سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات امين

صفحو :1

ڪليات امين

محبوب علي چنا

 

تازه پيش لفظ

 

منهنجي جي جدامجد حضرت مخدوم امين محمّد سائين ثالث جو ڪلام ”ڪليات امين“ جي عنوان سان مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جي ڏنل ترتيب مطابق سال 1966ع ۾ سنڌي ادبو بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو هو، جيڪو هن وقت ناپيد آهي، پڙهندڙ جي تقاضا موجب بورڊ هن ڪتاب کي ٻيهر ڇپي شايع ڪري رهيو آهي ۽ مون کي دوباره پيش لفظ لکڻ لاءِ استدعا ڪئي ويئي آهي.

دوباره پيش لفظ لکڻ انهيءَ ڪري به ضروري سمجهان ٿو جو مرحوم پروفيسر چنا صاحب جي تحقيق بعد حضرت مخدوم نوح (رحه) تي ڪافي تحقيق ٿي آهي، جنهن منجهان نيون حقيقتون باالخصوص شجرهِ نسب متعلق معلوم ٿيون آهن،خاص طور تي صفحي نمبر 15 تي ڏنل ”شَجره نسبِ عاليه“ ۾ مخدوم غوث الحق جي حوالي سان مخدوم امين محمّد (صاحب ڪليات) جو شجرهِ نسب سيّدنا عبدالرحمان بن ابوبڪر صديق رضه سان ملايو ويو آهي، ۽ حاشيه ۾ ٻين حوالن سان معلوم شجرن کي رد ڪيو ويو آهي پر هاڻي مزيد تحقيق بعد معلوم ٿيو آهي ته ابن خلڪان جي ڪتاب ”وفيعة الاعيان“ جلد پهريون طبع مصر جي صفحي نمبر 99 تي جيڪو شيخ شهاب الدين سهروردي جي چاچي شيخ ابونجيب عبدالقاهر جو شجرهِ نسب ڏنل آهي، سو فاضل مصنّف (ابن خلڪان) جي تحرير مطابق خود شيخ ابو نجيب جي هٿ اکر لکيل آهي. جنهن جو تفصلي هيٺين ريت آهي:

”قال محب الدّين النّجارفي ”تاريخ بغداد“ نقلت نسب الشيخ ابي النجيب من خطھ و هو“:

عبدالقاهر بن عبدالله بن محمّد بن عمريھ واسمھ عبدالله

بن سعد بن الحسين بن القاسم بن النضر بن القاسم بن

النضر بن عبدالرّحمان بن القاسم بن محمّد بن ابي بڪر الصديق رضي الله عنھ، واذا کان بخطھ هکذا فهو اصح“

مٿئين ڏيکاريل تحقيق مطابق حضرت مخدوم امين محمّد ثالث جو شجره نسب هن ريت آهي، پهرين کان وٺي 31 تائين ساڳيو جيئن ڪتاب جي پهرين ڇاپي ۾ ڏنل آهي. (32) شيخ ابو محمّد بن عبدالله بن محمّد بن عمويه (عبدالله) بن سعد بن الحسين بن القاسم بن النضربن القاسم بن النضر بن عبدالرّحمان بن القاسم بن محمّد بن حضرت ابوبڪر صديق رضه.

اُميد ته ”ڪليات امين“ جو هي تازو ڇاپو پڙهندڙن کي تحقيق خواه طباعت جي لحاظ کان وڌيڪ پسند ايندو.

هالا نوان

پهرين سيپٽمبر 1990ع

مخدوم محمّد زمان، ”طالب المولى“

سجاده نشين درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم نوح رح،

چيئرمين

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

 

 

 

 

انتساب

هن محنت جي ماڻڪ کي، جيجل جي موتين ڀريل جهوليءَ اڳيان پيش ٿو ڪريان، جا پنهنجي جگر جي جانب کي جدائي جو جهوراڻو ڏيئي وڃي، جنت الفردوس ۾ 22 سيپٽمبر 1955ع، بمطابق 25 صفر المظفر 1375هه جائيگير ٿي. شال مٺو مولى مرهيس.

جڏهن به  کيس ”امين سائين“ جو ڪلام ٻڌائيندو هوس ته پاڻ اچانڪ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، ۽ هنجو هاريندي هئي، ڪاش! هن وقت زنده هجي ها، ته پنهنجي ”محبن“ جي محنت ڏسي ڏاڍو مسرور ٿئي ها.

جَڙيل آهي جان سان، جيجل جي جهوري،

دائم قائم شل رهي، هن جهوريءَ جي لوري،

ڪئن رهندو هُن ريءَ جنهن سان هجر جو  هاڃو ٿيو.

(مولف)

غمزده

محبوب علي چنا.

 

 

پيش لفظ

 

مدت مديد کان اها آرزو پئي ڪيم ته جدامجد حضرت مخدوم امين محمّد سائين (ثالث ”3“) صديقي و قريسي رحمتھ الله تعالى عليھ عرف ”سائين پکن ڌڻيءَ“ جهڙي جامع الصفاف ۽ منبع برڪات شخصيت جي احوال سان گڏ،سندن وجد آفرين ۽ روح پرور ڪلام شايع ڪجي، اها هڪ حقيقت آهي ته سندن ڪلام، تصوف جي حقائق ۽ معارف جو گنج گرانمايه آهي. سندن ڪلام ۾ سوز ۽ ساز به آهي ۽ روح ۽ راز به آهي. سندن ڪلام رقت انگيز به آهي ۽ لساني حيثيت سان شيرين ۽ دلنشين به آهي، سنڌ جي ادب ۾ سندن فن ۽ ڪلام جي انفراديت قائم ۽ دائم آهي. ان کان سواءِ، ڪلام ۾ روحاني ۽ وجداني ڪيفيات ۽ واردات کي اهڙي ته نرالي ۽ سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو ان جي تازگي ۽ نغمگيءَ ۾ ڪو به فرق ڪين آيو آهي،سندن فنّي محاسن لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته سندن معاصر به سندن فن ۽ ڪلام جي تتبعّ تي فخر ۽ مسرّت محسوس ڪندا هئا.

ان دلي آرزو لاءِ ”سائين پکن ڌڻيءَ“ جي ان يادگار ”فقيراڻي محفل“ کي تحريڪ جي حيثيت حاصل آهي، جا اپريل 1953ع تي حضرت عمويم مرحوم مغفور مولوي غلام حيدر صاحب صدّيقي جي صدارت هيٺ ملهائي ويئي. ان درويشاڻي مجلس ۾ ڪيترن اهڙن درويش صفت دوستن جي شرڪت  ٿي،جي سوز ۽ ساز وارا هئا، جن جي رهاڻ، هن سلسلي ۾ هڪ مثالي رنگ پيدا ڪيو، اصل ۾ هن عظيم ۽ علمي ڪم جو اوائلي بنياد ان ”روحاني رهاڻ“ ۾ پيو.

        ان سلسلي ۾ محترم محبوب علي چنا پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا (حال سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد)، ”پکن ڌڻي“ جو ڪجهه مختصر احوال ۽ ڪلام، ”سروري مخزن“ _51-1952) ۾ شايع ڪيو.

سندس ادبي مذاق ۽ ان دلي ارادي کي محسوس ڪندي، ساڻس ”ڪليات امين“ جي ترتيب ۽ اشاعت متعلق ڳالهه چوريم، جا قبول ڪري، ڪلام ۽ حالات جمع  ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو.

مارچ 1953ع جي لڳ ڀڳ، ڳچ جيترو ڪم پورو ٿي چڪو هو: پر چنا صاحب جي سنڌ يونيورسٽي ڏانهن تبادلي، هن ڪم ۾ سوا سال جي مدت حائل ڪري ڇڏي. 31- جولاءِ 1954ع تي چنا صاحب کي دوباره، اسان پاڻ وٽ گهرايو، ان کانپوءِ لازمي طور تي هي ڪم به ڦليو ڦوليو ۽ توڙ تي پهچڻ جا تڪيا طئي ڪرڻ لڳو. اشاعت جي سلسلي ۾ ”الزمان“ پريس هالا ۾ انتظام ڪيو ويو، پر ان لاءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي پيشڪش کي زياده ترجيح ڏني ويئي ۽ نظرثاني کانپوءِ اهو نسخو، مقدمي سميت بورڊ  ڏانهن موڪليو ويو.

”سنڌي ادبي بورڊ“ جو پنهنجي معياري تاليفات جي شايع ڪرڻ ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪري چڪو آهي، ان، هن نسخي کي آخري طور 1964ع ۾، اسان جي هڪ ٻئي مخلص ۽ دوست محترم گرامي صاحب جي حوالي ڪيو پر ”مهراڻ“ جهڙي معياري ۽ ضخيم رسالي جي ايڊٽ کانسواءِ، مختلف النوع علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري، ”ڪليات- امين“ جي هن نسخي جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ ٻيو سال به خير جو گذري ويو. آخرڪار، ”دير آيد، درست آيد!“ جي مصداق ”بورڊ“ جي فني ڪار پردازن جي ڪوشش ۽ محنت سان ”ڪليات-امين“ صوري ۽ معنوي محاسن سان جا ڇپجي اهل دل بزرگن لاءِ روحاني سرور ۽ قلبي حضور جو باعث ٿيو آهي. ”ڪليات امين“ تي جنهن عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ سان، مؤلف ڪم ڪيو آهي، اهو قدر ڪرڻ جي لائق آهي.

ان سلسلي ۾ اهو ظاهر به لازمي امر آهي ته هن نسخي جي ڌار ڌار پڙهڻين ۽ صحت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، اسانجي خانداني قلمي بياض کي فاضل مؤلف هر وقت اڳيان رکيو آهي، ان طرح گرامي صاحب جن ان نسخي کي جديد علمي رنگ ۾پيش ڪرڻ لاءِ جنهن جديد انداز سان علمي ۽ فني اضافا ڪيا آهن، اهي قدر ۽ مطالع جي لائق آهن.

دعا آهي ته رب ڪريم ”ڪليات امين“ کي قبول عام بڻائي ۽ سنڌي ادب ۾ هن فني ڪاوش کي پڻ معياري اضافو تصوّر ڪيو وڃي. آمين!

هالا

25 ڊسمبر 1965ع

مخدوم محمّد زمان، ”طالب المولى“ (تمغه پاڪستان) سجّاد نشين حضرت غوث الحق مخدومنوح رحه،

چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ،

ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان.

 

ديباچو

 

چشم اسايش که دارد زين سپهر گرم رو،

ساقي! جامي بيارو، تابيا سايم دمي

(حافظ)

”ڪچڪول طالب المولى“* جي ديباچي ۾ هن ”ذوق واري ذري“ جي نوزايل اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته سروري گلستان جي ٽڙيل ۽ خوشبوءِ سان واسيل گلن جا گلدسستا ٺاهي، ديسواسين اڳيان پيش ڪندس، هن اميد موهوم جو قرطاسي قالب قارئين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، جو ”رتيءَ جي رهاڻ“  يا ”ذوق جي ذري“ جي ٻي ڪڙي سمجهڻ گهرجي.

سڀ کان اول اول سائين امين محمد سائينءَ جو ڪلام مون شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي تاليف ”سرها گل“ ۾ ڏٺو. اها حقيقت آهي ته مطالعي کانپوءِ واهه جو حظ حاصل ٿيو! وري محترم محمد صديق ”مسافر“ مرحوم جي ترتيب ڏنل ”ديوان فاضل“ ۾ سندن جاذب نظر احوال پڙهي، دل اُڌما کائڻ لڳي ته هي ڪلام فرحت انجام نه رڳو روحاني رهاڻ لاءِ ٻُڌجي پر ان کانسواءِ ڪٺو به ڪجي.

رب سائين اها آرزو پوري ڪئي، جڏهن مون ”سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي پهرئين پرنسپالي جون واڳون 25 مئي 1951ع ۾ ورتيون.

 

هر ماهه پهرئين سومار تي، هت هالن ۾ چهچٽو لڳي ويندو آهي. هڪ طرف سروري ٽوڙَ سماع ۾ مصروف هوندا آهن، ته ٻئي طرف صوفي فقير رندي ڪلامن جي ڪڙي ۾ قابو هوندا آهن. جيئن ته مان فقيرن جي اوتاري جي ڀرسان مخدوم صاحبن جي بنگلي نزديڪ رهندو هوس، تئين مون کي تمام گهڻا موقعا مليا، جو مون ”امين سائين جو سوز ڀريون ڪافيون ٻڌيون،

پُرجهيون ۽ هنئين سان هنڊايون.

ان بعد فقيرن کان جيڪو به ڪلام ٻڌندو هوس، اهو لکندو هوس، اهڙي طرح مون ٻن سالن جي عرصي اندر ”سائين پکن ڌڻي“ جو ڳچ ڪلام جمع ڪيو، جو مون کي موجوده نسخي جي ترتيب ۾ چڱو ڪم  آيو آهي. هن الستي ڪلام جو اثر بندي جي دل تي اڳ ئي هو، ويتر جو قبله ”طالب المولى“ جن هن جي ترتيب لاءِ ارشاد فرمايو تنهن ”سون تي سهاڳي“ جو ڪم ڏنو ۽ مون هن ڪم کي محبت جي مشقت سمجهي هٿ ۾ کنيو.

انهن ڏينهن ۾ سائين غلام حيدر جن حال حيات هئا، انهن مون کي پنهنجو ”حيدر گنج“ عنايت ڪيو. سائين . ”طالب المولى“ جن پنهنجو خانداني قلمي نسخو ۽ مرحوم رئيس تاج محمد نظاماڻي جو بياض بندي کي مرحمت ڪيا. نه رڳو ايترو پر موقعي بموقعي فقرا سان به ملائيندا رهيا. ۽ بندي کي انهن سان ملائڻ لاءِ سڀيئي سهوليتون مهيا ڪندا رهيا. تنهن ڪري تاليف ۽ ترتيب جي ماحول پيدا ڪرڻ جا پاڻ مکيه منبع آهن. شال رب ڪريم کين عمر دراز عطا فرمائي! آمين.

موجوده ڪتاب ”ڪليات-امين“ جو ڪلام گهڻي ڀاڱي قبله ”طالب المولى“ جن جي خانداني قلمي نسخي تان ورتل آهي. ان جي مختلف پڙهڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تطبيق، صحت ۽ آخري حيثيت هيٺ ڄاڻايل نسخن سان ڪئي اٿم. پڙهڻيون متعلقه نسخن جي علامت سميت تحت الحاشيه ڏنيون ويئون آهن.

       غ. بياض مرحوم و مغفور مخدوم غلام حيدر رحه، بنام ”حيدري گنج“

       ت. بياض مرحوم رئيس تاج محمد خان نظاماڻي.

       م. بياض محبوب علي چنا.

      ص. صدري ڪلام جو فقرا معرفت مليو.

 

ترتيب: ”ڪليات امين“ جي ترتيب ان جي فهرست مان ظاهر آهي. جيڪڏهن هڪ طرف سنڌي ڪافين ۽ بيتن جي برهه جي بات آهي، ته ٻئي طرف سرائڪي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جي ڏاڻ ڀري ڏات آهي. ٽئين طرف لولي، سي حرفي ۽ مولود جي تن کي تاڻيندڙ تات آهي، ته چوٿين طرف وري مرثيه جي جانسوز ۽ لنوؤاري لات آهي، مطلب ته ادب جي گلستان ۾ ڄڻ نئين نموني جا گل ڦلهار يا بيٺا آهن، جن مان هر ڪو سڪايل پنهنجي مذاق مطابق مزو وٺي سگهي ٿو.

سائين ”پکن ڌڻي“ جو اردو ۽ فارسي ڪلام جو ڪجهه دستياب ٿي سگهيو آهي. اهو به پيش خدمت آهي، جيتوڻيڪ هي ڪلام سندن زندگي جي اوائلي حصي جو معلوم ٿئي ٿو، تنهن هوندي به ٺيڪ نه رهي ها، جيڪڏهن اهو ڪلام سندن ڪليات ۾ شامل نه ڪجي ها، لهٰذا چند بزرگن جي مشوري سان آخر اهو درج ڪيو ويو آهي.

ڏکين لفظن، آيتن، حديثن ۽ عربي محاورن جي معنى تحت الحاشيه ڏني ويئي آهي.

سنڌي خواهه سرائڪ ڪافيون سُر وار ڏنيون ويون آهن ۽ اهي سُر وري علم سنگيت جي وقتن پٽاندر ڏنا ويا آهن، اهڙي ترتيب هن کان اڳ محض ”ڪچڪول طالب المولى“ جي سر تي سونهي ٿو، جو پاڻ گهڻي تڪليف وٺي ڪافين کي سُر وار ترتيب ڏيئي رکيو اٿن. جڏهن ”سندن عصر“ وارو صبرآزما ۽ ڪوهڪن عنوان هٿ ۾ کنيم تڏهن حافط شيرازي جي هن سٽ جو هو بهو تصوير نظير آئي ته ”ڪه عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشڪلها“ جنون تحقيق ۽ تدقيق جي سڀني جبلن کي جهاڳي ۽ ڇپرن کي ڇلي وندر جي وڻڪار ۾ واسو ڪيو، الحمدالله ان ضمن ۾ سنڌ سونهاري جي ادب، علم، عرفان، سجاده نشين پير صاحبن، لوڪ ادب جي لالن ڪافين جي ڪوڏين نثر جي نازوندن، تعليمي ۽ سماجي سڌارڪن جو ذڪر اچي وڃي ٿو، گويا انگريزن جي شروعات کانوٺي سنڌي ادب جي پوين وڏن سربراهن تائين هڪ ادبي، علمي، عرفاني، سماجي ۽ ثقافتي نقشو تيار ٿي ويو آهي. اميد ته سنڌي سڄڻن کي قبول پوندو. هن عنوان ذريعي ڪل 209 بزرگ اچي ويا آهن، جي هن طرح ورهايل آهن.

 

(1) وڏا معاصر- 38، (2) فارسي گو معاصر-8، (3) سنڌي معاصر- 29، (4) اهل علم و عرفان-12، (5) پير صاحب- 6 (6) عوامي وڏا معاصر -3 (7) ڪافي گو شاعر -33 (8) لوڪ ادب جا لال- 12، (9) ناثر 12 (10) تعليمي ۽ سماجي سڌارڪ-12، (11) ننڍا معاصر- 44، ضميمه نمبر 4 ۾ ڏني اٿم، ان کان اڳ ٽي ضميما آندا اٿم، پهرئين ۾ سجاده نشين حضرات جي لسٽ آهي، ٻئي ۾ امين سائين جي خاندان جو شجرو، ٽيون ضميمو ادبي نقطه نگاهه کان گهڻو اهم آهي، ان ۾ سندن خاندان جي چند افراد جو ساهتڪ تذڪرو اچي ٿو.

مان، قبله ”طالب المولى“ جو تهدل شڪر گذار آهيان، جن هڪ ڪتاب جي تاليف ۾ منهنجي مڪمل مدد ڪئي آهي، پاڻ جيڪڏهن شفقت نظريءَ جي شعاع سان مون جهڙي مبتديءَ جي رهنمائي نه ڪن ها ته پوءِ هن ڪتاب جي تالفي، منهنجي ناچيز وس کان ٻاهر هئي.

ان سلسلي ۾ هم مشرب ۽ همراز ڀاءُ گرامي صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن جي علمي ۽ فني مشورن، هن بلند پايه ۽ پاڪيزه چيز کي نه فقط پاڪيزه معيار بخشيو آهي پر ان سان گڏ، تصوف جي رهاڻ واري باب کي تڪميل تي پهچايو آهي، ان سان گڏ ڇپائي جي سلسلي ۾ جويي صاحب جو به شڪر گذار آهيان، جنهن جي نيڪ ڪاوش، هن فقيراڻي چيز جي صوري زيبائش ۽ آرائش کي مثالي حد تائين پهچايو آهي.

مان انهن سڄڻ کي ڪيئن وساريان، جن ڪلام جي جمع ڪرڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊايو؟ اهي آهن: آخوند محمد قاسم، رئيس دوست علي خان کٽياڻ، رئيس غلام محمد خان نظاماڻي، رئيس عباس علي خان نظاماڻي، گل فقير، عيسو فقير ملاح، امام علي فقير واڍو، مصري فقير ۽ سومار فقير ۽ حسين بخش ”خادم“.

مان پنهنجن پيارن شاگردن، محمد شعبان، ”بخت“ ڪشموري ۽ رجب الدين سومرو ”عاصي“ کهڙائي جن جو دعاگو آهيان، جن ڪتاب جو ڪم چاهه مان پنهنجي ذمي کنيو، پڇاڙي ۾ قبله مخدوم صاحب ڪتابت جي ڪم کي سريع ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميا واري ملازم شهباز علي ”ملازم“ سروري کي منهنجي حوالي ڪيو. ان سڄاڻ منهنجي ڪم کي جلد اڪلايو. ڌڻي شل خوش رکيس!

ادي علي بخش ”رضا“ ۽ سندس عملو به کيرون لهڻيون، جن مون سان گوڏو جوٽي، جهد پٽي، ڪتاب کي صحيح ڇاپڻ ۾ حتي المقدور ڪوشش کان ڪم ورتو آهي. سڀني متعلقن کي رب ڪريم اجر جا نيڪ ڀاڙا عنايت ڪندو. آمين

 

حيدرآباد                                        ناچيز مولف

5 جنوري 1966ع             محبوب علي چنا سيوهاڻي،

     سابق پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا،

الحال پرنسپال سچل سرمست ڪاليج، حيدرآباد سنڌ.

       

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org