وائي (1)
آيو آديسن جو مٿي راهونڊ راز،
وريو واريءَ مان اچي الستي آواز.
وري ويراڳين کي نيهن ڏيکاريو ناز،
ڪمر بند قلابا ٻڌي آڻي سنک (1) ڪيائون ساز،
اي ڪبوتر جندڙا! آيو برهه مٿي ئي باز،
”امين محمّد“ عشق جو ٿيو آهه آواز،
وائي (2)
مانڌو مون مهمان،
ڪالهه ڪَهي ويا ڪاپڙي،
سنگ _1) ساميئڙن جا هالين ٻجهن هاڻ،
ساري منهنجو جندڙو راهونڊي رهاڻ،
ڀسم بيراڳين سانڍيا سيني ساڻ،
مادر منهنجي من کي لاهوتين جي لاڻ،
”امين آندا عشق جا اتاهين اهڃاڻ.
2 (ديسي)
(1)
سڪي سڱ ٿيوم جيڏيون ذات جتن سان،
سُتِيَسِ سنجهي سيج تي، تڏهن هٿان هوت ويوم،
”امين محمّد“ عشق جو، پرو پوءِ پيوم،
ڪيچين ڪاڻ ڪيوم، پيرين پاهڻ پٻ جو.
(2)
پيرين پاهڻ پٻ جو، ڀڃي ڪيم ڀورا،
سرتيون وسيا ساهه تي، گوندر جا گؤنرا(1)،
اچي آرياڻي ڪندا ٿڪيءَ تي ٿورا،
کاڻي کي کونئرا، اچن اوٺيڙن جا.
(3)
اچن اوٺيڙن جا، اندر تي اوڀر،
ذرو جي ظاهر ڪريان، ته سڙي وڃن سَرَ،
ڪنين پون ڪيچين کي، من آهون ڪن اثر،
ڪافن ۾ ڪوڪر، ٻاروچو مانَ ٻُڌي.
(4)
ٻاروچا ٻاجهه پئي، من آرياڻي اچن،
جيڏون جن جا جيءُ تي، پلپل پور پون،
ڪوهياري جا قلب تي، وري مچ مچن،
تن ڦوڙائي ڦٽن، اندر منهنجو اڌ ڪيو.
(5)
ڦوڙائي ڦٽن کي، راڻي اُکيليو،
واري واٽ وندر جي، ويئي رتن سان ريليو،
جيئڙو منهنجو جيڏيون، ڀينر جن ڀيليو (1)،
سينو سُيءَ سوراخ ٿي، سورن سان سيلهيو (2)،
ڏس کٽياڻيءَ کيليو، ”امين“ آڙهه عشق جو.
(6)
اچي آڙاهه عشق جو، پئڙس پناري،
راتو ڏينهن رندن ۾، ٿي ڪٺل ڪوڪاري،
ٻانڀڻ ٻاروچن سان، پلئو ٿي پاري،
گهٽن ۾ گهاري، آرياڻيءَ جي آسري.
(7)
آرياڻي جي آسري ٿي، ڏونگر ڏوريائين،
ساهه سر صدقو ڪري، ٿي گهٽين گهوريائين
ريءَ دعا جي دوست لئه، چَپَ نه چوريائين،
محبت جي مجاز جا، سڳا سوريائين،
ڪپي ڪوريائين، هئي هئي ڪيو ماس هڏ جو.
(8)
اديون! ڪا هلندي هن ڪمينيءَ سان ڪيچ ڏي،
سور سڀئي سرتيون ساجن سان سلندي،
”امين محمّد“ عشق جي، جوشن ۾ جلندي،
ملي مان ملندي، نه ته مرندي مارڳ وچ ۾!
(9)
مرندي مارڳ وچ ۾، سور کنيائين ساڻ،
پيس رات پٽن ۾، تن اوٺيڙن اهڃاڻ،
جيئر شال جبل ۾، ٿئي آرياني اڳواڻ،
جڏهن پٿون(1) ڪيائين پاڻ، تڏهن پريَسِ پت،
پنهونءَ سان،
(10)
پري پت پنهنل سان، ٿيو ويچاريءَ وصال،
ڇلي پيئي ڇپرين (2) هيڻو وٺي حال،
”امين محمّد“ عشق جو، ٿيڙس قرب ڪمال،
دردن جي دڪان جو، درشنٿيس دلال (3)،
سڪ سَڄيائي سسئي، پنهون جل جلال،
جهُلي تنهن جهوليءَ پيو، ڀينر بدر (4) هلال (5)،
جيڏيون ٿيس جمال، هاڙهي ۾ تنهن هوت جو،
(11)
سڀ کنيائين سُڃَ ۾، ڪري سور ثمر،
ڪندي ڪوهيارل لئي هاڙهي منجهه حشر،
ٻاروچل ٻاجهه ڪري، شل واري اچي ور،
ٿيان مان مگر، ڪيچين سندي ڪرم ۾،
(12)
ڪيچين جي ڪڙم ۾، وڃي مرڪان، مان،
هتان هوتن جا، کڻان سور ڪري سامان،
ٿيا ڏير ڏکيءَ جا، هيڻي لئه هامان(1)،
جيڏيون لڳم جيءَ ۾، ڪوهيارل جا ڪان،
اي مرڪائينم مان، ڪميڻيءَ کي ڪيچ ۾.
(13)
هڻان پاڻ پهڻ سان، جيڏيون لاءِ جتن،
آرياڻيءَ جي اوج جي، خبر ڪئي خطن،
جي هليون نان هوت ڏي، ٿيون ويچاريون وتن،
مونجهارو ماءُ! تن آيم اوٺيڙن جو.
(14)
آيل اوٺيڙن جو، ٿيم مونجاهرو ماتام،
هاڙي نيائون هوت کي، ڪري ڪالهه قيام،
ڏٺم تن ڏيرن کي، عمر سڀ انعام،
قلب منجهه قرب جي، ڪيچين هنيم ڪامَ،
رائو ٿيس رام، پنهل ڪارڻ پنڌ ۾،
وائي(1)
روئندي ڪيچين ڪاڻ، وئي وهامي راتڙي.
جتي رهن راتڙي، اچي تنهن آ وٿاڻ،
مون کي ريلڻ(2) آئيو، پاهڻ پٿرن ساڻ،
هاري آب اکين مان، نيڻين نير نياڻ،
ٻاري مچ مجاز جا، ٿي پچائي پاڻ،
”امين محمّد“ عشق جي مٿي کتياڻيءَ کاڻ.
وائي (2)
روئندي راتو ڏينهن، وئي وهاڻي راتڙي،
آيل آريءَ ڄام جي، ڪَيُئي نماڻي نيهن،
ويلو ڪونه وچ ۾، ويندي سيڻن سينئن(1)،
آيل آرامي ٿيان، ڪوهيري ري ڪينئن،
”امين“ اوڇڻ عشق جو جوڙي پاتائين جيئن.
(3) (سر راڻو)
(1)
راڻا رهاڻيون، توريءَ ڪندي ڪن سان،
ڪڙيون ٿيون ڪاڪ جون، کُھ ماڙيون کاڻيون،
سوڍا توريءَ سرتيون، مڙئي مونجهاڻيون،
ناحق نماڻيون، ڍول مَٽي تون ڍٽ وئين (1).
(2)
راڻا ڪين رنجاڻ، جي توکي پلئه پييون،
دونهان درد فراق جا، مينڌرا مونهين ڪاڻ،
سوڍا سواءِ تنهنجي، هيڪلڙي ٿي هاڻ،
ڪر هر ڪاڪ ڪنڌين تي، وَلها واري آڻ،
مينڌر مون ساڻ، ٻول ٻڌي تو ڇو ڇنا؟
(3)
راڻا رسامڻ جو، ڪهڙو وريو واءُ،
رقيبنجي راز تي، سوڍا مَٽِ مَ ساءُ،
موٽائي ماڳن تي، آڻيندءِ الله،
الله ڪارڻ آءُ، ته سوڍا مُکياڻي ٿيان.
(4)
سوڍا سکياڻيءَ جو راڻا پُڇ مَ راز،
ميڙائي جو مينڌرا، اندر اٿم آز (2)،
پهچي مانَ پارت جو ڪو الستي آواز،
ناتر (3) توريءَ ناز، ڪندي ڪهڙو ڪاڪ ۾!
(5)
ناتر تو نياز جي، ڪَل رهي هئي ڪانَ،
هاري حميرن کي ڪيو هوءَ مهمان،
مڪر ڀڳئي مينڌري، سوڍي سرت سجان،
وَللهُ خَيرُ المَاڪِرِينَ (1) انهيءَ اهڃاڻ،
ٽڪيل ڪيئي ٽاڻ، طلسم جي تنبوءَ تي،
(6)
ناتر کي نياز جي، ڪل پوي ٿي ڪانَ
سوڍا سکياڻي ٿئي، مومل سُوڍي مان،
ڪرهو واري ڪاڪ تي، ڪر اچڻ جا احسان،
مينڌرا مجاز جو، ٻڌو جَڳَ جهان،
موٽي آءُ محلات ۾، اچڻ جوڳي آن نَه،
رک مومل جو مان، برهه ڪئي جا بانوري.
(7)
برهه ڪئي جا بانوري، تنهن کي مينڌرا مرڪاءِ،
مڙهيو سارا ماڳ ٿيا، سُڃا تو سواءِ،
راءِ رسڻ تي تنهنجي، هردم ڪريان هاءِ،
سوڍا سک سنداءِ وِلهيءَ وسرن ڪينڪي.
(4) (ڪيڏارو)
(1)
”يجاهِدُونَ فِي سَبِيل اللهِ“ (1) چئي اٿيا امانتادر،
زين (2) ذوالجناح (3) ٿيو، شاهنشاهه سوار،
ڪربلا جي ڪوڪ ٿي، اوندهه انڌوڪار،
هن جي هدايت لئه چڙهيو، محمّد جو مختيار،
ان تي امانت جو، عليءَ کان اختيار،
اڳيئون ڪوفين ڪئن ڪيو، تيرن جو تڪرار،
امت جو آڌار، شريرن شهيد ڪيو.
(2)
”بردًاوّسلاماً“ صاف هو، انهن لاءِ ايل،
مينا جي مقابلي، ٿيو خوش خليل،
پوءِ جهولي جهلي آئيو، محمّد ﷺ جي مِنديل،
اڄ اهو اسماعيل شريرن شهيد ڪيو.
(3)
زين ذوالجناح، بيشڪ بدرالدُجَين،
جيئن ٿيو مجاهد مصطفى، حاضر وقت حُنين(4)،
ٿيئن * ڪربلا بَدُرالدُجى(5) احد ٿيو طرفين،
راڪب(6) سفينة النوح(7) ٿيو ڪربلا ڪونَين،
فترت (1) جبرائيل ٿي، هنن پڙهيو هرفين،
يا ذبيح ابن ذبيح، اجهو تنهنجو عين،
رڻ رسي دن رَين (2) نفي ۽ اثبات ڪيو،
(3)
هئي هئي ڪريو هاءِ آه، اها عرش ڪئي،
سڙي رهيا سوز ۾ ٿيون حورون بهشتون * باهه،
ماسوى ماتام ٿي، هڪ ابر اڀريو آهه،
آه و آه ان لئه، رسي روز سماءِ،
”امين محمّد“ آهه، هر ويلي حسينين جو.
(5) (ڏهر)
(1)
(الف) اعلى آهه، اڪبر اسم الله،
دوکا دلين جا دور ڪري، ”لا“ سين هڻي لاهه،
”اَنَا اَحمدُ بلامِيمِ (1)“، رمز اها ئي راهه،
آڳانڍي ”اِلاّاللهُ“ جي، اتي * ڪوئنتل ڪاهه،
احد اوڏو آهه، جي پاڻ سڃاڻين پانهنجو،ڍ
(2)
(ب) جو ڇڏ بانور، جو آهي، ذات الف جي،
بکيا ڪر مَ بدلي، رک سؤدو سراسر،
ته بيشڪ باب بدوح جو (2) ورنھ اچئي وَرِ
ڀري بار برهه جو، ڏس دوست اٿئي در،
پاڻ ۾َ پاسي ڪر، ته منجهان بي بهار ٿئين.
(4)
(ت ) تَر تارو تار، ته وحدانيت ويجهي اٿئي،
ٻڌ توڪّل ترهو، باهون ڇڏي ٻار،
ٽوٻي ٽوڪر ڇا ڪندي، آهي چڱي ڪنن ڪار،
گهڙي پؤ گهمسان ۾، نائو
ê (3) پڇ ۾َ نار،
ته تون پهچين پار، جي سرور سڱاڻين * (4) وٺين.
(4)
(ث) ثابوتيءَ سندرو جوڙي ٻڌ جوان،
”الانسانُ سِرِّي وّاَنَاسِرُة“ (1) اهو نه * ٿئي نشان،
سام رهج سرور جي، ته مهت لهندين مان،
اهي سڀ احسان آگي اوهان سين ڪيا.
(5)
(جيم) مَ جدا ٿي، هڪ پل پاسي پير کان،
سرور سندي سٿ ۾، ويهه ته ماڻين ويءُ (2)
ڀري جام جنّت جو، پاڻان چوندئي پيءُ،
هنڌ اٿيئي هيءُ چکين جي چيت ڪري،
(6)
(حي) حياءَ حلم جوم وٺ پير سندو پاسو،
من ڪو ڏئي محبت سان، دلبر دلاسو،
پري ڇو ٿئين پير کان، ناحق نراسو،
هٿان وٺ حبيب جي، قرب جو ڪاسو،
جنهن سان وري واسو، ته سيني ٿئي سوجهرو،
(7)
(خي) خير ساري، ٿئي عجيبن جي،
پانڌي سرور پير جا، نُوري ۽ ناري،
طالب ٿي توڪل جو، گهڙ مَ وجهه گهاري،
ته ڪامل ڏينهن قيام جي، يار ڏيئي ياري،
جت اوندهه انڌاري، اتي سرور ڪندو سوجهرو.
سرائڪي ڪافيون
ڪافي – 1 (گجري)
برهه رنگي دا رنگ
برهه رنگي رنگ رمزان لايان، بيرنگ بات ڪڄيندا (1)
وَنحن وَجهَڪ وڻج، ڪريندئين،
طور اتي چڙهه طبل وڄيدئين.
”اري“ ”اري“ سانگ سريندئين.
نئي نئي ناد وڄيندا
ê
قمُ(2) ليلى دا قصد ڪتوئي،
نصف (3) ثلث (4) سڀ ونڊ (5) ڏِتوئي،
دي وچ رنگ روئي،
ê*
محبت
تون لائق لاڄ لڄيندا.
اک ”انا الحق“ وحدت وڙهدئين،
ڪثرت دي وچ ڪاوڙ ڪرندئين،
آپي اصلح آپي لڙندئين،
سولي ڪؤن سڃيندا (6).
ناز نهي (7) ڪر ڪڻڪون داڻين،
موچ اتي چڙهه، موجان ماڻي،
جهولي جهلدي آتش آڻي،
ڪرٽئون ڪونه بچيندا.
عين ”امين“ هن برهه دي باري،
هانؤ ڪليجي ڪڙڪن قهري،
عشق اکين رک لهه سڌ ساري،
وه رمزين ير رچيندا.
ڪافي -2 (گجري)
هر حقيقي مجاز هو
حال ته استقبال تمهين هو ڪونه ڪهي تم ماضي هو،
هئي رنگ هئي بيرنگ تمهارا هر رنگ دي وچ راضي هو.
مات حيات (1) تمهارا ديرا،
هر رنگ رنگي هر دا ڦيرا،
هر وچ حال تحيرّ (2) ميرا،
هر حقيقي مجازي هو.
سهسين سُرندي سرود وڃاون،
ڪي لڪ جهڪ ڪي جهاتيان پاون،
ڪٿ ڪي راڳ رنگي دي ڳاون،
ڪٿ ول عشق ايازي هو.
ڪٿ سليمان ريح (3) رساوي،
ڪٿ مسيح ڪليم ڪهاوي،
ڪٿ خليل ذبيح الاوي،
ڪٿ وچ آتشبازي هو.
موسى تي فرعوني جهيڙي،
تو سوا ٻيا ڪونه نبيڙي،
تون رکين طوفانئون ٻيڙي،
تسان ڪنعان دي قاضي هو.،
بار برهه دي چنگل چکاون،
عاشق آ ميدان مچاون،
آ سر و سر راند رلاون،
تسان شهبازان دي بازي هو.
”فاذ ڪُرونيِ“ فيض ڏٺوسين،
وحدت دا واپار ڪيتوسين،
”امين محمّد“ الٽ پيتوسين،
هُڻ تان نيڪ نمازي هو.
ڪافي – 3 (ڀيروين)
عشق دا آوَڻ ناز نرالي.
مئن مولا عشق منيندا هون،
مهر ڪِنون مُڙ مئن ڏهون ڀالي،
مئن وچ مئي ڪونه پليندا هون،
عشق دا آوڻ ناز نرالي،
عشق هٿون هڻ جام پيتوسين،
هرهڪ دعوى دور ڪيتوسين،
مئن رمزين روح رجهيندا هون،
ڪول اسان ڏي من جالب جالي،
عشق اتون کڙ ڪيتي اشاري،
قَالُوا بَلَى ڪنون ٿيوسين ڪناري،
مئن بانگ الست اليندا هون.
هڻ وَڃ ٿيو سي عشق حوالي.
قلزم (1) ڪثرت دا موجان ماري،
لک لک لهريان توڪي تاري،
مئن راوي (2) سنڌ (3) رليندا هون،
عشق آڻيندا نديان نالي.
عنقا (1) عشق اسان ڪني آوندا،
جسم جگر جڏان خوش ٿي کاوندا،
مئن واري جنگ وليندا هون،
لايا ندي لڄ برور بالي.
عشق ”امين محمّد“ ڪُن آيا،
انحد (2) ازخود ٿي آپ آليا،
مئن جهولي پا ڪي جهليندا هون،
”ونَحُن“ وحدت سر سمالي.
ڪافي -4 (ٽوڙي –گنداري)
ساغر عشق
سر تي حال حلاج دا چايو سي،
جڏان ساغر عشق پلايو سي.
دل ڪونه دستئون دلبر دي انجام مليا،
سرمَيڪون سوري دا سرانجام مليا،
اسان ڪون ”اَحدِيّتَ“ دا انجما مليا،
وچ سو وادي ورهه ولايو سي.
وچون سؤ لهريان لياڪا پاونداهي،
هر گهر گيت ”اَناالحقّ“ ڳاوندا هي،
ساڏي جان جگر مان ڀاوندا هي،
تڏان چا حق حق هُل هلايوسي.
سري ڪون سانگ سينگرون چا* جوڙ ٻڌين
مِلڪي ”ماسُبحَانِي“دا موڙ ٻڌين،
هر ڪنهن شاخ ڪنون گل ٽوڙ ٻڌين،
هر باس بِالله“ دي آيو سي.
دل تي برهه والي بازار لڳي،
ساڏي رڳ رڳ دي وچ تار لڳي،
ڪليجي ڪاٽ ڪٽاري پار لڳي،
تڏان چا قتل تي ڪنڌنوايو سي،
آکي عين ”امين“ اظهار ڪرين،
وچ تون محبت دي مختار ڪرين،
اپني نيڻ نهر (1) يا نار ڪرين،
دل دا منصب مظهر پايو سي،
ڪافي (5) (ٽوڙي گنداري)
هجر دي راتڙيان
آوين يار اساڏي ويڙهي ول (2)
دک درد دي ڏيوان مئن ڪنهن نون ڪل،
دل درد دي ڪنهن در دانهن ڪران،
هي هي هجر دي ماري مئن مونجهه مران،
هو وي يار جنهين ڪون * مئن پيار ڪران،
جنهن ڌارون هر دم هي وقت اجل،
هڻ هجر ديان آيان راتڙيان،
ميڪون ڪُهَن قرب ديان ڪاتڙيان،
من ڪي ماهي پاويم جهاتڙيان،
جهندي ڪاڻ کڙي هان مئن مارڳ مل (3)،
هڻڪان جٺيان تان سڀ سِر سهسان،
پر ڪي پريم ننگر ڏهون ول ويسان،
راڳ رانجهي دا هر دم ڪهسان،
هڻ تان ڪالي ڪريسان ڪفني ڳل.
چا ورهه وڪوڙيا واندي ڪون،
ڏيوين جاني دلاسي دل جاندي ڪون،
من سو ماهي ملي مئن ماندي ڪون،
هووان رات ڏيهان وچ راوي رل،
اڄ تان سيج سڃي پئي خالي هي،
نڪوڪ گلم غاليچا نهالي (1) هي،
ميڏي محب دي منزل عالي هي،
اهوتان اعلى ”امين“ هو آيو سي،
ڪر بسم الله سر چايو سي،
سر سيني سارا* سمايوسي،
ڌرمان ڌوتيان ڪيتا هي ڪيها ڪر ڳل.
ڪافي 6 (تلنگ)
ونحن اقرب عهد اهوئي
دل چاڪ چڪن تان چلو چلو،
مٿان آڙهه عشق دا ٻلداهي.
عشق اسان ڪون ايوين فرمايا،
مئن دي مئن وچ ملو ملو،
دم دنيا پاسخ (4) پلداهي.
نفي اثباتون ايوين اشارا،
خيال خودي وچ گلو گلو،
جٿان راز رمز وچ رلداهي.
وَنَحنُ اَقرَبُ“ عهد * اهوئي،
وَجِهَڪَ دي وچ ولو ولو،
سهڻا گهاٽ انهي ڏهون گهلداهي.
هڻ اڱڻ وڃ وحدت دي وچ،
توڙ دوئي دا دلو دلو،
قزح قاَبَ قَوسَينِ (1) وچ کهلداهي.
عشق ”امين“ وچ پلڪين پالين،
ڄاڻ رمز اها رلو رلو (2).
رخ رلدي رانجهن ملداهي.
ڪافي-7 (تلنگ)
سُرت اور پرت
رک سُرت پرت (3) وچ پلي پلي،
انهين بِرت دا پَرتُ نه جلدا هي.
پَرت پِرت دا هڪ هٿ ڪيتم،
اکر اکياندي شبنم نيتم،
ڳوڙها نال پيا ڳلي ڳلي،
وت ڳلندي ڪونه مس ملداهي.
دل وچ داڻا پرت دا پوکيم
ڪاڻ آرياڻي اِتِلا (4) اؤکيم،
آکي سنڀالي سلس سلس،
مَئن نون خوف خزان دا کلداهي.
رسڻ رانجهي دا جگر جليسي،
پرچ پوي تان وَل نا ويسي،
سو ڪڏان چڙهيسيم ڳلي ڳلي،
سهڻا هيڪلڙي ڏهون هلدا هي،
رو رڙ (1) رانجهن رات ريجهايم،
پلڪ پليڙي (2) دل وچِ پايم
اور و نديانال ڀي رلي رلي،
رخ رونديا (3) تئونگهر کِلداهي.
عشق ”امين“ پايم هڪ پل وچ،
دوست دلاساهي دائم دل وچ،
ول ول تئن * ڏي ولي ولي،
ول وچ وجهڪ ولداهي.
ڪافي – 8 (ڪريهر ڪڌار)
ڪربلا دي وچ ڪنڌ ڪپايم
بر دي دا بيک بهان، آڪي عبد وچ آپ سمايم*
بردا (4) مئن بادشاهه به مئن هون،
هر هڪ دا سنڌ ساهه به مئن هون،
رهبر تي گمراهه به مئن هون،
هر مظهر *
ê (5) ميڏا مئخان،
هر مئيگون (6) وچ موج ** مچايم.
باهه برهه آسمانون آيم،
عاشق ”هو“ ڪر احد الايم،
طور (1) تجلّي نال جلايم،
بحر بدل بَرُ گهت (2) گمسان،
بت خاڪي وچ وِرهه وسايم.
آدم هو فردوسئون آيس،
موج محبت لهر لڙهايس،
حوت بدن (3) بن يونس آيس،
هود (4) حدر * وچ ڪر حيران،
باد برق 0دا (5) برقعا پايم.
نار نسنگ (6) گلزارون گل هي،
ماهه ڪنعاني ميڏا مد هي،
قصد ڪليم (7) دا ڪيڏا
ê هل هي،
بنما بنما ٿي بيران،
نئي نئي نزدؤون ڪوه ڪنبايم
سولي سهڪر موت مڃايم،
آک ”اَناالحَقُّ (9) آپ ڪهايم،
”قُم بِاِذنِي“ (10) دا حڪم هلايم،
پوست (11) پري سٽ بن برهان (12)
رمز رندي وچ رنگ رچايم.
عشق ”امين محمّد“ سِٽِ سيني،
ڪهندا قرب ڪهيندي ڪيني،
بي رنگي دي راز رنگيني،
سر ڏيوڻدا ڪر سامان،
ڪربل ڌي وچ ڪنڌ ڪپايم.
ڪافي -9
عشق جنهان گهر آوندا.
عشق جنهان گهر آوندا، مل ڪر ٻولن ماهي ماهي،
برهه تنهان نون ڀاوندا، شان جنهان دا شاهي شاهي.
روز الستئون مئن برهه دي بنديان،
اررانجهي دي مئن ٻولڙيون ٻڌيان،
لات اها مئن * لؤنديان،
نال کيڙيان ميڏي ناهي ناهي،
هوش عقل ساڏا پل ڳيا ٻهران،
نال رانجهي دي لڳا نينهن نيران.
برهه ڪبا باز بڇيندا،
عشق عقل ڪيتا راهي راهي.
مِل ڪي سهيليان ويکڻ آئين،
رانجهڻ تخت هزاري دا سائين،
برسر تاج ڌريندا،
کيڙي جيهي لک گاهي گاهي.
چاڪنه آکو ميڏي سر دا سائين،
”امين محمّد“ آيا اٿانهين،
راز رمز مَنَ ماؤندا،
”اِلاّاللهُ“ دي آيا آهي آهي،
ڪافي -10 (جوڳ)
عشق دي مهماني
اڄ عشق اسان ڪني آيا هي،
ڪو بسم الله سر چايا هي.
ڪيئي عشق دي مئن مهماني هي،
ڪل قالب اڄ قرباني هي،
سر ساهه محب دي ماني هي،
ڪڏهان خون شراب ملايا هي.
جڏان نينهن اسان نون نروار ڪيتا،
هر رنگ وچ هڻ هموار ڪيتا،
هڪ داني ڪونه خروار ڪيتا،
”سر سُبحَاني“ (1) سکلايا هي.
آکي عين ”امين“ اظهار اٿئي*،
وچ نينهن نشي نروار اٿئي.
ابرو تيز تبر تلوار اٿئي،
مزگان تير تفنگ چلايا هي. |