسڻ کان بعد ڪئو هي قرب ڪاڙهو،

سڪي ساري سدا سامي سنڀاري،

اندر جي جوءِ جوڳي، جي اُجاري(1)،

بدن بيراڳ بيراڳيءَ (2) سوا ٿيو،

هينو هنڌ (3) ناهه، ڪنهن پرڪاپڙي ڪيو،

دکن دونهان سدا ساميءَ جا سيني،

ڪڍي ڪچ، ڪاپڙيءَ کنئون قلب ڪيني،

گجي گوڙيون ڪري اوندهه آيو،

ورِهه واسو وري ڪنهن پر ورايو،

محبّت مينهن ڪيا ٿي ڇينڀ جيئن ڇاٽ،

عقل اوجهڙ ٿيو، ويڙهيس هٿان واٽ،

وِهن واريءَ اندر جي جيءَ جيارا،

مٺا محبوب، موهن (4) منهن موچارا،

ڏسان ڏاتر، وڃي سي (5) ڏيهه ڏوري،

ڪڍيو جن قلب مان ڪيني کي ڪوري،

ادب آزيءَ سان ”حيدر“ حال چئجئين،

رڙي روئي وري پيرن تي پئجئين،

جيڪي جوڳيءَ اڳيان ڪن چير چيلا،

جهليا سيني اندر جن سور سيلها،

لڳين لنؤ لطف جي ويٺا وساري،

قبيلا ڪڙمَ ڇڏيئون ميس ماري،

سڀن کي سوؤ سلامن چئجِ ساري

وصالي واءُ والي مان واري

 

هلي ”حيدر“ پکا پرين پسي مانَ

رهڻ راهونڊ ۾، شاهي سندن شان

ملي من محب جو مونکي، سماچار،

ڪري من لطف ڪن ڪو پهچ جو پيار!“

موزون آهي ته سائين پکن ڌڻي جو جواب به هت درج ڪجيءَ:

اَلعِشقُ نَارُاللهِ“ کي جي سالڪ سڃاڻي،

تان سر ڏئي سودو ڪري، نينهن وٺي ناڻي،

وري وَجھَ اللهِ ڏي، پڌرو ٿي پاڻهي،

ڪنين سو ري سيج ڪئي، ڪي گهميا منجهه گهاڻي،

ڪي ”سر در قدمي يار“ چئي هليا ويا هاڻي،

انهيءَ اهڃاڻي اٿئي ”حيدر“ ڪم همت جو.

___

”حيدر شاهه“ همت سان وٺ گاروڙين جو گس،

”لا“ ۾ لاهوتين جو، ڏوري پڇج ڏس،

ٿي آڌوتي اکڙين کان، نير وهايو وس،

پوءِ جوڳي چوندءِ جس، اچي آسڻ (1) تنهنجي،

___

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته جونجهي ڏسج جوءِ

مڻڪا مالها جا ڇني، هل هنئين جي سوءِ،

سڀڪو داڻو دل جو، وڃي پنبڻين وٽان پوءِ،

پوءِ ”هو هو“ منجهان هوءِ، پاڻهي ٿيندا پڌرا،

___

وڌائون وحدت جا، دل اندر درياهه،

بابو ڪاهين پر ڏي، سامي سنجهه صباح،

وڻي ويراڳين کي، صبر جي صلاح،

تن آديسين کي آهه، اٺئي پهر الک جي.

اٺئي پهر الک ڏي، آءُ، ”حيدر شاهه“ هَلي،

جهنگم جي جمال کان، ڳولڻ جي ڳَلي،

اها آديسين ڳالهڙي، سَوَن ساڻ سَلي،

راهونڊ ۾ رَلي، تڏهن جوڳين جُوءِ ڪئي.

سيَد حاجي حيدر شاهه جا چند بيت ”مسڪين مبارڪ“ جي ضمن ۾ ڏئي آيو آهيان، باقي وڌيڪ جيڪي قبله ”طالب المولى“ ۽ فقير محمد سومار راهوجي کان مليا، سي هت ڏيان ٿو.

(1)

رمي هل راهونڊ ۾، جتي واري وڇاڻا،

پاڪ پٿر پرين جا، سي پڻ سيباڻا،

سمهڻ اوڍڻ ان جو، کٿا کنياڻا،

سي رب به سيباڻا، هلي تڪيا پسو تن جا،

(2)

رمي هل راهونڊ ۾، جت جوڳين سندي جاءِ،

مِٽِي تنهن ماڳ جي، لال لڱن کي لاءِ،

”حيدر“ تون هيءَ هاءِ، سڳر ٿي ان ساٿ جو.

(3)

رمي هل راهونڊ ۾، جت نسوروئي نينهن،

ساري رات سبحان جي، جت ڏوري ڪن ٿا ڏينهن،

محبّت سندو مينهن وسي تنهن وڻڪار ۾.

(4)

رمي هل راهونڊ ۾، جتي پرٿ ۽ پچار،

بک وڌائون بگريين، سُک نه لڌائون سار،

جوڳي جيءَ جيار، هلي ڏسو ”حيدر“ چوي.

 

(5)

رمي هل راهونڊ ۾، پيرين  پنڌ ڪري،

جوڳين سندا جهوپڙا، ڏسيو ڏيل ڏري،

جوڳي بيٺو جوڳ تي، سمي سور چري،

”فَاذ ڪُرُونِي، اَذ ڪُرڪُم“ دولهه دل ڌري،

”قُلَ هُوَ اَللهُ اَحَدُاَللهُ“، جوڳيءَ جي جڙي،

ٻڌم پرت پرينءَ جي، کاهوڙي کري،

”حيدر“ هل هري، هت ناهه نهايت نينهن جي،

(6)

رمي هل راهونڊ ۾، جت مچ به مچايو،

ورنھ ويهي ور ۾، جوڳ به پچايو،

تنهن رب ريجهايو، سرور ويهي سڃ ۾،

(7)

سدا سنياسين کي، هينين ۾ هنگلاج

وڻج ڪري وِرهه جو، ترڪ ڪيائين تاج،

ماءُ مون کي وڻيون، راهونڊي رواج،

”وَالّذِينَ آمَنُوا وَ عمِلُوالصّلِحــٰتِ“، سنياسيءَ جو ساج،

ڪوڙين ڪُٺا قرب ۾، من ڪيائون معراج،

آديسي علاج، ”حيدر پسڻ پرين جو،

(8)

ناهن نهايت نينهن جي، جوڳي آهي جمال،

”مَن عَرَفَ نَفسَھ فَقَد عَرَفَ رَبّھ“ ڪاپڙيءَ ڪمال،

جَنّتُ المَاوى جاءِ ۾، کاهوڙي خوشحال،

ڏيئي ٽٻي ڌوڙ ۾، لائق ٿيو لال،

ساميءَ جو سوال، ”حيدر“ آهي هنگلاج ۾،

(9)

پرين ڏٺم پڌرو،  واريءَ اندر وير،

پلٿيون هڻي پٽ ۾، سنياسي سڌير،

ترڪ ڪيائين تڪيا، ڇڏئين خُرما کير،

آديسي امير، دولهه وِهي ڌوڙ ۾،

حضور ڌڻي هالن ۾، آيو سرور سگهه ڀريو،

مٿس راز رسول ﷺ جو قادر  ڪرم ڪيو،

ريلون ٿيون راهونڊ ۾، اربعاڻو آيو،

دونهڙو دکايو، ”امين محمّد“ عشق جو.

سيد فاضل شاهه، حيدرآبادي: سيّد فاضل شاهه ولد سيّد حيدر شاهه حيدرآبادي (1836ع 1900ع مطابق 1252هه- 1319هه) انگريزن جي اڳياڙي واري زماني جو جيّد عالم مفتي، مفسّر، فقيھ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي(1)

شاهه صاحب طريقت جي تار جي تارن جي تک تار تاڻيل هو، ۽ خدا آگاهه فقير هو. پنهنجي ڪلام ۾ اڪثر پاڻ کي ”فاضل“ سان گڏ ”فقير“ ڄاڻائي ٿو. هيٺيان مثال قافي رهندا.

 

علم اوندهه، اهنج اولاڪا،

فرض فاضل ڪيا، فقير فراق،

تناول ڪري ترڪ فاضل فقير،

سڃاڻن نٿا سي سنجهائي سهانگ،

ويل، هر ڪنهن وتي هميشھ ٿو،

دوست جي در فقير فاضل شاهه.

سائين فاضل شاهه جو تعلّق ٽن متشرع طريقن سان هو، جن مان مخدوم نوح رحمت الله عليه هالن واري جو سهرورديه طريقو به اچي وڃي ٿو.

        ديوان فاضل جي مرتّب مرحوم محمّد صديق مسافر جا الفاظ ڏجن ٿا: ”سنڌ“ ۾ مخدوم نوح عليھ الرحمة جي هالن واري گادي ، سهرورديه طريقي جي وڏي ۾ وڏي گادي آهي. انهيءَ گادي جي مسندنشين مخدوم امين محمد صاحب عليه رحمت سان به سائين فاضل شاهه جو گهرو عقيدتمندانه رشتو هو. مخدوم صاحب مرحوم جن، سائين فاصل شاهه جن جي پاڙي ۾ اوستي الياس نيروٽيءَ جي اوطاق تي گهڻي قدر اچي رهندا هئا ۽ سائين فاضل شاهه به گهڻيءَ حب سان هالن وڃيو، مخدوم صاحب جي صحبت جو فيض حاصل ڪندو هو. جڏهن مخدوم امين محمّد صاحب رحه جن دنيا جا لڳ لاڳاپا ڦٽاڪري، هالا شهر کان پري، راهونڊ مڪان ۾ وڃي زهد ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيا هئا، تڏهن سائين فاضل شاهه به دنيا جا سڀ ڪم ڪار ڦٽا ڪري ساندهه ٻارهن مهينا مسجد جي ڪنڊ وسائي ويٺو.

مخدوم صاحب مرحوم جن سڳوري حياتيءَ جا جيڪي پويان چار – پنج سال راهونڊ  واري مڪان ۾ رياضت ڪندي صرف ڪيا، تن ۾ ٻين ڪلامن سان گڏ جيڪا ”لولي“ ٺاهي هئاون، سا ڳچ ورهين تائين عام خاص فقيرن جي زبان تي هوندي هئي، ان لوليءَ جا شروعاتي لفظ هي آهن:

”آءُ وري، آءُ وري، آءُ وري، سڄڻ تو سري (1)

دک ماري دردن جي آءُ وري“

”سروري فقراءَ ۾ سائين فاضل شاهه جي معتقدانه تعلق لاءِ سندس ڏهر ۽ هڪ ڪافي ثبوت آهن. پر ”ديوان فاضل“ جي ورق گردانيءَ ڪرڻ تي اندروني طرح هيٺين ثابتي لڌي اٿم:

تاريخگوئي جن ضمن ۾ جناب مخدوم ميان غلام حيدر (2) جي دستار ٻڌڻ جي منظوم تاريخ شاهه صاحب آندي آهي، جنهن ۾ سائين پکن ڌڻيءَ (3) جو ذڪر هيٺئين مؤدبانه لهجي آڻي ٿو:

مرد مخدوم محب مشفق مير،

سر سهڻي ”غلام حيدر“ پير،

۽ سڏائين سرت دار سڌير،

ور وهاريو سٽي سچار سرير،

پير پوري ڪين اداس اُڪير،

مرد مخدوم ڏي، دلاسو ڌير،

ڪن ٿا خوشحال فيض ساڻ فقير

سان عدالت ”امين محمّد“ جي

دُرَ ٻڌايو ديانتي دستار،

هي اميرن ڪنان لنگهي پيا لس،

پر به هالن ڌڻيءَ ڪري همّت،

چست چوٿين رجب مهيني جي،

اي عرض آخرين سڻي صاحب،

فرض ”فاضل“ اصل امينن تي،

 


(1)   ناري مان مراد، سگهڙ جمڙائو واهه ورتي آهي.

(2) نو لکي مان  مراد سرور سائينءَ جو طرف آهي.

* گجراهه واهه آهي ۽ ٻين نشانين وارا سڀ ڳوٺ آهن.

 

(1)  ڏسو ماهنامه ”فردوس“ (هالا نوان) مئي 1957ع؛ ص 19 بعنوان ”سنڌ جو هڪ گمنام شاعر، از قبله طالب المولى

 

(1)  (1) جيءُ جياري (2) ساميءَ کان (3) حيران (4) منوّر (5) ڏوٿي سي.

(1)  هن جو مفصّل احوال، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سال 1938ع جي پهرئين ڪتاب بعنوان ”ديوان فاضل“ ۽ ”تاريخ سنڌي ادب“ جلد (2) ص 264، از خانبهادر الحاج محمّد ميمڻ، مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org