ڪليات امين
امين محمّد سائين، عرف ”پکَن ڌڻي“ جو ڪلام
سوانح حيات:
حضرت امين محمد سائين، عرف پکن ڌڻي رحمھ الله عليھ جي نام نامي
اسم گرامي کان سنڌ جو اهل ذوق طبقو چڱي طرح واقف
آهي. سندن بزرگانه حيثيت ۽ شاعران شخصيت ڪنهن به
تعارف جي محتاج نه آهي.سندن رقت آميز ڪلام سنڌ جي
صوفين ۽ سالڪن جي سٿ ۾ وڏي عزت حاصل ڪري چڪو آهي.
حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمت الله صديقي و سهر وردي جي
فيوضيات عاليه ۾ سندن اولاد امجاد به شمار ٿين ٿا،
جي پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ نه فقط پير روشن ضمير هئا
پر ان سان گڏ، پنهنجي پنهنجي معاشري ۾ صولت ۽ شوڪت
جا صاحب به هئا، ته فقر ۽ درويشيءَ جا تاجور به
هئا. ان سان گڏ سڀ اڪثر ڪري سخن سنج ۽ سخن شناس به
هئا. بلڪه خود شعرگو ۽ نقطه نواز به هئا. سنڌي ادب
۾، حضرت نوح سرور رحه جا چند ”ابيات“ هڪ طرح سان،
فني محاسن جي حيثيت سان اوليت جي حيثيت به رکن ٿا.
اهو ئي سبب آهي. جو حضرت نوح سرور رحه جي فيوضات
۾، جتي ”ولايت“ جو ورثو سندن اولاد ۾ منتقل ٿيندو
رهيو آهي. اتي کين عقل ۽ وجدان، بصيرت ۽ فهم جون
قوتون به وديعت ٿينديون رهيون آهن. شعر و شاعري،
هن بزرگزيده روزگار خاندان جو ڄڻ ورثو ۽ ڏاج آهي.
امين محمد سائين رحه، هن صديقي ۽ سهروردي خاندان جو اهو بزرگ
آهي، جنهن جي شخصيت ۾ فقرودريشيءَ سان گڏ شعر و
شاعري به، به درجه ڪمال موجود آهي. سندن سارو
ڪلام، سوز ۽ ساز جو شارح آهي. نياز ۽ گداز، سندن
ڪلام جو روح آهي. سندن ڪلام، تصوف جي دقائق ۽
حقائق جو شاهڪار آهي، ان سان گڏ، حقيقت ۽ مجاز جو
آئينه دار آهي، سندن فيوضات باطنيه مان جتي ڪيئي
اهل نظر ۽ اهل بصيرت پيدا ٿيا. اتي سندن ڪيئي صحبت
يافته، شاعر ۽ سخن سنج ۽ بديھ گو ۽ بديع الڪلام پڻ
اُسريا جن سروري جماعت ۾ فقر ۽ محبت جي اها جوت
جلائي آهي، جنهن جي چنگاري اڄ به سروري جماعت جي
دلين ۾ درد جو دود دکايو ٿي اچي. لطيف ان جماعت ۽
ٽوڙ جي باهين ۽ اُلن، دائرن ۽ ڪَکن، کي سُرَ ”ڏهر“
۾ بيان ڪيو آهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته خود سُر
”ڏهر“ سروري جماعت جو خاص ”راڳ“ آهي، جنهن ۾ اهي
درويش صفت سالڪ، سماع ڪندي، پنهجن مرشدن جو مدحيه
ڪلام، درد ۽ فراق، سوز ۽ ساز سان چوندا آهن ۽ ان
طرح ذڪر لاَاِلاّللهُ جي ضربات سان دل کي اجاريندا
آهن، اهو ”ڏهر“ سروري جماعت جي اڄ تائين هڪ علامت
رهندي آئي آهي. ان ”علامت“ جا تخليق ڪندڙ،
سنواريندڙ ۽ جياريندڙ، اهي پڳدار آهن، جي حضرت غوث
الحق مخدوم نوح رحه جي پاڪيزه سيرت ۽ اخلاق جا
وارث آهن. اهو رنگ اڄ به سروري ٽوڙَ جي مختلف ميڙن
۽ اجتماعن ۾ موجود آهي.
ذڪر۽ فڪر جو مخصوص طريقو، جو سهرورديه عاليه جي نالي سان سڏجي
ٿو، اهو پاڻ پنهنجي جاءِ تي وجد آور ۽ روح آفرين
آهي، ان ذڪر ۽ فڪر جي آتش جگرسوز، سماع ۽ شعر سان
دو آتشه ٿي وڃي ٿي ۽ اهو شعر گهڻو ڪري پنهنجن
مرشدن ۽ پيرن جو استعمال ڪيو ٿو وڃي. اڄ به سروري
ٽوڙَ ۾ حضرت ”پکن ڌڻي“ جو ڪلام، ”ڏهرن“ جي صورت ۾
پڙهيو وڃي ٿو ۽ روحاني حظ حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيلو
مڃيو وڃي ٿو.
ان کانسواءِ امين محمّد سائين جو ڪلام، بيان ۽ انداز بيان جي
لحاظ سان به سنڌي سليمي ٻوليءَ لاءِ سونهن آهي.
اهڙو پاڪيزه ۽ شيرين ڪلام سنڌي ٻوليءَ لاءِ ائين
آهي، جيئن خواجه فريد جو ڪلام سرائيڪي ٻوليءَ ۾
آهي. اهوئي سبب آهي جو حضرت امين محمّد سائين جي
ڪلام جو تتبع ڪرڻ، سندن معاصرين لاءِ فخر جو باعث
رهندو آيو آهي.
علامه دائود پوٽو، مرحوم پنهنجي ڪتاب ”سرها گل“ امين محمّد ساين
جي ڪلام متعلق لکي ٿو:
”امين محمد سائين، عرف ”پکن ڌڻي“ الاهي اسرارن جو عارف، الستي
محبت جو بحر مواج، فيوضات يزدانيه جو شارح ۽
ترجمان حضرت غوث الحق، صاحب فيض والفتوح جي سلسله
عاليه ۾ تيرهون سجّاده نشين آهي. پاڻ حضرت مخدوم
محمد زمان رابع جا خلف الرشيد آهن“
سلسلئه عاليه
سندن سلسلئه عاليه هي آهي:
حضرت مخدوم امين محمّد ثالث، سجاده نشين 13، پنهنجي والد
بزرگوار حضرت مخدوم محمّد زمان رابع رحمت الله
عليه جا وڏا فرزدن هئا، کين ٻيا به ننڍا ڀائر هئا،
جن جا مبارڪ نالا هي آهن.
(1) ميان شاهه محمّد عرف ميان شاهنواز (1259- 1332هه، بمطابق
1833- 1914). (2) ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو
(1267-1304، بمطابق 1852- 1887ع) هيٺ پيش ڪيل شجري
موجب پاڻ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمت الله عليه
جي يارهين پشت هئا ۽ افضل البشر بعد الانبيا
باالتحقيق سيّدنا ابي بڪر الصديق رضي الله تعالى
عنھ جي ٻائيتاليهين (42) پشت هئا.
شجره نسب عاليه
سندن شجرئه نسب هي آهي:
(1) مخدوم امين محمّد بن (2) مخدوم محمّدزمان رحه بن (3) مخدوم
امين محمّد بن (4) مخدوم پنيلڌو بن (5) مخدوم
عثمان رحه بن (6) مخدوم محمّد زمان رحه بن (7)
مخدوم مير محمّد رحه بن (8) مخدوم مٺن رحه (9)
مخدوم مير محمّد بن (10) مخدوم ابوالخير رحه بن
(11) مخدوم امين محمّد رحه بن (12) حضرت غوث الحق
مخدوم نوح رحمت الله عليه عرف لطف الله رحه بن
(13) مخدوم نعمت الله رحه بن (14) شيخ اسحاق رحه
بن (15) شيخ شهاب الدين صغير رحه بن (16) شيخ
فخرالدين صغير بن (17) شيخ عزّالدين رحه بن (18)
شيخ اسماعيل رحه بن (19) شيخ عبدالوهاب رحه بن
(20) پير مير عرف سرور پير رحه بن (21) شيخ برهان
الدين رحه بن (22) شيخ فخرالدين ڪبير رحه بن (23)
شيخ ابوبڪر ڪتاني رحه بن (24) شيخ نصير الدين رحه
بن (25) شيخ سراج الدين رحه بن (26) شيخ وجھ الدين
رحه بن (27) شيخ خيرالدين رحه بن (28) شيخ ابو
عاصم رحه بن (29) فخرالدين رحه بن (30) شيخ
عبدالله رحه بن (31) شيخ شهاب الدين رحه بن (32)
شيخ ابو محمّد عبدالله رحه بن (33) شيخ ابو حفض
ابراهيم رحه بن (34) شيخ وجھ الدين رحه بن (35)
شيخ محمّد عمر رحه بن (36) شيخ عبدالله رحه بن
(37) شيخ رضي الدين رحه بن (38) شيخ مسعود رحه بن
(39) شيخ ابوالقاسم رحه بن (40) شيخ محمد اصغر رحه
بن (41) شيخ عمر رحه بن (42) سيدنا عبدالرحمان رضه
بن (43) سيدنا حضرت ابوبڪر صدّيق رضه*
ولادت
حضرت پکن ڌڻي رحه جي ولادت باسعادت، تاريخ 7 شعبان 1254هه
بمطابق 26 آڪٽوبر 1838ع جي واقعي ٿي. پاڻ پنهنجي
والد بزرگوار، حضرت مخدوم محمد زمان رابع رحه، جا
وڏا فرزند هئا. پاڻ (حضرت مخدوم محمّد زمان رابع
رح) پنهنجي خوش طالع فرزند ارجمند جي بابرڪت آثار
کي محسوس ڪري، سندن نالو پنهنجي والد ماجد جي اسم
گرامي تي رکيائون ۽ هن ڄمندي ڄام فرزند جي ولادت
تي خير خيراتون ڪيائون، لنگر هلايائون، صدقا
ڪڍيائون ۽ هزارن ستايلن جي مشڪلڪشائي ڪيائون.
روايت آهي ته سندن والد سائين، کين ڪوڏ وچان ”بابا سائين“ ۽
پيار وچان ”امين“ ڪري سڏيندا هئا.(1)
تعليم ۽ تربيت
سندن تعليم ۽ تربيت جو بندوبست، خانداني روايات موجب رکيو ويو.
ان زماني ۾ درگاهه فلڪ پائگاهه سرور به جي مجاورن
۽ خدمتگارن مان آخوند محمّد قاسم، علوم عاليه جي
درس وتدريس ۾ وڏي شهرت جو صاحب هو. حضرت مخدوم
محمد زمان رحه رابع، پنهنجي فرزند جي تعليم ۽
تربيت لاءِ آخوند محمد قاسم کي مامور فرمايو. حضرت
امين محمّد سائين، وڏي جهد ۽ رياضت سان علوم
متداوله جي تحصيل ڪئي ۽ ان دور جي درس نظاميه ۾
مقام تخصيص حاصل ڪيو. پاڻ قرآن، حديث، فقھ ۽ تصوّف
جي تقيق مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ خاص مرتبو حاصل
ڪيائون. اها به حقيقت آهي ته اصل ۾ تربيت ۽ تعليم
جو بلاواسطه تعلق پنهنجي مرشد حق آگاهه سان رهي
ٿو. ان موجب، سندن والد ماجد جي نگاهه امين محمد
سائين کي هر خيال کان ڪيميا بڻائي ڇڏيو:
دين هوتا هي بزرگون ڪي نظر سي پيدا.
جي مصداق، پاڻ، ”صبغت الله“ جي حسن ۽ رنگ ۾ رڱجي ريٽا ٿيا.
سجّاد نشيني
پاڻ اڃا پندرنهن سالن جا مس ٿيا ته حضرت مخدوم محمد زمان رحه
رابع وفات فرمائي. والد بزرگوار ۽ مرشد حق آگاهه
جي وفات سندن جوانيءَ ۾ غم انگيز جهوراڻو پيدا
ڪيو. حضرت سائين مخدوم محمّد زمان سائين رابع
19-صفر 1269هه مطابق 1853ع عين عنفوان- شباب ۾
رحلت فرمائي ويا. سندن عمر فقط 36 سال ۽ ست مهينا
هئا.
امين سائين هن جهوريءَ کي حوصلي ۽ استقلال سان برداشت ڪيو،
ڇالاءِ جو درگاهه فلڪ پائگاهه جو سارو انتظام،
جماعت سروريه جي تربيت جو اهتمام سندن ڪلهن تي
آيو. ان کانسواءِ پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن، ۽ چئن
معصوم ڀينرن جي ڪفالت ۽ خدمت جو بار به مٿن
آيو.پاڻ، هر مسئلي کي مڙس ٿي منهن ڏنائون،
دستاربنديءَ ۽ سجاده نشيني کان پوءِ هڪ تجربيڪار ۽
ماهر روزگار وانگر سارو بار سنڀاليائون. مريدن جي
حقن جي حفاظت ڪيائون، عزيزن جي واجبات کي حل
ڪيائون ۽ سروري خاندان جي روايات سابقه کي چار چنڊ
هڻي، طريقه عاليه سهرورديه جي سنڌ ۽ هند جي دور
دراز حصن تائين تبليغ ڪيائون. سندن ”دستار“ طريقه
عاليه جي فروغ جي سلسلي ۾ هڪ نمايان ۽ تاريخي مقام
رکي ٿي.
ايام جواني
حضرت امين محدم سائين جي جواني، ڏاڍي مستاني ۽ البيلي گذري. پاڻ
نهايت پاڪيزه طبع جا هئا پر خوش پوشاڪ به هئا.
سندن باطن اگر ”فقر“ جي گودڙي سان سينگاريل هو ته
سندن ظاهر ڪلاه-سڪندري کان سنواريل هو. سندن جاه و
جلال شاهاڻو هو پر مزاج فقيراڻو هو. بدن مبارڪ
ڀريل هوندو هونِ، پر حسين ۽ جاذب نگاهه! سندن
سراپا حسين ۽ دلڪش چهرو ڪتابي، پيشاني نُوراني،
ماڻهو هڪ نگاهه سان فريفته ٿي ويندا هئا. پوشاڪ
اڪثر ڪري رنگين پهريندا هئا. دستار گلابي، گيڙو
رتي ۽ سائي پهريندا هئا. ڪڏهن ته سارو لباس گيڙو
رتو زيب تن ڪندا هئا. سندن ان رنگين زندگي جو
چُٽڪو به چار ڏينهن رهيو. جلدي پنهنجي اصلوڪي
فقيراڻي طريقي ڏانهن رجوع فرمايائون. سندن لطيف
طبع لاءِ روايت آهي ته پاڻ، جنهن پاسي نڪري ويندا
هئا، اهو پورو خطو واسجي ويندو هو.کين عطر ۽
خوشبوءِ سان تمام گهڻو اُنس رهيو.
اولاد
سندن شاديون چار هيون: ٽي هالن مان ۽ هڪ پنهنجي عزيزن، قريشي و
صديقي پيرن مان، اهو خاندان نورپور تعلقي نوشهره
فيروز ۾ اڄ تائين آباد آهي.
کين پنهنجي خاندان جي حرم مان ٽي فرزندٿيا: پهريون فرزند مخدوم
ميان محمد زمان رحه، ٻيو مخدوم ميان ظهير الدين
رحه ۽ ٽيون ميان فتح محمّد رحه. اهي ٽيئي فرزند
پنهنجي دور ۾ برگزيدئه روزگار شمار ڪيا ويا پهريان
ٻه بزرگ، سجاده نشين پڻ ٿيا.
محبت جو منڌ
جي اٿئي سُڌ سرڪ جي، ته ونئن ڪلالڪيءَ ڪوءِ
مـهيـسـر جـي مـنـڌ جـي، هـت هـڏهـيـن هــوءِ
جان رمز پروڙيم، روءِ تان سروٽ سرڪي سڳڻي.
(شاهه)
امين محدم سائين جي تعليم ۽ تربيت جي دور واري حيات اگرچ ظاهري
نشمونما جي لحاظ سان اميراڻي هئي پر باطني طور
فقيراڻي هئي. سندن باطني تربيت پنهنجي والد
بزرگوار حضرت مخدوم محدم زمان رابع رحه جي نگاهه
ڪيميا اثر جي مرهون منت هئي. دستور موجب،پاڻ ورهه
جي وٽي، پنهنجي مرشد ۽ والد جي دست حق پرست کان
پيتي هوائون، جنهن اڳتي هلي، جوانيءَ ديواني جي
ورق کي ورايو ۽ منجهن سلوڪ ۽ طريقت جا آثار
پيداٿيا. منجهن حق تعالى جي فيوضات ابديه جي
واردات پيدا ٿي ۽ ظاهري حسن و زيبائش ۾ فرق پيدا
ٿيڻ شروع ٿيو. حق تعالي جي محبّت، سندن قلب ۾ واسو
ڪيو. پاڻ علوم عاليه جا متبحر عالم هئا. انڪري
سندن طبع اسرار الاهي جي موتين ميڙڻ ۾ لڳي ويئي.
ذڪر ۽ فڪر منجهن خلوت پسندي ڏانهن رغبت پيدا ڪئي.
سادي کائڻ ۽ سادي هنڊائڻ تي اڪتفا ڪري، پنهنجي روح
کي رب ڪريم ڏانهن رجوع ڪري ويهي رهيا.عبادت ۽
مجاهدي ۾ ڪمال حاصل ڪيائون. ايترو ته جهد ۽ رياضت
ڪيائون، جو ڪاٺيءَ وانگر سُڪي لاغر ٿي ويا. جڏهن
مجاهدي سان مَچي مانجهي ٿيا، تڏهن بدرقه جي ضرورت
محسوس ڪيائون. هن راهه ۾ مرشد ڪامل جي دستگيري
ضروري امر آهي.پاڻ اها ضرورت محسوس ڪيائون، ته
سلوڪ جي خاردار وادين جي سالڪ ۽ راهه جي نشيب و
فراز واقف کانسواءِ، سلوڪ ۽ طريقت جو ميدان طئه
ڪرڻ مشڪل امر آهي. اگرچ سندن روحاني تربيت جو
سلسلو پنهنجي والد ماجد سان وابسه هو،پاڻ ”بيعت
طريقت ڪري چڪا هئا پر سلوڪ جي بابرڪت ميدان ۾
”صحبت جو هجڻ لازمي آهي، ان سلسلي ۾ پاڻ پنهنجي
سروري جماعت جي هڪ سيلاني درويش سهيل، عرف سيلو جي
صحبت اختيار ڪيائون ۽ ان جي صحبت ۾ طريقت جا
مقامات ماڻيائون.
سهيل عرف سيلو،هڪ سروري درويش ۽ سيلاني فقير هو. فقير هميشھ
سيرو سياحت جو ڪوڏيو رهيو. انڪري کيس سڀ ”سيلاني“
سڏيندا هئا. فقير صاحب ، ذات جو ”منڱريو“ هو. سندس
مڪان، هالن کان اوڀر ۽ اتر طرف هالا براج وٽ، ميل،
سواتي آهي، اهو فقير صاحب، ميان مڱيلڌي ولد ميان
الهه اوڀائي وڏي جو صحبت يافته هو، کيس فيض به
اتانهون مليو هو.
روايت
سيلاني فقير جي صحبت ۽ مجاهدي، رياضت ۽ سلوڪ متعلق حضرت مولانا
مولوي غلام حيدر صدّيقي رحه کان روايت آهي ته هڪ
ڏينهن، ميان مڱيلڌي جن وٽان کين هدايت ٿي ته:
”فقير، هاڻي وڃي روٽي رڙيءَ جي ڪجي!“
سندن اها هدايت به مجاهدي لاءِ هئي. ان هدايت تي فقير صاحب
رخصتياب ٿي، اچي ٻني ڪئي، جيستئاين سندس پوک پچي
تيار ٿي، تيستائين ”فقر“ ڪري ان تي گذران ڪندو هو.
آخرڪار ان مجاهدي مان به ”فقير“ سيلاني پار ٿيو ۽
سروري ٽوڙ ۾ ”خلافت“حاصل ڪيائون.
ملاقات
امين محمّد سائين جي ملاقات ۽ صحبت متعلق روايت آهي ته ”هڪ ڀيري
امين سائين، فقير صاحب وٽ ڪَهي ويا. اتي وڃي کين
عرض ڪيائون ته اسان سان به ”حال ونڊجي“ فقير صاحب،
ٿاڌل، (ڀنگ) گهوٽيل مان ڪجهه ڏيڻو ڪيو، پر پاڻ
فرمايائون ته اسان کي شريعت شريف مطابق گهرجي،
فقير ڳاڙهي مستي جو شربت پيش ڪيو، جنهن مان ٽي
سرڪيون ڀريائون، پهرين سرڪ ڀرڻ کان پوءِ اتي جي
ماحول جي غيبي معاملات جو ڪشف ٿيڻ لڳن؛ ٻي سرڪ ڀرڻ
کانپوءِ مڪاشفي ۾ تيزي محسوس ٿين؛ ٽين سرڪ کانپوءِ
ڪشف جي واردات ايتري وڌي وين جو هالن ڏانهن واپس
ورندي واٽ تي هڪ حامله عورت کي فرمايائون ته توکي
پُٽ آهي، اڳتي هلي، سندن اهو ڪشف سچو نڪتو ۽ ان
عورت کي واقعي پٽ ڄائو“(1).
فقير سهيل جي پهرين صحبت ”سروري امانت“ کي حضرت امين سائينءَ
ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿي ۽
”آن راڪه خاڪ را به نظر ڪيميا ڪنند“
آخرڪار سروري امانت، امين سائين کي سونپي، سيلاني رمندو رهيو،
سهيل فقير، 18 ربيع آخر 1302هه مطابق 1885ع جو
وفات ڪئي، يعني امين سائينءَ کان فقط هڪ سال اڳ،
فقير صاحب کي سندس مرشد غوث الحق مخدوم نوح رحمت
الله عليھ جي درگاهه ۾ ڏاکڻي چئوڪنڊيءَ جي هيٺئين
پِڙَ ۾ ٻيءَ قطار ۾ دفن ڪيو ويو.
امين سائين جو اولاد
امين سائين جا ٽي گرامي قدر فرزند ٿيا، جيئن مٿي لکيو ويو آهي،
مخدوم محمّد زمان خامس ۽ مخدوم ظهير الدين، يڪي
بعد ديگري سجاده نشين ٿيا ۽ ٽيون فرزند ميان فتح
محمد رحه ٿيو.
مخدوم محمّد زمان خامس
مخدوم محمّد زمان (خامس) امين سائين جو پهريون جليل القدر فرزند
۽ پڳ جو وارث، آچر ڏينهن پهرين جمادي الاول 1278هه
مطابق 1862ع تولد ٿيو، پاڻ ڏاڍي لاڏڪوڏ سان تربيت
حاصل ڪيائون، بندن ۾ ڀريل هئا ۽ نهايت پرڪشش، حسين
۽ جميل شخصيت جا مالڪ هئا، سندن پيشاني نوراني
هئي، ۽ چهره ڪتابي ۽ رعبدار، کين سونهاري شرع جي
موافق هئي، گهوڙيسواري جا شوقن هئا، پاڻ پنهنجي
دور ۾ نهايت بهادر ۽ شجاع شمار ڪيا ويا آهن. الله
تعالى جي خوف کانسواءِ غير جو خوف ڪڏهن به سندن دل
۾ نه سمايو، سندن عزت ۽ عظمت جو ڌاڪو، حڪومت تائين
به پهتل هو. سندن دور جا امير ۽ پير، حاڪم ۽ افسر
نه فقط سندن شخصيت کان متاثر رهيا پر مرعوب به
رهيا. ڪيترا ڀيرا مٿن حملا به ڪيا ويا، پر دشمن
ڪڏهن به ڪامياب نه رهيا.
پاڻ جودو سخا جا درياهه رهيا، سائلن کي ڍئي ڇڏيندا هئا.
ڪوبه ستايل، سندن خدمت مان بي بهره ۽ خالي نه
موٽيو. سندن پوشاڪ شاهاڻي هئي، ڀلي گهوڙي تي سواري
ڪندا هئا ۽ اڪثر تلوار ساڻ رکندا هئا.
هميشه گهوڙي تي سوار ٿي اڪيلائي اڪيلا پري پري هليا
ويندا هئا.
سندن آواز رعبدار هوندو هو، سندن خشم آگين نگاهن جو تاب
ڪير به برداشت ڪري نه سگهندو هو. وڏا وڏا ڏهيسر،
سندن روبرو اچي ڪنبندا هئا، پاڻ پنهنجي دور ۾سڀني
پيرن کان زور وارا پير هئا.
پاڻ، عبادت گذار ۽ متشرع، عالمن جي عزت ڪندڙ، ديني
مدرسن کي امداد ڏيندڙ، غريبن ۽ يتيمن ۽ بيواهن
زالن جي سار سنڀال لهڻ وارا هئا.
عفو ۽ درگذر ۾ به سندن ڪو مَٽ ثاني نه هو، پاڻ، پنهنجي
ذاتي دشمن کي به بخشي ڇڏينداهئا، بلڪ کيس انعام
اڪرام ڏئي اماڻيندا هئا، هڪ ڀيري سنڌ جي هڪ وڏي
پير، مٿن حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿيار بند مريد
موڪليا. اهي ماڻهو، هالن جي موجوده وڏي رستي تي
اچي کٻڙن ۾ لڪي ويٺا، کين خابرن خبر ڏني ته شام جو
حضرت مخدوم صاحب، سير تي نڪرندي هتان ضرور لگهندو
آهي، پاڻ دستور موجب، اڪيلا گهوڙي تي سوار ٿي،
گهمندي اچي لانگهائو ٿيا، حمله آور ماڻهن وجهه وٺي
جيئن، کٻڙن مان نڪري حملي جي ڪوشش ڪئي، تيئن سندن
نظر وڃي مٿن پئي، فورن کين هڪل ڪيائون متان ويا
آهيو! حمله آور، سندن ان هڪل تي حواس باخته ٿي
بيهي رهيا، پاڻ اڪيلي سر اچي کين ٻڌي، بنگلي تي
وٺي آيا، بنگلي تي کين امن ۽ آرام سان مهينو کن
شاهي مهمان ڪري رکيائون، مهيني کانپوءِ کين ڀلا
گهوڙا، روپن سنجن سان ڏنائون ۽ ان کانسواءِ، دستور
موجب لنگيون پوتيون ۽ انعام اڪرام ڏئي کين رخصت
ڏيندي فرمائون:
”ابا پنهنجي پير کي سلام ڏجو ۽ چئجو ته ائين نه ڪبو
آهي“
پاڻ پنجيتاليهه سالن جي عمر ۾ چوڏهين سروري دستار تي
آيا ۽ ٽيونجاهه سالن جي عمر ۾ 28 رمضان 1331هه
مطابق 1913ع وفات فرمايائون.
مخدوم ظهير الدين(دستار پندرهون)
حضرت مخدوم ظهير الدين، حضرت امين سائين جا ٻيو نمبر
فرزند هئا، سندن تولد آچر ڏينهن 15 جمادي الاول
1280 هه مطابق 1864ع ٿيو، کين پريل ڄام ۽ ”پرو
ڄام“ جي پياري نالي سان ياد ڪيو ويندو هو.
پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي دور ۾ سارو ڪاروبار سنڀاليندا
هئا، حضرت مخدوم محمّد زمان خامس جي وفات کانپوءِ
ايڪونجاهه سالن جي عمر مبارڪ ۾ پندرهين سروري
دستار تي آيا، ڇالاءِ ته حضرت مخدوم محمّد زمان
خامس رحه کي اولاد ڪونه ٿيو. شريعت جا صاحب ۽
تعليم جا شائق هئا. ان سلسلي ۾، اسلامي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ هالن ۾ ديني مدرسو پڻ قائم فرمايائون.
جنهن مان هزارن طالبن علوم عاليه تائين تحصيل ڪئي.
ان سان گڏ، پنهنجي فرزندن ۽ عزيزن کي به تعليم جي
زيور سان آراسته ڪيائون. اڱاري ڏينهن 6 رجب المرجب
1345هه مطابق 10 جنوري 1926 تي وفات فرمايائون.
ميان فتح محمد صاحب قريشي
امين سائين جا ننڍا فرزند هئا، جڏهن ته درگاهه جي
ڪاروبار سنڀالڻ وارا سندن وڏا ڀائر موجود هئا.
تنهن ڪري پاڻ دنيا جي هر ڪنهن ٻنڌڻ کان آزاد رهيا،
سندن رهڻي ڪهڻي ڏاڍي رنگين هئي. امين سائينءَ
وانگر پاڻ به رنگين پوشاڪ پهريندا هئا.
پاڻ صاحب الاخلاق هئا، ڪنهن به ماڻهو کي رنج نه ڪيائون، سڀني
سان مهربانيءَ سان پيش آيا. ساري عمر بي فڪري جي
عالم ۾ گذاريائون ۽
”هينون ڏجي، حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“
جي حال وارو رهيا. جمع ڏينهن 7 ذوالقعد 1288هه مطابق 1872ع ڄاوا
۽ ڇنڇر ڏينهن 20 شوال 1340هه مطابق 1921ع وفات
فرمايائون.
راهونڊ ۾ روح رهاڻ
حضرت امين محمد سائين جي مجاهدي ۽ رياضت جي سلسلي ۾
”راهونڊ“ کي وڏي شهرت حاصل آهي. ان متعلق حضرت
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“ جن جي هڪ
مقالي جو اقتباس پيش ڪجي ٿو. لکن ٿا:
سائين پکن ڌڻي رياضت ۽ مجاهدي لاءِ هڪ ويراني کي تلاش ڪري، اتي
وڃي ويٺا ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول ٿيا. ان سر زمين
کي ”راهونڊ“ چوندا آهن، ان کي ”پکا“ پڻ سڏبو آهي،
ڇالاءِ ته پاڻ هت پکا اڏي سڪونت اختيار ڪري ويٺا
باقي
”ڪڙ-مڪان“ فقراءَ پنهنجي رهڻ لاءِ تيار ڪيا. هڪ ”ڪڙ“ خاص آهي.
ان ۾ پاڻ صبح و شام اچي، فقراءَ ۽ ٻين آيل ماڻهن
سان روح رهاڻ ڪندا هئا، ٻيو سمورو وقت دونهين ۾
اندر گذاريندا هئا.
”دونهون“ عام اصطلاح ۾ ان جاءِ کي چئبو آهي، جتي ڪو فقير دونهون
دکائي، ٿورو، ”لوڙهو“ ڏيئي ويهي ۽ الاهي عبادت ۾
مشغول ٿي ويهي، ڪي فقير دونهون ڪونه دکائيندا آهن،
فقط ”لوڙهو“ ڏيئي ويهندا آهن، ان کي عام اصطلاح ۾
”لوڙهو“ چيو ويندو آهي.
گهڻا ماڻهو چوندا آهن ته ”دونهون دکائڻ“ شرع جي خلاف آهي، مگر
ائين نه آهي، جيڪڏهن دونهون غير شرعي طريقو هجي ها
ته اسان جو شاهه هيئن نه چوي ها.
”دونهان آهن، سونهان سندا سناسين!“
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن، باهيون بيراڳين جون،
هل ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن،
اهي ڪيئن اجهامن، جيڪي لاهوتي لائي ويا.
امين محمد سائين جيئن ته پکن ۾ رهڻ پسند ڪيو، انهي ڪري کين ”پکن
وارا صاحب“، ”پکن وارا سائين“ ۽ ”پکن ڌڻي“ پڻ سڏبو
آهي، پکن ڌڻي، پکن تي اچڻ کانپوءِ، هڪ ”کٻڙ“ هيٺ
چار ٿلهيون ڪاٺيون، تقريبن اڌ اڌ فوٽ جي فاصلي تي
رکيون هر هڪ ڪاٺي جي ڊيگهه ٻه اڍائي فوٽ کن ٿيندي،
جڏهن کين سمهڻ جو خيال ٿيندو هو، تڏهن انهن ڪاٺين
تي سمهندا هئا، مطلب هيءُ هو ته ”آرام“ جي بجاءِ
”آلام“ ۽ غفلت جي ننڊ کان بچاءُ ٿئي، مطلب هو نفس
کي مارڻ ڀرسان هڪ دونهين به دکايائون جا اڄ تائين
دکندي اچي ٿي. ان مان خورد نوش لاءِ اٺين پهر هڪ
روٽي، اٽي، لوڻ ۽ مِريُن سان (ڪوڪِي) پچائي ڪم
آڻيندا هئا“
بگهڙ به سلامي
روايت آهي ته اهڙي مرد خدا جي ڪَکن تي بگهڙ به سلامي
ايندا هئا، اگرچ هن دور ماديات ۾ اهڙين روايتن کي
وسهڻ وارا ڪي تمام ٿورا لڀندا، تاهم جن اهل دل
صوفين جي سيرت کي مطالع ڪيو آهي، اهي ڄاڻن ٿا ته
سلف صالحين جي دور ۾ ابوالحسن خرقاني رحه وٽ شير
به سلامي هئا. ٻيو نه ته قلندر تي به شيرن کي
ايندي ويندي ڏٺو ويو آهي.
هڪ روايت آهي ته جڏهن پکن ڌڻي، پکن تي هلي ويٺا، تڏهن
هڪ دفعي بگهاڙي وٽن ويجهو اچي ڪوڪڙاٽ ڪرڻ لڳي، پاڻ
ان وقت تنها پنهنجي عبادت واري جاءِ (دونهينءَ) ۾
ويٺا هئا، هڪدم ٻاهر اچي، فقراءَ کي چيائون ته
چوطرف ماڻهو وڃن ۽ معلوم ڪن ته ڪنهن وٽ بگهاڙي جا
ٻچا هجن ته ڏئي، جلد ئي ٻچا ڪنهن هنڌان هٿ آيا،
پاڻ اهي ٻچا کڻي ”دونهين“ (عبادتگاهه) ۾ وڃي
بهگاڙي وٽ ڇڏيائون، جا ٻچا وٺيو هلي ويئي.
ان وقت کان وٺي اڃ تائين بگهڙ دونهين ۾ ايندا ويندا آهن، اهي
اگرچ ”راهونڊ“ جي جوءِ ۾ رهنداآهن ۽ سندن هلڻ گهمڻ
به ان جوءِ ۾ رهي ٿو پر ڪڏهن به ڪو نقصان ڪونه ڪيو
اٿن.
ان طرح، علي نالي جَتَ (عمر نوي ورهيه)، جناب مخدوم
طالب المولى سان روبرو ڳالهه ڪئي ته هن ٻڪريون پئي
چاريون، هڪ رات هڪ ٻڪري راهونڊ ۾ رهجي ويئي، صبح
جو ڳولڻ وڃي ته ڏسي ته ٻڪري ويائي آهي ۽ ٻه ڦر
ڀرسان بيٺا اٿس ۽ بگهڙ هليا ويا.
حضرت طالب المولى سائين جن جي والد ماجد، حضرت ”گل
سائين“ به پکن تي ڪيترا سال چله ڪشي ڪئي.
سندن روايت آهي ته بگهڙ هميشه ايندا هئا پر ڪجهه به ايذاءِ نه
ڏيندا هئا، دستور موجب اڄ تائين پکن تي پاڻيءَ جون
ڪونڊيون بگهڙن لاءِ ڀري رکبيون آهن.
بچل فقيرڍيٻو (عمر پنجهتر سال) جي روايت آهي، ته هو
جڏهن به دونهين جي صفائي لاءِ ويندو هو، تڏهن
هميشه بگهڙ ڏسندو هو، پر اهي کيس ڪجهه به نه چوندا
هئا، بلڪ کيس صفائي ڪندي ڏسي هليا ويندا هئا.
ان طرح برادي فقير ملاح (قبله طالب المولى جو نوڪر جو
زندهه آهي) اهو ٿو ڳالهه ڪري ته ڪيترا ڀيرا ”پکن“
ڏي ايندي هن کي رات جو بگهڙ گڏيا هوندا، مگر ڪجهه
ڪونه چيو هوندائون.
مرحوم علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي به پنهنجي ڪتاب ”سرها گل“
ص 75 تي بگهياڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
راهونڊ جا فقيراڻا آثار
علائقي راهونڊ ۾ نارَ، پکا، گهوگهات ۽ سيّد حَسن جو مقام اچي
وڃن ٿا. اسان کي هت فقط، ”پکن“ جو احوال ڏيڻو آهي،
جو سائين ”پکن ڌڻي“ جو رياضتگاهه هو.
هي زيارتگاهه، هالا کان شهدادپور وارو رستو ميل-ڏيڍ وٺي هلبو ته
ڏکڻ طرف پريان وڻن جا جهڳٽا نظر ايندا، رستو ڇڏي،
وارياسي لاهين چاڙهين کي عبور ڪري اچي کليل ميدان
۾ پهچبو، جتي مٿي دڙي تي هڪ ڪڙُ ڏسڻ ۾ ايندو، جو
سائين ”پکن ڌڻي“ جي ڪچهري وارو ڪڙَ هو، اسان جي
مشاهدي جو مرڪز به اهو ئي هنڌ آهي، ان کان پنجهتر
قدم هلبو ته اسان کي ”دونهين“ جو هنڌ نظر ايندو،
جو پڻ وارياسي پيچري جي لاهه کاپوءِ هيٺانهون آهي.
هڪ ڏڪن سان پکن جو مَنهن ٺهيل آهي. جنهن جي هيٺان
چار ڪاٺين جا ڏَڪ مٽيءَ سان لِتل نشان طور موجود
آهن، هتي اسان جي ”امين سائين“ جو تڪيو هو.
ان جي اتر-اولهه جي ڪُنڊ لاڳيتو هڪ ”دونهون“ هو، جو ڀريل صورت ۾
رهندو اچي ٿو.
ان جي اتر، ويهن قدمن تي ٻيو ننڍو دونهون آهي، جنهن کي
”پنجنتنن“ جو دونهون ڪري ٿا سڏين،
ڪچهريءَ واري ڪِڙَ کان ويهارو قدم اوڀر- ڏکڻ هڪ ڪڙ آهي، جتي
مرحوم ”گل سائينجن“ چله ڪشي ڪئي هئي. ان ڪِڙَ جي
اتر ۾ سٺ کن قدمن تي هڪ فقراءَ جو ڪِڙُ هو، جنهن
جا نشان اڃا بيٺل آهن، جتي ”گل سائين“ جو ساٿي
محمد فقير کٽياڻ اچي جوڳ ڪندو هو.
وري ” گل سائين“ جي ڪِڙ کان اوڀر طرف، مٿي ڀِٽَ تي، فقيرن جو
ڪِڙُ ۽ ان جي ڀرسان کروت آهي، جتي فقير حسين ڍيٻو
رهندو هو. ان کان ٿورو اورتي وري هڪ کوهي آهي، جا
سائين پروڄام کڻائي هئي.
گل سائين جي ڪِڙَ جي ڏکڻ طرف هڪ ترائي آهي، جا براج کان اڳ پاڻي
سان ڀريل هوندي هئي، جنهن کي ”مانُ ڪنُ“ ڪري
سڏيندا هئا. هن هنڌ جون مڇيون مشهور هونديون هيون،
هت به هڪ فقير، حاضري ۾ رهندو هو. هاڻي سومر فقير
ويٺل آهي، جو گل سائين جي حاضري ۾ چوڏنهن سال رهيو
هو.
فقيرن جو سلسلو هن ريت آهي.
سائين پکن ڌڻيءَ جي ڏينهن ۾ فقير ڍيٻو هو، ان کانپوءِ سندس ڀاءُ
برهان فقير، ان کانپوءِ سندس ڀائٽيو سليمان فقير،
ان کانپوءِ سليمان فقير جو پٽ بچل فقير، ان
کانپوءِ بچل فقير جو پٽ الياس فقير، ان کانپوءِ
موجوده سومار فقير راهوجو.
پکا ۽ ڪِڙَ ڪافي ايراضي ۾ ڇانيل آهن، ان کي چوڌاري لوڙهو لڳل
آهي، ان کي هر سال ”نئون“ ڪيو ويندو آهي، اهو رجب
مهيني جي پهرين اربع تي نئون ڪيو ويندو آهي. ان
لاءِ وڏيرو سليمان ڀنڀرو ويٺل معروف ڀنڀرو سيد وڏو
اجناڻي عرف جڙيل شاهه عرف غلام حيدر شاهه جماعتون
وٺي لوڙهي کي نئون ڪندا هئا.
امين سائين پاڻ پکن تي وڃڻ کان اڳ، ڪيترو وقت هن حال ۾ هوندا
هئا، جو ظاهري لباس دنيوي هوندو هونِ ۽ اندريون
لباس فقيري هوندو هون، جڏهن جَلوت ۾ ايندا هئا،
تڏهن ٻاهريون لباس زيب تن ڪنداهئا، پر جڏهن خلوت ۾
ويندا هئا، تڏهن فقيري لباس پهريندا هئا.
سندن رياضت جي مدت چار سال کن آهي، جيئن سندن معتقد آخوند الله
بخش انصاري جي هيٺئين بيت مان ظاهر آهي.
ريــاضــت ۾ رهــنــمــا، ورهــه گــذريــا چــار،
جنن پارس پهڻ سان ڪري، ڪامل ڪئي سا ڪار،
جن داڻو دست نه رکيو تن ٻهڪيو وڌي ٻار
هاڻي تان مون ڏيکار، ڪو هڪڙو مڙس ملڪ ۾.
امام بخش حاجاڻي، ڳوٺ سعيد آباد، جنهن جي چوڻ موجب، هن ”پکن
ڌڻيءَ“ جي زيارت ڪئي هئي، اهو روايت ٿو ڪري ته هو
آخوند، اسماعيل ميرڙاڻيءَ جهڏي گدام واري وٽ
پڙهندو هو، اهو آخوند صاحب. پنهنجي خطابين کي وٺي
جن ۾ مذڪور امام بخش هاجاڻو به هوندو، پکن تي
اڱاري- اربع تي ايندو هو. اربع جي رات جو اتي رهي،
وري اربع جي ڏيڍ پهر جو واپس ٿيندا هئا.
هن آخوند صاحب جي روايت موجب سيلاني فقير امين سائين کي چوندو
هو ته ميلو ته جيئر هت نه هڻائجي پر هالا هلي
هڻائجي، پوءِ پاڻ هالا هليا ۽ پکن به پيا ڀيرو
ڪنداهئا. هن پکن واري جوڳ، کين رباني جوڳي بڻائي
ڇڏيو، تنهن ڪري جوڳ وارين شين جو جَجهو شوق هوندو
هون، هڪ دفعي ناري جي سفر تي نڪتا
(1)
ته هڪ هنڌ حڪم ڪيائون، ته سندن سواريءَ واري اُٺ
جي پاکڙي ۾ گورکيون (2) چوڌاري لٽڪايون وڃن. امين
سائينجن، سنياسي وارو سير به جام ڪيو، جو سرور جو
لانڍين ڀٽ راهه واريءَ جي آثارن مان ظاهر آهي.
تحفته الڪرام جو شجرو درست نه آهي، حضرت مخدوم نوح رحه
کي ٽيويهين پشت ۾ وڃي حضرت ابابڪر صديق رضهه
سان ملايو اٿس. مسلم ادبي سوسائٽي جي ”سال
1940ع جو ٻيو ڪتاب ”حضرت مخدوم نوح“ جي عنوان
سان شايع ٿيو، ان ۾ به مخدوم صاحب جن جو شجرو
تحفت الڪرام تانورتل آهي. تحفت الڪرام، نمبر
23 شيخ ابوبڪر ڪتاني کي شيخ ابوبڪر عتابي
(نئون سنڌي ڇاپو ص 383) ڪري ڏيکاريو آهي جو
غلط آهي. ريلائي پير“ مؤلف علي محمّد سيال ص 1
۾ جو شجرو ريلائي پيرن جو ڏنل اهي، ان ۾ شيخ
ابوبڪر ڪتاني کان حضرت ابوبڪر صديق رضه تائين
شجرو ڏنل آهي، جو تمام ناقص آهي، انهن حقيقن
کي هنئين ۾ هنڊائي قلمي ڪتابن ڏي توجھ ڪيم.
(ڏسو حاشيه صفو
27)
مون کي قبله طالب المولى ۽ آخوند صاحبن کان ”تحفت
الاوليا و فرع الاصول“ مولف آخوند حاجي محمّد
صالح بن آخوند حافظ ويڌو 1297هه جا ٻه نسخا
مليا. انهن جي متن ۽ شجره (شجره جي وڻ) ۾ به
تفاوت ٿيو.متن ۾ شيخ فخرالدين ڪبير جو پٽ شيخ
برهان الدين ۽ ان جو پٽ مير پير عرف سرور پير،
ان جو پٽ شيخ عبدالوّهاب ۽ ان جو پٽ اسماعيل
ڏيکاريل آهي پر شجره جي وڻ ۾ وري قصّو اُبتو،
شيخ فخرالدين جو پٽ شيخ عبدالوّهاب، ان جو پٽ
مير پير، ان جو پٽ شيخ برهان ۽ ان جو پٽ شيخ
اسماعيل وري متن جو مضمون به سنئون سڌو ڪونه
هو. ان ڪري منجهي پيس، پر غيبي امداد هڪ قلمي
نسخي جي وڇڙيل پني مان ملي. جو شايد رسالي
فتحي جو ڇنل پنو هو. (هي پنو مون کي محترم
قاضي شفيع محمّد بن قاضي عبدالله ابڙي هالائي
جي پراڻن ڪاغن مان هٿ آيو) هن ۾ شجري جو هي
منجهيل ٽڪر تمام چٽي طرح سمجهايل هو. جنهن مان
الله الله ڪري، مذڪور شجري جون ڪڙيون ڳنڍي،
مڪمّل ڪيو اٿم. مولف (1) خاندان سرور به جي
ٻين بزرگن جو شجرو ۽ احوال ضميمي نمبر 3 ۾ ڏنو
ويو آهي.
اها
روايت، حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب
المولى“ سجّاده نشين حضرت غوث الحق نوح رحه،
بيان فرمائي آهي.
نناري واري تڪيي جو احوال مون فقير يوسف
ڏاهري خدمتگار ۽ فقير محمد صادق ڏاهري کان
معلوم ڪيو، جن کي قبله طالب المولى سائينجن
مون ڏانهن احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.
(2)
ننڍي تُنبيءَ کي گورڪي چئبو آهي، اصل ۾ اها
مُٺي ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنياسي ۽ جوڳي اٽو
وغيره وجهندا آهن.
|