سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :4

سندس هفتيوار ڏينهن تي مشتمل ابيات، جي سندس مرشد سائين پکن جي شان ۾ ٺاهيل آهين، سي مرحوم رئيس تاج محمّد خان نظاماڻي جي بياض تان وٺي هت درج ڪجن ٿا:

 

(1)

آديسي ارداس ۾، اچر ڏينهن آهين،

ساميءَ سڱريون سور جيون، سهسين سيبائين،

اوري ٿي اثبات کي، ”لا“ لاهوتي لاهين،

”مَن عَرَفَ نَفسَھ فَقَد عَرَفَ رَبّھ“ ٺاهه اهو ٺاهين،

رمزون ريجهه رهاڻ جون، راهونڊي راهين،

واريءَ ۾ واهين، ”فاضل“ بحر فنا جو،

 

(2)

”فاضل بحر فنا جو، ويراڳين واهيو،

سامين سورن سندرو، سومر ڏينهن ساهيو،

نانگن نئين سج ناٿ ڏي، ڪاپڙين ڪاهيو،

جوڳين جوڙي جان ۾، رام سدا رهايو،

”وَالّذِين  يَبِيتُونَ  لِرَبِهِم  سُجّداََ   اوّقِيَاماََ“  ٺاهه اٿن  ٺاهيو،

”لا“ سَان لنو لايو، وتن ويراڳي وڍيا

 

(3) وطن ويراڳي وڍيا، راهونڊي رڻ چوٽ،

سر ڏنائون سٽ ۾، آڌوتي اڻموٽ،

ڪين وٺن سي ڪاپڙي، اڱاري ۾ اوٽ،

سهرا سورن سر تي، گهوڙي چڙهيا گهوٽ،

ڪاپڙين جا ڪوٽ، وَسن واريءَ وچ ۾

(4)

وسيا واريءَ وچ ۾، ڪوٺا، ڪاپڙين

آئي اربعا عيد ٿي، جِيجان جوڳڙين،

ريجهه رلائي رام سين، رلي راهونڊين،

”وَاذڪُر رّبّڪَ فِي نَفِسڪَ تَضَرعا وّخِيفَتھََ

وائي ويراڳين،

سونهي سناسين، سنگ سڻائو سڃ ۾،

(5)

سنگ سڻائو سڃ ۾، خوشتر ڏينهن خميس،

جوڳيڙن جي جوڳ جا، جوڙ نه جيها جيس

”رَضِيَ اللهُ عَنهُم وَرَضُواعَنھُ“ ڪيهي تن سين ريس،

پاٻوهڻ پاٻيس، جوڳيڙن جي جوءِ ۾.

 

 

(6)

جوڳيڙن جي جوءِ ۾، سهسين سرهايون،

الکون آيون ان ڏي، وحدت جون وايون،

جوت جمعي جي جهَرڪن، جوڳين جون جايون،

وَاذڪُــــــرُاللهَ ڪَثِيراََ لعلڪُم تُفِلحُونَ اي آيتون آي

راهونڊين رانئيون(1)، ڇوڙي ڇڏيون پانهنجون.

 

(7)

سڀيئي  صاب پيون، ڇنڇر ڏينهن ڇڻي،

اندر آديسين جي، وحَدت وات وڻي،

حاصل ڪيئڙو حق تن، ڌُريان پاڻ ڌڻي،

”مَن لھ المولى فَلھ الڪُل“ ويڙا گوءِ کڻي،

”فاضل“ ان جي فيض لاءِ پرزا ٿئي پڻي،

گِيسر ڪرمَ گهڻي، ويل وهڻ جي ناه ڪا.

(7)

ڇوڙي ڇڏيون پنهنجيون جوڳين جٽائون،

لاهوتين لاهوت ۾، لاتيون لٽائون،

سامين سِٽائون سڀيئي صاب پيون.

 

 

 

 

 

 

وائي

آديسين اچي اوري، بابوئڙن وڌو ڀوري ڀوري

ڀوري ڀوري فراق کي

سامين سکڙا لاٿا ڏکڙا، ڪاپڙين وڌا ڪوري ڪوري،

ڪوري ڪوري فراق کي

ووڙي واٽون جهاڳي جهاٽون، ڏوٿيڙن ڏٺيون ڏوري ڏوري،

ڏوري ڏوري فراق کي

مال متاع آئون ان تان گهوريان، وجهان گهوري گهوري،

گهوري گهوري فراق کي

”فاضل“ فاقو اهک اولاڪو، جوڳيڙن ڇڏيو جهوري جهوري،

جهوري جهوري فراق کي

آخوند الله بخش انصاري: هي آخوند صاحب هالا نوان شهرجي  صادقاڻي مُلن جي خاندان مان آهي. اهو خاندان جناب مخدوم صاحب جي ڪوٽ جي ٻاهرين ڏاکڻي ڀر ۾ متصل ساڪن آهي، يعني سندن قريبي پاڙي وارا آهن. هن آخوند صاحب جو ڳچ احوال اسان کي معلوم ٿي نه سگهيو، پر ڪجهه سندس سپوٽَ پوٽي، حڪيم حافظ عبدالڪريم صاحب کان معلوم ٿيو آهي. سو درج ڪجي ٿو. باقي سندس ڏهر، سي ته اڳ ۾ ئي سروري ٽوڙن ۾ مشهور آهن.

آخوند الله بخش ولد آخوند حاجي محمّد قابل، سائين پکن ڌڻي جو سچو ساٿياري ۽ مريد هو. اهو حال سندس ڪلام ”وِرهه جي ورلاين“ مان معلوم ٿيندو، جي هن صاحب، سائين پکن ڌڻيءَ جي وفات بعد چيا آهن. شريعت جو پابند، صوم و صلوات تي مستحڪم ۽ روحانيت جي ريجهه جو راڻو هو. پاڻ ڏينهن ۽ رات ذڪر ۽ فڪر جي صحبت ۾ گذاريندو هو. الله جي نيڪ ٻانهن وانگر پنهنجو پيٽ- گذران هٿ جي پورهئي وسيلي ڪندو هو. انهيءَ ڪري سندس ڏينهن جو ڪجهه وقت، ٽوپ سبڻ ۽ تيل ڪڙي جي سودڻ ۾ گذرندو هو. آخوند مرحوم جي وڏي پوٽي، آخوند الله بخش (جنهن تي سندس نالو پيل آهي) کان معلوم ٿيو ته آخوند مرحوم جي وفات، سندس تولد ٿيڻ کان هڪ سال اڳ ٿي آهي. آخوند الله بخش جي ولادت 1897- 1898 جي وچ ڌاري مطابق 1315هه ٿي آهي. ان حساب موجب. اسان جو وڏو آخوند صاحب 1897ع مطابق 1314هه ڌاري فوت ٿيو آهي. هاڻي سندس ڪلام، جو اسان کي هٿ آيو، اهو درج ڪجي ٿو:

(1)

رحلت رفيق ڪئي، ستاوين رمضان،

لڌائون لطف سان، شب قدر جو شانُ،

ايڏا ”امين محمد“ سان، آگي ڪيا احسان،

”لَيلَت القَدرِ خَيرُمِّن اَلفِ شِهرِِ“ ليکڻ ناهه لسان،

فنا کان بقا ڏي، پُريا پهلوان،

ڪل پيئي ڪانَ هلندي حبيبن جي،

(2)

ستاويهين رمضان جي ڪئي رحلت رفيقن

لڏي لاڏاڻو ڪيو، اربعا عجيبن،

هَئي هَئي حاذق اهڙا، ڪٿان لعل لڀن،

دارون دردن جو هئا، سڀ ڪنهن طرح سڀن،

پڃاڻان پرين، سالڪ سڀ سڙي رهيا.

(3)

ستاويهينءَ رمضان جي، ڪئي رفيقن رحلت،

حاذق جي هلڻ کان، هنڌ هنڌ ٿي حسرت،

”الله بخش“ عجيب جي، عالم ۾ عبرت،

اصلي اربعا تي هئي، رکي هوت حجت،

ايءَ قريبي ڪثرت، راضيپو  رحمان جو.

(4)

ستاويهينءَ رمضان جي، ڪيو هوتن هالاڻون،

هئي هئي حسرت ۾ پيا، مِروُن ۽ ماڻهون،

پکي سڀ ڪو پور ۾، وتي ويڳاڻون،

”الله بخش“ عشق جو، اڄ آتڻ اجهاڻون،

سالڪ سڃاڻون، هو صاحب جي سرڪار ۾،

(5)

ستاويهينءَ رمضان جي، سالڪ سِڌاريو،

هڪ درد درويشن کي، يو سالڪ ساريو،

هاڻي هنجون هاريون، ڪري قصا ڪامل پير جا،

(6)

رياضت ۾ رهنما، ورهه گذاريا چار،

جئن پارس پهڻ سان ڪري، ڪامل ڪيئي ساڪار،

جن دانو دست نه آئيو، تن ٻهڪيو وڌي ٻار،

هاڻي تان مون ڏيکار، ڪو ههڙو مڙس ملڪ ۾.

(7)

جڏهين لطيفن لڏيو تڏهين تون پڻ لڏ

اَجهو عاشقن سان، نيئي ”الهه بخش“ اڏ،

گوندر گمراهيءَ ۾ هتي پاڻ نه گڏ،

هوتن ڌاران هڏ، جيئڻ جدا نه گهرجي.

(8)

ستاويهينءَ رمضان، ويو بلبل باغ ڇڏي،

ڪري پَههَ پکئين، ويو گوندر منجهه گڏي،

فنا کان باقيءَ ڏي، ويو لعل لڏي،

هاڻي ڪير سڏي، ڏئي ياري يتيمن کي.

(9)

ستاويهينءَ رمضان جي، گهوٽ چڙهيو گهوڙي،

جَنّتُ المّاوى ڏي، واڳ هليو موڙي،

دنيا ۽ عقبى کي، جانب ويو جوڙي،

”الله بخش“ آزار ڪيو، ورنھ وڇوڙي،

نرمل نهوڙي پوين کي پرزا ڪيو.

(10)

ستاويهينءَ رمضان جي، ڪئي ورنھ پير وداع،

تيرهن سئو ٽي سَنَ ۾، هليا خالق ڏانهن خداءِ،

اربع ڏينهن ادا، پرين پڳهه ڇوڙيا.

(11)

ستاويهينءَ رمضان جي، هليا هوت حضور،

ڇڏي محل ماڙيو، ڏيھ چتايائون ڏور،

تنهن سڄڻ سور، ٿيو مرڻ مريدن کي.

(12)

ادا، پير ”امين“ لئه، اکيون اُڃ مرن،

ساريو سپرين کي، ٿا ڳريو ڳچ پون،

سي وري ڪيئن ورن، جي پُريا انهيءَ پار ڏي.

 

(13)

جانب جماعت وچ ۾، سي نه ڏسجن هاڻ،

آگا ”امين محمّد کي، واحد وري آڻ،

جهڄي ۽ جهُري ٿو، هنيون ڪامل ڪاڻ،

وڃي ٿي واصل جي، راحم ساڻ رهاڻ،

عاشق جي اهڃاڻ، ڪامل ڏسجي ڪونڪو.

(14)

”امين محمّد“ آءُ، تون سماع ۾ سردار،

ماڻهو منتظر ٿيا، تولئي هوت هزار،

پر ۾ پڇيو ٿا پڇن، پرين تنهنجا پار،

حضرت اچ هيڪار، ته اکين جي اڃ لهي.

(15)

پرينءَ ويهي پَٽَ ۾، ڪيئي حاصل حقيقت،

طالب کي تڪرار ٿي، توڙان طريقت،

”امين محمّد“ کي انعام ٿي، مڙيئي معرفت،

صاحب شريعت، آهي، پُرائتو پڌرو.

(16)

هڪ صاحب شريعت جو، ٻيوطريقت جو طول،

مولا سان معرفت جو، وري ٿيس وصول،

حاذق حقيقت ۾ هو، آڳاٽو اصول،

قادر ڪئي قبول، سڀڪا وک وريام جي.

(17)

موچاري مخدوم جو، ماڳ ٿيو ملڪوت،

آگي آهه عطا ڪيو، نرمل کي ناسوت،

لائق لطف سان لڌو، لعل وڃي لاهوت،

جاءِ ڪري جبروت، واري ۾ ويهي رهيو.

(18)

موچاري مخدوم جو، ٿيو حقيقي حال،

دنيا ۽ عقبى ڇڏي ڪيائين واحد ساڻ وصال،

”فَليَحَڪُواقَلِيلاََوّليَبڪُو اڪَثِيراََ،

ويو خوشي جو خيال،

”الله بخش“ اهڙو ٿيو، عاشق جو احوال،

پاڻ ڪري پامال، پرين سڃاتائين پانهنجو.

(19)

دوست دنيا کي ڇڏي، جدا ٿيو جاني،

ابراهيم ادهم سندو، سالڪ ٿيو ثاني،

لنگهي کان دعوا ٿيو، ڪرامت ڪاني،

”ڪُلّ شَيءِِ هَالِڪ اِلاّ وَجهَھ“

ٿيس رمز ربّاني،

فائق کي فاني، ماسوا معلوم ٿي.

(20)

دوست دنيا کي ڇڏي، عاشق ٿيو آجو،

راضي مٿس رحمان ٿيو، صاحب سٻاجهو،

ڏاتر کان ڏاجو، ”امين محمّد کي انعام ٿيو.

هن احوالي ختم ٿيڻ تي ڪنهن حبيب کان هڪ فرسوده بياض هٿ آيو، جنهن ۾ آخوند الله بخش انصاريءَ جو هڪ ناياب ڪلام لکيل هو، جنهن جو هت ڏيڻ ضروري سمجهيم:

جنهن خلق ۾ خلقيو ملڪ مهندار،

تنهن کي ساري صحيح سنڀار

خالق خانوند خلقڻهار،

تنهن ناءٌ نبيءَ جو آهي نروار،

هاري ڪر موچارو ڪار!

(2)

جهنگ ”هئڻ“ جو وڍ تون واڍا،

ڏئينس باهه برهه جا ٽانڊا،

ڪهڙڪپي ڪر ڪرڙا ڪانڊا،

تنهن ۾ پاڻ ٻيائي ٻار

هاري، ڪر موچاري ڪار!

(3)

دَغا دَڙيءَ جو پٽي هَنڌ

سِٽا سڌاري سنئين سنوار-

ٻاجهه سان ٻانها بنا ٻُڌ،

ڪوڏر هڻ، ڪري هيٺ ڪنڌ،

هاري، ڪر موچاري ڪار!

(3)

مِٺو ڀاڻ ڀنجهو وجهه ويهي،

سخت زمين کي ترڇي تار-

هيٺ مٿانهين ڪر هڪجيهي،

نهورَ ڪڍ نئين تون نيهي،

هاري، ڪر موچاري ڪار!

(3)

نارُ تنهين تي نيهن جو واهه،

پاڻي اجايو هار مَ هار-

اڏون نائڪا ٽڪيو ٺاهه،

رُوڻ اُٿل جو ڊپ نه لاهه،

هاري، ڪر موچاري ڪار!

(3)

غم جو گهوٻو تنهن جو گهڙاءِ

محبت جو منجهه انّ ڇٽار

حُبَ جو هاري هر جوڙاءِ،

فڪر جو ڦار اُتِس ڦهڪاءِ،

هاري، ڪر موچاري ڪار

(3)

شهر ڇڏي ٿيو پکن تي راضي،

سنگ صفا ڪر نفس جو

”امين محمّد“ جي واهه اراضي،

”الله بخش“ اُت خاص نيازي

هاري، ڪر موچاري ڪار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org