مرحوم قاضي يار محمّد هالا پراڻا:- اسان جي محترم اديب دوست
قاضي غلام محمد صاحب، ساڪن هالا پراڻا، مرحوم قاضي
يار محمّد صاحب جي باري ۾، جو ڪجهه لکي موڪليو
آهي، اهو درج ڪجي ٿو. ”تاريخ ولادت متعلق ڪوبه
تصديق وارو احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سندس
والد بزرگوار جو نالو، قاضي محمّد روشن هو. سندن
نسب ٽين پيڙهيءَ ۾ قاضي محمّد قابل هالن پراڻن
واري سان وڃي ملي ٿو. هي ”هالن پراڻن وارن قاضين“
جي نالي سان مشهور آهن. کين ڪوبه اولاد ڪو نه ٿيو.
تاريخ وفات 25 شعبان المعظم 1316هه بمطابق 8 جنوري 1899ع ڏينهن
آچر آهي.
سندن زندگي جا ٻيا ابتدائي احوال اسان کي معلوم ٿي نه سگهيا آهن
ته پاڻ سرڪار جي ڪهڙي ملازمت ۾ هئا.
آخر عمر ۾ کين پينشن ملندي هئي، جنهن مان خير جو گذارو ڪندا
رهندا هئا. فارسي تعليم نهايت اعلى ورتل هين ۽ پاڻ
فارسي شعر به چيو اٿن، جو زماني جي دستبرد ڪري،
دستياب ٿي نه سگهيو آهي. ان وقت، سندن هڪ ويجهو
عزيز، قاضي ابوالمعالي، هڪ وڏو اديب ۽ شاعر موجود
هو، جنهن سان سندن ادبي محفلون نهايت آب و تاب سان
ٿينديون هيون، مرحوم قاضي عبدالمعالي فارسيءَ جو
مستند عالم هو، جنهن جو ڪلام فارسيءَ ۾ موجود هو،
پر هاڻي عنقا وانگر غائب آهي. سندن تاريخ وصال اڳ
آيل آهي.
قاضي مرحوم يار محمّد صوم و صلوات جو بيحد پابند هو، جيئن ته
هالن پراڻن وارا قاضي صاحب اصل کان حضرت مخدوم نوح
رحه جن جا مريد هئا، تيئن انوقت سائين پکن ڌڻيءَ
جي زماني ڪري، قاضي صاحب به پنهنجي مرشد سان حد
ڪمال محبّت ۽ عقيدت رکندو هو. اڪثر سندن حاضريءَ ۾
رهندڙ هو.
هڪ دفعي جي روايت آهي ته قاضي صاحب، دستوري طرح، سائين پکن ڌڻي
جن جي خدمت ۾ ويٺو هو. اوچتو سائين پکن ڌڻيءَ، هڪ
نظر فيض اثر ڏانهنس ڪئي. بس هيءَ نظر نه هئي، ڪو
راز هو يا الست جو آواز هو. نظر سان اچي اکين مان
آب وهيو. پاڻي هو يا عشق جي برسات هئي، سا خبر ته
طالب ۽ مطلوب کي. ان بعد پاڻ، سائين پکن ڌنيءَ جي
شان ۾ سنڌي ڪلام چيو اٿس، جو سروري ٽوڙ ۾ ”ڏهر
قاضي يار محمّد“ جي نالي سان مشهور آهي. ان بعد
ايترو معلوم ٿيو آهي ته هميشھ سندس اکيون آليون
رهنديون هيون، سندس اندر جو آلاپ هيٺين طرح پيش
ڪجن ٿا:
(1)
رمز راهونڊين جي، مون کي ماريو ماءُ،
وهڻ مون وِهه ٿيو، سُتي اچي نه ساءُ
ڪو جو وريو واءُ، جو دکيو دونهون درد جو.
(2)
دکي دونهي درد جي، مَڱر مچايو،
بنان ساجن سڀڪنهن، سار ٿي سجهايو،
ديرو دمايو، اچي مورت من ۾.
(3)
مورت رهي من ۾، باقي ڪين بچيو،
”ڪُلُ شيءِِ هَالِڪُ اِلاّ وَجهَھ“ انهيءَ رمز رسيو،
جڏهن سائينءَ سبب ڪيو، تڏهن گُر کي.
رسيو گودڙيو
(4)
گر کي رسيو گودڙيو، رڙهي ۾ راهونڊ،
سدا سارنگ جئن وسي، سندي برهه بوند،
هلي ڏسي ڪو هوند، ته موٽڻ جي مس ڪري.
(5)
رهن جي راهونڊ ۾، تنين وڏو ڀاڳ،
قادر ڪرم سان ڪري، منهنجو اتي ماڳ،
سَريو تن سهاڳ، رهن جي راهونڊ ۾.
(6)
رهڻ راهونڊين سان، نسوري نعمت،
طلب ڪن نه طعام جي، فاقي ۾ فرحت،
واري وڇاڻو ڪري، رهن ۾ راحت،
ڪڍيائون قلب مان، ڪوري کي ڪلفت،
سدا رهن سور تي، مَيا ۾ محبت،
رهي اٿن روح ۾، سائينءَ جي صفت،
الک جي الفت، اوجاري اوجل ڪيا.
(7)
الک کي اکيين ڪيو، اڀُيائي آهين،
ذاتي سندي ذڪر جا، ٿا واڄٽ وڄائين،
اهڙائي آهين، سدا سنياسي سنرا.
(8)
سدا سنياسين کي، سورن جو سبق،
فڪر جي فرحيءَ جو، مطالع مرڪ،
واچين ٿا ورڪ، ويچارا وصال جو.
(9)
واچي ورق وصالِ جو، ساجن سوٺيائون،
”لَم يِلِد وَلَم يولَد“ ايءَ اُهَڃ آندائون،
صبر سِٽيائون، ويا وجودان نڪري،
(10)
ويا وجودان نڪري، پري رکيائون پير،
جاءِ نه جبرئيل جي، جتي ساميڙن سير،
ڪري سگهندو ڪير، بابوءَ جي بيان کي.
(11)
بابو ٿيو بيذات ويو واکاڻان نڪري،
”عندَ مَلِيڪو مُقتَدِرِِ“ ويو ان ولات،
تنين سندي تات، توشو ٿيندو توڙ جو،
(12)
توشو توڪّل جو ڪري، ”قاضي“ قدم اٺاءِ،
ڪنين ڪنر پاءِ،
(1)
ٻڌ سيلهي کڻ ڪُتڪو
جيئن سڀاڻي سندياءِ، گُر وٽ گلا نه ٿئي.
(13)
گلا غيبت گام جي، سڀيئي سَهيج،
وٺيو وڃج واٽڙي، ڪنهن سان ڪيم ڪُڇيج،
اها راهه رَميج، ته گُر وٽ گلا نه ٿئي.
(14)
گلائن جي گبري، ڳچيءَ ڳانو ڪَر،
مجوسيءَ کي ماٺ سان، ماري مِٽي ڪر،
اها پارج پر، ته سنمک ٿيين سامين سين.
(15)
جي سنمک ٿيين سنياس ۾، ته پنهنجو پاڻ وڃاءِ،
محبت سندي مچ ۾، جيئيري جان جلاءِ،
ڀسمين بدن لاءِ، ته خوديءَ کي خاڪ ڪري.
(16)
خوديءَ کي خاڪ ڪري، ڀيرا ڀلو ڪيج،
ٻڌي سورن سندرو، ڏوري ڏس لهيج،
سڌون سڀ سٽيج، ته وحدت جي واٽ ٿئي.
(17)
وحدت سنديءَ واٽ ۾، وَٿن کي وڪڻيج،
هڏ ۾ کڻج هوت ڏي، هلڪو ٿي هليج،
سودو اي سِٽيج، ته پارس پلئي پائيين،
(18)
پارس پائي پاند ۾، پنجڪڻي پنت،
اِن الٽيءَ ڳالهه جو، عام نه آهي اَنت،
روئيو روئج رَت، متان ڀاڳ ڀر ڏئين.
(19)
متان ڀاڳ ڀر ڏئين، ليلائيو ليلاءِ،
”وَاذ ڪُررَبِّڪَ فِي نَفسِڪَ تَضَرّعَـَا“ اهو ڪن ڪجاءِ
ڀورا پاڻ نه ڀانءِ، متان رهجين راهه کان.
(20)
ڇڏ گندا ڇڏ گبري، ڇڏ گندي، ڇڏ گراهه،
”لَن تَنَالُو البِرّحَتّى تُنفِقُوا“ سانڍ پنهنجي ساهه،
رمج اها راهه، ڪهي ڪاپڙين سان.
(21)
ڪهج ڪاپڙين سان، نڪري مان ناسوت،
ماڳ مَ ڪر ملڪوت ۾، جنبي ڇڏ جبروت،
لنگهي ڏنهن لاهوت، وڃائي وجود کي.
(22)
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
“مُوتُوا قِبلَ اآن تمُوتُوا“ ايءُ پيالو پيءُ،
وحدت سندو ويءُ، مري جيءُ ته ماڻئين.
(23)
سانگو ڪرم ساهه جو، مري مانُ وڌاءِ،
سڱ، سياڪا، سيڻپا، وسيلا وڃاءِ،
تهان پوءِ پوندياءِ، هاوانا هاهوت جا.
(24)
هيجان هل هاهوت ڏي، لاهه مَ لڏو لڏ،
متان ويهين ويسلو، هلج هاريا هڏ،
اتي وڃي اڏ، جتي نظر ناٿ جي.
(25)
عجز ۽ عاجزيءَ سان، نانگا ناٿ نماءِ،
ڪيرتن جو ڪينرو، ڪوڏان ڪلهي لاءِ،
وڃي اُت وڄاءِ، جتي نظر ناٿ جي.
(26)
جتي نظر ناٿ جي، اُتي وڃائج ويهي،
”وَاذ ڪُرِاسمَ رَبِّڪَ.. وَتَبَتّل اِليھِ..“ ٻيون ٻن ڏيئي،
رهج رت روئي،، ”ظَلَمنَا“ زاري ڪري.
(27)
زاري ڪري ذليل ٿي، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ،
سينو ساهج ڪينڪي، ٻانهون ٿي ٻاڏاءِ،
نيڻين نير وهاءِ، ته وري وير وصال جي.
(28)
شاها صلو سفر جو، اهو ڪر امداد،
مايا جي محبت جو، بِنَهين وڃي بنياد،
ايها من مراد، جيئن غافل ٿيان غير کان.
(29)
غافل ٿيان غير کان، وڌي ذوق ۽ ذڪر،
طاعت جي تعليم جي، نُوري ڪر نظر،
جيئن فضا منجهه فڪر، رهان رهاڻي روح سان.
فقير حاجي محمّد پريل مگسي (1852- 1911ع) :
هن صاحب جو اصل وطن ڀاڳناڙي هو ۽ بعد ۾ هن محبت جي پرواني، امين
سائينءَ جي شمع تي فدا ٿي، هالا شريف کي پنهنجو
مسڪن بنايو. هي صاحب، اوّل پوليس کاتي ۾ جمعدار
هو، پوءِ سائين پکن ڌڻيءَ جي صحبت ۾ نوڪري ترڪ
ڪري، آخر تائين مخدوم صاحب جن جو خاص خدمتگار ٿي
رهيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين، جو کيس خدمتگارن جي
قبرساتن ۾ دفن ڪيو ويو، مرحوم مرثيه گو شاعر هو.
سندس گهڻو ڪلام گم آهي،باقي ٻه- ٽي بيت ۽ هڪ – ٻه
مرثيا موجود آهن. (1) مثال طور هيٺ ڏجن ٿا:
اول نانءُ الله جو، قادر ربّ قهار،
خاوند پنهنجي خلق ۾، سيّد ڪيو سردار،
سڀ تي نبي سرور ٿيو، مڙني جو مهندار،
ڪريو هَي! هَي! مير حسين لاءِ، جاڙين جو آڌار،
”پريل“ تنهنِ پينار، آهي روز الست کان.
سائين پکن ڌڻي جي ٺاهيل مشهور ”لولي“ جا پاڻ پنهنجي ننڍي ڀاءُ
ميان غلام نبي عرف پنيلڌو جي حيدرآباد دکن ڏي
اُسرڻ کانپوءِ، جدائيءَ جي جهوراڻي ۾ ٺاهي هئائون،
ان جي ٽن بندن ۾ به پريل جو نالو اچي ٿو. لوليءَ
جو مطلع هي آهي، جو وراڻي طور هر بند بعد ۾ اچي
ٿو:
آءُ وري تو سري، واهر ڪر يا، آءُ تولئي چري،
دک ماري دردن جي، آءُ وري!
اهي ٽي بند هي آهن:
(1)
الف آديسين جي، ماءُ نهوڙيس نينهن،
وري واريءَ تي وُٺا، مون کي محبّت مينهن،
پهچان مان ”پريل“ چئي، ماءُ سنياسين سينئن،
ڏني ٿيڙم ڏينهن، ڪينر ڪاپڙين جا.
(2)
ظ ظهوريءَ يار جي، راهونڊ رچايو،
ان کي مچ مجاز جو، الستئون آيو،
هلڻ جو هنگلاج ڏي، راول کي رايو،
”پريل“ پچائيو، اندر عشق عجيب جو.
(3)
ف فياضي ڳالهڙيون، دل کان ڪر مَ دور،
فهم فڪر کان ڪيو، آديسين عبرو،
ادنى کان اعلى رسي، نرمل ٿيا نُور،
”پريل“ تنهنجو پور، دردئون پوي دل ۾.
رئيس مرحوم تاج محمد نظاماڻي جي بياضن مان مرحوم پريل جا هيٺيان
بيت مليا آهن، سي درج ڪجن ٿا:
(1)
چيائين اڳيان اسدالله جو، آهي فرزند فتحياب،
جنهن جي شرف شان جو، نڪو حد حساب،
فرامين فرقان جي، انهيءَ ڪاڻ ڪبات،
ان تي آيت ”اِنّمَا“ جي ۽ بحر انهيءَ جو باب،
”يُطَهِرَڪُم تَتهِرََا“ اهو نوُر نواب،
”ولضحى وَ جهقڪَ“ جنهن جو ساري سگهه سحاب،
هڪ هڪ گوهر گڏبو، انهيءَ جو اصحاب،
ڪُسي ٿئي ڪباب، ”پريل“ پيرانديءَ تن جي.
(2)
طالب ”طــــٰھ“ جو هجين، تان پاڻ مَ پاسي ڪر،
حسن مير حسين جي، پُريو وٺج پر،
تان ”يَهدِي من يَشاءُ“ جو، ورق پوئي ور،
انهيءَ جي اوصاف تي، ڪمر قابو ڪر،
سکج سراسر،تان ”پريل“ پري نه ٿئي.
(3)
آءُ روز الست کان، پنان تنهنجو توهه،
سڻ ميدان جو معرڪو، تان ڪوفين ڪيو ڪوهه،
يا در سر ”يسٰ“ ڪ گيتن لڳو لوهه،
ساڻ سيد جي ڊوهه، ڏس شامين شريرن ڪيو،
(4)
خط لکي خاطين مُڪا، ڪري دعوت بردغا،
چيائون يا وارث الانبيا، آءُ تان بيعت ٿئي بجا،
پوءِ واريائووغا، ايندي ئي امامن سان.
(5)
قضيي ڪربلا جو، مڙني ٿيو معلوم،
شامين شريرن ڪيو، اچي هل هجوم،
پاڻي ٻڌو پير جو، مردودن معدوم،
اول شمر شوم، ٻيا مڙيا مرتد ڪيترا،
(6)
شريرن شفيع تي، آرانڀو آندو،
حضرت مير حسين تي، ڪري حملو هيڪاندو،
عمرو انهيءَ وقت ۾ ٿيو مردودي ماندو،
فڪر جو ڦاندو جوڙي پنهنجيءَ جان ۾.
فقير پريل نوشهرائي: پير ميان قربان علي ولد ميان جمال الدين
عرف فقير ”جمال“ نوشهرائي کان، جو فقير صاحب بابت
احوال معلوم ٿيو، سو هي آهي؛ فقير ميان محمدّ پريل
ولد ميان غلام محمّد، مخدوم مرحوم عبدالرحمان
گينڊائي نوشهرائي جي خاندان جو فرد فريد هو، جيئن
سندس خاندان اصل فقيراڻو هو، تيئن ان صاحب به
فقيريءَ جي پاڪ پيروي اختيار ڪئي. هي صاحب مخدوم
صاحب هالن واري جي خليفن مان هو. انهن ڏينهن ۾
مخدوم امين محمّد سائين سجّاده نشين هو ۽ فقير
صاحب سندن معتقد مريد، حڪيم ڪمال وارو ۽ شاعر شعور
وارو هو. سندس ڪلام ته گهڻو پيو ٻڌجي، پر هت ڪجهه
قبله طالب المولى ۽ حاجي محمّد بچل جلباڻي کان
معلوم ڪري، ۽ سيد فاضل شاهه واري ڪافين جي ڪتاب
مان چونڊي، خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان:
بيت
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته بَر ۾ بٺي چاڙهه،
جيرا جگر ڦوڙهي، ڦڦڙ ڦوڪي ٻار،
پسجين دوستاڻي دربار، انهيءَ پر ”پريل“ چوي.
ڪافي
اکيون ڪين مڃين، ڪنهين جون متيون،
جيڪي رمز سڄڻ جيءَ منجهه رتيون،
اکيون عشق واريون عريان ٿين، سرگوئي ٿي ميدان ڏين،
ڳوڙهيون ڪين مڃن، ڪنهين جو ڳتيون.
جڏهن عشق اچي امام ٿيو، تڏهن هوش عقل حيران ٿيو،
جيڪي پرت رکن، تن کي ڪري پتيون.
جيڪي مچ ڏسي مستان ٿين، سي ته ”پريل“ چوي پروان ٿين،
سي ته ٺرڻ مشڪل، اهن توڙ تتيون. (1)
ڪافي 2
ڪير ويندي کي جهَلي جهَلي، عشق کنئي سهڻي يار جي،
مت نه ڏيو مون سرتيون، هر ڪا پاڻ کي پَلي ڦَلي،
يار بنان هن ديس ۾، جيءُ جُسو منهنجو جَلي جَلي،
آءُ نصيحت ان جي ٻڌندي، جا ٿي مون سان هَلي هَلي،
خوش ”پريل“ آهي هر حالت ۾، يار ته منهنجو بَلي بَلي(1)
ڪافي 3
ڪر خبر مان سان خابرون، آءُ ڪا ياد هيڙس يار کي،
مون سندي ميلاپ جي، ڪا سمن (2) هئي سردار کي،
دل سڪي دلدار لاءِ، ديدون سڪن ديدار کي،
دائما دم دم سڪن، منهنجا گوش ان گفتار کي،
ويڄ ڪيم وڌاءِ تون، هن برهه جي بيمار کي،
ڪيئن ڪريان ڪاڏي نيان، هن عشق جي آزار کي،
سُڌ سڄڻ سردار جي، ڪهڙي ڪَرهن قطار کي،
مڙئي منجهه مصحف جو، ڪهڙو قدر آهه ڪفار کي.
پلڪ ۾ ميان پانڌيا، تون آڻ اُن اخبار کي،
اڄ اڱڻ ايندو پرين، ”پريل“ چمي پيزار کي (3).
منٺار فقير راڄڙ (1865ع- 1938ع): منٺار فقير ولد قبول محمد ذات
راڄڙ، ڳوٺ کاڻي راڄڙ، تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ
سنڌ.
مرحوم جي طبيعت ننڍي هوندي کان وٺي فقيريءَ ڏي مائل هوندي هئي،
سندس آباءَ واجداد حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جا
مريد هئا ۽ پاڻ حضرت غوث الحق جي تيرهين سجّاده
نشين مخدوم محمد امين صاحب ”امين“ رحه جي هٿ تي
بيعت ڪيائين، هڪ سچو طالب ۽ فقير ٿي پيو، پنهنجي
مرشد جي وفات بعد بيحد اُداس ٿي پيو ۽ سندس ڏينهن
سخت بيچينيءَ ۾ گذرڻ لڳا. هڪ رات پنهنجي مرشدکي
خواب ۾ ڏٺائين. پاڻ، کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون، ۽
چيائونس ته ”پڙهه!“ فقير چيو ته ”اڻپڙهيل آهيان“
پاڻ وري چيائون ته ”توکي پڙهايون ٿا، ۽ پڙهه!“
پوءِ پاڻ لکيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا، ۽
فقر به اهي لفظ چوندو ويو. صبح جو فقير کي اکرن جي
شناس هئي ۽ ڪوشش سان سنڌي لکڻ پڙهڻ ۾ چڱو ٿي ويو ۽
پنهنجي وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو.
هي اها ڪافي هئي،جا فقير کي خواب ۾ پڙهائي ويئي:
لاهي ويهه مَ لڏ، هل ته پهچين هوت کي!
ڪم نه ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ، هَلُ ته..
ڀنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندءِ کڏ،... هَلُ ته...
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ،... هَلُ ته...
هل ته ڪيچ قبول ٿئين، هت رُلاءِ مَ هڏ،... هَلُ ته...
متان مُنجهين ”منٺار“ تون، ڏينهن وڃني ٿا، ڏڏ!(1)... هلُ ته...
منٺار فقير سائين امين محمّد جي شان ۾ جي ڏهر چيا آهن، انهن مان
چند هيٺ ڏجن ٿا:
(1)
ميان ”امين محمّد“ اجرا سَگهه ڀريا سروَر،
ڀلي خاوند خلقيئي، پاڪ ڌنيءَ پروَر،
توکي نَر نوازيو، ڏيهه ڌڻي ڏاتر،
تون تَن جي پاکر آهي، جنين تي چادر،
اتر ڌَڻي اجاريون ڪوڏ منجهان قادر،
ڪر مهر ”منٺار“ سان، ميان نِمُن ڌڻي نر،
ڪامل تنهنجا ڪر مولى مٿانهان ڪيا.
(2)
ميان ”امين محمد“ اجرا، دل وڻيا دلدار،
طلب تنهنجي تات ٿم، سِڪ گهڻي سردار،
”منٺار چئي منهنجا پرين، تون ڀيرو ڪج ڀتار،
تون نه وسرين يار، مون نه وسارج وَلها.
(3)
ميان ”امين محمّد“ اجرا، سخي شاهنشاهه،
تون بحر خدا بادشاهه، ڌُر منجهان درياهه،
ڪيئي نوازيئي ڪيترا، نظر ساڻ نگاهه،
ڪر مهر ”منٺار“ سان، يا سخي سرور شاهه
ديلئون پِير داناهه، سڻج منهنجا سڏڙا.
فقير علي بخش ڀٽو: علي بخش فقير ڀٽو، ساڪن هالا، پکن ڌڻيءَ جي
خاص حاضري جو ملازم ۽ دوريش صفت ماڻهو هو. سندس
مڪان (اوتارو) اڄ تائين هالن ۾ موجود آهي. علي گنج
واهه جي ڏاکڻئين ڪپ تي درگاهه جي اُتر ۾ اهو واقع
آهي.
سندس والد جو نالو امام بخش هو، سندس خاندان اصل پٺاڻ جي ملڪ جو
ٻڌڻ ۾ ٿو اچي. سندس وڏا بازداري جو ڪم ڪندڙ هئا.
ان سبب سندن رهائش حضرت مخدوم نوح رحه جن جي اولاد
سان ٿي ۽ ان جاءِ تي رهڻ ٿين. جتي اصل درگاهه هئي.
سندن هجرت سبب، پٺاڻ خاندان به ساڻن گڏجي هت هالن
نوَن ۾ آيو.
علي بخش فقير جو تولد، هت هالن ۾ 9 ذي القعد 1251هه ۾ ٿيو ۽
سندس وڏن جي ڌنڌي ڪري سندس رهڻ سائين پکن ڌڻيءَ جن
وٽ ٿيندو هو، جتي سندن وڏن وانگر کين شڪار
ڪرائيندو هو. ساڻن گڏ رهڻ ڪري، کيس فقيريءَ جو لقب
حاصل ٿيو، جيئن پاڻ پکن تي رهڻ لڳا، تئين فقير به
پنهنجي سڪونت مرشد جي اوتاري ۾ اختيار ڪئي. پاڻ به
هن اوتاري ۾ مدفون ٿيل آهي. فقير اٺهٺ ورهين جي
ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1319هه ۾ انتقال ڪيو.
قبله طالب المولى، فقير بابت هڪ ڳالهه پنهنجي والد صاحب جن کان
ٻڌي هئي. اها هيٺ درج ڪجي ٿي:
هڪ دفعي پکن وارا صاحب، شڪار تان موٽندي، هالن پراڻن ۾ آيا ته
پاڻي پيئڻ جي ضرورت ٿين. پاڻ بيهي رهيا ۽ فقير کي
چيائون ته ڪٿان پاڻي آڻي ڏي. فقير، اتي جي شاهن وٽ
ويو ۽ پاڻي گهريائين. شاهن، پاڻي ته ڪونه ڏنو. پاڻ
فقير کي بيعزتيءَ سان موٽايائون ۽ پکن ڌڻي جي باري
۾ به، سٺا الفاظ ڪم ڪونه آندائون! فقير موٽي اچي،
کين ٻڌايو ته هتي پاڻي سٺو ڪونه ٿو ملي، تنهن ڪري
هلي ڳوٺ پيئجي، پاڻ به هليا آيا.
ڪجهه وقت بعد انهن شاهن تي سرڪاري طرح انڪوائري ٿي. شاهن
سمجهيو ته اهو ڪم پکن ڌڻيءَ ڪرايو آهي. شاهه، ميڙ
وٺي، پکن ڌڻيءَ کان معافي وٺڻ آيا، پکن ڌڻيءَ چيو
ته ”اسان جي ته ڪاوڙ ئي ڪانه آهي“ شاهن اُهو واقعو
ٻڌايو. پاڻ چيائون ته ”اسان کي فقير اها ڳالهه ئي
ڪانه ٻڌائي آهي“.
فقير کي سڏي احوال پڇيائون. فقير سڄي حقيقت پيش ڪئي. پاڻ فقير
کان دريافت ڪيائون ته ”بروقت اسان کي تو ڇو نه
انهيءَ راز کان واقف ڪيو؟“ فقير جواب ۾ عرض ڪيو ته
”قبله، اها ڳالهه ٻڌايان ها ته اوهان کي دل ۾ ٻه-
ٽَڪا خيال ٿي پوي ها ۽ نتيجو سهڻو نه نڪري ها.
نوڪر جو ڪم اهي ته پنهنجي رئيس کي سهڻيون ڳالهيون
ٻڌائي ۽ سهڻيون صلاحون ڏئي-“ ان تي پکن ڌڻي ڏاڍو
خوش ٿيا ۽ کيس انعام اڪرام ڏنائون. ان واقعي
کانپوءِ شاهن سان قرب جو نئون ناتو شروع ٿيو.
قاضي عبدالله پورگر: هالا شهر جي باشندن مان جي سائين پکن
ڌڻيءَ جا مقرب ۽ معتقد هئا، انهن مان قاضي صاحب به
هڪ آهي. قاضي صاحب، رياضتي به هڪڙو هو. ميان محمّد
دائود پورگر، جنهن جي عمر هن وقت اٽڪل پنجهتر
ورهيه آهي، ان کان معلوم ٿيو ته آخوند عبدالمجيد
مجاور، قاضي صاحب وٽ، مسجد شريف ۾ پڙهائيندو هو.
مرحوم قاصي صاحب، آخوند وٽ هر وقت مراقبي ۾ ويٺو
هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پکن ڌڻي پنهنجي فرزند مخدوم
ظهير الدين صاحب سان گڏ، مرحوم قاضي صاحب وٽ صحبت
لاءِ پڻ ويندا هئا. جڏهن قاضي مرحوم جي شادي ٿي
هئي تڏهن پکن ڌڻي، خاص طرح وٽس مستورات سميت ويا
هئا، آخري عمر ۾ قاضي صاحب حج تي ويو ۽ مديني
منوره ۾ 1307هه ۾ وصال ڪيائين.
درگاهه مجاور
مرحوم آخوند عبدالغني ۽ مرحوم عبدالمنعم: لازم آهي ته هت درگاهه
شريف غوث الحق مخدوم نوح رحه جي مجاورن جو پڻ
تاريخي ذڪر ڪجي، جن مان اسان جا ٻئي آخوند صاحب
آهن. انهن جي احوال جي اپٽار، سندن احوال بعد ڪبي
(1)
هرات مان ٻه ڀائر، قاري حافظ عبدالواحد ۽ قاري حافظ عبدالسلام،
حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جن جي زيارت لاءِ،
هالا ڪنڊي پهتا. جنهن ڏينهن هي ڀائر، هالا ڪنڊيءَ
پهتا، ان کان ٻه ڏينهن اڳ، حضرت غوث الحق جن جي
والد ماجد، مخدوم نعمت الله رحه جن کي فوت ٿئي
ٽيون ڏينهن هو. مذڪور قارين کي مخدوم صاحب پنهنجي
والد صاحب جن جي مزار مقدس تي ڪلام پاڪ جي ختمن
ڪڍڻ لاءِ ويهاريو. چهلم گذرڻ بعد، ٻنهي ڀائرن،
حضرت غوث الحق جن کان وطن واپس ورڻ لاءِ اجازت
گهري. پاڻ فرمايائون ته ”اوهان تا قيامت.، پشت
بپشت، اسان ۽ اسان جي اولاد سان گڏ رهندا. اوهان
جو رزق اسانجي رزق سان گڏيل آهي“ ان وقت کان وٺي
تقريبَاً چار سئو سال ٿي ويا آهن. جو مٿين ٻنهي
ڀائرن جو اولاد، غوث الحق رحه جي اولاد جي خدمت
ڪري رهيو آهي ۽ ”مجاورن“ جي نالي سان مشهور آهي.
هنن جو شجرو حضرت عبّاس ابن علي رضه سان وڃي ٿو
ملي. ان ڪري مجاور صاحبان خانداني نقطه نگاهه کان
”علوي“ به آهن.
هن خاندان مان آخوند حاجي حافظ عبدالغني ۽ سندس ننڍو ڀاءُ،
آخوند حاجي عبدالمنعم ٿي گذريا آهن. هي صاحب، حضرت
امين سائينءَ جا همعصر ۽ مجاور هئا.
آخوند حاجي عبدالغني، اٺانوي ورهين جي عمر ۾ بروز جمع 14- ذي
الحج 1352هه جي فوت ٿيو.
آخوند حاجي عبدالمنعم پهرين محرم الحرام 1359هه ۾، چورانوي سالن
جي عمر ۾ انتقال ڪيو. ٻنهي ڀائرن سائين پکن ڌڻيءَ
جي حاضري دل جي عقيدت سان ڏني، حاجي عبدالغني پکن
تي سندن حاضري ڏني ۽ مسافريءَ ۾ به سندن نوڪريءَ ۾
مصروف رهندو هو ۽ سندن منشي به ٿي رهيو. حاجي
عبدالمنعم، سائينجن جي حاضريءَ تي حاضرهوندو هو.
سائين پکن ڌڻي سان ظهر جي نماز درگاهه تي پڙهي،
پوءِ ساڻن راهونڊ تي ويندو هو. خاص ڪري سائين جن
جو ڪلام، سندس ورد – زبان هوندو هو. سيّد حيدر
شاهه جو ڪلام، سائين پکن ڌڻي کي پڙهي، ٻڌائيندو
هو. سائين پکن ڌڻي جي خط جو جواب، جو نظمي صورت ۾
هوندو هو، سو سيد حيدر شاهه ۽ سيّد فاضل شاهه ڏي
کڻي ويندو هو.
حاجي عبدالمنعم غير شادي شده هو. باقي حاجي عبدالغنيءَ کي ٻه پٽ
۽ ٽي نياڻيون ٿيون. انهن مان ٻه پٽ سندس حياتيءَ ۾
فوت ٿي ويا. باقي ٽن نياڻين مان، ٻن کي اولاد آهي.
وڏي نياڻي کي ٻه پٽ- حافظ عبدالفتاح ۽ مولوي حافظ
عبدالعزيز آهن ۽ ننڍي نياڻيءَ جو اولاد، آخوند
محمد قاسم، (مير منشي قبله مخدوم ”طالب المولى“) ۽
مولوي حافظ ربڏنو آهي.
سيٺ وشنداس مانجهوءَ وارو: سنڌ جي هڪ انمول هستي سيٺ وشنداس ولد
سيٺ نهالچند ڀارواڻي مانجهوءَ وارو، سائين پکن
ڌڻيءَ جي ڌڻيءَ ڌوئل درٻار جو هڪ رتن هو. سيٺ
وشنداس جو جنم سن 1843ع ۾ ڪوٽڙي تعقلي جي مانجهوءِ
ڳوٺ ۾ ٿيو(1) سيٺ وشنداس جو پتا سيٺ نهالچند-
لکميچند، هڪ واپاري هو، پر ساڳئي وقت هڪ درويش ۽
شاعر هو. سندس ڪيترا سارا مريد هئا. سکر جو درويش
شاعر بچو شاهه پڻ سيٺ نهال جو مريد هو. سيٺ صاحب
کي مريد، صدق ۽ لاڏ ڪوڏ وچان ”ڀڳت نهال لال“ ڪري
سڏيندا هئا.
ننڍپڻ ۾ سيٺ وشنداس جون ڪچهريون، سندس باغ ”بلاس“ ۾ ڪيترن مهنتن
پنڊتن سان ٿينديون هيون، جنهن ڪري ننڍي هوندي کان
وٺي، سندس طبع ۾ ويراڳ جو سَلو پيدا ٿيو، جنهن هن
کي وطن جا وڻ ڇڏائي ڳوٺ جليانوال ضلعي قصور، پنجاب
۾ ستگر گلابداس جي چرنن ۾ پهچايو. مرشد جي روحاني
رنگ، سيٺ وشنداس تي گهرو اثر ڪيو، جنهن ڪري پاڻ
فرمايو اٿس:
اٺئي پهر عجيب جي، ارواهه سان من لڳو،
سنگ ساجن شاهه جي ڀَوَ ڀرم سڀ ڀولو ڀڳو.
پاڻ روحاني اڀياس ۾ ڀڙ ٿي، هيئن ٻولڻ لڳو:
”نامئن هندو نامئن تُرڪا، نامئن پنڊت قاضي ري،
نامئن سيد، شيخ، مُسلا، نامئن ڀيا غازي ري،
سچ بات مي اوران اوري، بيک بني سڀ بازي ري،
”وشنداس“ جب آپ پڇانيا، سرورنگ ۾ راضي ري.
وشنداس کي مرشد پاران موڪل ملي. ٻارنهن مهينن جي عرصي بعد، ڳوٺ
پهتو، سند س ديانت ۽ سچائي جو نامچار وڌي ويو.
انهي زماني ۾ هالن جا پير مخدوم امين محمّد صاحب
اڃا ننڍي عمر جا هئا، مخدوم صاحب جن جي ڏيڍيءَ تان
وشنداس کي آڇ ٿي ته مختار ٿي سندن سمورو ڪاروبار
هلائي. وشنداس آڇ قبولي، سندن ڪاروبار ۾ مصروف ٿي
ويو. تمام ديانتداريءَ سان نوڪري ڏنائين. سندس
ديانت جون ڳالهيون ضرب المثال آهن. هڪ دفعي جي
ڳالهه آهي ته سائين پکن ڌڻي رات جو 11- 12 بجي
ڌاري ننڊ مان اٿي ڳناس پاڻي پيئڻ لاءِ گهريو. جيتر
ديوان صاحب پاڻي آندو، تيتر پکن ڌڻي ننڊ ۾ سمهي
رهيا. ديوان صاحب پاڻي جو گلاس تريءَ تي جهلي بيهي
رهيو. جڏهن سائين صبح جو نماز تي سجاڳ ٿيو ته هڪ
ماڻهو پاسي کان بيٺل ڏٺائين. پڇيائون ته ڪير آهين؟
جواب مليو ”قبله، غلام وشنداس“ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽
دعا ڪندي چيائونس ته ”تون سيٺ وشنداس آهين“ پاڻ به
ان وقت کان وٺي، کيس ”سيٺ وشنداس“ سڏيندا هئا. پکن
ڌڻي جي وصال بعد، ٿوري وقت اندر نوڪري ترڪ ڪري،
وڃي پنهنجي ڪاروبار کي لڳو ۽ ٿوري وقت اندر سنڌ جو
ناميارو ”سيٺ“ ٿي ويو. هن جا ڪارخانان ۽ مشينون
باڊهه، کنڊو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برک هئا.سخاوت جو
به سائين هو. پنگتي سڌارن ۾ به هڪڙوئي هو، سندس
سماجي خدمتون خاصيون آهن.
سنگيت جو ڪوڏيو هو. هن وٽ راڳ روپ جون محفلون گرم هونديون هيون.
هن وٽ هِدُوخان ۽ ان جو پٽ سينڌو خان مکيه گَويا
ٿي گذريا آهن. مرحوم سينڌو خان هڪ بهترين خوشنويس،
شاعر ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو. هن پنهنجي حياتي جا
آخرين لمحات قبله طالب المولى سان گذاريا. موسيقي
۾ سندن راهنمائي ڪري، پاڻ 1948ع ۾ گذاري ويو ۽
”محمّد فقير“ کٽياڻي جي مقبري، ”ميخانه منصوري“ ۾
کيس دفن ڪيو ويو.
سيٺ صاحب، ساهت جو به مشتاق ٿي گزريو آهي ۽ ڪيترائي ديني ڪتاب
شايع ڪرائي،مسلمانن خواهه هندن ۾مفت تقسيم ڪندو
هو. اهڙي ريت 7 جنوري 1929ع ۾ پنجاسي ورهين جي عمر
۾ پرلوڪ پڌاريائين. سنڌ جي هر ڪنهن ٻچي جي وات ۾
هن جي وائي هئي. ڪنهن صاحب هن جي مشين جي راس ٿيڻ
تي ڪافي ٺاهي، جو هر ڪو ڪافير پيو ڳائندو هو. ان
جو ٿَلُ هي آهي:
ٿل: واهه ڙي وشنداس، تنهنجي مشن ٿي راس،
ڪَلون ڪن ڪوُڪار- ڀلو الا!
هن جو ناماچار، سنڌ جي هر ڪنهن رسالي ۽ اخبار ۾ ايندو هو. سنڌ
جي مدرسي جي هڪ مشهور مدرس، مولانا احمد خان
نورنگزادي جو هڪ قابل داد قصيدو سيٺ صاحب جي شان ۾
ٺهيل آهي. ان جو مطلع ڏيئي، سيٺ وشنداس جو ذڪر ختم
ڪجي ٿو:
”هجي شال سرهو وشنداس سيٺ،
رهي غم کان آجو وشنداس سيٺ.
ڪرم خان نظاماڻي جا نياز وارا نظاماڻي بلوچ، سروري سنگ در تي
سدائين سرخم ڪيو هڪيا تڪيا تيار هوندا آهن، انهن
مان هاڻي به ڪونه ڪو رئيس، مرشدن جي حاضريءَ ۾
رهندو آهي. انهن ڏينهن ۾ رئيس شير خان حاضريءَ ۾
رهندوهو ۽ ڏيڍيءَ جو ڪاروبار، ڏيتي ليتي سندس بلي
هو. امين سائين جن اڃا ڪم سَن هئا، تنهن ڪري
ڪاروبار سنڀالڻ جهڙا نه هئا، ان ڪري، ٻاهريون سارو
ڪم ڪار سيٺ وشنداس جي هٿ ۾ هو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي
چڪو آهي.
انهن نظاماڻين منجهان رئيس ولي محمدّ خان امين سائين جو وڏو
معاصر ۽ سندن فرزند رئيس غلام نبي خان سندن همعصر
۽ ان جو فرزند رئيس فقير الله بخش خان وري سندن
ننڍو معاصر هو.
سندن ڪلام
سندن عصر جو اثر، سندن ڪلام فصاحت فرجام تي ضرور پيو هوندو،
سندن مقدمين ۾، پِير اشرف شاهه ڪاماري وارو، خليفو
گل محمد سانوڻي هالنوارو،فقير قادر بخش ”بيدل“
عثمان فقير سانگي، حمل فقير لغاري، سيد قطب علي
شاهه ”قطب“ ديوان آسورام ”آسو“ فقير خير محمد
هيسباڻي ۽ پير پاڳارو سائين علي گوهر شاهه ”اصغر“
جهڙا قادر الڪلام شاعر ٿي گذريا آهن. اها حقيقت
آهي ته سندس ڪلام تي هڪ خاص نوعيت جو رنگ رچيل ڏسڻ
۾ اچي ٿو،جنهن ۾ سندن انفرادي حيثيت نمايان آهي.
سندن خداداد لياقت ڪنهن جي نقاليءَ جي محتاج نه
آهي؛ ٻه- ٽي مثال ان لاءِ ڪافي ٿيندا، پِير ميان
محمّد اشرف ڪاماريوارو فرمائي ٿو:
آيو سڄڻ آيو، ٿيون شاديون شهر ڀنڀور ۾،
ڪي ڏينهن ڪنعاني ٿي چاهت ڪر چوايو،
نه ته مالڪ هو مصر شهر جو، آڻي نينهن نمايو.
”اشرف“ اَنَاالحَقّ جو ڏس وارو عشق وڄايو،
عالم ليکي آدمي، اي حق ٿي حقُ هلايو.
شادين وارو مفهوم کي امين سائين هيئن ٿو نڀائي:
ٻاروچا ٻيها، اڱڻ آءُ ته عيد ڪريون.
اچي ويهج اوڏڙو منهنجا تون منٺار، ديد ۾ ٿا ديد ڪريون،
”امين“ تنهنجي عشق جي پئي آهي پچار، هوءِ محبّ ملن.
تان رسيد ڪريون
بيدل سائين پنهنجي ”سرور نامه“ ۾ عشق ۽ عقل جو مقابلو هن طرح ٿو
بيان ڪري.
عقل جو ويو اختيار عشق آنآالحَقُ جو دم ماريو.
عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي، جنگ عقل هارائي،
هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي برهه ڀڄايو.
دست ڌري آيو حُسن جو ڀالو، چنچل چشمن جو ڪري چالو،
گوءِ کڻي نروار باهه برهه جي سَڌن کي ساڙيو.
يار بيرگي نُور نهاني، پهري پش آيو، انساني،
عشقون ٿي اظهار، سهس ويسن سان پاڻ سينگاريو،
ڪاٿي پير مريد سڏائي، ڪاٿي پاڻ لنئوڙي لائي،
ڪاٿي ڪري ڪم ڪار، ”قم باذني“ مئو جياريو،
ڏس تونباولي برهه جي ”بيدل“ لامڪانون ٿي ڪري نازل،
ٽوڙ دوالي يار، بيخوديءَ جو باز اڏاريو،
امين سائين جي ڪلام جو زور ملاحظه ڪريو، ڊاڪٽر اقبال جي هيٺئين
شعر ۾ امين سائين جي شعر جي عڪس ڪشيءَ ٿيل آهي:
سپاهه برانگيزيم از ولايت عشق،
که درحرم خطري ازبغاوتِ خرداست“
امين سائين فرمائي ٿو:
عشق آندا ساماني سينگاري، جلد بهادر جنگي يارو!
عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي يارو!
عشق آني ڪيا دل ۾ ٿاڻا، تسبيح تقوى اُٿي اڏاڻا،
مور ڇڏي ويا ماڻا ٽاڻا، راز ڏسي سڀ رنگي يارو!
ڪريا ڪوٽ مغز جا محلا، ڌٻيا دور دليل جا دهلا،
پيش اچي پيا ورنھ وهلا، سينا جن جا سنگي، يارو!
عشق عقل جا ڪلس ڪنبائي، آڙ عشق سان ڪنهن جي ناهي،
سڀڪو پنهنجي پاڻ ڇپائي، توڻي رومي زنگي يارو!
عشق عقل جا شهر اُجاڙي، باهه برهه جي سڀ گهر ساڙي،
آڻي آتش اوڙي پاڙي، جئن سور پور پشنگي يارو!
”امين محمّد“ عشق جا آيا، سڀ سپاهي سرس سوايا،
جنهن منهن چڙهيا سي گهٽ گهايا،روسي رخت فرنگي، يارو!
مذڪوره ڪافيءَ مان معلوم ٿيندو ته عشق ۽ عقل جي جنگ جي ضمن ۾
امين سائين جنگ جي جولانن جو حقيقت افزا نقشو چٽيو
آهي. جنهن ۾رومي، زنگي، ايران جو پرو پشنگ، روسي
توڙي فرنگي سمائجي ويا آهن. زبان دانيءَ جو ڪمال
نوٽ ڪريو.
ٻين صاحبن به عشق جي ايٽ، نينهن جي نار ۽ پرت جي پوک جو ذڪر ڪيو
آهي؛ پر امين سائين جو نار ۽ پوک جو احوال زياده
جاذب آهي. اوّل خليفي گل محمّد جي ايٽ جو پرو ٿا
لهون، ان بعد امين سائين جي ايٽ جو ارو لهندايسن،
خليفو گل محمّد صاحب فرمائي ٿو.
اُٻاڙي چاڙهه عاشق عشق جو ايٽ،
ڪَتِي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽ،
وسي مينهن محبت ۽ موهبت جو،
ٻڌي پوٺن تي بند پوءِ کيڙ تون کيٽ،
کائي پاڻي ڪناري جو جڏهن ڪو،
مٽر مهري ڇڏي ڀر ڪڻڪ سان ريٽ،
لهي درياهه جت لانگها ڪري لس،
چٽي ٻج ترت هلڪو پوک تون ٻيٽ،
صفا وجهه ٻج نيّت جو سڀت ۾،
ڪنڌيون پوکي ڪناران، پوءِ م ڇڏ پيٽ.
خدا ڏي وڃ خُدائي ڇڏ خوديءَ کي،
مَ لب ۽ لوڀ لالچ جي مٿي ليٽ.
آهي هر جاءِ حق حاضر مَ ڪر سڏ،
اڳياڻ بيهي ڪري جو ڪوڪ چؤ ڦيٽ
درد سان روئي روئِي، ڪر صفا دل،
مٿي پايو م وجهه ”گل“ مهٽيو ميٽ
امين سائين کي ٻڌو
|