اجڙ
آسَ
واءِ
قسمت، پيو
گنگا
جل
تان
اُڃايل
ورڻو،
ڪلپ
جي
بُرڇِ
تي
پهچي، پيو
بکايل ورڻو.
زخمدل ناسور
ڪيا
تو
ته
جراح(1)،
نانءُ نشِتر،
حقي
خنجر سان
پيو گهائل
ورڻو.
بيڪسي حال
ڪيو
نقش اچي
پيش نظر،
تنهن
کي
سختين کان
ستمگر
پيو ستايل
ورڻو.
درد
مند داءُ
گهُريو دانهن
کڻي
ڌرتي
اچي،
درد
بيدار سان
پيو دُود
دکايل ورڻو.
مون
ٻَريل
تنهنجي
ڏسي، آندي
اُجهايل پنهنجي،
تيز
شعلن کان
شمع
کي
پيو وسايل
ورڻو.
هام
همدردي
سڻي آس
اٿي
عرش اُڏي،
پيو
اُڏيل آس
کي
دڙٻن
سان
دٻايل
ورڻو.
شان
شهاڻو
ڏسي
مون گهريو
انجام
پَڙي،
ليڪ
لاچار
ٿيو وعدي
وڃايل ورڻو.
مون
چيو: ”خون نپوڙي
دل
سکڻي ته
نه
ڪر“،
تو
چيو: ناهه
هتان
بوند
بچايل ورڻو.
درد
کان دانهن
ڪرڻ
جي به
اجازت
نه ملي،
بند
گلو ڪشٽ
(1)بلا
سان
پيو
ڪنبايل
ورڻو.
آس
دل آهه
اُجڙ
رات
انڌاري ڪاري،
آهه
بيوس کي سڄر
سور
سجهايل ورڻو.
کڻ
سمر سولو
سٻر
۽
هل سفر
جي
واسطي،
وجهه
مليو سنسار
۾
آهي سمر
جي
واسطي.
کاڻ
آهي خود
خوشيءَ جي،
انت
آنند جو
نه
آهه،
درد
دنيا
مان
کڻي هل
دوس
جي در
واسطي.
پريم
جي پاڇي
اندر ٿو ماٺ
۾
ميوو پچي،
پرت
پوتر چِيزَ،
ناهي پَرَ
پچر
جي واسطي.
قيمتي هيري
ڪڻيءَ
کان
آهه قطرو
قيمتي،
خون،
جو هاريل
خوشيءَ سان
پَرَ پگهر
جي
واسطي.
ٿي
وني
ويندي هتان
ويڙهي پراڻا
واسطا،
ٿيو
پلڻ
پيڪن ۾ گويا
گهوٽ
گهرجي واسطي.
عام
اک ۾ ڄام
جي
اٽڪيو بڻي
جو
خار
ٿي،
ٿيو
نظارو نور
جو
نرمل نظر
جي
واسطي.
ٿا
لڀن
جنهن
سمنڊ جي
لهرين منجهان
موتي سچا،
ٿو
وهي
سو رات
جي پوئين
پهر
جي واسطي.
بحر
وحدت
۾
وڃي
جي
وير ويرين
ور
چڙهيا،
سي
ڪندا
سعيو
وري
ڪهڙو
ڪپر
جي واسطي.
دورُ
دنيا
جو
ڦري
ٿي
مرض
ڪُهني جي
مثال،
ٿي
ملي
بيوس دوا
اُلٽي
اثر
جي واسطي.
ٽهڪ
ڏي
دردُ، دل
تي
جي ڌڄا
پنهنجي ڌري تون
ٽهڪ
ڏي،
روڄ
راڙي
جي
مٿان
ٻيڻي ٻري تون
ٽهڪ
ڏي.
آهه
مردن لئه
مصيبت، مُونجهه
مانجهي مرڪ
ناهه،
مونجهه ۾ ٿي ماندگيءَ
کان مت
مري
تون ٽهڪ ڏي.
آهه
دل ڳارو تکو
تيزاب
وانگر
نير نيڻ،
ٿو
پٿر
ڦر
ڦر
ڪرڻ
تي ڳُچ ڳري تون
ٽهڪ
ڏي.
زخم
دل ميٽڻ
لئه
آهي وقت
خود
خاص
ملم،
ڏيندو
آخر
اک
اکين
جهڙي ڪري تون
ٽهڪ
ڏي.
ريج
ڳوڙهن
سان
سلو
ٿو
سوُر جو
سائو رهي،
آهه
چنتا(1)
چيز
سان
جا
چم
چري
تون ٽهڪ ڏي.
سال
سالن
تي سري(2)
ويا
تن
سوا
سنسار
۾،
هوند
مشڪل جن
سوا
ساعت
سري تون
ٽهڪ
ڏي.
آهه
رَءِ جذبي
اُمنگ
۾
ورق گل
کان
نرم، دل،
پر
سهڻ ۾ سخت
پهڻن
کان پري
تون
ٽهڪ
ڏي.
گل
پاڪ
نوراني
نظر ۾ ڇا
نزاڪت گل
جي،
سونهن سوڀيا
جي
تري
سمنڊ ۾ صورت
گل جي.
ناز
مان جيئن
ٿي
اچي
کوپي
کي
کولڻ
لئه نسيم،
ٿي
ڀري
کيس
به
خوشبوءِ سان
خصالت گل
جي.
مک
ماکيءَ کي،
ڀنوَر کي ۽ پتنگ
بلبل
کي،
باغ
عشرت
۾
کُليءَ
دل سان
ٿي
دعوت گل
جي.
جي
نه مائل
ٿو
محبت تي
ڪري
حسن
غرور،
ڇا
کون بلبل
کي
رهي
خاص
ضرورت گل
جي.
داغ
لالا
جي
دلين
تي جي
ڏنو،
ڀنئور
ڏنو،
نقش
پوپٽ جي
پرن
تي بڻي
مورت
گل.
سونهن سنسار اندر عڪس حقيقي گل جو،
آهه ديدار اندر رونق، رنگت گل جي.
برهه
بوندون تو
هڻي
جوش کان
جل
هل چل
۾،
واهه چشمي
جي
ڪناري
تي ڪرامت گل
جي.
ناهه هر
ڪنهن
جي
نصيب ۾ ته
جلوو
جمال،
حسن
جي ڏات
ڏئي خاص
ٿي برڪت
گل
جي.
لوهه
لوهي کي وڍي،
پرنه
ڇني
گُل، گل
کي،
آهه
نازڪ کي نزاڪت
کان مشابهت
گل جي.
ڪوش
ڪنڊن
کان
جا
گلچين کي تڪليف
رسي،
سا
ميسر
ٿي
ڪري
موج
۽ راحت
گل جي.
گل
چُمڻ ساڻ،
لبن سان
ٿو
ملي گلقند
ٿئي،
چاش
چپ
ساڻ
ٿئي لالاڻ ملاوت
گل جي.
صاف سيني
سان
جڏهن
تنهنجي سڄڻ
گل
ملندو،
مان
ته
سمجهان
ٿو تڏهن
ٿيندي
قيامت گل
جي.
شان
۽ شرم
رکڻ
لاءِ
فنا
هستي
ڪندو،
جي
بگاڙيندو هٿن
ساڻ
ڪو عضمت
گل
جي.
سرُ
وڪامي سر
بازار
۾ يوسف
گل
جي،
دلَ
زليخا
ريءَ
ڪَندو
ڪير
ٻيو
قيمت گل
جي.
ٿو
گلي
هار
بڻڻ
لاءِ
سهي
سوز سُئو،
اي جفاڪش،
تون ذرا
جاچ
ته
جرئت گل
جي.
تاج
شاهيءَ
تي
ڪنڊو آهه
رسيو
گل گڏجي،
ٿي
ڪري
مشڪُ
مٽيءَ کي به
ته
محبت گل
جي.
هو
گهڻو خيال
مگر ڪين کلي ڪين
کُلي،
شعر
۾
”بيوس“
ناقص
کان
حقيت گل
جي.
جانورن تي
ديا
مڃون هر وار
شڪرانا
جڳت
داتا
جڳت
والي،
ڪرين
داتار
دنيا
تي
سندا
پنهنجي
پرت
پالي.
تماشهءَ گاهه
دنيا
۾
سراسر نور
نوراني،
ستارن ۾ سندُءِ
سوڀيا،
گلن
اندر سَندُءِ
لالي.
مخالف جاندارن
جا
مخالف ويس
تو
پهريا،
پرندن تي
سندُءِ پاڇو،
چرندن ۾ سندُءِ
چالي.
مروُن ماڻهو،
پسون،(1)
پنڇي(2) تڳن آڌار
تنهنجيءَ تي،
دياليءَ(3)
کان
سَندُءِ
داتا
نه
ساسي آهه
ڪو
خالي.
ستمگر سخت
دل
ٿي،
جي ستائن
ساهه وارن
کي،
سُڪل
دل ٺوٺ تن
جي،
تون پرت
سان
پاڻ ڪري آلي.
ديا
بن هاءِ
هي انسان وحشي
جانور آهي،
ديا
جي
انگ
سان
ئي
ٿو
منش بڻجي
اُتم
عالي.
بچائڻ ظلم
کان
۽
نرديا
کان
جاندار
کي،
مناسب فرض
انساني، گهُرن
جي
خبر خوشحالي.
گُنگلي گگدام
جي رک
آهه
کان آجو
پلئو
پنهنجو،
جهلي
سٽ ٿو جنجل
جڳ
۾،
جهلي سٽ
ٿو
نه
جنجالي.
مسافر خاني
دنيا
مان
رڳو
خوبي کڻي هلبي،
نه
هلندي ساڻ
اي
”بيوس“ هتي
واري مڏي
مالي.
کڙکٻيتو
ڇا
کڙکٻيتڙي کي آهي
کنوڻ
کنڀن
۾،
بجلي
بتي ڦري ٿي گويا
گُلن
ڦلن
۾.
لاٽُون ڪڍي لڱن
مان
ٿو باهه
جي
ڄڀيءَ جان،
چمڪاٽ
ساڻ چمڪي
چانڊاڻ
ڏئي چمن
۾.
جوالا
(1)مکي
جبل تان
آيو اُلو
اڏامي،
يا
ٿي هلي
هوائي
سڙندي هوا
هٿن
۾.
يا
طور
جو
تجلو
ڀرپور نور
وارو،
اظهار
ڪرڻ آيو
جلوي
کي
جيتڙن ۾.
يا
ٽمڪندو، ستارو،
ڪو
آسمان
وارو،
ڌرتيءَ
مٿي
پَڌاريو(2)
رَونشا
ڪندو،
رٽن ۾.
اوندهه
نگر ۾ آيو
روشن
پُريءَ کان
رمتو(3)،
پرديس ۾ پڌاريو
گمنام هو وطن
۾.
اوجهڙ
۾
آسرو ٿي، اي
ماهُرو، منجهيل
جو،
آ،
رهگذر لئه
ڪر
تون
پرڪاش (1)پيچرن
۾.
ڪر
خوف
کڙکٻيتا! ”بيوس“
اچي برهه
مان،
پويان
نه
جيئن جلائي
پروانو پر
پرن
۾.
جُوا
سنڀالي هوش
سان
سياڻا
جوا
کان جلد
پاسو ڪر،
کُهائي
جا
ڪري
کوکو،
ٿي
ڪيري
نيٺ
ڳاٽي
ڀر.
ڏُڪر
پيا
ڏيهه ۾ ڪا
هي
بُکن
ڍينگو وڌو
ڊاهي،
ڪفايت
جو سمو
آهي،
اُڏائڻ لئه
نه
آهي زر.
بُري
هيءَ آهي
بدچالي، پسائي
نيٺ بدحالي،
جُهڳو برباد
گهر خالي،
پنائي ٿي پراوا
دَرَ.
شروع
۾
پير جيئن
پائي، ڏئي چشڪو
ٿي
هرکائي،
رکي
ٿي
نيٺ ڦاسائي، ڇڏڻ مشڪل
ٿئي
اڪثر.
جوا
جي
جهڙپ
ساڙيا
جي،
وري ساوا
نه
ٿيا
وڻ
سي،
ويا
ناموس
ننگ مٽجي،
کڄي
ويا
خانداني
گهر.
جُوا
ڇا
جوڙ
ٿي
جوڙي، ڪري هڪڙو،
ڪٽنب
لوڙي،
خوشي
بيوس سڄي
ٻوڙي،
مچائي درد
جو
ڌمچر.
شراب
سوچ
ڪر
سياڻا،
ڇڏي ڏي شوق
شيطاني شراب،
جو
ڪري
ڪارو،
رکي
اخلاق
جهڙو
آفتاب.
مفلسي ۽ مرض
سان
بدنام ۽ بڇڙو
ڪري،
سور
سختيون ٿو سهائي،
اهنج
ڏيکاري عذاب.
مانَ عزت
خاندانيءَ کي ملائي
خاڪ
۾،
پڻ
پياڪن کي ڏياري ٿو، شرابي
جو خطاب.
هن
بُرائي جو
اثر
بد ٻيا
به
ٿا
لوڙڻ
لڳن،
ملڪ
مفلس، گهر
ڏکي،
اولاد
بد،
خانو خراب.
پاڙ
هر
ڪنهن
پاپ
جي
۽
بيخ بداخلاق جي،
آهه
هر
ڪنهن ڌرم ۾ ان
تي خرابي
جو عتاب.
مغز،
دل جيرو،
بڪيُون، ساڙيو
رکي تيزاب
جان،
ماس
هڏ
ڳاڌري
رکي ۽ ٿو ڪري
ڪنڊيون ڪباب.
اسپتالون، جيل
خانا،
ڪورٽون قائم
رکي،
عقل
جي پردن
مٿان
چاڙهي
چريائيءَ جو
نقاب.
موت
ماري هڪ
دفعي
هي دمدم
مارڻ گهُري،
ملڪ
مان
”بيوس“ تڙي
ڪڍُ
هن
شرارت کي شتاب.
اسڪائوٽ
خاص
هي
آهي متو
اسڪائوٽ تنهنجو
تيار
رهه،
ٻول
پنهنجي تي
پڪو،
پورو ۽ پختو
تيار
رهه.
بادشاهه سان،
ملڪ سان
۽
قوم سان
۽
نيات
سان،
رهه
سچو ثابت
قدم سورهيه
۽
جوڌا
تيار
رهه.
ڄاڻ
سو موقعو
غنيمت، جو
ملي
خدمت جي
لئه،
توکي
رکڻو نيڪ
ڪم
سان
آهه
ناتو تيار
رهه.
داخلا
رک
چوپڙيءَ تي
ڪارنامن
جي صفا،
نيم
ڪر
هر روز
تون
نيڪي ڪرڻ جو،
تيار
رهه.
ڪُڇ
نه
ڪُڇ
سکڻو
کپي
توکي ڪرڻ تڪڙو
علاج،
ڊاڪٽر
پهچڻ کان
اڳ ۾ ٿي وسيلو،
تيار
رهه.
ڪئمپ
هڻ
ساٿين سان
گڏجي جهنگ
۾
راتيون گذار،
آهه
ٻاهَرَ
جو به
وٺڻو
آزمودو، تيار
رهه.
باهه ٻارڻ
۽ وسائڻ،
طعام
ٺاهڻ ۽ ترڻ،
ڄاڻ
جاسوُسي
ڪرڻ، پيرو
کڻڻ
ڪو،
تيار
رهه،
تيز
رک
ڪَنَ ۽ اکيون،
رک پير
ڊوڙڻ
لئه
تکا،
سِکُ
ٽپَڻ،
چاڙهيون چڙهڻ،
ڪر
ڀؤ
نه
ڀولو
تيار
رهه،
آهه
”بيوس“
هن تحريڪ
۾
ڌريل
جادو اثر،
ٿو
ڪري
ٻارن
کي
ڦيري،
شير بانڪو
تيار
رهه،
صاحب جي
ساراهه
مڙن
تي مِهر
تُنهنجي مهِر
وارا،
سَدا
تنهنجَي
ستاري اي
سَتارا.
ڏيَن
پرڪاش
تنهنجي
تيج کان
ٿا،
کنوڻ،
سج،
چنڊ، تارا
۽ ستارا.
ڀَرين
سڀ
ساک
تنهنجي
سُونهن جي
ٿا،
چمن
۾
چيٽ جا
نيارا
نظارا.
پٿر
جي پيٽ
۾
ٿو
ڪيٽ (1)پالين،
هلن
ٿا
ڀوُن اندر
تنهنجا
ڀَنڊارا.
ڪڻي
مان
ڪيچ اي
قادر
ڪرين ٿو،
ڀرين
داڻي منجهان
ٿو،
سنگ سارا.
ڪرين
اظهار
پنهنجي
ذات
ذاتي،
صفاتي
ويس هي
پهري
پيارا.
ٿي
هڪڙو
ٿو
ڀرين
سنسار
سارو،
پرت
مان
ٿو
ڪرين
ڪيڏا
پسارا.
چڱائي ريءَ
نه
توکي ڪيُ سُجهي
ٿو،
ڀلائين
ڀال دنيا
تي
ڀلارا.
نه
تو بن
واهه ٻي ڪا
آهه
”بيوس“،
کٽيو
تن،
جي رهيا
تو
سان سچارا.
سهائي راتڙي
چهچٽو ڇا
ڇا
مچائي
ٿي
سهائي راتڙي،
رنگ
طرحين جا
رچائي
ٿي
سهائي راتڙي.
ورق
روپا
ويا
چڙهي
ڪيئن
اڻ لکا
آڪاس
تي،
تن
اندر تارا
لڪائي
ٿي
سهائي راتڙي.
آهه
چانڊوڪي رتل
ڪَڪرن
اندر
ڪيڏو،
لقا،
برف
جا
بادل بڻائي
ٿي
سهائي راتڙي.
ڪئي
پٽن
پوشاڪ
چاندي
پڙڇ
جي،
چمڪڻ لڳا،
کير
ڌرتيءَ
تان
وهائي
ٿي
سهائي راتڙي.
چنڊ
جي صابڻ
چڪيءَ سان
ٿو
ڪري
ساگر سنان،
ڍير
گج
لهرين تي
لائي ٿي سهائي
راتڙي.
ڏِسُ،
چمن
جي چونڪ
۾
چهه
چهه چڪيونُ
لائي
ٿڪيوُن،
ڀنور
بلبل
کي
ڀلائي
ٿي
سهائي راتڙي.
آهه
چهري چنڊ
جي
تي نت
چڪوري چتُ
چريو،
مورَ، ڄاهي کي نچائي
ٿي
سهائي راتڙي.
صاف دل
روشن
نظر لئه
آهه
چمڪو نورُ
جو،
پر
مديءَ دل
کي
مُنجهائي ٿي سهائي
راتڙي.
ٿي
وئي اوندهه
اُجڙ، ماهه
بدر کان
دربدر،
جهل
”بيوس“
جو لڄائي
ٿي
سهائي راتڙي.
سِنڌ
سونهاري
اُلهندو هَندُ
جو
ڇيڙو،
اسان
جي سنڌُ
سونهاري،
اڳوڻي
وقت ۾ هن
کان
به چوڻي
هئي
ته چوڌاري.
پنجابي پيچ
سان
پڳڙي،
سندس سِر
تي
سدا
اڳري،
اُڀرندي ڀر ڀٽن لڳڙي،
اُلهندي ڍال
هالاري.
سندس
ساڄو چرن
(1)ڪومل، (2)سدا
ڌوپي ٿو ساگر
سان،
مگر
ڏائيءَ
کُڙيءَ
هيٺان، رهي
رِڻَ
جي تتل
واري.
جگر
جيرو ڀڳو
ٽوڙهو،
ٻُڪي
ڀرسان
لڪي
تيرٿ،
گنجِي
ٽڪري سندس
دُن
ٿي،
مُرو مڪلي
ٿي
موچاري.
سَنداءِ
وهندڙ سنڌو
ڌارا، وڃي
پيٽان
ٿي آنڊن
جيان،
پچائي
کيٽ، جا
اُن
جا
رکي
ٿي
سنڌ
سکياري،
ڪڻڪ
جَوَ
جا
بجا
داليون،
۽
تيلي ٻج به
ڪِٿ
ڪِٿ
ٿين،
سرو
ٿر
ٻاجهري
جوئر، وچولي
لاڙَ ۾ ساري.
ڪياماڙي
عجب واري،
منهوڙي تي
مزيداري،
ڪلفٽن
جي
بُرج ڀاري، ڏياري ياد
ڪوٺاري.
عنات
شاهه روحل
۽
سچل سامي،
بيڪس بيدل،
تصوف بي
تعصب
سان سڄي
جن
سنڌ سينگاري.
قديمي شان
ڀارت
جو، ڏسي موئن
دڙو
سنڌ جو،
ڦِريو
تاريخ جو
طبقو
کليا
اسرار اسراري.
مغل
طاقت سندو
پايو، وڏو
اڪبر
هتي ڄائو،
سڪندر شوق
مان
آيو،
لنگهيو سنڌو
ندي
ساري.
براج
سڪيم
جو ساٽو
ڪروڙن
۾
هڻي ويٺو،
ڏسون
بيوس
ٿئي
ڇا
ٿو
ٿئي
ٿي
هار
يا
ساري.
راڻو پرتاب
سنگ
هندي
گلزار
۾ ٿيو گل
عجب
پرتاب
سنگ
راڻو،
مڪٽ
(1)ميواڙ
جي
۾
هو امل
موتيءَ سندو
داڻو.
اُڌي
سنگ جي
ڪچائي
کان وڃائي
ها
وطن
ويٺا،
وري
واپس وٺڻ
لئه
سو وتيو
ٿي
وير
ويڳاڻو.
سنگار
اجاجي
پيڙهيءَ کي ڏٺو هن
جوان
جوکي
۾،
لڳس
جيري جگر
جند
۾
جلائوُ جان
جهوراڻو.
اُداسي دل
غيربي ويس
۾
هو
راڄ
جو
راجا،
سڪن
سُورن جي
سيجاتي سمهڻ
جي
لاءِ
ساماڻو.
چيو
چارڻ:
اٿم
پهرِي، مليل
پرتاب
کان
ڀڳڙِي،
نه
اڪبر جي
اڳيان
نوڙي
ڪندس
گهٽ شان
شاهاڻو.
پهڻ
سهندو پڻيون
ٿيندو،
غلاميءَ ۾ نه
گهاريندو،
ڏنو
جنهن
کي
ننڍيءَ هوُندي
امڙ
آزاد
اوراڻو.
چتوري چاڪ
چڻگان
ٿي، چِڪَن
چِتَ
۾
ڪري
چيهون،
فڪر
۾
جن ڦٽي ڦاڙي ڪيو پرتاب
پوراڻو.
کَسيل
جيسين وري
کٽندو
نه
هاري هنيانءَ
کي
هٽندو،
وساري ڪيڻ هُڏ
وهندو ڏکايل
ڏيهه ڏاڏاڻو.
سمهڻ
لئه سيج
ٿي
ڌرتي
پنن
۾
کائڻي
روٽي،
نه
وارن جي
سنوارت ئي
ڪرائڻ
ڪم
فقيراڻو.
شهر
بانڪا
بگاڙي وٿ،
اُڌيپور کي اُجاڙي
ويو،
جبل
تي جوان
چاهڙي پيو
چويهي ٿوڪ ٿيو ٿاڻو،
چتوري تانگهه
اڻ
تڻ
ٿي،
سندس سڪرات
جي سختي،
وٺي
پوين کان
پر
تسلي ڪيو بس
لال
لاڏاڻو.
اڳيان
جنهن آدرش
ڌاري
نه
”بيوس“ موت
سو ماريو،
هي
راجستان
جو
تارو سدائين
ساهه سيباڻو.
سهڪاري هلچل
خاص
رحمت ملڪ
خاطر آهه
سهڪاري
(1)متو،
مغربي ملڪن
مان
اُن
جو
ٿو
پوي پورو
پتو.
”پاڻ
تي ڀاڙڻ“ وڏو
خود
ياوريءَ وارو
اصول،
ڪيئن
ترقي
سو ڪندو، جو
پاڻ
تي
ڀاڙي
نٿو.
هَڏَ
هَنيا
هڪڙن
غريبن، هَڙَ
وِچئون ويا
ٻيا
کڻي،
جن
ڪيو
پورهيو پگهر
جو،
حَقَ پلئه
تن
کي
نه پيو.
خون
مسڪيني ٿي چوُسيو
سود
خورن ڄور جيان،
گهرج
جي گهوٻي
لڳي
۽
وياج
جو
وارو وريو.
ٻارِ،
ٻاهرئي
ٻَنيءَ
۾
قرض خواهن
ٿي
کنئي،
سال
سارو
ڪڙم
ڪڙميءَ
جو
کنڌن تي
ٿي
پليو.
چار
پيسا
تيل
کاتي،
چار
ڏوڪڙ تيل
تي،
ٿي
لڳي
کوٽي
کڻن
۾
ٿي
بڻيو
کوٽو
کنڌو.
هِڪُ
اڳئي وياج
وترو، آنو
رُپئي يا
مٿي،
ٻيو
ته
ويچارن وري
ٿي
وياج
وياجن
تي
ڀريو.
خرچ
ديوانيءَ جي
اسٽامين ۽
ٽڪلن جا
ڳرا،
جن
سڀن ڀاڳئن سندي
ٿي
ڀاڳ
جو
ڳاٽو
ڀڳو.
هن
مصيبت عام
ٽارڻ
لاءِ
ڪرڻو
پيو
علاج،
خوب
سهڪاري متي
جو
جا
بجا
تحرڪ
هليو.
پر
اڃا
تعليم
جيسين عام
ناهي عام
۾،
ڪنهن
به
هلچل مان
نه
”بيوس“ ڄاڻ
پورو
فائدو.
سادگي
بي
مرچ مصالح
مزيدار
سادگي،
سهڻي
لڳي ٿي بي
هار
سينگار سادگي،
گل
عشر تي نه
گرچ
ٿئي
دنيا
جي
باغ
۾،
ڏئي
مشڪ
وار
حيرتي
هٻڪار
سادگي.
تابش ڪري نه
جنهن
۾
تمنا
جو
ترورو،
سيتل
سدا
سنتوش
(1)جو
سنسار سادگي.
هلڪي
رهي جهانَ
۾
آپي جي
بار
کان،
پر
جو
به
خوشيءَ سان
کڻي
بار
سادگي.
خنڪي
رکي ٿي چهري
تي
نِرچنت(2)
هجڻ
جي،
دل
جي اڳيان جڏهن
آ
ديدار
سادگي.
ٽوڙي
زنجير سخت
ٿي
گهُرجن غلام
جا،
نقلي
خوشي ڪري ٿي نگهوسار
سادگي.
چَشڪو ڪري نه
زير
چڱائي جي
زور
کي،
چوکي
ڄمار لاءِ
ذميوار
سادگي.
خوبي
کٽي
نه تيسين
خرابيءَ کان
گوءِ
ٿي،
جيسين هلائي
خاص
نه
هٿيار
سادگي.
جنهن
چوٽ تي
اُچاٽ
وڏائي
کي
واٽ
ناهه،
تنهن
چوٽ تي
چڙهي
رسي تتڪال(1)
سادگي.
تنهن
ڏات پاڪ
ذات
جو
ملهه ماپ
کان مٿي،
نوڙت
نياز
سان جا
ٽمٽار سادگي.
بي
غيرتو ڪري نه
غريبي سبب
غريبي،
بي
زور مٽائي
ٿي
ڪري
زردار
سادگي.
ڳوليو
لڀي
نه منش
ٿو
خواهش جي
کوڙ
۾،
بي
دل اندر
اُٿي نٿو
ويچار
سادگي.
ترڪڻ
دنيا
تان
ترڪندو
غفلت جي
غار
۾،
ڪرندو
نه
ڪنهن
ڏٺو ڪٿي
هسوار
سادگي.
اگلي
جي دل
مٿان
جو
چٽو نقش
ٿو
چٽي،
بي
اختيار
آهه
سو اوزار سادگي.
ٻرندو
رهي
اندر ڀلي آڙاهه
آگ جو،
ليڪن
ڪري
نه عشق
نه
عشق جو
اظهار.
سادگي
پردي
جو راز
ٺاٺ ته
شاد
سلي
سگهي،
”بيوس
“سلي
مگر
سگهي اسرار سادگي.
مانکا
ديهي
(1)پَرائي
ڪيئن ڇڏيان
مان رام
نام
جن
چکي هيءَ
سچ
جي سُرڪي،
سر
ته سورهيه
ڏيندا
مُرڪي،
ڪانئر
ٿي
نه ڇڏيندا
ڪُرڪي،
سي
پنهنجو سُندر
شام.
مون کي هر
هر
ڇو ٿا
ستايو،
باهه ۾ ڀائي بيشڪ
جلايو،
يا
کڻي سرُ
ڦاهي
چاڙهيو،
يا
ڪريو ڀل قتلام،
ڪال
جي ڏرَ ۾ آءٌ
نه
آهيان،
اکنڊ(2)
پُريءَ جو
راڄ
ٿو چاهيان،
اُت
رسِي شل
پياس
مان لاهيان،
جتي
سدا
آرام.
مات
گرڀ
کان اڳ
مون لاتو،
نرائڻ
سان
نينهن
جو ناتو،
”بيوس“
جو
تو بِرد
(3)سڃاتو،
جئه
سدا
تنهنجي شام.
ڪئي
رام
مون تي
مهرباني،
مُنجي سُورن
جي
مهماني.
پتا
پنهنجي
پيارن جو
تون
پلپل ۾ لهين
پرکُون.
سدا
سوامي
تون سنتن
کي
مُنجين ٿو سُورَ
سوغاتون.
ڏسي
ڏک
جي
هٽيا
پُٺ
تي پري
پرڀُو ٿيا
توکئون.
مٺائي هيءَ
مصيبت جي
لڪائي کائجي لوڪئون.
ڪجي
ظاهر ڪين زباني
-
ڪئي
رام.
پکي
لَههُ ڪين لالچ
تي، جو
داڻن ۾ دغا
هاري،
۽
چوڳي
۾
اَٿئي رڳو
بُري
سنسار
جي
ڄاري،
ڪروڙين
ڪوڙ
ڪيون
جنهن
۾
ڦسائڻ
لئه سوين
ماري،
ولر
کان جي
وئين
وڇڙي، ته
رُئندين زندگي
ساري،
زهر
ٿيندءِ
زندگاني - ڪئي رام.
ڪٿي
سير
جي سڏائيندا
ها،
دنيا
۾
مهاراجا،
وڳا
جن
لئه
ٿي
سئنا
۾،
نغارا
نوبتون باجا،
مهاراڻين سان
محلن ۾ ڪيا
ڪيئي
اجل
آجا،
ڪجن
سنسار
ڪوڙي تي
اجايا
ڀروسا
ڇاجا،
دنيا
”بيوس“
ڪوڙي ڪهاڻي - ڪئي رام.
جُوٺُ پسارو
جڳتر سارو،
ساٿي سکن
۾
دُک
۾
نيارو.
ڪي
ته
ٿيا
ناني،
ڪي
ٿيا
زباني،
ورلو
ڪو
جاني يا
سچارو.
ڄڀ
تي
مٺائي دل
۾
ڪڙائي،
منهن
۾
صفائي
اندر ۾
ڪارو.
سچ
جو زمانو
ٿيڙو
روانو،
ڍونگ
بهانو،
ٿيڙو سوڀارو.
ٿيا
مڙيوئي
سنٻند سڀوئي
،
ڪنهن جو
نه
ڪوئي
پريتم پيارو.
گاج
گوڙ
گرجنا
گجگوڙ گجِڻ
لائي آهه،
آسمان
تي
اَگهُور انڌڪار ڇائي آهه.
ڪڪرَ
چَڪرَ وڪڙ
ڏيو،
وَسَن هَسَن
وار
وار ،
چَمڪَ جهَمڪَ
ٽمڪَ
کنيو،
کِنوڻِ
خوب
آئي آهه.
بوُند بوُند
بَرس
بَرس، بادلن
بنائي آهه،
ساسَ ساسَ
ساڻ
هير،
ساهه کي سيبائي
آهه.
هاءِ
ٿيو
هي
حال، آءُ
ته
وطن سنڀاليان،
ڀارت
جو
ڀڳوان
وري
اڄ
جاڳيو.
ماڻهو تيار
وڃن
ٿا
ٿيندا،
گهر گهر
خرچا
ائٽ
ڪتيندا،
اُنتيءَ جو
امڪان، وري
اڄ جاڳيو.
سال
سال ۾ سٺ
ڪروڙيون،
ڇو
نه بچايون
پائي جوڙيون،
ڏيک
ڪڍيون
قرباني وري
اڄ
جاڳيو
ماڻهو گُتن
کان
دور ڀڄن ٿا،
گُتن
وارا
ڪرم
پٽن
ٿا،
ناس
ٿيو شيطان
وري اڄ
جاڳيو
نوڪر
شاهيءَ ظلم
مچايو، سوراجين
کي
سخت ستايو،
جيل
وڃن
ٿا جوان
وري اڄ
جاڳيو.
جيل
ڦِري
ٿيا
راحت
خانا،
کلندا
وڃن
ٿا
شير
شهانا،
سپاتر سنسان
..........
وري.
حُب
الوطن جي
جوش
جلايا،
هندو
مسلم گڏجي
آيا،
هڪ
ٿيو
هندستان، وري
........
روح
بدن
جي
آهه لڙائي،
زور زبرسان
چوٽ لڳائي،
ماٺ
سندا
ٻلوان.
مَڻَ
مصيبت سر
تي
چايو، آڱر
هڪڙي
ڪين
اُٺايو،
گانڌي جو
فرمان.
ديالوُ اسان تي
ديا
ڪر ديا،
اچي بارَ
ڀارت
تي پيا
اڻ
ميا،
ٿڪي
آهه گردن اسان
جي
جهُڪي، خواري
خرابي گهڻي
ٿي
چُڪي،
نه
ڪن
ٿا
ستائڻ
۾
هرگز حيا.
هنر
موڪلائي ويا
ملڪ
مان
گهرايو
ٿا
هر
چيز
پريس کان،
ويئي
ڏيهه
مان
سا
اڳوڻي
ڏيا(1).
غلامي هينئر
سخت
گهيري وئي،
مگر
تو اڃا
ڪين
ڪرپا
ڪئي،
سگهو
جاڳُ ڪر پنهنجي
مالڪ ميا.
جيڪي
سوراجي ته
سڏائين ٿا،
سِرُ
سوريءَ کان
نه
ڇڏائن
ٿا.
ڀلي
سورن
جو سامان اچي،
يا
ظلم
سندو
زندان
اچي.
پر
من تي
ڪين
ارمان
اچي،
دل
ڪشٽن
کان نه
ڪڍائن
ٿا.
سي
هَٿُ
ڪڙين سان
ڇو نه
لڏن،
جن
کي
لوهه زنجيرون
سون
لڳن.
سي
ته قيد
بلاکان
ڪين
ڪنبن،
جي
ڀَوَ
کي
جوان
ڀڄائن ٿا.
جن
جي پرت
وطن
سان
آهه
پڪي،
وڏي
شوق سان
پيهندا
شير
چَڪي.
ويندا
جوانن کان
خود
جيل
ڏڪي،
سي
ته
ڪُوپا
قيد
ڪنبائن
ٿا.
ڏاڍو
سُور سڪايل
آهه اندر،
ڦري
ظلم
پنجاب
جي
پيش نظر.
اڃا
سوَز
خلافت آهه
سڄرُ،
جيڪي
چڪندا
چاڪَ چڪائن
ٿا.
هاءِ
هندستان
تنهنجو
ڇا
قديمي شان
هو،
ڇا
عجب
اقبال
هو
۽
ڇا
طرح
طومان
هو.
اوج
۽
اقبال
تنهنجو
سرس هو
سنسار
۾،
سونَ
جون نديون
وهيُون ٿي ملڪ
ڪل
ڌنوان
هو.
اڻ ميا
انبار
آن جا
ٿي
لٿا
هر
سال
هت،
۽
ڏڪر
جو
ڏيهه
۾
نا
نانءُ نا
نيشان
هو.
گهرج
کان زياده
ٺهيو
ٿي
ديس ۾
ڪپڙو هتي،
ململيون ڊاڪا
سنديون ڇا
شان
عاليشان
هو.
ڪيئن
ڦري
محتاج
پر
وس ۽ سُڃو
ڀارت
ٿيو،
ڪيئن
ڦري
شمشان
ٿيو جو
اصل کان
گلستان هو.
جن
لکن کي ٿي ڍڪايو، اڄ
اُگهاڙا
سي
گهمن،
سي
مرن بک
مُلڪ
جن جو
اصل زر
افشان
هو.
گانڌي پيارو،
چرخي وارو،
اهنسا(1)
جو
اوتار
گانڌي اسان
جو
گل گجراتي
آهه گلي
جو
هار،
هر
جا
جنهن
جي آهه
جڳت
۾،
هاڪ
ڀري هٻڪار.
دل
۾
درد دُکين
جو
ڌاري،
ٿو
سورهيه سردار،
نيچ
نِماڻا
ساهه سيباڻا، آهه
اَڇوت(2)
آڌار.
لوڪَ
اُگهاڙا
ڏسي
بڻيو، خود
لعل
لنگوٽيدار،
عام
جو
اونو دل
۾
اوُنهون، عام
سندو اُپڪار(3).
چاهه رکي
ٿو
چرخي
چوري، ائٽ
ڪَتي
ڪاتار،
کاڌيءَ
سان
ڀرپور ٿو چاهي،
ڀارت
جو
ڀنڊار.
ڏُٻري
تن
۾
آهه سمايل،
سنساري اسرار،
دلي
دماغي طاقت
اهڙي، جنهن
جو
انت نه
پار.
آهه
اسان
لئه
خاص
وڏو
ڏڻ،
گانڌي جنم
جئڪار(4)،
اڄ ٿا
ملهايون ڀارت واسي،
ساروئي سنسار.
سابرمت جو
سنت
سدائين، پاڻ
تي ڀاڙڻ
هارُ،
آزادي مندر
جو
”بيوس“،
آهه اهو
آڌار.
|