سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :14

کين ٿا تار ۾ غوطا،

کين پاتار ۾ غوطا.

سِپُن جيئن وات سي ڦاري،

جهلن جرجار ۾ غوطا.

ڏسن چشمان ته چشمن جا،

غبون غب غار ۾ غوطا،

صفا ٿيا آپ ۾ ڌوٻي،

ڇولن ڇڇڪار ۾ غوطا،

مَنهڙي کان نٿا موٽن،

ڪُنن پلڪار ۾ غوطا.

ٻَڌن تُرهو ته توفيقي،

کين ڌنڌڪار ۾ غوطا.

غواصي غوث غوغا ۾،

تري ٻاهر نڪي نڪرن،

ڏسڻ مهراڻ ۾ موتي،

ابر نيسان قطري لاءِ،

بحر بازار ۾ بيهي،

زنخ پرين پگهر کائن،

لڙهي لهرن ولوڙن ۾،

ٻيائي کي ڏين ٻوڙي،

ڪياماڙي ڪنا ڪاهن،

سڪندر باب کان کائن،

رکي ”رمضان“ رايي کي،

ٿيو سُهڻيون ته سُرڪي لاءِ،

16. مولوي محمّد عثمان نورنگزاده: حيدرآباد ضلعي جي تعلقي گوني جي کورواهه شهر جي نورنگزاده خاندان جو فرد فريد آهي. هي صاحب سنڌجي مشهور مدرسي ”سنڌ مدرسي“ جي اڳواڻن مان هڪ هو خانبهادر حسن علي آفندي جي سڄي ٻانهن هو. انهيءَ سمي ۾ هي صاحب، تعليمي مذهبي رهبر سان گڏ ادبي شخصيت به ليکيو ويندو هو. هن جي تصانيف مان ظاهر آهي. ته هو هڪ زبردست عالم، فقيھ، تاريخ نويس ۽ مفسر هو. سندس شعر سادو، روان، مٺو ۽ سوادي آهي. سندس خطبا سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. پاڻ 1850ع ۾ اچي مدرسي ۾ داخل ٿيو. سندس شاگردن سان سڄي سنڌ واسي پئي آهي. بنده جو والد صاحب مرحوم ميان محمد صالح جن به سندن پيارا شاگرد هئا. والد صاحب جن کان معلوم ٿيو هو ته مولوي صاحب جن ٻين علومن سان گڏ علم طب، رمل، نجوم ۽ جعفر جا به عالم هئا. سندن تصانيف مان قرآن شريف جو تفسير ”تنويرالايمان“ شاهڪار آهي، جو ڌار ڌار پارن ۾ مرتب ٿيل آهي، پاڻ 1918ع ۾ ڪڙيي گنوهر جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائون. ان وقت تائين هن تفسير جا پنجويهه پاراه تيار ٿي چڪا هئا. ۽ ڇويهين پاره جي ربع تائين پهتا ته رب سائين گهرائي ورتن. تفسير جو باقي حصو سندس پوٽي مولي محمّد نورنگ زادي تيار ڪيو، پڇاڙي عمر پنج سال پنهنجي ڳوٺ کورواهه ۾ اچي رهيا ۽ تفسير جي ڪم ۾ مصروف رهيا.ان تصنيف کان سواءِ سندن ٻيون به ڪيتريون تصنيفون آهن، جن ۾ مکيه هي آهن.

فتوح الغيب سنڌي، اڪسير الاحمر في اسرارالجعفر، حالات غوث اعظم، بينات القرآن، خطباتِ سنڌي ۽ تحفةالاسلام- سندن خطبات مان هڪ مثال شعر ۾ هيٺ ڏجي ٿو.

اڳيان اٿئي ڏکيو سفر،

آهي ثمر ڌاران ضرور،

الله اڪبر ياد ڪر.

تنهن ۾ ٿي تون مبتلا،

هردم ڪري ٿي سا جفا،

الله اڪبر ياد ڪر.

واحد جي وائي وات ڪر،

غفلت کي ماري مات ڪر،

الله اڪبر ياد ڪر.

جانب سان پنهنجي جفت ٿي،

هرگز نڪي تو سست ٿي،

الله اڪبر ياد ڪر.

دنيا نه آهي ڪي سدا،

پڇندو وري تون کان خدا،

الله اڪبر ياد ڪر

ظاهر سندي سينگار کي،

غفلت سندي واپار کي،

الله اڪبر ياد ڪر.

اي دل مٿي تو  بي خبر

سانباهه ڪو تنهن لئه ثمر،

راتو ڏينهن شام و سحر،

دنيا اٿئي بيشڪ بلا،

ڪوڙي ڪميني پر دغا،

ٿي ادا ڪي هوشورَ

الله جي ڪا بات ڪر،

توّاب جي تون تات ڪر،

رک ڪو قيامت جو حذر،

ڪر چڱائي چست ٿي،

گذري عمر ڏس مفت ٿي،

ڪر نرت سان ڪا تون نظر،

غفلت ۾َ ڪر هرگز ادا،

هڪ ڏينهن ٿيندي تون خدا،

ڪر ڪو شرم اي بيخبر،

ڇڏ تون دنيا دار کي،

لالچ م ڪر للڪار تي

آهي اڳيان ڪارو ڪلر،

 

17. ڇتو فقير سانگي: لاڙڪاني ضلعي جي تعلقي ميرو خان جي پُر درد شاعر ڇتو فقير مولاداد فقير سنگي، سري ۾ ڏاڍو مشهور آهي. سندس تولد سال 1822ع ۾ ٿيو، پڙهيل ٿورو پر محبت ۽ فطرت جي مڪتبن جو خطابي هو. سندس ڪلام مجاز، حقيقت جي درد جي ڇٽڪن سان چور آهي. سندس وفات سن 1311هه بمطابق 1892ع ۾ ٿي. سندس ڪلام مان مجازي شعر تي صوفيانه رنگ به ڪافي چڙهيل آهي، جيئن سندس هيٺ ڏنل نموني مان ملاحظه ٿيندو:

 

بيت

محبت سندي مشتاق کي، جا لڳي عشق آڻي،

جتي حاجت نه هٿن جي، اتي بات بڻي،

دل سمجهو ديدن ۾، ڪِٿي خيال کڻي،

عشق به پنهنجي اندر ۾، وه جا ڳالهه ڳڻي،

من اها محبوب کي، وائي واهه وڻي،

ڪراماً ڪاتبين ٻيو، سگهي ڪين سُڻي،

لکن شاهه ”ڇتو“ چوي، ڪيئن ڪاغذ مس کڻي،

عينن جي اوحوال جو، ٿو ڄاڻي ڄاڻ ڌڻي،

هي آهي رمزن جي رهڻي،

هن جو مطلب نه ملاقات سان.

ڪافي

نٿي سڪ سمهڻ ڏئي، مون کي سندي ميهار،

موٽان ماري ميار.

جنهن ساڙيا سينگار.

سمن ساڻ سردار،

آهيون جنهن جي آڌار.

گهُران گهوريان جندڙي،

سرڪي نه آهي سحرڪو جادو،

وڃڻ واجب هوان کي،

ڇڏيندو نه ”ڇتو“ چوي،

18. مولوي غلام محمّد خانزئي: هن مولوي صاحب جي سوانج عمريءَ جي سوکي خبر نٿي پوي. پر هن تحصيل علم جي پياس، هالا جي نزديڪ پير جهنڊي ڳوٺ ۾ آندو، جتي هن پير رشيدالدين صاحب العلم جن وٽ ظاهر توڙي باطني فيض حاصل ڪيو. هن جي تصانيف مان معلوم آهي ته هي 1303هه ڌاري حيات هو. سندس نشانين مان بيتن جو رسالو، منهاج العاشقين ۽ سڪندر نامو مشهور آهن. هن صاحب جي طبع جي توسن موزون ۽ غيرموزون ميدانن کي مات ڪري پاڻ معروف ڪيو. هن فارسي ۽ سنڌي ۾ موزون ڪلام غزلن ۽ مثنوي جي صورت ۾چيو آهي. ٻئي طرف هن جا برهه وارا بيت،محبت وارا مولود ۽ لئي واريون لوليون به لڀن ٿيون. هن جي بيتن جو رسالو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي زير ترتيب هو ۽ هو صاحب ان کي شايع ڪرڻ لاءِ مشتاق هو. افسوس جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي دلي خواهش پاڻ سان کڻي اُسريا. من ”سنڌي ادبي بورڊ“ وارا هن ڪم کي پيايه تڪميل تي پهچائين. ان رسالي جي  مطالعي مان معلوم ٿيندو ته مولوي صاحب لطيفي رنگ ۾ پوري طرح رتل هو ۽ هن جي هڪ هڪ لفظ مان لطيف لات جي تنوار پئي ٻڌڻ ۾ آئي. ملاحظه فرمايو.

سهڻي جي سُر ۾ هيئن فرمائي ٿو.

ڀيلو ڀڳو ڀر پَرينءَ نه ڪا ويجهي راهه،

رات اونداهي ڌنڌ گهڻو، ڌڙ لائي درياهه،

لهرين لوڏي آهيان، سِير سُڪايو ساهه،

ساهڙ ڏي ساڃاهه، ته تارئون تري تڙ ٿيان.

سارنگ جو رنگ به سڻو:

اوٿڪ ڪري اٿيو، ڪڪر ڪاري ڪر،

لٿو اوهيڙا ڪري، جال وسائي جر،

پاڻيءَ پوڄ پٽن تي، ڇنن لائي ڇر،

ڀريا بند بارانيون هارين ٻڌا هر،

سائين ڪيا سُڪر، ويو ڏولائو ڏيهه مان.

شاهه جي چنڊ ۽ تارن جي اوهان کي خبر آهي، ۽ غلام محمّد مرحوم جي پڪار جو پرولهو:

مون کي چندر ڪتيون سج تارا، خبر ڏيو محبوبن جي،

اوهين سڀئي ٿا ڏسو محبوب منٺارا، خبر ڏيو محبوبن جي،

راسيندي راسن سان دوست ڏسو دلدار،

خبر ڏيو محبوبن جي.

اچو جڏهن چوٽئين چمڪو چوڌار،

خبر ڏيو محبوبن جي.

تارا توڏي ٿو ڏسان، تون ڏس پرين پيارا،

خبر ڏيو محبوبن جي.

وچان مون پرين جي جهڙ نه اچي ڪنهن وارا،

خبر ڏيو محبوبن جي.

”غلام محمّد“ حُب ۾ شل پڄي مون ڄمارا

خبر ڏيو محبوبن جي.

سندس فارسي ۽ سنڌي ڪلام نموني طور ڏيئي مولوي صاحب جو ذڪر خير ختم ڪجي ٿو.

 

فارسي

گفته تو بر زبانم، چون شڪر آمد لذيذ،

گر زجر گفتي مرا، هم بيشتر آمد لذيذ،

گر ڪسي بي تاب شد، در عشق تو اي دلبرا،

درد شدن در تاب جانا در نظر آمد لذيذ

در جهان با خوبرو يان ڪي ڪند آرام، دل،

جز وصال يار خود ڪردن گزر آمد لذيذ

گفته لبريز از جانا ”غلام محمّد“ شد،

پاسخ جانان مرا چو نيشڪر آمد لذيذ.

سنڌي غزل

اچي ساقي سڪايل کي، ڀري ڏي مئي سندا پيالا،

ته جيرا جوش جانب جي جلايون جان ۾ جالا،

مدامي ملڪ مولى جي، وسي برسات ٿي دائم،

جنن تي مينهن محبت جو، تننن جا نيڻ نت آلا.

ترن جي تار ريءَ ترهي، بحر عرفان ۾ عارف،

تنن کي سمنڊ ۽ دريا، ڍنڍون ڍورا ننڍا نالا،

سدا دک درد دلبر جو، رکج دل ۾ ”غلام محمد“

سوا سڪ سوز ساجن جي، رُلن منجهه روهه ريزالا.

 

ڪافي

ڄام عمر ٿي ماري ماري،

مون کي پرت پنهوارن جي پار جي،

جدا جهانگيئڙن کان ميان،

ڪير گهڙيون هت گاهري.

مون کي پرت پنهوارن جي.

قضا آنديس ڪوٽ ۾،

لوح قلم جي لاري.

مون کي پرت پنهوارن جي

مان ميڙائو مون ٿئي،

ويڙهيچن ڏي واري.

مون کي پرت پنهوارن جي

”غلام محمّد“ ماروئڙن کي،

ساهه سدا ٿو سري،

مون کي پرت پنهوارن جي

لولي

الف- اليلن کي ڏي، خمر خماري،

سرڪي سري صرف جي، جن پيتي پياري،

آيا ”آنا عرف“ مان، ٿي ورهه واپاري،

تن ڪا ڏيکاري، مايا ملڪ عميق،

لک ٿورا سڄڻ لک ٿورا.

تنهنجي موٽي ملڻ جا!

19. شاهه نصيرالدين نقشبندي نوشهروي: شاهه نصيرالدين بن پير عبدالحيّ نقشبندي، نوشهروي فيروز جي سرهندي پيرن جو هڪ فرد فريد ٿي گذريو. هي بزرگ جهوڪ شريف جي صوفي بزرگ جو مريد هو. باطني طرح اتم درجي تي وڃي پهتو.هن جو باطني فيض ضلعي نواب شاهه، خيرپور، لاڙڪاڻي ۾ پکڙندو رهيو. هن جي مريدن ۾ موهن فقير ۽ حاجي خير محمّد جسڪاڻي جهڙا صاف صوفي ٿي گذريا آهن. هي صاحب سيّار به هڪڙوئي هو. هن جي خمخاني مان هندو خواهه مسلمان ٽڀا پِي مخمور ٿيا. شاهه نصير مرتبو نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ بلند آهي پر اردو ۽ فارسي شاعرن ۾ برک هو. هن جي فارسي شاعري تي حافظ جو گهرو رنگ آهي. اردو شاعرن ۾ هي پنهجن متقدمن خواهه معاصرن کان سرس نظر اچي ٿو. هي عبادت الاهي ۽ خدمت خلق ڪندي، 1318هه بمطابق 1900ع ڌاري فوت ٿيو.

فارسي غزل

در رضائي خاطر فقرارئي ڪوشيدن خوش است،

سم قاتل هم زڪف اين قوم نوشيدن خوش است،

بارها تڪرا ڪردم نزد پير ميَ فروش،

گفت از بيرخ ”نصيرا“ عيب پوشيدن خوش است

اردو

قامت سي تيري سرو خرامان هي هيران

لعلون سي تيري لعل بدخشان هي حيران،

مرجان بهي مرجان سي بي جان رهي هي،

پنجه کي حنا ديکهه کر غلط انهي حيران.

روتا هون تيري هجر سي شب روز اي دلبر،

آنکهون سي ميري قلزم عمان هي حيران.

طوطي تو اک بات شکر لب سي سنائي،

مسکوت طرح طوطي خوشخوان هي حيران.

ناله جو کرون هجر مي شب روز ”نصيرا“

فغان سي ميري رعد پريشان هي حيران.

سنڌي نظم جي گهڻو ڪري هر شاخ تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ڪافي، مرثيا ۽ ڏوهڙا سندس ڪلام جا مکيل حصا آهن. انهن جا مثال پيش ڪري پير نصير جو احوال ختم ڪبو:

ڪافي

 

يار ڪندو وڃڻ جون وايون،

عشق آڻي مون لاتو،

هئين نه راڳ مون ڄاتو،

جڏهن لاڪون يار پنهل سان،

تڏهن ويو دونهون درد دکايون،

اٿم هيءُ اوراتو،

راتيان ڏينهن جي اندر ۾،

ويا نه ٻانڀڻ سان ٻولايون

پرت منجهرائون پاتو

پاسي پيچ پنهل هو مون  سان،

ڏير ڪري ويا ڏاڍايون.

نيهن سندو هو ناتو،

نيٺ‎ نڀائيندو يار ”نصيرا“

ورنديون وصال جون وايون.

 

 

مرثيو

ربَ پاڪ پاڻ پرور ثنا گر حسين جو،

جبرئيل خاص خادم چاڪر حسين جو.

اَرضَ و سَمَا وَ ڪُرسِي و عرش برين مٿي،

ٿيو غل غلفلو شهادت شاڪر حسين جو،

هو ابتلائي عشق جو، ورنه يزيد ڇا،

جو قتل ڪاري سيد سرور حسين جو،

آتش فتاد در دل زهرا رضه و بو تراب رضه،

جڏ واقعو ٻڌائون اطهر حسين جو،

مشڪل هي مراد ”نصيرا“ جي ٿئي تمام،

ٿيان خاڪبوس، ڪلب سندي در حسين جو.

 

ڏوهيڙا

(1)

ساهڙيون سرتيونمتيون ڏيو نامُئيءَ کي،

ڪاهينديون سي ڪيچ ڏي، جي انهيءَ رنگ رتيون،

جي پنهل سان پرتيون، سي ڏينديون باهه ڀنڀور کي.

(2)

ڪين کڻي ڃ ڪين ڏي، تون ڀي ٿيءُ ڪي ڪين،

ويندڙ وڃڻ وڃائي، رک قلب ۾ ڪي ڪين،

ڪين ”نصيرا“ ڪين، ڪين کڻي گهڙ ڪين ۾.

 

(3)

موٽي لڌيون ملڪ جون، سارنگ سنڀارون،

رعد جي رڙين کان، ٿيون طرحين تنوارون،

پرور جي پارون، ساري سنڌ نِهال ٿي.

 

(4)

آئي رت بسنت جي، ٿي ساول سرهائي

نافرمان نياز ڪيو، لالان لالائي،

رتنجوت رمز سان، دلڙي  ريجهائي،

ڪرنو، نسرين نازبو، جاءِ کُلي جائي،

چوقبله چوطرف ٿي، خوشي کِيائي،

وري وڌائي، ملي ”نصير“ ملڻ جي.

(5)

رت جهڙي روڄ سان چولي ٿي اٿم چڪ،

نينهن ۾ ”نصير“ چوي، نيڻ ٿيا اٿم نِڪ،

هاڻي هر ڪنهن سان هڪ، ڳالهه سدا اٿم سور جي.

20. جيوت سنگهه: قنبر ضلعي  لاڙڪاڻير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍي هوندي کان وٺي سندس دل دنيا جي دولاب کان دور هئي پر وري به هالا جي ويٺل کتري سندس سنت ولايتراءِ هن جي عين جون اکيون کوليون. هن جي وڌيڪ صحبت شڪارپور جي مهراج شنڪر ڀارتي سان ٿي. پنهنجي وطن ۾ساڌ سنگت جون سنگتون ڪندو رهيو. جنهن ۾ هر ڪو پياسي اچي پنهنجي پياس پوري ڪندو هو. هن جو مرتيو جنوري 1899ع  ۾ ٿيو. جيوت جو شعر اصل جيوت ڏيندڙ آهي ۽ دنيا جي موهه ۽ مايا کان مٽيندڙ ڌڻي جي هر جائي هر ڪنهن هنڌ، هن جي شعر ۾ بکي ٿي.ملاحظه فرمايو:

ڪافي

جٿ ڪٿ جانب ظاهر آهي،

جل مٿي جئن آهن، حجاب

مام مرشد سانوئڙو حجاب

نالا ذاتيون ائين، خدا ۾،

بنا دلبر ٻيو ڪوناهي.

 ڪيڙو آهي ڪباب،

عشق جان جي دل منهنجي کي،

سدا دلبر دل ۾ آهي.

ناهي پو ڪو ڏوهه ثواب

 

هردم وڃي ٿو چنگ رباب

هج هميشھ يار سان رلمل،

ظاهر باطن اهو ئي آهي.

مام مرشد سيني ”جيوت“ ۾،

راتيان ڏينهن ٻي وائي ناهي.

21. خواجه غلام فريد: فريدڻ سائين، سنڌ ۽ بهاولپور جو فرد فريد آهي. سندس نسب حضرت عمر فاروق رضه سان ملي ٿو. سندس وڏو ڏاڏو مالڪ بن يحيى، فاتح سنڌ محمّد بن قاسم سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. خواجه صاحب  جو ڪو تڙڏاڏو مخدوم محمّد شريف صاحب سنڌ مان لڏي سنڌوُءَ جي ڪناري سيتپور (رياست بهاولپور) ۾وڃي مقميم ٿيو، جتان بڪيءَ طرح مٺڻ ڪوٽ ۾ وڃي واسو ڪيائون. سندس والد صاحب خواجه خدا بخش به چشتي طريقي جو وڏو بزرگ ۽ ڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. فارسيءَ ۾ صاحب ديوان آهي ۽ سندس تخلص ”اوحدي“ آهي. هو صاحب سکن جي خونريزين کان تنگ ٿي درياهه جي ٻئي ڀر چاچڙان شريف ۾ اچي رهيو هو، جتي 2 زوالقعد 1251هه بمطابق 1835ع ۾ فريد سائين تولد ٿيو. فريد سائين ڄمندي ڄام هو. وهبي شاعر هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ لطيفي رسالو زير نظر رهيس. ”سچل سائين“ کان ڪافي متاثر ٿيو. سندس ڪيئي ڪافيون ”سچل“ سرمست جي تتبع ۾ چيل آهن.  سندس ڪلام جو اوائلي حصو سنڌي زبان ۾ هو، مگر زماني ۾ اهل سنڌجي بيقدري ڪري ڪافي ضايع ٿي ويو. جو باقي بچيو آهي، سو به اسان لاءِ نعمت آهي.باقي ملتاني زبان جو فريد سائين قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. مسٽر محمّد عزيز الرحمان ڊائريڪٽر تاليفات (رياست بهاولپور) لکي ٿو: ”رياستي زبان جي شاعريءَ ۾ هن اهو پايو حاصل ڪيو، جو ان کان اڳي ڪنهن کي به حاصل نه ٿيو، نه وري چاليهن سالن گذرڻ کانپوءِ اهڙو بلند درجو ڪنهن ٻئي کي حاصل ٿيو آهي. ”هن جو ڪلام مصوّري منظر ڪئي، قوّت بياني سوز و گداز لبالب آهي. چڱو ڀلا ان جي سنڌي ۽ سرائڪي جواهر پاران مان حظ وٺو:

 

سنڌي  ڪافي

هر صورت وچ ديدار ڏٺم  ڪل يار اغيار کي يار ڏٺم

ڪٿ جوهر تي ڪٿ عرض ڏٺم

ڪٿ سنت نفل تي فرض ڏٺم،

ڪٿ صحت ڏٺم، ڪٿ مرض ڏٺم،

ڪٿ چست، ڪٿي بيمار ڏٺم.

ڪٿ گل ڦل باغ بهار ڏٺم،

ڪٿ بلبل زار نزار ڏٺم،

ڪٿ حسن خاشاڪ تي خار ڏٺم،

هڪ نُور کي سڀ اطوار ڏٺم.

ارواح نفوس عقول ڏٺم،

انسان ظلوم جهُول ڏٺم.

معقول ڏٺم، منقول ڏٺم،

اقرا ڏٺم، انڪار ڏٺم،

ڪٿ منطق نحو تي صرف ڏٺم،

ڪٿ اسم تي فعل تي حرف ڏٺم،

هڪ معنى هر هر طرف ڏٺم،

چؤ ڳوٺ ڏٺم، چؤڌار ڏٺم،

ڪٿ شاهه نظام الدين ڏٺم،

ڪٿ قطب، معين الدين ڏٺم،

ڪٿ فرد فريدالدين ڏٺم،

ڪٿ فخرِ جهان دلدار ڏٺم.

سرائڪي

تو بن موت ڀلي، يوندم شال مري،

تڪسان هڪ نه زري، جيسان پل نه گهڙي،

پورب طرف ڏنهن مينگهه ملار ڏٺم،

بجلي لسڪ ڏتي، گج گج گاج سڻيم،

رهسان ات نه اڙي ويسان وطن وري،

ڪنڙين خبر پيوم ورهي وٺڙيدي،

ڍولا ڪل نه لڌئي دکڙي تتڙيدي،

ڦاڙيم چولي چوني، رورو ٿيوم چري.

بوندا بوند اٺن بادل ڪيتي لس،

گهن گهن نانءُ تيڏا روئيندي ٿي ها بيوس.

سانول تينون ملان يا بوان ڇو نه مري.

سرمي ميندي سٽَيم ڪجل هار ڳيوم،

ڀليو، نذر ناز هار سينگار ڳيوم،

بينسر بُول ڀڃان، اجڙي مانگ هري،

کيڏڻ ڪڏڻ ڳيو سک دا ٽول ڳيوم،

ڏکري پکڙي پئي، خوشيان رول ڳيوم،

جُر ڪر رانول جوڳي، لاتي پرم جڙي.

کوندي کنون ”فريد“ جهوڪان ياد پيم،

اکيان نير هنجون برسات وسيم،

لِک لِک دانهن اٿيم، جان جان ڏٺم جهڙي.

22. سيد غلام شاهه راشدي: سيد غلام شاهه ولد سيد پير علي ذوالفقار  شاهه، سنڌ جي مشهور راشدي خاندان جو فرد هو. سندس والد پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه صاحب جو فرزند ۽ روضي ڌڻي حضرت محمّد راشد شاهه جو پوٽو هو. اصغر شاهه کان پوءِ شعر و شاعريءَ جي عالم ۾ هن صاحب جونالو انهيءَ خندان مان ليکيو وڃي ٿو. سندس تولد سنه 1259هه ڌاري ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت جو بندوست بهتر نموني ۾ ٿيو، جيڪي به زبانون انگريزيءَ سوڌو ڄاڻندو هو، انهن ۾ هن صاحب کي ڪمال رهيو. سندس اوسٿا جو اوائلي دور پير حزب الله شاهه ”مسڪين“ جي صحبتن ۾ گذريو. پر ڪن عزيزن جي ناشڪيبائي ڪري کيس پنهنجو پيارو وطن ڇڏي، سقيم حال ۾ بدين تعلقي ۾ ڳوٺ گولاڙي ۾ اچي رهڻ ٿيو. بس پوءِ ته مارئي واري حالت طاري ٿي ۽ سدائين مارئي وانگر پنهنجي مليرلاءِ ٻاڏائيندو رهيو. سندس ڪلام ۾ هجر، ڦوڙائو ۽ درد ججهو آهي. پاڻ ساڳئي ڳوٺ ۾ 3 ذوالحج 1319هه ۾ هي فاني محلات ڇڏي، راهه جاوداني اختيار ڪيائين چون ٿا مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هي بيت سندس ورد رهيو هو ته:

ڇنيسر جي چِت ۾، هن کان اڳي هئو،

تهان پوءِ ٿيو، مڻين سندو مامرو.

سندس قرب ۽ سوز و گداز واريون ڪافيون ملاحظه فرمايو.

(1)

عمر اباڻا ڏوٿي ڏاڏاڻا،

وسئون آءُ نه وساريندياس.

مينڍن ۾ ميان عمر مر پيو چيڙهه چڪي،

ساهه سنگهار کي ساريون روز سڪي،

ڳوٺاڻن کي ڳُتون ڌر ته ڌناريندياس.

باغ باغيچا بنگلا عمر اُچُيون ماڙيون،

ڪيئن وهان ڪوٽن  ۾  واهه تنهنجو واڙيون،

جهانگيئڙن جا جهوپا، ڪيئن ڪنواريندياس.

هينئڙي جن سان هيرون سي منهنجا ٿر ٿيا،

محلاتن ۾ مُئيءَ کي جن ريءَ پهر پيا،

ان ريءَ ”غلام شاهه“ چوي، گهڙي نه گهاريندياس.

مارن مون ڏي موڪليا ڏک ڏوراپا چائي،

سانگين مون ڏي موڪليا سور سنيها چائي،

(2)

کلي ويٺئينءَ کٽ تي، تون ته پُرس ساڻ پرائي،

ٿريلين ٿرڄاين کي ڪيئن لقب وڌو تولائي.

 

سويه سنگهاريون راڄ ۾ ڇو عمر اک اتي اٽڪائي،

منڙو ريڌءِ مارئي نه ته بند نه ٻئي مُنهن پائي.

 

ورڻ وس نه پنهنجي، ته به رهڻ تو نه رهائي.

ڪڙم اباڻي ريءَ توکي، جئڻ ڪين جڳائي.

 

گوندر پيا ته ”غلام شاهه“ چوي سانگي تو سامائي،

مرين ته موچاري ٿئين، جيڪا ڪونڌن ڪنڌڪپائي.

 

 23. موهن فقير: نصير سائين جو نوازيل موهن فقير عاقل جي ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ 1845ع ڌاري ڄائو. اوائلي اوستا سادي سودي طرح گذاريائين.لاڙڪاڻو ان سمي ۾ صوفي صاحبن جو مرڪز رهيو. هيبه مرشد جي نظر سان صاف صوفي ٿيو. هن جو آخري پروان 1323هه بمطابق 1905ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ پروازڪري ويو ۽ ان جي سماڌي سندس ڳوٺ ۾ آهي، جت فقيرن جو ميڙو ٿيندو آهي. هن جي نظر نُورالاهي تي آهي. جو هر هنڌ حاضر آهي. رسول اڪرم ﷺ جي ساراهه اجهو هيئين ٿو ڪري:

 

مرشد معنى سان ڏسيو، اسم ڪو اڪسير،

احدئون احمد آيو، سو مچ محمّد مير،

محبت جا محبوب جي، سچي سچ ۽ سير،

آڻائي عرش تي، ڪيو قادر قرب قدير.

 

ٻئي هنڌ لوليءَ ۾ اصحاب سڳورن جو ذڪر خير هن طرح ڪيو اٿس:

 

چارئي يار گل و گلزار،

پِرتئون پس تنبن جا پار،

عاشق ميم اهڙِي سان اعتبار،

چارئي يار گل و گلزار،

جن کي سونهن ڏني سردار.

 سي ڏس وحدت جا وينجهار،

 مالڪ ملڪن جا مختيار،

جن جا منجهه قرآن قرار.

 

ڪلام جو نمونو جاذب ۽ صوفيانه آهي. مثال ملاحظه ٿئي:

 


 

بيت


 

جي ذات پروڙين ذات سان، ته ٿيءُ وڃي منجهه ذات،

”موهن“ کي محبوب جي، اها وائي آهي وات،

”لا“ اتي هئي لات، جاتي هونگ پريان جي هڪڙي.

 

جي تون ڪلمي ڪوڏيو، ته ”لا“ جي تيغ لڳاءِ

”ماسوا“ محبوب ريءَ، ساري جان جلاءِ،

باقي ڪين بچاءِ، ”موهن حقيقت ري.

ڪافي

اٽڪي عشق آڻي، اک ٺا ٺا ٺا

ٺا ٺا ٺاٺ ٺڪر ڪل ٺا ٺا ٺا.

اک الک جي ڪنهن نه لَکي،

سا تان آ آبک بک آهي بکي،

ساڳي گور گيان سان مَک مَکي،

گڏ لام الف سا لا لا لا.

روپ اَ روپ سروپ سچو،

سارو ملڪ بيرنگ رنگ رچو،

لڳو نينهن نسنگ، نهن نهن اهي نچو،

سو تان ميم الف من ما ما ما.

گور اگرو نه گور اُتي،

ڏس مور امور نه مور اُتي،

اُها تور اندر نه تور اُتي،

هو من هو هو هو، دل ها ها ها.

دل دامَ ڳجهي ۾ رمز لڳي.،

ڀيري ”موهن“ تنهنجي ڀاڃ ڀڳي،

آهي کيل اَکيل کان ڳالهه اڳي،

ڏس رمز اها رخ لا لا لا.

(2)

ويهي ڪين وساريندا،

تنهنجو تو ۾ يار لڪو ٿي.

 

تون ته پاڻ پنهل ٿي پيهه

اُتي تنهن جو نانءُ نڪو ٿي.

تڏهن جارون جاڳي ڇو نه،

اڃا اهو دل دڪ ٿي..

جنهن سن تنهنجو پيچ پڪو ٿي.

تون ته پاڻ پنهل ٿي پيهه

اُتي تنهن جو نانءُ نڪو ٿي.

تڏهن جارون جاڳي ڇو نه،

اڃا اهو دل دڪ ٿي..

جنهن سن تنهنجو پيچ پڪو ٿي.

سسئي ڇڏي سج ۾ ،

هو ته سوڍل جو ساڙيهه،

اُٺ ڏٺا هئي اوچتي،

سريس سمجهئي، ڪونه،

دم دم اٿي دل ۾،

اٿ جاڳ جَت ويئي رات،

طلب جنهن جا تات،

ترڪ طمع ڪَرِ

سو ته ”موهن“ ڪر منظور،

پيچ پنهل سان آهي حج حضور

 

(3)

نه ريک اَريک نه مِيک اَميک نه بيک اَبيک،

سو ”لقمُ يَلِد“ لامارو.

 

نه رت امرت نه بِت اَبت نه گهت اَگهت،

سو ”وَلَم يُولَد“ وارو.

 

نه کنڊ اَکنڊ نه بند اَبند نه رنڊ اَرنڊ،

سو سِير سريءَ ۾ سارو.

 

نه پر اَپر نه مر اَمر نه ور اَور،

سو ”ونحن“ جو وچ وارو.

 

نه وچ اَوچ نه ڀچ اَڀچ نه رچ اَرچ،

سو نرمل نُور نيارو.

 

نه غم اغم ڪم اَڪم نه دم اَدم،

سو ”موهن“ جومن وارو.


 

24. محمّد اڪرم خان ولد آدم خان پٺاڻ: هي صاحب شڪارپور جي شڪر ريز زمين جو باشندو هو. 1841ع ڌاري شڪارپور جي ڪڙي عطا محمّد ۾ پيدا ٿيو. اوائلي پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو. غلام محي الدين شاهه گيلاني راڻيپور واري جو مريد ٿيو. موسيقيءَ جو ماهر، عابد ۽ زاهد هڪڙوئي هو. آخرت جي سفر سنڀرڻ کان ٽي ڏينهن اڳ هڪ ڪافي چيئين، جا هيٺ ڏجي ٿي. سال 1905ع ۾ فوت ٿيو. سندس شعر سرائڪي ۽ سنڌي ۾ ججهو هو پر سند س پوين جي بيپرواهيءَ ڪري ضايع ٿي ويو. سندس ڪلام ۾ فڪر جي فراواني آهي. ملاحظه ڪريو:

(1)

هُت ٻول ٻڌو آئين ٻيو،

هِت نينهن لائي ويٺين نانسان،

”وَفِ اَنفُسِڪُم“ تو وٽ تنهنجو،

هــــوت هــــمـــيـــشــــھ هـــــو

آندءِ عار ڪهڙي امڪان سان،

”قالوابلى““ ڪالهه قريبن،

قول ڪڏهن تو ڪيو،

پئين پرو ڪهڙي پيمان سان،

ملڪ ايندءِ موت جا،

رِلي نه رکندءِ ريو،

ڇڏي اوح ويندين ارمان سان،

تون تڪيو سمجهي توڙ جو،

کرَ وَتين نت کِيو،

 

موڳا محض مٽيءَ واري مان سان،

”اڪرم“ سڀ ڪنهن سنجهه صُباحين،

يار وڃڻ نيٺ پيو،

ڪهڙي منت ڪرين مهمان سان.

(2)

مارو تون ميل اسير، ساهه جنين کي تو ساري.

راتيون ڏينهان مون کي مارن جي، عاقل آهي اڪير،

مهڻن وڌو من ماري.

سرتيون ساهڙيون ويڙهه وسن ٿيون، محبت تن جي مير،

راتو ڏينهن ٿي رئاري.

کاڄ کيڻ ريءَ مارن جي، وِهه ڀانيا ٿي وير،

ڏيل ڏکن وڌيو ڏاري،

چوي ”اڪرم“ نانءَ الله جي، ڪڍ زورآوار زنجير

واڳ وطن تي وڃان واري.

25. نواب شاهه سڪايل: سيد نواب شاهه امام علي شاهه 1844ع ڌاري روهڙي شريف جهڙي رمزن واري شهر ۾ پيدا ٿيو، بيڪس فقير جي نظر، هن عمر رسيده بزرگ کي نوابيءَ مان فقيريءَ جي درجي تي فائز ڪيو. فقير به اهڙو فقر وارو، جو بيڪس سائين جي فوت ٿيڻ بعد سندس شان ۾ پيو ڪلام چوندو هو. هڪڙي ڀيري چيائين ته:

”بيڪس“ اتي ڇٽ جهاليا جو وير وحدت جا باغ بنايا،

شاهه حُسن دا ڳاوڻ ڳايا، سورهه ٿيا سلطان،

ماري دم خدائي،

سندس شعر سنڌي ۽ سرائڪي ۾ آهي،ڪلام ٿورو اٿس، پر جذب ۽ جوش سان ڀريل آهي. بيدل سائين ۽ بيڪس سائينءَ جي حُسن پرستيءَ جا چٽا آثار سندس شعر ۾ موجود آهن. ملاحظه ڪريو:

بيت

سامين ٻڌا سندرا، سڪ منجهون ساهي،

الک الک ڪري اٿيا، ڪابولي ڪاهي،

لڌائون لطيفي لاتڙي، لاڳايا لاهي،

گنديون گبريون گودڙيون، جوڳي جلائي،

وٺي ڏَس ڏاهي ”سڪايل“ ٿيا سامهان،

(1)

مون طورسينا، مولائن جو معراج،

ڪاپرين اندر ۾ ڪيو آديسين علاج،

”سڪايل“ تن تاج، پاتو آهي پريت جو.

ڪافي

بازر ۾ آيو يار پيارو،    هل ته هلي بازار ڏسون،

گلبدن سو گلرخ جاني،

ملڪن ۾ جنهن جو مٽ نه ثاني،

سو جاني جلويدار ڏسون.

بنا سينگار سدائين سهڻو،

ڪونه ڏٺوسين ڪو من مهڻو،

تنهن دلبر جا ديدار ڏسون،

ابرو سيف ايراني خالي،

خون عاشقن ۾ هردم عالي،

سو جنگ سندو جهونجهار ڏسون.

ڪير اچن ٿا سر سنباهيون،

ڪير وڃن ٿا ڪنڌ ڪپايون،

تنهن اڏيءَ جا اسرار ڏسون.

ڦاٿي تان وري ڦٿڪڻ ڪهڙو،

سور انهيءَ ۾ ڏاڍو ريهو،

مر درد سندا ڌڌڪار ڏسون.

ڄار وجهي ٿو ڄام ڦاسائي،

بازرين تن تي لوڪ حسائي،

خان ملي سي خوار ڏسون،

سرت ”سڪايل“ رک تون سمجهي،

ڪج نه جان پياري پنهنجي

ته عشق سندا اسرار ڏسون.

26. سيد حسين بخش شاهه ولد پير گلزار علي شاهه ڊٺڙائي.شاهه صاحب جن سن ٻارنهن سئو ٻاهٺ (1262هه) ڌاري پنهنجي ناني مرحوم پير سبحان علي شاهه وٽ تولد ٿيا. سندن اوالئي تعليم عربي ۽ فارسي رهي.جواني ديوانيءِ جي دور ۾مجاز جي چوٽ لڳين. درد دل رکندڙ صاحب هئا. سندن صحبتون اهل دل ۽ اهل عرفان وارن سان رهنديون اينديون هيون. ادبي ڪچهريون به پاڻ ڪيئن ڪيائون، سندن وفات 7 جمادي الاول 1318هه ۾ ٿي. سندس ڪلام ۾ تصوف جو رنگ موجود آهي. ان جي وسيلي سوز و گداز،درد جا دونهان دکائي سگهجن ٿا. ”ڪلام حسن بخش“ جي عنوان سان سندس ڪلام سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي، جو سنڌي ڪافين، نعت، مناقبت، سنڌي بيتن، سرائڪي ڪافين، سرائڪي ڏوهڙين ۽ اردو ۽ هندي ڪلام تي مشتمل آهي، سندس ڪلام جو نمون پيش ڪجي ٿو:

بيت

ڏورين ڇو ٿو ڏور، هو ورنهن اٿئي ويجهڙو،

سڄڻ ساهه پساهه ۾، دلبر ناهن دور،

وؤڙي ڏس وجود ۾، نرمل سندو نُور،

”حسن بخش“ حضور، مري جيءُ ته ماڻِئين.

---

محبوب مٺا منٺار ميڏا! مين روز ويکان تيڏيان راهين.

آءُ ڪڏاهين

سوز فراز دي سور سڻاوئين، دل اندر ديان دانهين،

آءُ ڪڏاهين

دل جوش تيڏي بيهوش ڪيتي، چوڌار برهه ديان باهين،

آءُ ڪڏاهين

آ همحال ٿيوين هڻ نال، ”حسن بخش“ ٻهڳڻ ٻاجهه نه لاهين،

آءُ ڪڏاهين

 

ڪافيون

(1)

جوڀن جنسار جانب جو، تفنگ تلوار ڦهه ڦهه ڦهه!

ڪُنڍا ڪاڪل قفس قهري خمرو خمدار صف سحري،

زور راور زلف زور زهري، حُسن هٻڪار ٻهه ٻهه ٻهه!

منور پاڪ پيشاني، ۽ ابرو قوس ڪرماني،

بترڪش تير مزگاني، چسم چمڪار چهه چهه چهه!

منهن مهتاب مهنداري، عجب آ انف اسراري،

دندان لب لعل مرواري، گوهر گفتار ٽهه ٽهه ٽهه!

”حسن بخش“ هوت کي هيڪر، ڏسي جيڪو جلي جيڪر،

شاهي شرطاً نظر ڏي ڪر، پون پاشاهه، پهه پهه پهه!

(2)

مار جادوگر جادو ڪيتوئي،دلڙي ٿئي ديواني،!

منڊرا پڙهه ڪر مارُيئي ڦينا، درد ڏتوئي دلبر ٻيڻا،

هردم حال ٿياهم هيڻا، مين جا ٿئي مستاني!

نال ڪامڻ دل قيد ڪيتوئي، منتر مار ڪي مار نيتوئي،

تن وچ طلسم سهج سيتوئي، يار آهين يوناني!

صاف سڄڻ ڪنهن سحر سکايئي، دلبر دل تي دود دُکايئي،

سارا ڏيل ڏکي دا ڏکيايئي، دل داغ ڏتئي دل جاني!

صاف سڄڻ تيڏي سهڻي صورت، هئي ”حسن بخش“ مهڻي مورت،

ناز غماز دي ڪهڙي قدرت، چند جان ڪران ڪران قرباني!

27. سيد حاجي حافظ حڪيم سيد ميران محمّد شاهه

اول: سيد ميران محمّد شاهه اول بن حڪيم سيد محمّد شاهه 12 صفر 1245هه ۾ پهرئين ٽکڙ ۾ ڄائو هو. ننڍي هوندي کان صوم و صلواة جو پابند هو. سندس والد صاحب کان حڪمت سندس ورثي ۾ آئي. انگريزن جي شروعاتي دور ۾ هن صاحب وڏا جوابدار درجا ماڻيا، پوءِ ته وڪالت به ڪيئين. زاهد عابد به هڪڙوئي هو. حڪمت کانسواءِ علم جعفر، رمل ۽ نجوم ۾ به چگي مهارت هيس، قرآن شريف جو به حافظ هو. انگريزي جو به اڀياس ڪيائين، جو سندس سنڌي مان انگريزي ڊڪشنري جي ترتيب مان عيان آهي. سندس تعلق سيد احمد شهيد بريلوي جي آزادي واري تحريڪ سان به هو، ان ڪري اهو روح هن پنهنجي عزيز ۽ شاگرد علامه قاضي اسد الله شاهه ۾ ڦوڪيو، جو سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي بانين مان هڪ هو. شاهه صاحب ان دور جي مکيه نثر نويس مان ٿي گذريو آهي. سندس ٺيٺ ۽ صفا سنڌي واري نثر جا هي ڪتاب مشهور آهن؛ سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو، مفيد الصبيان ۽ مفيد الطالبين. عديم الفرصت ڪري شعر و شاعري لاءِ وقت ڪو خص نه ملندو هو. پر فارسي خواهه سنڌيءَ ۾ سندس شعر چڱو هو. جو زماني جي سرد مهريءَ ڪري ناس ٿي ويو. فقط هڪ فرد فارسي ۾ ملي ٿو، جو سندس رهائش واري مڪان تي لڳل هو.

خدارا دمبدم شڪر وثنائي، بشد تعمير اين خوشتر بنئي.

پاڻ 1309هه ۾ رحلت ڪيائون.

28. محمد صالح ميمڻ ٽکڙائي: هي صاحب انهن ميمڻ جي نشان هو، جي ساداتن سان گڏ مٽيارين مان لڏي اچي ٽکڙ ۾ رهيا. پاڻ سنڌي خواهه فارسي ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿن پر افسوس جو اهي جواهر پارا، پاره پاره ٿي ويا. هڪ قطع تاريخ سندس يادگار آهي جو ملاحظه خاطر پيش ڪجي ٿو.  اها تاريخ سيد ميران محمّد شاهه اول جي والد صاحب سيد حڪيم محمّد شاهه جي وفات تي چيل آهي:

جناب سيد عالي نسب محمّد شاهه،

خجسته خوي صفوت ماب نيڪ نگاهه،

ز  جامِ نوشيد چون رحيق وصال

سرور يافت ز قرب ڪمال خوش ناگاهه،

نزول رحمت باد اقتران مرقد او،

هم از نفائح غفران معطرش مشواه،

زسالِ و صلش هاتف بگوش ”صالح“ گفت:

”ڪه باد رحمت وهاب بر محمّد شاهه“

هاڻي اچو، روحانيت ۽ علم و فضيلت طرف، اهو زمانو واقعي زرين هو. دنيا جي دولاب کان دور ۽ ڪيترو ئي دور، اهڙي دور وارا يار به پنهنجي ۾ پورا، پور هون ته هن هڪڙي جو، درد هون ته ان هڪڙي جو. دنيا جي لاڳاپن کي تڇ سمجهائون ٿي ۽ فضيلت ۽ روحانيت جي رنگ ۾ ريٽجي لال ٿيا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ سڀاڳي جا پاڻ ڀريل هئا. روحانيت ۽ علم فضيلت جي ڪن راڻن جو ذڪر امين سائينءَ جي وڏن معاصرن ۽ همعصرن ۾ اچي چڪو آهي ۽ ڪن جا نالا وري سندس همعصرن ۾ شامل آهن. باقي جيڪي معلوم ٿيا آهن، سي هت ڏجن ٿا:

1. مولانا محمّد حسن قريشي حيدرآبادي: مولوي محمّد حسن قريشي بن مولوي حاجي محمّد بن مولوي محمّد حسن پشت بپشت عالم نوشهري فيروز ۾ تولد ٿيا. سندس سن ولادت معلوم نه آهي. پر سندن وفات سٺ ورهين ۾ سن 1309هه ۾ ٿي. ان مطاب سندن ولادت 1249هه ۾ ٿي هوندي.  ننڍي هوندي محمّد حسن صاحب پنهنجي بزرگ چاچي محمّد صالح سان نير جي پوک ۾ هٿ ونڊ ڪندو هو. پنهنجي والد صاحب وٽ ابتدائي درسي مرحلا طئي ڪري، مولوي نور محمّد صاحب شهداد ڪوٽيءَ وٽ درس و تدريس مڪمل ڪري، پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي تعلقي دادو ۾ اچي درس کوليائون. ان بعد ڳوٺ بقاپور تعلقي لاڙڪاڻي ۾ مدرس ٿيا. رفته رفته سندن علم و فضل جو ناماچار سڄيءَ سنڌ ۾ ويو پکڙبو. ايتريقدر جو حضرت خواجه عبدالرحمان صاحب سرهندي ۽ قاضي فيض محمّد صاحب ٽيٽاڻي (جو حيدرآباد جو ڊپٽي ڪيلڪٽر هو) جن جي ڪوششن سان. مولوي صاحب جي مائي خيريءَ جي مسجد واري مدرسي ۾ اچي درس کوليو. سندن فيض مان ڪئين فيضياب ٿيا. جن مان مخدوم حافظ مولانا غلام محمّدصاحب ملڪاڻيءَ جو نام نامي مشهور آهي.مولوي خليفو عبداللطيف هالائي ۽ مولوي شفيع محمّد مجاور هالاڻي به سندن شاگرد هئا.

2. خواجه عبدالرحمان سرهندي: خواجه عبدارحمان سرهندي بن خواجه عبدالقيوم رحه المعروف به ”قنڌار وارو صاحب“ سن 1244 هه ۾ قنڌار ۾ تولد ٿيا، سندن فيض ابيض ساري سنڌ ۽ ان جي پسگردائيءَ کي مالامال ڪري ڇڏيو. امير ايوب خان ۽ امر عبدالرحمان جي جنگ وقت خواجه صاحب جن پنهنجي پياري وطن کي خيرباد چئي، قلات،ڀاڳناڙي  ڳڙھي ياسين ۽ مٽيارن مان ٿيندا، ٽکڙ جي مردم خيز زمين تي اچي مقيم ٿيا. پاڻ هن ئي ڳوٺ ۾ 12 ذوالقعد 1315 ھه م اڪھتر ورھين ۾ جي ڄمار ۾ رحلت فرمايائون. هي صاحب سرڳندي بزرگن جو سرواڻ هو ۽ جو نقشبندي بزرگ هو. سندس آرامگاهه گنجي ٽڪر جي گام تي جوڙي ويئي ، ان کي ”مقبره شريف“ به چوندا آهن. گهڻن ئي سن وفات لکيا. علامه سيد اسدالله شاهه ”فدا“ جو  سڀني ۾ برک آهي. سندن چند بيت ملاحظه ٿين:

 

اي حبيب خالق يڪتا انيس جان ما،
اي طبيب جمله علتها و دردم را دوا.
مانده ام جان برلب از هجر تواي وجھٰ الجميل،
تابه چند از ناز بر رويت حجاب از اختفا،
آه بي سر ماند از ترحيل آن قيومّ دين،
ملڪ ودين علم و عمل، جود و ڪرم فيض وهدي،

 

سندس فرزند حضرت خواجه محمّد حسن جان سرھندي به روحاني فيض جا درياهه پلٽيا. سندن اسم ننڍن معاصرن ۾ اچي ٿو.

مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي ”سرها گل“ ۾ سائين پکن ڌڻي لاءِ ڄاڻايو آهي ته “خواجه عبدالرحمان صاحب نقشبنديءَ وٽان امانت مليس.“

مگر اهڙي ڪابه ثابتي مخدوم صاحب جن جي ڪتابن خواهه روايتن مان نٿي ملي.

3. مولانا حافظ شفيع محمّد صديقي پاٽائي: مولوي حافظ شفيع محمّد صديقي احمدي، دادو ضلعي جي مشهور تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ سن 1835ع ڌاري تولد ٿيا. سندن والد ميرن جي دور ۾ پاٽ جا قاضي مقرر ٿيل هئا. ابتدائي تعليم مخدوم مولوي حاجي فضل الله سيوستائيءَ وٽ حاصل ڪيائون. پوءِ ٻيا علوم حاصل ڪري عالم، فاضل عامل ٿيا. کين حافظو غضب جو هو. قران جي حافظ ٿيڻ سان تفسير، حديٿ خواهه فقھ جا حواله کين بر زبان ياد هوندا هئا. عابد به هڪڙائي هئا. پاٽ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو هئائون، جو سندن وفات بعد بند ٿي ويو. کين باطني بخرو پهريائين ميان محمّد يوسف کنيارن واري بزرگ ۽ ان بعد مخدوم بلاول (رحه) وٽان مليو. صاحب وجد هئا، ان حال ۾ سندن ذهن مان عربي، فارسي، سنڌي  يا سرائيڪيءَ ۾ جواهر پارا نڪراندا هئا، جي قابل داد آهن. سندن شعر ۾ محبت رسول اڪرم صلعم جن جي جاءِ بجاءِ ملي ٿي. ملاحظه ڪريو:

 

عربي

الاهي نَحمَدُڪ حَمداً ڪَثيراً

وَنَشڪُر شَاڪِراً شُڪراً وفيراً

فانڪ لم تزِل ملڪاً قديماً،

حڪيماً حڪيماً عدلاً قديراً

فارسي:

مامقيمان شرع مختاريم،

رخ بقانون دون نبي آريم.

عندليبان بيضئه،

جابجا نوبنو بگلزاربم.

مرغ شارح درخت  توحيديم،

درة التاج شرع سرداريم،

ڳاميد دليل شرع نبي،

فارغ از مڪر و شر ماريم،

 

 

 

سرائڪي:

شابس شاهه محمد ڪون،

جنهن خوار ڪيت خرمرتند ڪون.

جيڪي هو سن حق دي حامي،

جڳ تنان دا سڀ سلامي.

احمد ڪيتي مئن انعامي،

دين اميان بهشت تمامي.

ملسن برڪت بيحد ڪون،

شابس شاهه محمد ڪون.

سنڌي:

هينئڙي لڳيس هير، جا آئي عرب پار جي،

سرهي منجهه سرير، هدايت هيڪار جي.

تاعرش مڙئي تاثير، آئي بوءِ بھار جي،

جاءِ نه عطر عنبير، گل ڦل ۽ گلزار جي.

ساعت منجهه سڌير، ٿي همت ڪل هوشيار جي،

اڳري ٿي اُڪير، محب مٺي منٺار جي.

تسبيح ۽ تڪبير، چيم جليل جبار جي،

يارب عليم خبير، مرد مدح مختيار جي.

4 حافظ محمد يوسف ٽکڙائي: حافظ محمد يوسف ولد حافظ محمد ھارون 1258هه ۾ اڳين ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس والد حافظ محمد ھارون پنھنجي وقت جو عالم متبحر هو. هن جو  مدرسو اڳين ٽکڙ  خواهه موجوده ٽکڙ ۾ علم جي درياهه مثل ڪيترن پياسن کي علم جي پلر سان پالوٽ ڪندو رهيو. حافظ صاحب جن بهترين خوشخط هئي، ۽ فارسي، عربي، سنڌي  تي ڪافي قدرت هين. سندن گود مان ”دلگير“ ۽ ”بسمل“پيدا ٿيا، جن پڻ ادب جي دنيا کي چمڪ ڌني. حافظ صاحب 1322 هه ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام مان چند مثال هيٺ ڌجن ٿا.

 

(1)

ڪڏهين نه پاڻ کان مون کان مون کي سڄڻ جدا ڪريو،

جي ڏين جان نه ان تي وري جفا ڪريو.

سڄي ڄمار ۾ هئي التجا اها منهنجي،

ته هن مريض محبت جي ڪا دوا ڪريو.

پکيڙي دام ڪيئي قيد دل کي ڪاڪل ۾،

ڪري قياس دو دل ۾ وري رهِا ڪريو.

(2)

داد دلبر سوا نه ڏيندو ڪير،

هاڻ همراز منهنجو ٿيندو ڪير!

تنهنجي محفل ۾ مھ لقا مون کي،

ساڻ ساٿي ڪري سڏيندو ڪير!

اک ڦِري ٿي ۽ پڻ لينو ڪانگل،

اڄ اڱڻ عاشقن جي ايندو ڪير!

جن کي مستي رهي محبت جي،

تن کي پلپل چئي پلّيندو ڪير!

5. مولانا غلام صديق مرحوم شهداد ڪوٽي: مولانا صاحب جن، مولانا نور محمّد شهداد ڪوٽيءَ جا ننڍا فرزند هئا. سندن جاءِ ولادت ڪنڊو تحصيل ڀاڳ رياست قلات بلوچستان آهي. سندن ولادت 4- ربيع الاول 1260 هه آهي. ٻاراڻي ٽهي ڪنڊي ۾ رهيا، پوءِ پنهنجي والد صاحب ۽ وڏي ڀاءُ مولانا گل محمد سان گڏجي اچي شهداد ڪوٽ ۾ رهيا،تيرهن سالن جي عمر ۾ پڳ ٻڌائون ۽ سندن مرشد مولانا ميان غلام حيدر صاحب قادري هئا. چوڏهن سالن جي ننڍي عمر ۾ مرشد طرفان خلافت ملين ۽ مولوي صاحب جا مشهور خليفا مولانا غلام محمد ڪمال ديرائي، ميان علي شير چانڊيو غيبي ديرائي ۽ ميان عمارالدين هئا. سندس شاگردن جو تعداد گهڻو آهي، جن مان هي بزرگ مشهور آهن: مولانا حسن الله صاحب پاٽائي، مولانا عطاء الله فيروز شاهي ۽ مولانا غلام محمّد صاحب مهيسر ڪمال ديرائي. پاڻ ديار حبيب لاءِ تڙڦندا هئا ۽ هميشھ ترنم سان آلا پيندا رهندا هئا:

”امُرّ علي الديار ديار ليليٰ،

اُقَبّل ذوالجدار و ذوالجدار.

وما حُبّ الديار شغفن قلبي،

ولاڪن حُبّ مَن سَڪَن الديار.

ڪرامت جا به صاحب هئا. مولانا صاحب فارسي ۾ ”عمليات صديق“ غير مطبوع ڇڏيا آهن سندن فتوائن جو گل دستو بنام ”جگ“ هو، خبر ناهي ته هاڻي ڪٿي آهي؟ پاڻ 23_ ربيع الاول 1323هه ۾ وفات ڪيائيون ۽ درگاهه صيدقيه شهداد ڪوٽ ۾ مدفون ٿيا.

6. مولانا محمد هاشم مرحوم ڳڙهي ياسين: مولانا صاحب جن جي ولادت، 1259 هه ۾ شهداد ڪوٽ ۾ واقع ٿي. استاد العلماء مولوي نور محمد صاحب جن جي درس مان مستفيض ٿيا. تحصيل بعدگهڻن ئي مدرسن ۾ رهي طالبن کي فيض پهچائي آخر اچي ڳڙهي ياسين ۾ رهيا، جتي لاڙ، ميل، بلوچستان، افغانستان جا طالب پنهنجي طلب جي اچي پورائي ڪندا هئا. مولوي صاحب جا شاگرد به سوين سنڌ ۾ پکڙيا پيا آهن. سندن طريقت جو مرشد حضرت مولانا ميان تاج محمد ڪٽپار شريف وارو آهي. شريعت شريف جا پابند، عابد ۽ زاهد به هڪڙائي هئا. سندن معتقدانه تعلق خواجه عبدالرحمان صاحب سرهنديءَ سان خاص رهيو. خواجه صاحب جي رحلت بعد نظم چيو هئائون، جن جا ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

”شد فلڪ زاندوه در خون شفقن،

سد ملڪ ز افسوس پنهان در شفقن.

بود خاص حضرت رب الفلڪ،

غفرلھ تاريخ او گفته ملڪ“

1351هه

مولانا صاحب 19_شوال 1323 هه فوت ٿيا ۽ هيٺيان ٽي فرزند ڇڏيائون، جي به علم و دين جا روشن مشعل رهيا. اهي صاحب آهن: مولانا حاجي محمد صالح، مولانا محمد قاسم ۽ مولانا محمد ابراهيم.

7. مولانا حاجي عطاء الله صاحب فيروز شاهي: مولانا صاحب جن ڳوٺ فيروز شاهه، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيا.سندن سلسلي نسب حضرت بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جي خليفي پيروڄ سان وڃي ملي ٿو. سندن ابتدائي تعليم سندن والد صاحب مولانا خيرمحمد وٽ ٿي ان بعد مولانا عبدالروءف مورائي، حضرت مولانا نور محمد ۽ مولانا گل محمد شهداد ڪوٽي سندن اُستاد ٿيا. ڏاڍا عابد هئا. زهد جو هي عالم هو جو ”دست بڪار دل بيار“ جي مصداق، ڏينهن جو تدريس جوڌنڌو ۽ رات جو عبادت ڪندا هئا. سندن دعا هميشھ بارگاهه الاهي ۾ مقبول هئي، اهڙا گهڻا مثال آهن. پاڻ صاحب سوز سماع هئا. 16_ رجب 1325 هه ڪيترن پنهنجن شاگردن ۽ معتقدن کي روڄ ۽ اوندهه ۾ وجهي، رب ڏي راهي ٿيا. مولوي هدايت الله صاحب هالائي قطع تاريخ لکي، ڪاشي جي سر جوڙائي قبر تي چسپان ڪئي آهي.

هدايت الله صاحب تاريخي مادو ”مغفرة“ 1335 ۽ مولوي دين محمد صاحب ادبي ”تذڪرة“ 1325هه ڪڍيو آهي.

8. مرحوم مخدوم ابو محمد عبدالله ولھاري: مهراڻي جو مٿير عالم مخدوم صاحب ٿي گذريو آهي، جن جي وجود مسعود جي برڪت جي ڪري ڪيترائي ٿريا ڪفر ۽ الحاد جي اوندهه مان نڪري اسلام جي صحيح ضوفشاني ۾ آيا. سندن اسم هو عبدالله، ڪنيت ابو محمد لقب حاجي اڪبري قوم سمان. سندن والد جو نالو هو ميان محمد ابراهيم بن ميان عبدالله.

سندن اصل وطن ولهار هو. پاڻ سنڌ جي مشهور بزرگ ”صابر برند“ جي اولاد مان آهن حضرت ولهاري 1241هه ڌاري ڄاوا. سندن تعليم جي ابتدا ۽ پڇاڙي سندن والد صاحب وٽ ٿي، جو وقت جو جيد عالم هو. هن خاندان جي بزرگن جو تعلق ٺٽي جي بزرگن سان هو. تحصيل بعد ٻن ــ ٽن هنڌ مدرسو کولي آخر ڳوٺ کنبڙو شريف اچي سڪونت ڪيائون، جتي سندن مقبرو آهي.سندن وصال سن 1306هه ۾ ٿيو. مريديءَ جو ناتو خواجه عبدالرحمان سرهنديءَ سان آهي. هاڻي سندن اولاد مان ميان هدايت الله صاحب ۽ ميان ولهاري آهن.

9. مخدوم پير رکيل ريلائي: پير رکيل ريلائي ولد پير خان محمد جي ولادت، ڳوٺ درسن تعلقي موري جي ڀر سان هڪ ننڍڙي واهڻ ۾ ٿي، جتي ريلائي پيرن جا ٻه ــ ٽي گهر هئا. سندن وفات 1915ــ 1916ع ۾ آهي جڏهن سندس عمر اسي ــ پنجاسي سال هئي. تنهن ڪري انداز مطابق سندس ولادت 1830ع ۾ ٿي آهي. هيءُصاحب پنهنجي پڦيءَ صاحبه سان گڏ موجوده درگاهه واري پٽن تي اچي رهيو. اها درگاهه متصل سيارو، پياري ڳوٺ اسٽيشن جي مغرب طرف آهي، سندس پڦي صاحبه پير ڪريم ڏني اول جي قبالئه نڪاح ۾ آئي، جو صاحب هن طرف جو رهواسي هو. ريلائي پيرن جو سلسلئه نسب مخدوم رڪن الدين ريلائي پير سان گڏجي ٿو. جو مخدوم فخرالدين جو ننڍو ڀاءُ هو.مخدوم نوح رحمت الله عليه مخدوم فخر الدين جي  پيڙهيءَ مان آهي، ان سبب ڪري پير رکيل ۽ سائين پکن ڌڻي پاڻ ۾ عزيز به هئا رکيل سائين حال جو صاحب هو. مجازي منزل ڪئي ڪري هو حقيقت جي حلقي ۾ داخل ٿيو. ننڊ ٿورو وقت ڪندو هو. دل يار سان گڏيل هيس. مسلمان خواهه هندو مريد گهڻا هئس. سير و سياحت جو ڪوڏيو هوندو هو. هميشھ پيرن يپادو هلندو هو ته به سڀني کان اڳرو هو پنڌ ۾. سندس ڪرامتون مشهور ۽ عام زد آهن اڄ به سندس درگاهه تي 29،28،27 ــ محرم تي ميلو لڳندو آهي.

10. مولانا مجاهد سيد تاج محمود امروٽي: امروٽي بزرگ جي احوال نه ڏيڻ ڪري هي باب اڻپورو رهي ها، ڇو ته هن بزرگ وڏين لاهين چاڙهين ۾ قوم ۽ دين جي خدمت ڪئي.کيس ”مجاهد اعظم“ جي لقب سان ياد ڪجي ته بلڪل بجا آهي. مولانا صاحب جي ولادت تعلقي روهڙي جي هڪ ڳوٺڙي ڳاڙهي موريءَ ۾ ٿي. هن جو والد صاحب سيّد عبدالقادر به چوٽيءَ جو عالم هو. پنهنجي والد صاحب وٽ درس ۽ سلوڪ جا پهريان سبق پورا ڪري، مولانا حاجي عبدالقادر پهنواري (تعلقي روهڙي) وٽ تحصيل ڪري قطب زمان حافظ محمّد صديق صاحب ڀرچونڊي شريف وارن جا طالب ٿيا. فقط چاليهن ڏينهن جي تمام قليل مدت ۾ سلوڪ جون سڀ خاردار واديون طئي ڪيائون، ۽ مرشد پاران حڪم ٿين ته وڃي امروٽ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ واسو ڪيو، جو ان وقت ڪيترن ئي بدعتن جو مرڪز هو. توڪل جو ترهو ٻڌي تبليغ جي ڪوهه ڪن ڪم کي شروع ڪيائون. پهريائين ته اڪيلا هئا، پوءِ ٿورا ٿورا طالب ويا گڏ ٿيندا. سڄو ڪم توڪل تي پيو هلندو هو مڪاني زميندار مستي خان دَل خدمت لاءِڪيتريون آڇون ڪيون، پر سڀ نه مڃائون.سنت جي پابندي ڪرائڻ جي لاءِ هميشھ ڪوشان رهيا. سوين گمراهه راهه تي آندائيون. جهاد جا ڪوڏيا هئا، ان ڪري خلافت تحريڪ جا خضر بڻيا. 1922ع واري علماء هند جي سالياني اجلاس جا ڪلڪتي ۾ صدر ٿيا. جميعت العماء سنڌ جا به صدر هئا. براج کوٽڻ وقت ڪيتريون مسجدون شهيد پئي ٿيون، امروٽي جماعت انهن جو حفظ ڪيو.

 سندن طبع شاعري ڏي به مائل هئي. مثنوي ”يوسف زليخا“ کي سنڌي نظم ۾ آندو اٿن، جو ”پريت نامه“ جي نالي سان پهرين دفعي سندس معتقد مريد وڏيري حاجي محمّد حاتم ڏهر شايع ڪرائي ان بعد منشي بوڪرڪاداس ڇاپيندو رهندو هو. سندس صادق مريد مولانا عبيدالله سنڌي امروٽ ۾ ”محمدود المطالع“ قائم ڪئي، جتي سوره ياسين ۽ سوره الرحمان جو ترجمو ۽ تفسير سليس سنڌي ڏوهيڙڻ ۾ شايع ٿيا. آخر وقت ۾ ”الهام الرحمان“ نالي قرآن پاڪ جو بامحاوره  ۽ سليس ترجمو ڇپيو جو موجود آهي. سندن مکيه خليفن مان مولانا هماد الله هاليجوي، مولانا حاجي عبدالعزيزٿريچاڻي،خليفو حاجي محمد صالح بائجي، مولوي عبدالڪريم صاحب واعظ الاسلام ۽ ٻيا ڪيترا بزرگ هئا. سندس زير اثر جيڪي صاحب رهيا، انهن مان چند برک شخصيات ڏيان ٿو: مولانا عبيدالله سنڌي ولي الاهي، معظم مجاهد ۽ انقلابي، مولانا احمد علي لاهوري، بلوچستان جو انقلابي اڳواڻ نواب يوسف علي خان منگسي، مرحوم مولوي دين محمد وفائي، محترم دين محمد علي، محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم جان محمد جوڻيجو. وفات حسرت  آيات وڏي عمر ۾ 5 ــ نومبر 1929 بمطابق3 ــ جمادالثاني 1348هه ۾ ٿي هنهن ڪيترن معتقد جي دلين کي پاش پاش ڪري ڇڏيو ڪيترن ئي صاحبن وفات تي تاريخون لکيون، جن مان مولوي عبيدالله صاحب ڳڙهي  ياسين واري جي پوئين مصرع ڏجي ٿي:

” از براي شاه ڪامل مهتر و بهتر نزاد،

ڪرد رضوان جاء اندر روضئه ”دارالسلام“

1348ع

11. خواجه پير محمد سعيد لواري وارو: هي بزرگ برگزيده اوصاف ستوده، رمضان 1264 هه ۾ لواري شريف تعلقي بدين ۾ متولد ٿيو. سندس والد بزرگوار خواجه محمد حسن مدني 7ــ صفر 1298هه ۾ مدينه طيبه ۾ فوت ٿيو ۽ کيس مديني شريف جي پاڪ مقام جنت البقيع ۾  متصل مزار حضرت خواجه محمّد پارسا مدفون ڪيو ويو منهنجو محترم بزگر الحاج خان صاحب ڪمال الدين مون کي هن پير صاحب جي فضيلت، برڪت ۽ ڪرامت جون ڪيئي ڪهاڻيون سڻائيندو آهي، جي اصحاب حقيقت لاءِ هال واريون هوندويون آهن، سندن چوڻ مطابق خواجه محمد سعيد صاحب پڻ ڀلي پار ڏانهن ويو، اتي [1]وڃي فوت ٿيو. مڪي شريف ۾ خواجه عبدالرحمان بن ابو ذر صديقيءَ جي نزديڪ مدفن آهن، پر اهڙو اشارو ” تڪمله مقالات الشعرا“ جي نه منصف ڪيو آهي ۽ نه وري مرتب ڪيو آهي. (1) ان ڪري هن صاحب کي مڪي سڏبو آهي. هن صاحب جو انتقال 2 ــ محرم 1364 هه ۾ ٿيو. هن صاحب جو ديوان آهي، پر اهو اڃا مطبوع نه ٿيو آهي. ان مان معلوم ٿيو آهي. ته هن جو سنڌي ترجمو پير صاحب سجاده نشين ڪرئي رهيو آهي. شال منظر عام تي اچي تڪمله ۾ هن جو ٻه نعتون آهن، تن مان هڪ ڏيجي ٿي، ان مان معلوم ٿي ٿو ته سندس ڪلام حب مدنيءَ سان سرشار آهي، شال اهڙو حقيقي قرب جو ڪمال هر ڪنهن پيروئي محمد کي نصيب ٿئي، آمين. ملاحظه ڪريو:

گردن ببرزده مخيالِ محمديم، دل در تصورات جمالِ محمديم.

از يوسف ارجوان زليخا بروي شد،

ما جان جوان شده ز ڪمالِ محمديم.

گرچه بشاخ عشق تو نوباده ايم ليڪ،

از پختاگان مهرِ جلال محمديم.

ازشڪر تيقن ڪثرت چه ذائقه،

شيرين دهان ز شهد نوالِ محمديم.

خضر از سر حيات بظلمات دم مزن،

ماخود حيات دل ز زلال محمديم.

باغ ِ بهشت را بفروشم به نيم جو،

درباغ جان نسيم شمال محمديم.

در روز حشر غم ز حسابم ”سعيد“ ني،

مابنده محمد و آلِ محمديم.

12ــ مولوي سيد الله بخش اٻوجهو: مولوي صاحب جي سوانح جي خبر مون کي سندس فرزند سيد محمد شاهه ۽ پوٽي سيد الله بخش شاهه کان گهڻي قدر معلوم ٿي، جو ڪراچيءَ ۾ هو منهنجا پاڙيسري هوندا هئا. مولوي صاحب پنجاب جي طرف جو هو. هن جي تولد جي ڪا پوري پروڙ ناهي. هن جي والد صاحب جو اسم گرامي سيد محمد شاهه هو. سندس تربيت تمام سهڻي نموني ۾ ٿي. سندس حافظو ضربالمثال هو. هي سنڌ ۾ ڌار ڌار ملازمتن جي سانگي آيو. سنڌيءَ ۾ اهڙو ڀڙ ٿيو جو هن جو نظم ” مسدس اٻوجهو“ ۾ اهڙو سليلس ۽ بامهاوره آيل آهي، جو ڪنهن به صاحب کي اها خبر نه پوندي ته مولوي صاحب ڪو حافظ محمد حيات شاهه وانگر پرديسي هو. چون ٿا جانسن جي انگريزي ڊڪشنري کيس بر  زبان ياد هئي، جيئن مولانا حالي، سر سيد مرحوم سان ٻانهن ٻيلي هو تيئن مولوي صاحب به خانبهادر حسن علي آفندي جو ساڄو هٿ هو، سنڌ مدرسي جي شروعاتي مهم کي هن تمام سهڻي طرح مسدس ۾ نباهيو آهي. خانبهادر حسن علي کي ”سٻوجهي“ ڪري سڏيو اٿس. پاڻ فرمائي ٿو ته:‎

سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا،

انهيءَ خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا.

وڏي هوش سان ڪارخانا هلايا،

وڏي عقل سان ٺاهه ڏاڍا ٺاهيا.

سڀئي مشڪلاتون ويون حل ٿينديون،

۽ آسانيون پير پنهنجا ڀرينديون.

مولوي صاحب تعليم جي لاءَ فرفته هو. نه رڳو پنهنجي سٻوجهي ساٿيءَ کي سارهيو اٿس، پر انهن ڏينهن ۾ جا ڪاليج هلچل ديوان ڏيارام ڄيٺمل صاحب هلائي، ان کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو اٿس. ديوان کي ”سڀاڳي“ جي لقب سان ياد ڪيو اٿس. مثال:

سڀاڳو جو ٿيو هو سچاري سڀا جو،

رکيل هو منجهس خلُق خالق خدا جو.

ڏنل هوس جوهر زرو دل صفا جو،

سو هو راست رو راست راه هدا هو.

نه ڪل  رعونت نه سر ۾ وڏائي،

اهي ڳڻ هيس دان دادِ خائي.

ڏسو ته ڪهڙي نه عام فهم زبان  ۾ مولوي صاحب تصوير ڪشي ڪئي آهي. جيئن ”مسدس حالي“ هند سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت جو آئينو آهي. هن مسدس ۾ پهريائين پهريائين  مولوي صاحب پنهنجا طبع زاد مسدس آئي، ان بعد مسدس حاليءَ جو ترجمو ڪيو آهي. پر اهڙو جو اصلي پيو  لڳي. سنڌي ادب ۾ مسدس کي مڻيا واري منزلت آهي ۽ انگريزن جي اوائلي دور ۾ ديوان گل بعد ٻيو عروضي ڪتاب چئجي ته به بجا آهي. مولوي صاحب 1901ع ۾ راهه جاوداني وٺي راهي ٿيو.

امين سائينءَ جي همعصرن جي ٽنهي طبقن کي جاچيو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته هيٺين گادين يا گادين جي صاحبن جو ذڪر اختصار خواهه تفصيل سان اچي ويو آهي: (1) پير صاحب پاڳارو، (2) درگاهه درزاي، (3) راڻيپور وارا جيلاني پير، (4) درگاهه مخدوم کهڙن وارا، (5)درگاهه بيدل فقير روهڙي وارو، (6) درگاهه مخدوم پير جان شاهه روهڙيءَ وارو، (7) درگاهه همايوني شڪارپور، (8)درگاهه امروٽي ڳڙهي ياسين، (9)درگاهه خواجه فريد مٺن ڪوٽ، (10) درگاهه رکيل شاهه ناڙيءَ وارو، (11) درگاهه ٻڍل فقير شڪارپور، ‎(12) درگاهه صديقيه شهداد ڪوٽ، (13) درگاهه قادري لاڙڪاڻه، (14) درگاهه عطاالله پاٽ فيروز سهي، (15) درگاهه ملڪاڻي دادو، (16) درگاهه مخدوم فضل الله پاٽ شريف (17) درگاهه فقير خير محمد هيسباڻي، (18) درگاهه شاهه نصير نوشهرو فيروز، (19) درگاهه مصري شاهه نصرپور، (20) درگاهه پير اشرف شاهه ڪامارو،(21) کنيارن وارو پير، (22) درگاهه سيد حسن بخش شاهه ڊٺڙو، (23) درگاهه بچل شاهه مانجهند وارو، (24) درگاهه صوفي آسورام هالا پراڻا، (25) درگاهه لطيفي ڀٽ، (26) اوتارو فتح فقير حيدرآباد، (27) درگاهه ٽنڊو شاهه جهانيان حيدرآباد، (28) درگاهه لنواري شريف، (29) درگاهه قادري بدين، (30) درگاهه جهوڪ شريف، (31) درگاهه بلڙي شريف، (32) درگاهه مخدوم عبدالله ولهاري. انهيءَ کان علاوه ملان ڪاتيار نزد ٽکڙ ۾ ميان ولي محمد روحاني علم سان گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ  جي مسلمانن کي سيراب ڪندو رهيو ۽ سخي قبول محمد درازي (وفات 1924ـــ1925ع) پنهنجي مريدن کي سرمدي پيالو پياري، سرمست ڪندو رهيو  هالا جي ويجهڙو ڇڪ ۾ ونجهريءَ وارا پير ۽ جهنڊي جي راشدي خاندان جا راڻا روحاني ذوق جا ذرا طلبن وارن سالڪن کي ڏيندا رهيا. ونجهيريءَ وارن پيرن مان امين سائينءَ جا همعصر ٻه ڀائر پير عباس علي شاهه ۽ پير صادق علي شاهه هئا. هي صاحب پير ميان جيوڻ شاهه جا فرزند هئا. هنن کي اڇائت پير ڪري سڏبو آهي. پير عباس علي شاهه 21 ــذوالحج  1240 ۾ ونجهيري تعلقي هالا ۾ تولد ٿيو ۽ 25 ــربيع الثاني 1312 هه ۾ رحلت ڪيائين. پير صادق علي شاهه 14 ــ ربيع الاول 1234 هه ۾ هن مڪان ناسوتيءَ ۾ آيو ۽ 26 ــ رجب 1313 هه[2] ۾ وفات ڪيائين هنن جا مقبرا پير بلالي واري مقام آهن هنن جون ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. جن ڪيترن ئي کي انهن پيرن صاحبن جو گرويده ڪري ڇڏيو (1)هاڻي اچون ٿا اصحاب العلم جي عملي نشانن تي (2) حضرت پير رشيد الدين صاحب العلم ثالث. پير رشيدالدين المعروف به پير سائين بيعت وارو. هو صاحب پير محمد ياسين شاهه ”جانڻ واري“جا ٽيون نمبر فرزند هئا. سندن ولادت 1354 هه ڌاري ٿي آهي سندن وڏي ڀاءُ پير سائين فضل الله شاهه جن جي شهيد ٿيڻ بعد پاڻ سجاده نشين ٿيا ــ ظاهري طرح قرآن مجيد ۽ اوائلي فارسي ۽ عربي درس کان سواءِ ٻيو علم ڪونه حاصل ڪائين، پر وهبي روحانيت عنايت ٿيل هين، جو ننڍي هوندي سندن والد صاحب سان گڏ اهڙي قسم جو هڪ واقعو معلوم ٿئي ٿو کين قادري طريقي سان گڏ اهڙي نقشبندي طريقي جي خلافت به عطا ٿيل هئي، پر پاڻ قادري طريقي جو ٻڌائيندا هئا. سندن نظر فيض اثر گهڻا گمراهه گهائي ڇڏيا ۽ اسماء الحسنيٰ جو ذڪر باترجمي صبح جو ٿيندو هو ۽ رات جو فڪر. کين ”بيعت ڌڻي“  ان ڪري سڏجي ٿو، جو پنهنجي جماعت کان بيعت رضوان جي نموني تي بيعت ورتائون. اهي بيعت جا شرط سندن فرزند پير رشيدالله صاحب سن 1303 هه (1912ع) ۾ شايع ڪرايا، جي ”بيعت نامه سنڌي“ جي نالي سان مشهور آهن.سندن رهڻي ڪهڻي سادي وندي هئي  ۽ سندن مجلس هميشھ فلسفئه اسلامي توحيد، ذڪرِ الاهي ۽

معرفت جي مامن سان مملو هوندي هئي، ۽ سندن نڪتا مفلوظات جي صورت ۾ محفوظ آهن. سندن محفل ۾ ڪي فقير مولود، مداحون ۽ ساز کان سواءِ مترنم ڪافيون به چوندا هئا.  پاڻ به سنڌي، اردو، سرائڪي، ۽ فارسيءَ بيت، ڪافيون، لوليون، ڇلا، غزل، مولود، مداحون چيو اٿن. سندن ڪلام جو مجموعو سندن فرزند محبوب شاهه مرحوم جي ڪوشش سان سندن خاص مريد، سيٺ  حاجي احمد پاٽولي ساڪن فقير جو پڙ حيدرآباد پنهنجي خرچ سان سن 1911ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان سواءِ سندن تصنيفن مان هي آهن: (1) اسماء الحسنيٰ، (2) مفتاح رشدالله ”تفسير امرتب حاجي فتح محمد مظاماڻي“ (3) توحيد نامه، (4) بيت نامه مردن لاءِ ، (5) بيعت نامه زالن لاءِ. سندن تعلق امين سائينءَ سان دوستانه ۽ قريب هو. هڪ ڀيري سائين رشيدالدين هڪ مام وارو بيت پرجھڻ لاءِ امين سائينءَ کي موڪليو. اهو فقيراڻو سوال هيءُ آهي:

خبر ڏي کوهه جي، ته پالهو ڪي پيهه،

جَسَ چڙهن ڇو ڇڏي، نڪو رينگو نڪا ريهه،

ڪڏهن اچن ٻه ڄڻا، ڪڏهن اچن ٽيهه،

جنين لڄ نه ليهه، سي ڀينڀيون ڀري آيا.

امين سائين مام پروڙي هيٺيون جواب ڏنو:

کوهه کنيون خيرات جو، جو پالهو پيو آهي،

گهڻي  جس جڙئن ۾، رينگي سان راهي،

مٽ ڀري تن منهن ڪيا، جن لڄ ڇڏي لاهي،

ڳجهه نه ڳالهائي، ”امين محمد“ عشق جو.

پاڻ ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ 1317هه ۾ وفات ڪيائون. کين پنج فرزند هئا. وڏو صاحبزادو سيد رشيدالله شاهه سجاده نشين ٿيو. پير محمد حسين شاهه ۽ امام الدين شاهه ٺلاهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ وڃي رهيا. پير محبوب شاهه ٻاروچاڻي جي ڳوٺ تعلقي ماتليءَ وڃي واسو ڪيو. باقي ٻه فرزند سيد رشيد الله شاهه سائين ۽ پير اسماعيل شاهه ڳوٺ ۾ رهيا. سندن ڪلام فرحت انجام مان چند نمونا هيٺ ڏجن ٿا:

فارسي:

بيا ساقي بده باده، ز عشق بي نشان خود،

نهوشم ”من مزيد“ گوديم ز شوق لامڪان خود.

بڪش جامي زميخانه، مڪن مارا زخود بيخود،

بيا در باده بيچون، عطا ڪن با ”علام ۾همڪ“،

مشرب ساغرش را ڪن، زخم خسر وانِ خود.

سرائيڪي: ڇلي شريف جا ٻه ــ ٽي بند برڪت خاطر پيش ڪجن ٿا:

سڻو ڇلي دي ڳالهه، ڇلا اڄ نهين ڪالهه.

سڻ ڇلي دا بيان، نه ها ملڪ مڪان،

نڪو رب رحمان، نڪو آدم انسان،

تڏهان بڻيان دلال، سڻو...

وچون عدم ٿيا اظهار، نور سڀو نروار،

سهي ڪيتا سينگار، جڙ بڻ جنسار،

جلويدار جمال، سڻو...

زلف وليل سياهه، جبين والشمس واضحيٰ،

ابرو سجده گاهه، مزگان سورهه سپاهه،

ڪوثر عين ڪمال، سڻو...

ڪافي

بيرنگ رنگ وچ آيا، سيل ڪرڻ دي ڪاڻ،

اَک ”ليس مني“ ڪيتس احسان، صورت وچ سمايا.

”ان اعراف“ دا آپ الائي، هرجا حڪم هلايا.

دورين عاشق ڪرن الاهين، ”رب ارني“ رک رايا.

ويک ”سيد“ سائين رمز سهڻي دي، چال چاڪان دي چلايا.

بيت

فنافي الله جو في الحال، سمجهيائون سير صحي،

”رحماء، رشيدالدين“ چوري، ويا ڪنن مان ڪهي،

اتي ٿيا سهي، جتي ناهي جاءِ جهاز جي.

”فَليضحڪواقليلاً وليبڪو اڪثيرا“، صحي سمجهائون،

اِن الله لا يحب الفرحين، پڙهي پرجهائون،

سي تڙ سوٺائون، جتي ناهي راند رئڻ جي.

ڪافي

ٻاروچل سان ٻول، منهنجو الست کان آهي.

جبل خاطر جت جي ميان وو، چوکيو ڀانيان چوڏول.

پٺيءَ پير پنهل جي ميان وو، هيبت جاهي هول.

”قالو بلي“ ڪيم قلب مان، ڪوهيارل سان قول.

سڪ صارن کي ”سيد“چوي ڀؤ ناهي ڪو ڀول.

ان پير سائين بعد سندس وڏو فرزند پير رشدالله شاهه صاحب العلم رابع عرف به، پير سائين خلافت ڌڻي گادي نشين ٿيا. سندن تولد 1277هه ٿيو. ان حساب سان پاڻ امين سائين جا ننڍا معاصر آهن، پر هن برگزيده هستيءَ جو احوال نه ڏبو ته سنڌ جي آزادي جي تحريڪ خواهه ادبي تحريڪ فرسوده ٿي پوندي. سندن علمي تربيت بهترين نموني ٿي. سندن استادن جي لسٽ ۾ مولوي محمد عمر کڏ هري. قاصي فتح محمد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي نمايان آهن علم حديث علامه حسين يمني، شاگردي امام شوڪانيءَ کان حاصل  ڪيائون. وڏا محقق  عالم هئا. ” مدرسته قرانيه“، جو سائين رشيدالدين شروع ڪيو هو، ان کي وڌائي مدرسه ”دارالرشاد“ بنايائيون، جو ڪيترن ئي اڄاڻن لاءِ رشد و هدايت جو مرڪز ٿيو. دارالمطالع کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڏاڍا ڏونگر ڏوريائون. ڪيترن قديم شهرن جا ڪتبخانا پاڻ وٽ گڏ ڪيائيون. ازان سواءِ اسلامي دين جي مشهور ڪتابن جا نقل سندن لئبرريءِ جا سينگار هئا. خلافت تحريد سندن مکيه حصي وٺڻ ڪري زور شور سان هلي، ان ڪري کين ”سائين خلافت وارو“ سڏبو هو. مطالعي جو شوق ايترو ته هون، جو سندن کٽ روزانو ڪتابن سان ٽمٽار هوندي هئي: ان سان گڏ طريقت جو شغل  پرچار به ساڳيو سندن والد صاحب جهڙو هوندو هو. سندن محفل به سندن شيدائن سان پُر هوندي هئي. جيڪي به ارشادات يا هدايت ٿيندا هئا سي ملفوظات جي شڪل ۾ محفوظ آهن. سندن تصانيف خواهه تاليف جو اندازو، مرحوم ميمڻ صاحب ڄاڻايو آهي، پر ايترو ناهي. سندن چند تصنيفات يا  خواهه تاليفات جو اندازو، مرحوم ميمڻ صاحب ستر ڄاڻايو آهي پر ايترو ناهي. سندن چند تصنيفات يا تاليفات هي آهن: (1) اسماء الحسنيٰ مترجم، (2) ٿمر آخرت، (3) پنج گنج ارشاد، (4) آخر ظهر، (5) ڪشف الاستار عرف رجال معاني آثار، (6) المعرفة المحدية في رداوهام الهدية الاسدية، (7) ارشاد المريدين، وهدايت المتقين، (8) الفرقھ بين اهل الله وبين المعارفھ، پنهنجي والد صاحب سان والهانه محبت هوندي هُين. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته سائين رشيدالدين صاحب 1880ع ۾ ڪاٺياواڙ جي سفر تي اسريل هئا. ڇهه مھينا لڳي وين، ڪونه موٽيا سيد رشيد شاهه صاحب هڪ ڪافي والد جي هجر ۾ ٺاهي، جنهن جي مطع هيءِ آهي:

مارن جي مجلس لئي، منهنجي دانهون دل ڪري،

دانهون دل ڪري الا، دک ۾ ٿو دم گزري!

سندن وفات 22ــ رمضان سن 1340 هه بطابق 19ــ اپريل 19ــ اپريل 1922ع 63 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. سندن شعر پڪو آهي. هر ڪنهن قسم جي طبع آزمائي ڪئي اٿن.سندن تّلص فارسيءِ  ۾ ”آه“ آهي. سندن شعر مان اهي انمول ادبي ۽ روحاني موتي ملندا، جي ڪيترن ئي ڪارين دلين کي منور ڪندا. ملا حظه ڪريو:

فارسي

منم خريده غلام تو يارسول الله،

بگوش حلقه لام تو يارسول الله.

نشتھ مستعدم از طواف مرقد تو،

باانتظار پيام تو يارسول الله.

بده مرا بجوار مزار آن منزل،

بحق آل ڪرام تو ياسڍرسول الله،

به پيش روضئه پاڪت ڪنم بعجزو نياز،

درود و ورد سلام تو يارسول الله،

مرا بحق  ڪه پس از ذڪرنام او ديگر،

پسند نيست زنام تو يا رسول الله

بخاطراين ست تمناڪه ريش راجاروب،

ڪنم بصحن مدام تو يارسول الله.

براي ديده ڪنم تو تيا ز ته خاطر،

زخاڪگاهه هرام تو يارسول الله.

دريدن ديار پراز فتن بنده او ”آه“،

گزيد ائيس ڪلام تو يارسول الله.

غزل

هئي هئي هنيو ته منهنجو دلدار لئي لڇي ٿو،

جيڪي آهيس دل ۾ ٻاهر نه ڪڇي ٿو.

دانهون ڪري ته دائم، جانب ويو جدا ٿي،

دوريءَ سنڌي ته درد کون، پيو پاڻ کي مڇي ٿو.

ڪنهن سان ورونهن ناهس، ڪنهن جو انيس ناهي،

جيدي اٿس اهو اٿس ، ٻئي جو نه ڪجهه پچي ٿو.

هڪ هوت جي هميشھ آهيس هب هنئين ۾،

پنهنجو خيال هردم، محبوب ڏي بڇي ٿو.

اڻيو قرار قلبوئون تنهن جو ته ”رشدالله“

روزون رلي رڃن ۾، منجهه رات اڀ ڪڇي ٿو.

ڪافي

رنگ رنگيءَ جي رتي ڪا، هزارن ۾ هڪڙي.

وئي ويءُ چري وحدت جو،

محبت منجهه متي ڪا، هزارن ...

صفت صبعتالله جي،

سکي هوندي ستي ڪا، هزارن..

”وما او تيتم من العلم الا قليلا“

پريان پھتي پتي ڪا، هزارن...

جبل جهاڳي جت لاءِ،

طلب منجهه تتي ڪا، هزارن...

ڇلي پوندي ڇپر ۾،

گهوٽ جي جنهن کي گني ڪا، هزارن...

پهچي ڪڏهن ڪينڪي،

سيجن تي جا ستي ڪا، هزارن...

پئي پير پنهل جي،

جمعا ٿيندي جتي ڪا، هزار...

اڳ ۾ معلوم ٿي چڪو آهي ته امين سائينءَ وارو زمانو انگريزن جو اوائلي دور هو. انگريزن عربي ۽ فارسيءَ زبانن جو زور ڀڃي، ديسي ٻولين کي انهن جي جاءِ زور وٺايو. ميرن جي زماني ۾ فارسيءِ جو زور هو. درٻاري ۽ شهري شعراءِ ڪرام فارسيٽ ۽ ڪلام جي موزونيت کي چنبڙي پيا، ته به ٻهراڙي جا ٻهڳڻ پنهنجا سادا سودا ٻول سنڌ واسين تائين پهچائيندا رهيا. انهيءَ ڏس ۾ پير اشرف شاهه ڪاماري وارو، خليفو گل محمد سانوڻي، فقير قادر بخش بيدل، عثمان فقير سانگي، حمل فقير لغاري، سيد قطب علي شاهه قطب بچل شاهه مانجهوءُ وارو، صافي آسورام هالائي، حسين فقير ديدڙ، فقير خير محمد هيسباڻي جا نالا وڏن معاحدن جي ضمن ۾ اچي ويا آهن: انهن ما نڪن صاحبن عروضي ڪلام سان گڏ غير عروضي ڪلام به چيو اهي. ان طرف جا ٽي مکيه مانجهي ڪمر ڪشمور لوڪ ادب جي ميدان کي مات ڪندا اچن ٿا. اهي آهن: حمل فقير لغاري، فقير حسين ديدڙ،  جلال کٽي. لطف علي جي لطافتن مان به  لطف وٺندا رهيا. ٻيلائي ٻهڳڻن مان شيخ ابراهيم، سيد ڪير شاهه جا برک نالا ملن ٿا. پر اهي امين سائينءَ جي دور کان سڀ گهڻو آڳاٽا آهن. چئبو ته اهي صاحب ڪلهوڙن جي آخرين دور کي عوامي ادب جي لاتن سان روشن ڪندا رهيا. منهنجي نظر تي ٽي ڪافين جا ڪتاب چڙيا: هڪ ڪافين جو ڪتاب از سيد فاضل شاهه سن 1900ع، ٻيو ڪافين جو ڪتاب پوڪرداد جو شايع ٿيل ٽيون شولداس جو شايع ٿيل انهن مان ڪافير شعراء جا نالا چونڊي ۽ سوجهي هيٺ شايع ڪجن ٿا، اهي نالا اڳ آيل ناهن. ڪي صاحب گمناميءَ جي گوشي ۾ به پيا آهن. جن جو ڪو به پتو معلوم به ٿيو آهي ته ان جو نالو ڄاڻايو ويو آهي. باقي لوڪ ادب جي رکپالن جو ذڪر سڄڻ سنديلي جي ادبي ذخيري مان گڏ ڪيو ويو آهي، هي ساڳيو سمو ڪافير جي صنف کان مشهور هو. انهيءَ زماني جي شاعرن کي پنهنجي احساسات جي اظهار ڪرڻ لاءِ مکيه ذريعو” ڪافي“ هئي. تصوف جو رنگ، ديس جون رهاڻيون ساديون سواديون پر پُرڪيف حقيقتون ”ڪافيءَ“ ذريعي عوام تائين پهچائي سگهيا ٿي، اهوئي سبب آهي جو غزل کان وڌيڪ هنن صاحبن پنهنجي ديسي نموني کي پسند ڪيو ۽ عمل ۾ آندو. ٻي ڳالهه اها ته شاهه صاحب جي ”وائي“، سچل سرمست جي ڪافي جي صورت اختيار ڪئي. سرمست سائينءَ جا سٻاجها چيلا امين سائينءَ جا وڏا معاصرا ٿي گذريا آهن. جو اوهان کي شروعات واري لسٽ مان معلوم ٿيندو. امين سائينءَ جي همعصرن ان صنف ۾ ڪمال حاصل ڪيو. خود پاڻ ڪافيءَ جو ڪلتار آهي. ڪافير شعراء جانشانبر نالا هي آهن: ميان ابوبڪر هالائي، قاضي ڪمال ڪڍڻ وارو، عبدالقادر هالائي، پير اميد علي قريشي ٽنڊي محمد خان وارو، بلند شاهه ڀيمن جي پڙي ــ تعلقو گهوڙاٻاڙي، عبدالله فقير ــ مريد سائين پاڳارو، محمد عالم ميمڻ حيدرآبادي، حافظ عبدالله لکوي شڪارپور، حاجي لطف الله سانوڻي هالائي، مرزا بنده علي تعلقو ڪوٽڙي، پير غياث الدين نقشبندي سرهندي شهدادرپوري، عثمان ڄامڙو اترادي، احمد علي شاهه ساڪن ماتلي، سعدالله اترادي، شاهه محمد، محمد حسن، ميان نور محمد عارف، عبدالرحمان سائل، امير بخش، ميان عنايت الله، فقير محمد، ڇٽن شاهه، راهب، نبي بخش، علي شير، سيد مهدي شاهه، سيد نورشاهه، سيد سليمان شاهه، سيد امير علي شاهه ناصراڻي، نورمحمد واڍو، غلام شاهه هٽڙي وارو، ملان الله بخش رشيد وڳڻ وارو، مولوي شهاب الدين رسبد وڳڻ وارو.

لوڪ ادب جا لال، جن سنڌ جي سرهي ٻهراڙيءِ کي سڳنڌ پئي پهچائي سي هي آهن: گهرام ٻروچ لاڙ وارو، خيرل اترادي، عرس اترادي، نورو اترادي،عرضي اترادي، گلڻ ، حاجي خانڻ چنجڻي، بچل  ڇٽو، حسين، جمال ڀٽو (ولادت 1836ع ڌاري) چاڪر خان رستماڻي بلوچ ڳوٺ ڇني تعلقو جوهي (ولادت .1840ع ڌاري)، فقير شاهه محمد ديدڙ (ولادت 1830ع ــ وفات 1892ع).

شاهه محمد ديدڙ ان سمي جي سگهڙن جو سرواڻ ٿي گزريو آهي، ۽ خان محمد چنجڻي چاهه وارو چائڪ، انهن ٻنهي جا گهڻيئي  ڪتاب مطبوع به ٿيا آهن. شاهه محمد جي ڪتابن منجهان: عمر مارئي، ويهين صدي، خطبا ۽ ڪجهه سينگار جا بيت، ۽ خانڻ جا، يوسف زليخا، سيف الملوڪ، جنگنامو مشهور آهن. شاهه محمد مرحوم جوپ رستو فقير خير خير محمد سان ججهو پيو ڀائنجي، فقير خير محمد جي وفات تي هن دل ڏاريندڙ ڪافي ٺاهي  آهي جنهن جو مطلع آهي:

منجهه ملڪ صوفين جا ادا سورهه مثل صنعان هو،

شهه شمس جي ثاني چوان، منصور جهڙي مان هو.

مقطع ۽ هڪ سٽ اڳين هيٺيون آهن:

خوش ”خير محمد“ اسم جنهن،

مانند قلندر قسم جنهن،

جئري جلايو جسم جنهن،

منجهه نفيءِ جي نيشان هو.

ڏس ”شاهه محمد“ ڏيل کي،

آ سُڌ جبار جليل کي،

ڇا تم ڪندي تمشميل کي،

واڌو شرح کان شان هو.

عمر مارئيءِ جي قصي ۾ مارئي جي حسن جي بيمثال تعريف شاهه محمّد

هيٺين اکرن ۾ ڪئي آهي، واقعي لاجواب آهي. حظ وٺو:

آهو عين لڄايا، بيھوشي بادام،

نڪ ڪنڍو آ نار جو، لب جو قرب گرام،

ڏند منل موتين جي، درس دهن آ دام،

خوبي کاڏيءِ جي بسي، ڪيو صوف سلام،

ڪونج ڳچيءِ جي ڪيفيت، ڪرڪيوپڙي ڪلام،

سينو صاف سيمين کون، لکيو خوب خدام،

پسي ارهه انبوهيا، رڃان ڪام نڪام،

چيلهه پسي چيتي ڇڏي، پنهنجي حجت هام،

پڳ پاريهر کون چڱا، گُڙي گنير گام،

دهشت سان ”ديدڙ“ چوي، ساري ديهي دام،

اهڙي ناز نظام، مارئيءِ ٿي ڦِريو ڦر چاريا.

حاجي خانڻ ۽ شاهه محمد جي پاڻ ۾ لڳندي هئي، حاجي خانڻ سراپا ڪچهري هو. جيڪڏهن ڪنهن به ميلي ملاکڙي تي حاجي خانڻ نه آيو ته ڄڻ ميلوئي نه متو. رات وهامي وڃي ته به هن جو درديلو ۽ سريلو آواز گهٽ نه ٿئي جيئن ٿڌ تيئن وڌ. هن جي ڪافي جيڪا عام زد آهي تنهنجو سرو هي آهي:

ياد پون ماروئڙا، وڃا جئري شال وري،

وڃا جئري شال وري، ڏسي اکڙيون پون ٺري.

هڪ ڀيري حاجي خانڻ لونگي ۽ رومال وڃائي آيو، شاهه محمد ديدڙ چوائي موڪليس:

ڪٿان وڃائي لونگيا،

ڪٿان وڃائي رومالڙا،

سل لونگي دا حالڙا،

حاجي خانڻ جواب ڏنس ته:

سوين چڙي سون لونگيان،

تيئين ڪدعي دا منهن ڪالڙا.


 


(1) تڪمله  مقالات الشعرا فارسي ـ ص 337 ــ 329

(1) هي احوال پير علي محمد شاهه صاحب ونجهيريءَ واري کان مليو. (2) هي احوال پير سيد وهب الله شاهه صاحب العلم موجود سجاده نشين جي مھرباني سان فراهم ٿيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org