سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :13

 

 

ضميما

 

 

ضميمو نمبر 1

 

سندن عصر

سندن تولد ۽ انتقال جي زماني کي جيڪڏهن نطر ۾ آڻبو ته هي پڌري پَٽ ظاهر ٿيندو ته سندن تولد انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان فقط پنج سال اڳ ٿيو آهي، ۽ سندن وفات وقت انگريز هن سرزمين تي ٽيتاليهه سال کن حڪومت ڪري چڪا هئا. هن دور کي روحاني علمي خواهه ادبي نقطه نگاه کان وڏي اهميت آهي. درس و تدريس ۽ فيض جا واهڙ پئي وهيا. سڀ ڪنهن بزرگ جي زماني جي بزرگن جا ٽي طبقا ٿيندا آهن. هڪ طبقو ان بزرگ جي وڏرن جو، جي هن جي ننڍي اوسٿا ۾ ئي گذري ويا. ٻيو طبقو مذڪور صاحب جي همسر معاصرن جو جي لڳ ڀڳ سندس همعصر هئا. ٽيون طبقو انهن بزرگن جو جي ان صاحب کان ننڍيءَ ٽهيءَ وارا آهن. مان سائين پکن ڌڻيءَ جي پهرئين خواهه ٽئين طبقي وارن بزرگن جو ذڪر سن وار ۽ نالن وار ڪري، ٻئي طبقي وارن جو احوال ذرا تفصيل سان ڏيان ٿو. جيڪي درحقيقت تاريخي نقطه نگاه سان معاصر چئبا. پهرئين طبقي وارن بزرگن مان چند مکيه شخصيات هي آهن؛

1.   صوفي دلبتراءِ (وفات 1841- 1842ع)

2.   مير نصير خان ٽالپر (وفات 1845ع)

3.  مير صوبدار خان ٽالپر (وفات 1846ع)

4. آخوند محمّد بچل انور متعلوي (وفات 1861ع)

5.   محمّد عارف صنعت شڪارپوري (وفات 1849ع)

6.   فقير نانڪ يوسف (وفات 1853)

7.   مير فخرالدين علوي شڪارپوري (وفات 1854)

8. مرزا خسرو بيگ (وفات 1960ع)

9. خليفو ڪرم الله شڪارپور (وفات 1871ع)

10. پير محمّد اشرف شاهه قريشي وفات (1877ع)

11. چين راءِ سامي (وفات 1857ع)

12.  خليفو گل محمد سانوڻي هالائي (وفات (1855ع)

13. مير شهداد خان ٽالپر (وفات (1857ع)

14.   عثمان فقير سانگي (وفات 1860ع)

15.   مير صابر علي ٺٽوي (وفات 1868ع)

16.   فقير قادر بخش بيدل (وفات 1872ع)

17.   مير حسين علي خان ٽالپر (وفات 1872ع)

18.   حمل فقير لغاري (وفات 1878ع)

19.   سيّد قطب علي شاهه قطب (وفات 1879ع)

20.   بچل شاهه مانجهند وارو (ولادت 1807ع، وفات (1906ع)

21.   صوفي آسو رام هالا پراڻا(ولادت 1824ع)

22.   مولوي بهاءَ الدني بهائي ميرپور ماٿيلو (ولادت 1833ع)

23.   ميان واليڏنوفقير شڪارپور (ولادت 1231هه ڌاري)

24.   مولوي قاضي حاجي محمد عثمان نوشهروي (وفات 1875ع)

25.   مولانا نور محمد شهدادڪوٽي 90 ورهين ۾ (وفات 1296هه)

26.. مولانا گل محمّد بن نور محمد شهدادڪوٽي (ولادت 1249هه)

27.  مولوي محمّد علي ”طالب“ بکري مؤلف ”ظهور نامه“ تاليف سن 1274هه

28.  فقير خير محمد هيسباڻي (ولادت 1224هه)

29.  پير سيد علي گوهر شاهه اول راشدي اصغر المعروف به ”بنگلي ڌڻي“ (1231- 1263هه)

30.   خواجه نجم الدين درازي (1231- 1273هه)

31.   فتح فقير حيدرآبادي (وفات 1843ع ڌاري)

32.   پير غلام محي الدين شاهه راڻيپور وارو

33. ميان محمد يوسف کنيار وارو عرف ”روضي وارو مخدوم“ (وفات 1277هه)

34.  مخدومفضل الله قلندر جهوڪ شريف وارو.

35.   پير محمّد شاهه قادري درگاهه بدين (ولادت 1820ع)

36.   پير محمد حسن ولد پير محمّد زمان ثاني لواري وارو.

                  ”خواجه شاهه مدني“ (وفات 7 صفر 1298هه)

37.   حسين فقير ولد وڌو خان ديدڙ (وفات 1290هه)

38.   ميان حامد الله عرف حامد حضوري ولد ميان محمّد روشن تونيه (وفات 1290هه)

ٻيو طبقو آهي سائين پکن ڌڻيءَ جي ڏنل همعصرن جو، ”سندن فيض“ جي عنوان هيٺ اڳ سندن معتقدانه ساٿيارن جو ذڪر اچي ويو آهي. اهي ”به ”همعصر“ سمجهڻ گهرجن. ٻيا جيڪي اسانجي نظر ۾ چڙهيا آهن، انهن جو احوال هت قلمبند ڪجي ٿو.

شعراي ڪرام مانمکيه حضرات هي ٿي گذريا آهن. انهن شاعرن مان هيٺين صاحبن جو شعر، خصوص طرح فارسي  ۾ آهي:

1. نواب الهداد خان صوفي ولد نواب ولي محمّد خان لغاري (وفات 1882ع) هي صاحب نواب ولي محمّد خان لغاري اول جو لاڏلو فرزند هو. هن جو تخلص ”صوفي“ آهي. هي صاحب ديوان آهي، ان مان هن جي زبان شسته شائسته، سليس، روان ۽ صنايع سان مرصع آهي. هيٺيان مثال ڪافي رهندا، بارگاهه صمديت ۾  مؤدبانه عرض پيش ڪري ٿو:

الاهي  طائر پرواز وحدت ڪن خيالم را،

بر اوج آسمانءِ معرفت بڪشاي بالم را.

بتفسير ڪمال وصفِ ذات خوبش در عالم،

سرِ منقار بلبل ڪُن زبان قيل و قالم را،

حيدرآباد سنڌ جي ساراهه ۾ ڏسو ته ڇا ٿو فرمائي،

موذن در گمان صبح بانگ صبح بردارد،

چو ناگھ آن مھ من در شب مهتاب بر خيزد،

نه تنها حضرتِ ڪشمير شهر حيدرآباد ست،

ز بحرش موج رشڪ اندر دل پنجاب بر خيزد.

        2. قاضي غلام علي بن قاضي محمد يحيى ٺٽوي (وفات 1303هه بمطابق 1886ع)

هن صاحب جو تخلص ”جعفري“ هو، هي صاحب فارسي توڙي اردو ۾ صاحب ديوان آهي، هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو ته مرحوم جعفري جي شعر ۾ علم جعفر جي شعر جهڙي حاذيبت آهي.ملاحظه ڪريو:

قرار از دل شد و از چشم خوابم،

ندانم تاچه در سر دارم امشب.

---

برائي درد مندانِ محبّت،

مپرس از بوعلي سينا دوا هيچ.

---

گر آن گلچهره را گاهي گذر پر گلستان افتد،

ز رشڪ رنگ و بويش در بهارءِ گل خزان افتد،

همي ترسم ڪه از خواب آن قيامت قامت در خيزد،

چو اهل حضر آن دم شورش اندر عاشقان افت،

3. پير محمّد حزب الله شاهه ولد پير علي گوهر شاهه صاحب  اصغر راشدي المعروف به تخت ڌڻي. 1258هه 1842ع- 1308هه/ 1890ع

پير صاحب جو تخلص ”مسڪين“ هو. سندن والد صاحب به وڏي پائي جو عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندن شعر سوادي، سپڪ ۽ سبق آموز آهي. هيٺيان مثال ڪافي روشني وجهندا:

شام هجر است ”مسڪين“ شادباش،

صبح باشد در پي هر شام را.

چو قصرِ حسن را بنياد داد ند،

بِنائي صبر را برباد داد ند،

عاشق و معشوق در راهه طلب هم منزل اند،

گل مگر برشاغ بنشيند بجاني عندليب.

آنها ڪه سر سجده بتسليم نهاد ند،

از خويش به رستند و بسي خرّم و شاد ند

        4. سيّد مير جان الله شاهه عرف جان شاهه ٽيون (وفات 1893ع) شاهه شهيد صوفيءَ جي پرواني مرحوم جان الله شاهه اول جولائق جانشين سيد مير علي اڪبر شاهه فرزند هو. هي صاحب پنهنجي مرشد سيّد مراد علي شاهه جي زير نظر روحاني منزلون طي ڪري ريٽجي لال ٿيو. هن جو تخلص ”عاش“ هو. هن جي رندانه مشرب ۽ اعلى منزل جو پرو هيٺين مثالن مان بخوبي پئجي سگهندو:

عاشقم رند، مشربم توحيد،

مست و مشتاقِ حسن بي چونم.

درميانءِ بحر وحدت گشت ”عاشق“ غوطه زن،

از تلاطم موج خود مردانھ مي سازد مرا.

ڪارِ دنيا ڪسي تمام نه ڪرده،     هرچه گيريد، مختصر گيريده.

 

5. مرزا احمد علي ولد محمّد حسين خان احمد (وفات 1312هه بمطابق 1894ع)

هن جا وڏا اصل قلات جا ويٺل هئا، پر شايد هن جو والد لڏي اچي خانڳڙهه (جيڪب آباد ۾ ساڪن ٿيو. هن جومشغلو ايڪسائيز انسپيڪٽري هئي. شڪارپور جو ڏاڍو مداح هو. هڪ قصيدو چيو اٿس. جنهن جو مطلع آهي:

بهشت روي زمين گلشن شڪارپور است،

نگارخانه چين گلشن شڪارپور است،

هن صاحب جي شعر ۾ پختگي، حقيقت افروزي ۽ قوت بياني ججهي آهي. هيٺيان مثال ڪافي رهندا:

حصه هاي شب هجران و غم از ”احمد“ پرس،

زانڪه برديه او اشڪ ره خواب زده،

خنجر مزگان بار و منتشر فصاد دهر،

هر دو خونخوارند امّا اين ڪجا و آن ڪجا.

چشم من از بهر يارو چشم بلبل پهر گل،

هر دو بيدارند امّا، اين ڪجا و آن ڪجا،

”احمد“ اندر علم عشق و زاهد اندر علم و عظ،

هر دو هوشيارند امّا، اين ڪجا و آن ڪجا.

شبي در خواب ديدم افعي درد ست خود بيچان،

بشت تعبيرش اينڪ در ڪفم زلف نگار امشب،

تا پا نهاده اي برهِ عشوه و ادا،

باسنگ ناز شيشھ ايمان شڪسته اي.

6. مخدوم محمّد ابراهيم ولد مخدوم عبدالڪريم نقشبندي ٺٽوي  1243هه/ 1827ع- 1317هه / 1899ع. هن جو تخلص پهريائن ”مسڪين هو  پوءِ ”خليل“ ٿيو، ٻنهي تخلصن سان سندس ديوان آهن؛

فيض مسڪين تو ”ابراهيم“،

ساختت ريزه چين خوان ”خليل“

”تڪمله“ جو به مولف آهي جو علي شير ”فانع“ جي ”ملاقات الشعرا“ جي تتبيع تي آهي. هن جو ڪلام فرحت انجام آهي ۽منجهس شعر جون سموريون خوبيون سمايل آهن. هن جي شرع ۾”قنوطيت“ وارو شعر زياده غالب نظر اچي ٿو. هيٺين مثالن مان ملاحظه ڪندا:

گر معاذالله ز هجرت آيدم پيغام غم،

آنقدر گريم ڪه درچشمم نماند نام غم.

---

”خليلا“ هيچ مي داني چسان يار آمدم دربر،

بجورش مهر ورزيدم، جفاپيش را وفا ڪردم.

---

از غم وشاديءَ دنيائي دني،

گريه بيجا هست و خنديدن غلط.

پاڻ کي هن طرح ٺٽوي بزرگ شاعرن جو جانشين تصور ڪري ٿو:

سپرده اند بمن مسنِد سخن ”مسڪين“،

”عظيم“ ”مائل“ و ”محسن“ ”عطا“ ”رجا“ قانع“ هن جو ٺهيل ”تاريخ وفات“ وارونظم ائين پکن ڌڻيءَ جي وفات واري ضمن ۾مطالع ڪندا، پر ”تڪمله“ جي مطابق بعد هي عيان آهي ته هن صاحب آخوند محمّد قاسم وانگر امين سائين کي پنهنجي ڪتاب جي صفحن ۾ ياد نه ڪيو آهي. آخر به انسان هو.

7. منشي رسول بخش راهي (وفات 1912ع ذات جو بروهي، قلات جو باشندو،جيڪب آباد ۾ روينيو سروس ۾ خانبهادر به ٿيو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر به، ايترن مصروفين هوندي به شعر تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، سندس ڪلام مان ظاهر آهي ته اڳوڻن پخته شعريٰ جو مطالعو گهڻو ڪيل هئس، جيئن ته سندس شعر ۾ سعدي، حافظ ۽ صائب وغيره جا جهلڪا ججها نظر اچن ٿا. مثال طور:

من چرا شڪوه اغيار ڪنم اي پاران،

ڪه مرا هرچه افتاد ست ازان يار افتاد،

---

ز برقءِ آهِ من خسته دل حذر بايد،

ڪه ڪار خرمن گيت شراره ڪنم

---

بمهرت اي ماه دل ڪواڪب بھ آسمانها بسوزد آهن،

ورخش خندد ز اضطرابم، سيماب گريه ز اشڪباري.

---

گشت تلف جواني و پشتِ دوتا شرم ز غم،

تاشده تيرِ من خطا همچو ڪمان خميده ام.

8.غلام علي سبزپوش ”علي“ هن جي ولادت يا وفات جو پورو پرو ڪونه ٿو پوي. پر هن دور جو مشهور شاعر ٿي گذريو اهي. هنجي ڪلام جو نمونو ”مفرح القلوب“ مان معلوم ٿئي ٿو. هن جو ڪلام ڪيڙيل ۽ سيڙيل آهي ۽ هي ڪهنه مشق شاعرن وانگر شعر جون سڀ صنفون سهڻي نموني پنهنجي  شعر ۾ آڻي ٿو. هيٺيان  مثال ڪافي ٿيندا.

مشو نوميد از الود گيها اي ”علي“ هر گز،

ڪه آبِ عفو ايزد شستھ سازد لوح عصيان را.

بغير از سوره و سيپاره غم،

نخواندم درسِ قرآن محبّت،

بود اشڪ و فغان و غصّه و غم،

متاع و جنس دڪانِ محبّت،

چون دلم در حلقه زنجير زلفِ دلبران،

درجهان هرگز نمي باشد گرفتاري دگر.

همچو بلبل از غم هجر تو اي گل پيرهن،

مي خلد هر ساعت اندر سينه ام خاري دگر،

بر زمين گر نقش بايش بينم آنجا با دوچشم،

خاڪ برگيرم چنان ڪه آب از زمين آيد برون.

پچشم عندليبان زمانه،

”علي گل بودم اڪنون خارم امشب.

هي دور فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين جي غوغاء سان پُر هو. شعراي ڪرام به پنهنجن طبعن جي ڪونتلن کي ٽنهي ٻولين جي ميدانن ۾ جولانگري ڏيندا هئا.

مٿي پکن ڌڻي جي انهن معاصرن جو ذڪر ڪيل آهي. جن جو ڪلام فارسيءَ کان علاوه اسان کي هٿ نه آيو. هاڻ وري انهن شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي سنڌي عوام لاءِ به تفنن طبع جو سامان مهيا ڪندا هئا.

1. آخوند محمّد قاسم (وفات 1881ع) آخوند محمّد قاسم ولد ميان  نعمت الله قريشي سانوڻي، پراڻين هالين جو باشندو ۽ خليفي گل محمّد جو عزيز هو. پهريائين ڍڪ منشي ۽ پوءِ تپيدار ٿيو. هن جا فارسي اشعار آبدار انهن ڏينهن جي مشهور فارسي اخبارن ۾ ايندا هئا. ان جي فارسي شعر مان دنيا جي بي ثباتي، محتاجي ۽ بيقدري جا عناصر نمايان آهن. مثال طور:

 

من ڪه بي برگ و توايم چون درختِ بي ثمر،

سرزدم بر بارگاهش، پر اميد برگ و بار.

چون ضرورت گشت دامنگير بس بر ناگريز،

دست در دامان شھ آويختم از انڪسار،

---

ني بنسب غرورِ من، ني نشانِ جدّ وعمّ،

هر ڪه شناسدم بفضل، بهتر اگر نح نيست غم.

---

قدر دانان قدرِ من نشناختند،

درحقارت ڪارءِ من انداختند.

---

مره پڪار جهان گوش و اعتبار مگير.

بغيرگي وتغافل بنائي، ڪار مگير.

نوڪري کيس پسند نه آئي. حيدرآباد ۾ ڪورين جي پڙ ۾ رهندو هو، سهڻي ڪاتب هجڻ ڪري ڪتابت ڪندو هو. مير حسن علي خان وٽ ”استاد“ جي حيثيت ۾ هو. سنڌي شعر ۾ هي مسلّم استاد هو. ۽ وقت جي وڏن شاعرن هن جي شان ۾گهڻو ڪجهه چيو آهي. هن جي وفات تي ميان امام بخش ”خادم“ شڪارپور هيٺيون قطعو لکيو:

”افصح الفصحا، قاسم لئي عيان،

ٿو روئي پڻ نيلگون ڏس آسمان،

جو ٿيو هوندو ميان جو مجلسي.

تنهن کي هوندو اسم ان جو ورد جان.

شاعرن سڀني ۾ هو چون تاج و زيب،

ثاني شعرش نديدم در جهان.

 

آخوند گل محمد جي مقابلي ۾ هن جي ڪلام ۾ نج سنڌي عبارت ڪجهه گهٽ آهي، ته به سندس ڪلام برجستو، جاذب ۽ پُراثر آهي، ۽ سنڌي جي مواد سان پُر مثال هيٺ ڏجن ٿا:

 

هاءِ هرگز ڪونه ڪو وس آهه هن وهلور جو،

ڪيئن تري منجهه سمنڊ اڻتارو ستايل سور جو.

تو ڏٺو بيحس حرڪت حال مون مجهور جو،

ڄڻ ڏٺو موسى ڪليم الله مشعل طور جو،

برت جو پيچ پاڻ پائين ٿو،

پوءِ وري محبّ منهن لڪائين ٿو.

ڳالهه تو ساڻ جا ڳرهيان،

سا رقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.

ڏاڍڙي لائي وئين، ڏاڍڙي لائي وئين.

عشق سندي مون کي چاٽ چکائي وئين.

آ برهه تنهنجي ڪيئڙو بت بيراڳي،

ساهه سيباڻي تنهنجي صورت ساڳي،

فند فڪر سان منهنجي دلڙي ڦسائي وئين.

2. سيد فاضل شاهه ”سندن فيض“ واري

عنوان ۾ ڏسو.

3. سيّد حيدر شاهه بن سيّد اسماعيل شاهه (1813- 1889ع). سيّد حيدر شاهه صاحب تاريخ 27 ربيع الاول 1227هه بمطابق 1813ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. عربي،فارسي، علم جعفر ۽ علم نجوم ۾ هوشيار هو. تويذ نويسيءَ ۽ وظيفه خواني سندس خاص مشغلو هو. شاهه صاحب علم موسيقي جي اصول تي شعر چوندو هو. اٺهتر ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ (4 رمضان 1306هه برابر 1889ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام، ڏوهيڙن ۽ ڪافين جي صورت ۾ هئا. بمبيءَ جي ليٿو ڇاپي ۾ سندس ”ليلى مجنون“ مروج عام هو. مڪتبن ۾ به درسي ڪتاب طور رائج هو. هي صاحب سيّد فاضل شاهه حيدرآبادي جو والد هو. سندس هڪ ڪافي جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

(سرُ جوڳ) ڪافي ڏيڍ ٺپي.

پاڻ سڃاڻي يار، ڀلا ڪر ڀيرو،

اڏي ويهج يار وليءَ جي، جانب جلويدار، دل اندر ديرو،

ڪر نه جاني يار جڏيءَ سان، سونهن ڀرپا سردار، ڀيرو ڪي ميرو،

صدقي تو تان سڄّڻ سائين، دل گهريا دلدار، جگر ۽ جيرو،

”حيدر شاهه“ چئي هوت اوهان لئي، واٽ وڇايم وار، پاڻ کڻي پيرو.

 

4. هز هائينس مير حسن علي خان مرحوم (1824- 1909ع)

مرحوم  مير حسن علي خان، سنڌ جي آخرين تاجدار مرحوم مير محمّد نصير عربي ۽ فارسي ۾ ڪافي تحصيل ڪيائين. پر اڃا جڏهن اوڻيهن ورهين جو هو ته انگريز هن سرزمين تي قابض ٿيا ۽ هن نوجوان به ٻين مير صاحبن سان گڏنظر بنديءَ جي حالت ۾ بمبئي، پوني ۽ ڪلڪتي جا وڻ ڏٺا. ويهن سالن بعد وري پنهنجي وطن وريو، پنهنجن عزيزن مان شادي ڪيائيون پر کيس اولاد ڪونه ٿيو. مير صاحب علم دوست ۽ علم نواز هو، هن وٽ اديبن،شاعرن ۽ عالمن جو ميڙو لڳل هوندو هو. هي صاحب نه رڳو شاعر هو پر نثر نويس به خاصو هو. مير صاحب جي سنڌي نظم ۾ مرثيا، سلام ۽ مثنويون شامل آهن. هنن ۾ ”شهنشاهه نامه يا حمله حيدري“ ”مختيار نامه“ ، ”سنڌ جو شاهنامو“ اچي وڃن ٿا. سنڌ جي شاهنامي ڪري هن کي ”سنڌ جو فردوسي سڏجي ته به بجا آهي. سندس شاهنامه مان مثال ڏجي ٿو.

زماني جو يڪسان رهي ٿو نه حال،

تون ڏس چنڊ کي گھ بدر گھ هلال،

ڏسو سج جو ڪيڏو ٿيو جاه و جلال،

ڏسي ڪئن ٿو هر روز روئي جلال.

زماني ڪڏهن ڪنهن سان ڪئي آ وفا؟

تڏهن ان تي دلبستگي ٿي خطا.

رهڻ ڪاڻ هن هنڌ آيو نه ڪو،

وڃڻ تي تڏهن ڪهڙو شيڪو ڪبو،

بقا ٿي فقط ذات رب العلا،

جتي ناهه امڪان نقص وفنا.

غرض موت انسان سان ٿيو لڳل،

معيّن ٿيا ايّام عمر از ازل.

5. سيد حاجي غلام محمد شاهه ”گدا“ 1826ع 1905ع  سيد حاجي غلام محمد شاهه ”گدا“ خراساني رضوي سادات مان هو، سندس وڏا ميان نور محمّد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هالا واري خدا آباد ۾ اچي رهيا. هن ڪري هي سائين پکن ڌڻي جو هموطني ٿيو. سند والد صاحب سيد حسن علي شاهه، مير نصير خان جي حڪومت ۾ بجاراڻي ٽالپرن وٽ معزز ڪارڪن هو. گدا صاحب جي تولد جي تاريخ ”مظهر حق“ مان ڪڍي سگهجي ٿي، جا آهي 1253هه بمطابق 1826ع گدا صاحب  فارسي توڙي عربيءَ ۾ يدطولى رکندو هو. هن صاحب کي سانگي صاحب پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو. گدا صاحب پنهنجي ڪلام  ۾ هر هنڌ سانگي مرحوم جي نوازشن جو ذڪر ڪيو آهي.گدا صاحب فارسي توڙي سنڌي جو چوٽيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شعر مان الاهي محبت، رسولي شيدائيت ۽ مجازي مام جا عناصر ظاهر آهن. سندس فارسي فارسي آهي ۽ سنڌي سنڌي. ٻئي پنهنجي جڳهه تي برک آهن. ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.

بيبين بڪعبه رويش تو خال هندورا،

ز اتفّاق عجب اجتماع ضدين است.

نزدِ حق بيگمان چه خوش باشد،

نامِ حق برزبان چه خوش باشد،

روز محشر ضمان چه خوش باشد.

دل ڪه فارغ شداز هوا و هوس،

يادِءِ حق روح را سرور دهد،

خاتم الانبيا رسول الله،

حج بعد وري به اشتياق حج ملاحظه ڪريو.

اٿم هي آرزو هردم ڪرم پنهنجو ڪري ڪامل

در دولت سرا جي شل وري چانئٺ چمائيندا،

دولت ۽ دنيا کي ‎ٺڪرائڻ جو مثال هيٺين سٽن مان نمايان آهي:

دولت ديدار تنهنجي جي اٿم در ڪار يار،

ڌوڙ ۾ داخل ڪريان تنهنجي سوا دنيا کي آءٌ.

پنهنجي هن خرقي پراڻي جي برابر ڪئن ڪريان،

قاقم ۽ سنجاب ۽ زربفت ۽ دنيا کي آءُ.

چڱو هاڻي سپڪ سوادي سنڌيءَ جي به لذت وٺو:

 

سوال منهنجو سڻي سڄڻ سائين،

مون کي ڀاڪر ڪو پرت جو پائين،

مون کي ماڻن سان يار ٿو مارين،

مون کي گهورن سان يار ٿو گهائين.

تون نه ڀائين نه ڀانءِ تنهنجي خوشي،

آءُ ته ڀانيان ٿو مون کي ٿو ڀانئي.

توتي فرياد آءٌ ڏيان ڪنهن کي،

منهنجو فرياد آهه تو تائين،

سؤ لڱا توکي مون ته پرچايو،

هڪ لڱا مون کي ڇو نه پرچائين.

ورهه ٿيا وصل لاءِ واجهه وجهان،

يار مون ساڻ اڄ ته ڪر آئين.

حسن جي مُلڪ جو تون آهين شاهه،

ڇو نه پنهنجي ”گدا“ کي پرچائين.

گدا صاحب  جي سلوڻي ساٿ مان ٻه ٽي فضل جا فائق نظر تان لهي ويا آهن. انهن جو ذڪر خير گدا صاحب جي احوال ۾ ڏيئي پنهنجي روح کي رجهايان ٿو. اُهي آهن: 1- ميون وڏل علوي حيدر 2- فضل محمد ماتم 3- سيد غلام مجتبى شاهه مجتبائي.

ميون وڏو علوي ”حيدري سيدپور تعلقي گوني جو ساڪن هڪ زبردست شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ”سانگي“ جي ديوان جي پهرئين جلد جي تاريخ تصنيف لکي اٿس، جا هيٺ ڏجي ٿي:

جڏ ٻڌم پورو ٿيو، ”ديوان سانگي“ بيمثل،

واسطي تاريخ جوڙڻ جي ڪئي منهنجي طبع تاڻ،

باسرِ بيخواسته از لطف مون کي ”حيدري“

ٿيو آهي هاتف چيو ”ديوان سانگي ختم هاڻ“

1310هه

 

فضل محمد ”ماتم“ ماتم صاحب جي طبع خدادا جو غوغا انهن ڏينهن جي ادبي حلقن ۾ ڏاڍي زور شور سان هو پر افسوس ته ”ماتم“ جي ياد سندس مرثين پڙهڻ تائين محدود آهي. هن کي سنڌي، عربي ۽ فارسي زبانن تي خاص عبور هو. هن جي ثنا وقت جي هر ڪنهن ذي علم ڪئي ٿي. هڪ طرف سانگي ۽ گدا جي ڪچڪولن ۾هي ناياب داڻو موجود آهي ته ٻئي طرف سري جي مسحورڪُن فضائن به هن کي نه وساريو. ”ڪليات خادم“ ۾ مرحوم امام بخش خادم هن جو ثنا خوان رهيو آهي.سانگي سندس باري ۾ هيئن نغمه خوان آهي:

 

آهه بافضل محمّد شعر ”ماتم“ جو مٺو،

دل سندس آهي، غمِ آلِ عبا ۾ داغدار

گدا شاهه ائين رقمطراز آهي:

گدا جو هي ته غزل لاجواب آهه، اگر

قبول خاطرِ ”ماتم اهو جواب ٿئي.

---

”ماتم“  ادا ”گدا جي سوا ڪنهن جي ڇا مجال،

هن شعر جي جواب جي جواب ميدان سر ڪري.

”بياض خادمي“ ۾ ”ماتم“ مرحوم جو هڪ سلام محفوظ آهي، جنهن جي ابتدا ۾ ”خادم“ هيئن ٿو لکي.

مِن ڪلام بردارم محترم فضل محمد ”ماتم“ حيدرآباد:

سرجدا مظلوم جو، تن کان ڪيو اُن لعنتي،

ان گهڙي رت ٿي رنو روح پيمبر يا حسين،

هار سڀ حورن ڇنا، ملَڪن مڙي ماتام ڪيو،

عرش تان آئي صدا الله اڪبر يا حسين(1)

سيد غلام مجتبى شاهه مجتبائي: مجتبائي صاحب گدا شاهه جي خاص حبيبن مان هو. ”ڪليات گدا“ ۾ جابجا سندس تعريف آيل آهي. پاڻ ڳوٺ عامري ضلعي دادو جو ويٺو هو، سندس فرزند سيد مير محمد شاهه موجود، به صاحب علم و فضيلت آهي. گدا صاحب ٿو فرمائي.

اي ”مجتبائي“ توکي ”گدا“ آفرين چوي،

ذڪر خدا کان بند تون پنهنجي زبان نه ڪر.

---

عديم المثل ٿيندو ”مجتبائي“

فصاحت ۾ بلاغت ۾ بيان ۾.

مجتبائي صاحب مبتدي اديبن يا شاعرن لاءِ سونهون هو. هن جو گهاٽو سٻنڌ مرحوم مخدوم محمد ابراهيم صوفي هالائي. رئيس شمس الدين بلبل
 محمّد هاشم مخلص، مرحوم فتح محمد سيوهاڻي حڪيم وغيره جن سان رهيو آهي. ڪليات صوفي قلمي ۾ صوفي صاحب مجتبائي جي ساراهه ۾ ائين لکي ٿو:

ادا اي حضرت عالجناب مجتبائي شاهه

خدا شل ائين ڪري جيئن تون رهين راضي سدا مون کان.

---

قدر تنهنجي غزل جو مجتبائي،

سخندان ڪر سخندان ڪر سخندان.

.6 مرتضائي ٺٽوي: سيد غلام مرتضى شاهه ولد سيد روشن علي شاهه ٺٽي جو برک شاعر ٿي گذريو آهي. هن کي عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به سٺي تعليم مليل هئي. هيءُ پنهنجي عزيز سيد امام بخش شاهه (فدائي) وٽ به پڙهيو هو. هي شاعر ابن هو. هن جو والد جو تخلص ”روشن“ هو. سندس خاندان رضوي هو ۽ سندس وڏا بکر مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. سندس خاندان مان ڪيترا شاعر پيدا ٿيا آهن. ان ڪري شاعري ”مرتضائي“ مورثي ملڪيت هئي. مرتضائي جي سنڌي خواهه فارسي غزليات کانسواءِ جي ٽي مثنويون به آهن. هڪ ”يوسف زليخان“ سنڌي، ٻي ”سڪندر نامه“ سنڌي ۽ ٽين ”شاهنامه سنڌي“ هن صاحب اهي مثنويو نهايت ڪمال سان لکيون آهن. هر ڪنهن جڳهه جهڙو نقشو آهي. اهڙو چٽيو اٿس. موسم بهار ڏسو ته ڪهڙي نه رنگين قلم سان چٽيل آهي:

بهار آيو ويو گذري سيارو،

ڪڍيو مشرق سعادت جو ستارو.

گل و گلشن ۾ آيو شادمانو

غمن ۽ گوندرن جو ويو زمانو

نسيم ناز آيو باغ اندر،

دل دشمن ڏسان اڄ داغ اندر.

صبا آندو وٺي ڪو عطر و عنبر،

گلن بلبل جو سڀ آڻايو لشڪر،

چمن ۾ آهه چرچو بلبن جو،

تماشو آهه سوسن سنبلن جو.

دوپهري زمبق و ميندين جون موڙون،

گلاب و گونٽو دائودي جون جوڙون،

ڏسو جاري رهن ٿيون جوئبارون،

وٺا مينهڙا ٿيون کنوڻين کي سارون.

7. مير علي نواز علوي (1851- 1920ع) مير فخر الدين علوي جو ٻيو نمبر فرزند هو. هن کي به تخلص هئا، هڪ ”علوي“ ۽ ٻيو ”مجرم“ مرحوم جو سلسله نسب امام محمّد بن حنيفه سان وڃي ملي ٿو. سندس وڏا ڪلهوڙن جي زماني ۾ افغانستان کان اچي شڪارپور ۾ مقيم ٿيا. مرحوم نهايت نماڻو، صابر، نهٺو ۽ غريب پرور هو. سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ چڱي مهارت رکندڙ هو. حڪمت ۾ به چڱو ماهر هو. انهيءَ فن ۾ به ڪيترا ڪتاب لکيا اٿس.

ازان سواءِ عربيءَ ۾ ”البِشَارَةُ     لاَِهلِ الاِ شَارَةُ“ (سياڻن لاءِ خوشخبري) ۽ ڪليات مطبوع ٿيل آهن. هن جي ڪليات ۾ پنجاهه کان وڌيڪ غزل ڪي قصائد فارسي ۾ ۽ ڪي مرثيا ۽ ڪي قطعا ۽ ڪي غزل سنڌي خواهه اردو ۾ به آهن.

هن سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ ڪافي ڪلام به چيو آهي:

شد مقتبس ز نور جمال تو آفتاب،

پس ماه را بهَ حسن رخت ان تساب چيست.

غم و نشاطِ جهان را چو اعتبار نيست،

بعيش و عشق بتان اختصار بايد ڪرد.

ز فيضِ صحبت زنده دلان مشو مايوس،

براهِ عشق قدم استوار بايد ڪرد.

 

منھ ويکان هڻ سال صنم دا،

بار بره سرِ اپڻي چاتم،

عشق سڄڻ دا ڪر اختيار،

شوق ملڻ دا ٿيا بسيا،

نال ماهي دي نينهڙا لاتم،

زلف ماهي ڳل جڻيا پاتم،

سمجهه لڳيس ڳجهه دين ڌرم دا.

 

 

ڏوهيڙو:

مندر ميرو بڇڙو، مان بيحد هان بدڪار،

تون لائق لطف جو ڌڻي، تون صاحب آهين ستار،

”ان اللهَ يَغفِرُالذنُوبِ جقمِيعًا“ تنهنجو سخن سچار،

”علوي“ سان اقرار، پاڙ پرين تون پانهنجو،

هڪ ڪافي ملاحظه ٿئي:

مرض محبت جي من منجهايو، سورن جي سٽڪار لڳي.

برهه اسان جي ڀاڱي آيو، درد دلبر جي ڌم مچايو،

دردن جي ڌنڌڪار لڳي،

پرت منجهؤون ڏاڍا پور پرايم، لوڪ لڳايا ورهه وڃايم،

سڄڻن جي ڪا سنڀار لڳي.

ڏک اچئي منهنجي سيبڻان، سک ڇڏي مون سفر سڌاڻان

ورهه سنڌي وسڪار لڳي.

فوج فراق جي آهيان ماري، روئيندي عمر گذاريم ساري،

پرين جي ڪا پچار لڳي.

”علوي“ عشق اڱڻ منهنجي آيو، بسم الله ڪري مون ڳل لايو،

توڙئون تن ۾ تار لڳي.

8. مولوي عبدالغفور همايون (1847- 1920ع): مولوي عبدالغفور ذات پيچوها، ڳوٺ همايون ضلع سکر ۾ سن  1847ع ۾ تولد ٿيا. مولوي صاحب جن هڪ اهل الله شخص، صاحبِ دل ظاهر ۽ باطن جا باعمل عالم هئا. پنهنجي پيري مريدي جو سلسلو به قائم رکندا آيا.  مولوي صاحب کي هڪ شهر آفاق مدرسو هو، جنهن ۾ درس ڏيندي ڏيندي وجد طاري ٿي ويندو هون. سچ پچ ته درد سوز ۽ گداز جي زنده جاويد تصوير هئا، ۽ سندن ڪلام مان به ساڳيو درد ۽ سوز پيو بکي، سندن تصانيف مان ”فتاوى همايوني“ ۽ ”ديوان مفتون“ مطبوع آهن. سندن هڪڙو غزل ملڪان ملڪ مشهور آهي، جنهن جومطلع آهي.

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين مانه رڳو،

تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،

مهمان هزارين مان نه رڳو،

ان تي ڪيترن شاعرن تتبع ڪيو پر ”مفتون“ جي پَد تي پهچي نه سگهيا. سندن وفات 1336هه بمطابق 1920ع ۾ ٿي. سندن ڪلام درد انجام مان چند پرسوز مثال ڏجن ٿا:

(1)

باهه ڀڙڪي برهه جي، دل تي اٿيا ڏاڍا اڌام،

اي اکيون پاڻي وجهو ڳوڙهن سندو تنهن تي مدام،

وصل جو وعدو ڏنو تو، بت ٿيو آ باغ باغ،

ڏک مڙيئي ڏور ٿيا، سک ڏنا ساري سلام،

منجهه وڇوڙي يار جي هو بت اسن جو بيقرار،

دل گهڻيون دانهون ڪيون، ٿي ننڊ نيڻن جي حرام،

يار ”مفتون“ ڏي ڏسو، مرڪي هميشه دمبدم،

ڪانه ٿس ٻي هير محبت آ غلامن جو غلام،

(2)

تنهنجي صورت گل گلاب چوان،

يا ملڪ سندو مهتاب چوان،

تنهنجي منهن مٺي کي ماهه چوان،

يا مظهر نورالله چوان،

يا مسجد جو محراب چوان.

تنهنجي قد سڌي کي ڪانُ چوان،

يا لفظ الف ايران چوان،

يا سرو سهي جي شان چوان،

تنهنجي لعل لبن کي لال چوان،

يا عقيق يمن جي مثال چوان،

يا قنڌ چوان يا سرخ رنگين عناب چوان،

دل ”مفتون“ جي کي مست چوان،

مست سرور الست چوان،

يا بازبرهه جي دست چوان،

يا شوق سندءِ ۾ ڪباب چوان.

9. سيد رکيل شاهه ناڙي وارو: سيد رکيل شاهه  ڳوٺ فتح پور علائقو گنداواهه رياست قلات بلوچستان 1841ع ۾تولد ٿيو ۽ صدي کي پهچي 1943 ع ۾ فوت ٿيو، سندس نسبت جو سلسلو حضرت امام حسين سان ملي ٿو. مرحوم آباءِ اجداد کان وٺي صوفين جي سرتاج، حضرت شاهه عنايت الله شهيد جهوڪ شريف واري جو مريد آهي. مرحوم ٻالجتيءَ کان وٺي فقيرن ۽ درويشن جو صحبتي رهيو ۽ فقيري رنگ ۾ رچي ريٺو لال ٿيو. سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ ججهو ڪلام اٿس. سندس فرزند سيد چيزل شاهه آهي جو به هڪ سٺو صوفي شاعر آهي، ۽ روحانيت جي راڻن جون دليون ريجهائي. ڪلام ملاحظه ڪريو:

آهو نين صنم تيڏي پورئون ڏنگن،

هويا زخم سيني وچ سئو تير لنگهن.

انهي درد ميڏي دي دوا ڪونه ڪري،

ڳجها مرض لڳا هڏ ماهه ڳري.

مئن ديدار ويکان دل دا ضعف ٽري،

ايوين ڪيوين ڪران جڏهن آپ منگن.

ڌاڙا مار ڳنون دل ڪونه زور لٽي،

سو فرياد ڪران، ميڏي جان ڇٽي

ڪر نشان مينڪون دم دم يار چٽي،

زلفين قيد ڪيتا ورهين نال ونگن،

گهتي عشق چنبي جيري جل ڳئي،

پردي ظلمات والي ساري کُل ڳئي،

هر جا حق ڏٺم جهاتيان پاڪي لئي،

اثبات وچون رمزين نال رنگن،

”رکي“ راز ماهي دي ڪل ڪون لَهي،

اڪبر حج هويا جٿان يا رهي،

اوکا بار برهه دا جوئي سر تي سهي،

اوهي حال حيات لاهوت لنگهن.

10. آخوند حاجي فقير محمّد عاجز حيدرآبادي: عاجز صاحب  حيدرآباد شهر جي مشهور شيراڻي آخوند مان آهي، هن جو تولد 1846ع ۾ ٿيو ۽ وفات 1918ع ۾. شيراڻي محلي کي ”آخوند عبدالڪريم غازي خان“ جو محلو به چوندا هئا. جو هنن جو وڏو ڏاڏو آخوند غازي بن سعد خان مير غلام علي جي ڏينهن ۾ سن مان لڏي اچي حيدرآباد مقيم ٿيو. هنن جي مردن خواهه عورتن جو مشغلو هو قران شريف جو درس ڏيڻ. مرد مير صاحبن کي پڙهائيندا هئا ۽ زالون دين تي تعليم ڏينديون هيون. عاجز صاحب فارغ البال هو. هو صاحب هر وقت ڪتابن مطالع ڪرڻ، شعر لکڻ ۽ ذڪر و فڪر ۾ گذاريندو هو ۽ درويش ۽ عالمن سان صحبت ونڊينو هو. سانگي ۽ گدا سان خاص الفت هيس، ملاحظه ڪريو:

عبدالحسين مير ٿيو سرچشمه فيوض،

جهڙي سخا ۾ ناهه ڪو عالي جناب ڪٿ.

احمد عطا ڪريس خدا يا طولعمره،

ناهي سندس عديل ڪو گردون قبابه ڪٿ.

سانگي جو شعر شيرين موزون و  پُر نمڪ،

آهي ”گدا“ به صاف فضيلت مه آب ڪٿ

(ديوان عاجز)

سنه 1918ع ۾ سند وفات ٿي.

آخوند صاحب پنهنجي دور جو مشهور شاعر آهي. هي صاحب ديوان آهي. ”ديوان عاجز ۾“ ۾ هڪ سئو ست (107) غزل ۽ ٽياسي 83 رباعيون آهن. آخوند صاحب 28 رمضان 1323هه ۾ لکي تيار ڪيو. هن جو مختصر ديپاچو نثر ۾ به آخوند صاحب لکيو آهي. ان ۾ صوفين جي ڪلام جا اشارات بخوبي سمجهايل آهن. سمجهاڻي ڏيندي آخوند صاحب مثنوي ”گلشن راز“وانگر ڪجهه سمجهاڻيون ڏنيون آهن، جن مان ڪي نموني خاطر پيش ڪجن ٿيون:

ڏسين جي شعر هن ديوان جو اي يار،

خرابات و خراباتي ۽ خمار،

جڻيو جي بت، ڪرنائي، چليپا،

برهمڻ، گبر، ترسا، دير، مينا،

شراب و شاهد و شمع و شبستان،

ڌڪڙ طبلا ۽ ساز آواز مستان،

نه ڪر تابش انهن گفتن کان انڪار،

انهن مان ڳولي لهه مقصود اي يار،

اها صوفين جي ٻولي جي عبارت،

پروڙي مغز ان جي ڪر زيارت.

ان صاحب جي ديوان ۾ گهڻا غزل ”ديوان حافظ“ جي غزلن جو ترجمو ۽ تتبع آهي.

11. آخوند لطف الله ”لطف“ حيدرآبادي: آخوند لطف الله ولد آخوند محمّد اسحاق،آخوند فقير محمّد عاجز جو سڳو سوٽ هو، سندن نامور خاندان اهو ساڳيو آهي. آخوند لطف الله جي ولادت سنه 1842ع ڌاري حيدرآباد ۾ ٿي. سند ابتدائي اوسٿا جي پوري پروڙ نه آهي. فقط ايترو معلوم آهي ته هو پرهيائين آخوند محمّد صديق جي مڪتب ۾ پاڙهيندو هو، جتان پوءِ لوڪل بورڊ طرفان ابتدائي ماستر مقرر ٿيو، چنيجن، نصرپور، تاجپور هنڌن تي ماستري ڪيائين، پڇاڙي ۾ ٽنڍي ولي محمّد اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، پاڻ سٺو ناثر، شاعر ۽ صاحبِ ذوق هو، سندس خدا داد قابليت ”گلِ خندان“ عرف ”جانعالم انجمن آرا“ مان ظاهر آهي. سندس مقفى نثر سنڌي ادب ۾ لاجواب آهي، آخوند صاحب 1898ع ۾ نوڪريءَ کان فارغ ٿيو ۽ ڊسمبر 1902ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ٻه فرزند ۽ هڪ نياڻي هئي. وڏو پٽس محمّد اسحاق جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو هو. ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جي آفيس ۾ ڪلارڪ هو.  سنه 1918ع ڌاري ڪنڌ ڪوٽ ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽس ميان محمّد حيات قريشي (ولادت 5 مارچ 1903ع) حيدرآباد ميونسپل اسڪولن ۾ ماستر هو. مرحوم لطف الله جو ادبي ذخيرو سندس وڏي پٽ وٽ هو. پر افسوس ته انجي انتقال سان گڏ هي ادبي ذخيرو به دنيا جي اکين کان سدائين لاءِ غائب ٿي ويو. ”سنڌ سڌار“ اخبار مان سند س ڪن غزلن جا نمونا مليا آهن. انهن مان هڪ مثال طور ڏجي ٿو.

ڪيو دور فلڪ جي يار کان مون کي جدا امشب،

لکيو تقدير ۾ هرف جدائيءَ جو قضا امشب،

سواد زلف دلبر جي، کليو خد سياهي جو،

ته صبح وصل جو آخر ڪندو ظهار ضيا امشب.

دل مجنون سان يارو، اچي منهنجي پئي ياري،

ته وحشت کان بهر لحظه ڪري ٿي التجا امشب،

ٻيو تسبيح ۾ ڪو عقد، مشڪل بي جمعيت جو،

ته عارف ورد دوشينو، ڪيو ويٺو قضا امشب،

نه هو مشڪل مگر تسبيح جو هو عقد لاينحل،

طبع کي عارفن جي هئي نه تلقين رضا امشب.

مگر منصور جو ناحق ڏنائون سر مٿي سوري،

نه پرجهيم هن حقيقت ڪاڻ، تعبير قضا امشب.

به بندِ هجر ابن مهجور را تا ڪي پسندي تو،

بعزم ما بهر درمان دل محزون دوا امشب،

نه هو ڪو ”لطف“ کي هر گز خيال وصل دلبر جو،

مگر دفع بلا ڪارڻ گهري ٿي دل دعا امشب.

12. سيد مصري شاهه: سيد مصري شاهه ولد بلند شاهه  نصرپوري (1828ع 1904ع) نصرپور جي نامور تاريخي شهر جي اڻويهين صديءَ جو هيرو ٿي گزريو آهي. هي صاحب آغاز ۾مڪتبي تعليم جا سڀ مرحلا طئي ڪري،فارسي ۽ عربي جو علم حاصل ڪري، سيلاني ٿي اچي نصرپور ۾مقيم ٿيو،سندس شعر ۾ رندي ۽ صوفيانه رنگ موجود آهي. هن جي ڪلام ۾ عربي ۽ فارسي الفاظ سميٽيل آهن. دنيا جي ٻي ثباتي جو نقشو واهه جو چٽيو اٿس. بيدل ۽ بيڪس وانگر هن جي ڪلام ۾ حسن جا جهلڪا نمانيان طور ظاهر آهن. ڪافين جوهن جي دور ۾ زور هو. موزون ڪلام تي به سٺي طبع آزمائي ڪئي اٿس، مثال طورٻه موتي ڏجن ٿا. پارکو پاڻهي پرکيندا.

 

غزل

نيئي نماڻن جوندليون ناحق نگارا بي سبب

وٽوِهو ويجهو ورئو ڪرئين ڪنارا بي سبب،

نازسين لاهئو نقابا گڏ وهو گهونگهٽ ڪڍين،

ڪوهه مٺا مشتاق مارئين ڏئي نظارا بي سبب،

لعل لب لعلون يمن جون، روئي رخ رشڪ چمن،

نيڻن نرگس نيم خوابي، انتظارا بي سبب،

زلف سلسليدار گيسو عنبرين رخسار تي،

ڪَر کنيو کائن ڪليجا، نانگن ڪارا بي سبب،

ڪن ڪمان ابرو اڌو اڌ رَخش رستم زال کي،

سام برزو گيسو کان ٿا وٺن وارا بي سبب.

عشق جي آڻيو اَڙي ۾ پوءِ پراهون ٿيو بهن،

واهه دل دلبر سندءِ ٿي، سنگ خارا بي سبب،

سهج سڪندن کي سڏيو، تهتئون تڙائين ترت تون،

اي سندءِ انصاف عالم آشڪارا بي سبب،

مر ته عاشق عيد ڪن ماڻا مَ ڪر محبوب تون،

ڪيس ڇڏ، ڪُهه ٿو ڪُهين ور ڏئي ويچارا بي سبب،

مهر ڪر ”مصري“ مٿي خوشدل ۾َ ٿي خنجر گذار،

نه ته عوض وٺندءِ انهيءَ جو داد وارا بي سبب.

 

ڪافي

جيجان جوڳي جاوي ويڙا، سمر سجوڙا سرت سجان،

چيلهن چڪر ٻڌائون چمڙا چوڏس چاڙهيائون چوگان،

آهه هريجن ان جي هردي، هر ڪنهن مهل وتن حيران.

تڪيا تاڪي ترڪ ڪيائون، ترت طمع جا سڀ طولان.

”موتوا“ مرڻا مهند مري ويا،مڙئي ساري ماڳ مڪان،

رمز عجائب راول رميا، راهه مسافر ري سامان

دوئي وڃائي دونهن دکايئون، دل منجهه دائم درد دخان.

جُڳ جُڳ ٿيا جا ميري جيئڙا، گنگا جر ٻي جام جوان،

مٿرا پاسي ”مصري“ چئي، هت مادر جيڪس هوا مهمان.

13.حافظ محمد ٽکڙائي: حافظ حاجي حامد ٽکڙائي سن 1248هه بمطابق 1832ع ۾ ٽکڙي تعقلي گونيءَ ۾ ڄائو هو. هو ميمڻ قوم جو فرد هو، اڃا ٽن ورهين جو مس ٿيو ته ماتا جي ڪري اکين جي نُور کان محروم ٿيو، ان ڪري ظاهري طرح ته نابينا هو، پر باطني طرح بينا، ڏسو ڪهڙي نه مو ثر انداز ۾ هن واقعي جو ذڪر ڪيو اٿس:

”سسئي سرجيئي نه سک ماڻيو، پيس پيوند پينگهي ۾،

نماڻي نيهن جا ننڍپڻ ۾ کائي سور ساماڻي.“

حافظ  حامد، پنهنجا اوائلي ڏينهن ملاڪتيار ٽنڊي سائينداد جي مدرسن ۾ قرآن شريف حفظ ڪندي گذاريا. چون ٿا ته مديني شريف جي معروف امام، محمّد شاذي جي مڪتبه مان به فيض حاصل ڪيائين. سندس شعر مناظر قدرت،سوز و گداز قوت بياني، زبانداني،سلاست ۽ روانيءَ جو آئينو آهي. خطبا به سندس مشهور آهن. هجويه شعر به چوٽيجو چيو اٿس. فارسي شعر به شعور وارو اٿس. سندس ڪلام مان فارسي ۽ سنڌي مثال ڏجن ٿا:

ان چمن شاداب از روئي شما،

مشڪ را قدر از گِل ڪوئي شما،

نقد عمرم منصرف جانم بلب،

ديده و دل منتظر سوئي شما.

گرچه بليل گل آمد يا مجاز،

در حقيقت محو از بوئي شما

همچو ”حام“ ڪيست در دوران دگر،

زخم خورده تيغ ابروئي شما.

---

کوڻ کائڙ تي کوندي، رات جهڙ جاڳائيم جهوري،

پروڪا ساريم پڊڙا،لهي لِک سئين نه مون لوري،

ترايون تار تازئي سين، پتن تي پوڄ پاڻي ٿيا،

وطن تي ڪيون وٺڻ جهڙيون، منڌڙيڙن ماٿرين موري،

چَري چوڏس چلڙ ۾ٿيا، متارا مال مارن جا،

ڀٽن ۾ ٿيون ڀڻن ڀيڙيون، ڪڪي ۽ ڪونج ڪانوري،

هلائون ڪر نه ”حامد“ چئي، سٻر ٿي سانگياڻن تي،

نبيهندي ڪين توسان نيٺ ظالم زر اها زوري.

14. رمضان ڪنڀر (وفات 1898- 1899ع ڌاري) هن امي شاعر جي مولودن ڪافين جو چرچو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڏنو آهي. رمضان ڪنڀر ميرن جي آخري دور ۾ آمڙن ڳنڀيرن جي ڳوٺ ۾ٽلٽي (تعلقي سيوهڻ جي نزديڪ تولد ٿيو ۽ فتحپور ۾ وصال ڪيئين. پنهنجو وقت ڪنڀارڪي ڪم ۽ کيتيءَ جي ڪاروبار ۾ صرف ڪيائين، جيتوڻيڪ هو علم پرائي نه سگهيو پر علم وارن جي هردم صحبت رهندي هيس، انهي سمي ٽپٽا (تعلقي سيوهڻ) علم جو مرڪز هو. ۽ منجهس گهڻائي اهل دل عالم رهندا هئا، رمضان جي صحبت انهن ٽپٽائي بزرگن مان ميان عبدالرئوف، ميان محمّد يوسف، ميان غلام محمّد ۽ ميان محمّد جمن سان هئي.انهن صاحبن جي صحبت کيس باطني سوجهرو عطا ڪيو. ”فنا في الرسول“ جي درجي تي پهتل هو، سندس سڄو ڪلام محبت رسول سان پُر آهي.سندس ڪافيون مولود، معجزا ۽  ”ڪانگ جا ڪلما“ مشهور آهن. ڊاڪٽر مرحوم جن سندس شعر جي ابتدا جو ذڪر هن طرح ڄاڻايو آهي:

”هڪ ڏينهن سنگهارو پاڻيورائيندي، ٻنيءَ تي ڪوڏر ڪنڌ هيٺان رکي ستو پيو هو ته اوچتو ننڊ ۾ سڏ ٿيس ته ”اٿي ڪجهه چئو“ وائڙو ٿي چوڌاري نظر ڦيرايائين پر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس، وري به ڪوڏر ٽيڪي سمهي رهيو، اڃا اک مس لڳيس ته وري ساڳيو آواز ٻڌائين وري به چوگرد چتائي نهاريائين پر ڪجهه به نظر نه چڙهي، آخر اکيون ٻوٽي وري ليٽي پيو ته خواب ۾ ڇاٿو ڏسي ته هڪ نُوراني شخص ٿُڏو هڻي کيس چيو ته”اٿي ڪجهه چئو¸اتي بيقرار ٿي اکيون پٽي ويهي رهي ٿو. پر ڏسڻ ۾ڪجهه به نٿو اچي، نيٺ قلب جا قفل کلي پونس ٿا ۽ يڪدم هيءُ ڪافي دل تي تري اچيس ٿي.

ڪيچ وڃڻ جو ڪيو پهه ڪيچين، پيڙم ساجن جو سماءُ

هيءُ هينئڙو ويراڳ ورهه لئي،

ڏک ڏاڍو پيراڳ پرهه لئي،

راتيان ڏينهان روڄ رنجاءُ ڪيچ وڃڻ جو...

آهي نه سرتيون درد اوهان کي،

مهڻن سان ٿيون ماريو مان کي،

سورن ڪونه چکايو ساءُ، ڪيچ وڃڻ جو..

وقت وڃڻ جي رات نه جهڻڪيو،

جاڳيس تان نه ڪنواٽن،ڪڻڪيو،

پيڙم ڪونه ڪنين  ڪڙلاءُ، ڪيچ وڃڻ جو..

چوي ”رمضان“ چليا چت چوري،

ڪنديس ڪوڪان ڏونگر ڏوري،

گهوريس گهوري ڪيچ گداءُ ڪيچ وڃڻ جو...

محمّد عربيءَ جو متوالو گهڻوئي ڦٿڪيو ته وڃي رسول جي چانئٺ چمي اچان پر عاشق کي سوز گداز ازلي عطا ٿيڻو هو. هن جي دلي خواهش پوري نه ٿي. وصل وقت جو مولود چيو اٿس، ان جا چند بند عرض ڪري احوال کي ختم ڪبو:

مون کي مولا ميڙين مصطفى، ڏسان دوست سندو ديدار،

منهنجو محب مٺو منٺار، مون کي مولا ميڙين مصطفى،

وڻ وڻ ووڙيندي وتان، هو جو ڪاف مٿي ڪوهيار،

دوست ملي مون دادلو، منهنجو دانھُ دلقرار،

آيل عشق عجيب جي، سي ته عين ڪيا اظهار،

لڪايان نه لڪيئي، ٿيم نظاري نروار،

”رمضان“ پرتو مصطفى هي ڪوجهو آهي ڪلتار،

مداح هي مقبول ٿئي،اوهين پهرايو پينار.

15. رمضان فقير واڍو: رمضان فقير واڍو ٻيو رمضان آهي، جو هن سمي جو سورهيه اديب ٿي گذريو آهي.رمضان واڍي ۽ رمضان ڪنڀر ۾ هي تفاوت آهي ته فقير ڪنڀر اُمي هو ۽ فقير واڍو علم جي زيور سان سينگاريل. هن صاحب جي واکاڻ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾لکي آهي.هن فقير جي تولد ڳوٺ پنجمورو تعلقي هالا ۾ 1 رمضان شريف 1265هه ڌاري ٿيو ۽ وفات 27 رمضان شريف 1330هه ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٿي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو. سندس پوٽي فقير امام علي کان معلوم ٿيو ته جڏهن فقير صاحب جن ننڍا هئا ته ڳالهائي ڪونه سگهندا هئا. جڏهن اٺن سالن جا ٿيا، تڏهن سندس والد محمّد شهمير فقير کيس ان وقت جي پير جهنڊي واري صاحب وٽ وٺي آيو، اچي عرضي ڪيائون ته قبلا! هي ننڍڙو ڳالهائي ڪونه ٿو سگهي، هن کي دعا ڪريو، پير صاحب کيس وات ۾ پِڪ وجهي فرمايو ته ”ابا هي ننڍڙو اهڙو ڳالهائيندو جو هن جي ڳالهائڻ لاءِ جهان مشتاق رهندو،“ ان وقت تي فقير پنهنجي مرشد جي شان ۾ شعر لکيو پر پوءِ پنهنجي تجربي سان چڱي طرح واقف ٿيو ۽ اکر به چڱا لکندو هو، پوءِ ته پنهنجي شعرن سان ميدان برپٽ واسي ڇڏيائين هاڻي به رمضان واڍي جا مولود،ڪافيون ۽ ڏوهيڙا مشهور آهن ۽ عام زد آهن.

پاڻ هميشھ اڪيلو سفر ڪندو هو. هڪ ٿيلهو ڪتابن جو ساڻ، رهائش مسجد شريف ۾ ۽ هڪ ڇيٽ جي رومال۾ تسبيح، سيلاني به هڪڙو ئي هو، پاڻ همشھ صبر ۾ رهندو هو، نه ڪنهن کان گهرندو هو ۽ نه ڪنهن جي زير احسان رهڻ چاهيندو هو.سندس عقيدت مندي جو رستو سرور سائين جي درگاهه سان هو. ۽ امين سائين جوبه معتقد هو. سندس هيٺيون ڏهر مشهور آهي:

ڪنڌو سر ڪپي ڏيان، من سر ڏني سرچي،

راضي ٿئي ”رمضان“ تي، من پاڻ ڌڻي پرچي،

داخل ٿيان در تي سرور جي ته سماع ۾.

سندس عوامي شعر ته مشهور آهي، پر سندس موزون ڪلام جي خبر ڪنهن ورلي صاحب کي هوندي.هت سندس دويان مان ايراني شاعرن جي تتبيع ٺهيل آهي، هڪ غزل پيش ڪجي ٿو
 


(1)  ڪليات خادم: ص 29

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org