سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :6

 

رباني

ڏيڻ سان ٿو ٿئي حاصل عجائب ڪار قرباني،

تياڳڻ (1)ئي سچو ڀوڳڻ(2) عجب اسرار قرباني.

 

اڪالي(3) ڪال(4) ۾ ڪرتا(5) ڏئي آنند(6) مان اُڇلون،

پرت رنگ مان رڱي رَنگَپُر سَٽي سنسار قرباني.

 

مزي جو سار اي سائين اَپاري انگ تنهنجي ۾،

ڏيڻ سان پاڻ پل پل ۾ ڪرين ڪرتار قرباني.

 

رجائي جانِ دُکَ تَوَ تي، پُڄائي پاڻ کي وٽ تي،

تڏَهن ٿي موم روشن ٿئي ڪري هر وار قرباني.

 

سڙي سرهاڻ سرکنڊ ڪيئن ڪمند ٿو پيڙجي کنڊ ڏئي،

گِسي تَلوار تجلا ڏئي عجب اظهار قرباني.

 

ڪڍي خورشيد خاڪيءَ مان ڪري باقي فنا کي ٿي،

مدبر مرڪندڙ جوڌا ڪري نروار قرباني.

 

ممت (8)سان آتما ماري هليا ڪانئر ڪئين هاري ،

سچي تن سوڀ پاتي جن ڪئي اختيار قرباني.

 

ڪچو ميوو زبردستي ڇنِڻ سان شاخ ٿو ڇيهي(1)،

پچائي خود ڪَارڻ جهڙو ڪري ٿي تيار قرباني.

 

منارا ملڪ جا اوچا، چڙهي چوٽين مٿان تن جي،

پُڪاري نونهالن کي ڪري گجڪار قرباني.

 

حياتي اڻ سَهڻ جهڙي لڳي خود غرض دنيا ۾،

هزارن ۽ لکن جو پر سهائي بارُ قرباني.

 

ڀُلائي ڀوُن (2)اندر آپو(3) هنئين ٻج خاڪ ۾ هستي،

سلو بڻجي ڏئي ”بيوس“ سندر ديدار قرباني.

 

شهسواري

 

نيڻ درشن لاءِ کوليو شهسواري ٿي اچي،

دل اندر درٻار لڳندي ذات بار يٿي اچي.

 

ڇوهه مان ڇُٽڪي هوا، ڪک پن اُڏامي پاسي ٿيو،

واءُ خود شهراهه تي پائڻ ٻُهاري ٿي اچي.

 

عطر ڇڻڪاريو پَٽن تي بادلن بوندون هڻي،

گُل ڇٽڻ لاءِ اڻ ميا کڻندي بهاري ٿي اچي.

 

ڏارَ جي ڏونَڪن سان وڻ ڇيڄوُن(1) هڻن ٿا هيج(2) مان،

پَنَ لُڏن تاڙيون وڃن پدمڻ(3) پياري ٿي اچي.

 

رعد جا وڄندي نقارا ڪئي پکين شرنا شروع،

کِنوڻ دل کولي نچي نوبت نياري ٿي اچي.

 

ٿيو حڪم سِج کي ته سونا ورق رستي تي چڙهن،

ڏس ته ڪرڻن جي ڪمين جي ڪيئن قطاري ٿي اچي.

 

معرفت روپي مُشعلوُن ٻرن هر شيءِ اندر،

چهچٽي چانڊاڻ سان چوڏس ڏياري ٿي اچي.

 

آسمان تي ڪيو ستارن ذوق مان زرين لباس،

هيءَ سلاميءَ لئه نظَر تڪڙي تياري ٿي اچي.

 

چنڊ جي صابڻ چڪيءَ سان چَٽ لڳي چمڪيو کليو،

صاف گنج ڌرتي مٿان ڄڻ کَير واري ٿي اچي.

 

ڪنهن جي تجمل لاءِ هي ”بيوس“ جشن جلسو لڳو

غيب جي پردي منجهان ڪهڙي ڪماري(1) ٿي اچي

 

 

هوت هردي (1)۾ وڇايم ٿيو عبث(2) ٻاهر لهڻ،

دل ڇڏي دلدار لئه پيو مفت ڳولا ۾ ڳهڻ.

 

ڳَل ڳچيءَ پيل هارَ جو پاڻيءَ اندر پاڇو ڏٺم،

سچ ڇڏي پاڇي پٺيان پيو مفت واهڙ ۾ وهڻ.

 

جوڳ جپ (4)تپ ساڌ نا فڪرات ۽ فاقه ڪشي ،

راهه اُلٽيءَ جي خطا جون ٿيون سزائون سو سهڻ.

 

دل اندر جي گپت(5) ڪوٺيون، هيون ڪري گروي ڏنم،

پنهنجي پريتم جي مندر ۾ ٿيو پراون جو رهڻ.

 

جنهن آنڌاري ڏيوري(6) ۾ مون وهاريو ڏيو (7)کي،

ان ڀڳل ڀونگي جو بهتر آهه ڍينگوئي ڊهڻ.

 

تون رُٺو آهين پرينءَ کان پر رُسڻ کان هُو پري ،

پاڻ ئي پڇ پاڻ کان ڪيئن ٿيندو، ٺاڪر سان ٺهڻ.

 

پرت سپرش (1)سان خودي مٽجي خُدائي اچي،

عشق ڪيميا ڪار آهي لوهه لئه پارس پهڻ.

 

اڄ تماشا گاهه قدرت ۾ اُگهاڙو ناچ آهه،

آهه هر ڪنهن چيز جو برقعن نقابن کان ٽهڻ.

 

برڪتي بوندون برهه جون پريم پچڪاريءَ منجهان،

لال رنگ جون لاڏلا ڪي خاص ”بيوس“ کي به هڻ.

 

استري

ذات وحدت ۾ اچي جو عشق ٿيو اظهار جو،

حُسن هرکائڻ  لئه پهريو پاڻ چولو نار جو.

 

پرش (1)پرڪرتي (2)ٺهي، ذاتي صفاتيءَ مان ويا،

ٿيو تماشو ترت جاري ديد ۽ ديدار جو.

 

ٿي نسيمي هير جاري محبتي مکڙيون ٽڙيون،

وصل جو وارو وريو ٿيو سلسلو سنسار جو.

 

پلٽجي پيو پرت جو پيپو(3) زياده هڪ طرف،
ٿيو خزانو من زنانو عشق جي اسرار جو.

 

سونهن جي سونهي مَڻئي ۾ مَرمَ جو موتي جڙيو،

ڪم نزاڪت دار ٿي ويو وصل جي وينجهار جو.

 

ٿيو مخالف جهد جاري زور جو ۽ زار جو،

معاملو مشڪل مچي ويو سوڀ جو ۽ هار جو.

 

هڪ نظر جي چوٽ ڪير يا ڪوٽ ڀڳتي(4) گيان (5)جا،

زور بم جرمن کان زياده حسن جي هٿيار جو.

 

بد نظر جي ابهه ڀڙڪي پيو ستيا ساگر ڇُلي،

هڪ لهَر سان لڙ لٿو ٿيو تاءُ بس بدڪار جو .

 

جيتجي پڻ ويو چتورِي ڪوٽ جو اڻ جيت هو،

پر ستيا جي ڪوٽ پدمڻ کي نه ٿيو ونگ وار جو.

 

ڇا مدائي کي مجال آهي، ڇَپُر اک جو کڻي،

تاب بجليءَ کان زياده، تيج جي تلوار جو.

 

استريءَ جي گُپت (1)جذبن ۾ گهڻو، اونهو اثر،

ٿي. صدف (2)دل مان ڪڍي موتي سدا ويچار جو

 

ڏيهه جا روشن ڏياٿي پاڻ مان پيدا ڪري،

ٿي انڌارو گم ڪري اگيان(3) جي انڌڪار جو.

 

 

پريم جل اوجل(4) مٿي نرمل(5) ڪنول(6) جي گل مثل،

دل ڀِنَل مان واس نِتُ حُب سندي هُٻڪار جو.

 

گرڀ ونتي (1)گرڀ ۾ ڌاري پتيءَ جي مورتي،

ڏس پتا سان ٿو ملي اڪثر مهانڊو ٻار جو.

 

قرِبِ سان قربان گههَ ۾ جان جندُ گهوريو گهمي،

جَسَ ڀريو ان جو  جيڻ ”بيوس“ سدا اُپڪار(2) جو.

 

زهد ۽ برهه

دل گهريو زاهد ٿيان پر مون کان مستوري (1)نه ٿي،

برههَ دڳُ الٽو بتايو هاج دستوري نه ٿي.

 

پٽ پوڻ سان خون شرفا شان شرعيت جو رکيو،

معرفت ڪوڙي نه ٿي منصور لئه سُوري نه ٿي.

 

دمبدم محتاج آهيان تير گهرجُن جا سهان،

عمر پوري ٿي اچي، خواهش مگر پوُري نه ٿي.

 

هُوءَ تمنا ڏيهه ۾ ۽ هُو ولائت ترڪ ۾،

دل ۽ دلبر جي وطن ۾ ڪيتري دوري نه ٿي.

 

چشم روشن مون گهريو، پر تو ڏنو چشمو تکو،

مون کان موُران هيءَ مٺا منظور معذوري نه ٿي.

 

حسن يوسف ويو مصر مان سامهون ساڄي کٻي،

پر پٺيان ملڪ حبش ۾ڪا شڪل پوري نه ٿي.

 

هن ئي هڪ عضوي ۾ هر دم، گڏ رهي ٿو نوش(1) نيش(2)،

سا مبارڪ جنهن زبان کان ڪار زنبوري (3)نه ٿي.

 

ٿيون بحرناموس ۾ پوريون شيون مَٿ تي ترن،

جي ترون نهريون وٺن، تن جلد مشهوري نه ٿي.

 

تار يَڪتا (4)جا رڳن ۾ روز و شب رُون رُون ڪري،

تنهنجي تل تاثير ۾ ڪا تار تنبوري نه ٿي.

 

هَٿَ ڪَفن مان ٻئي ڪڍي سکڻا سڪندر ٿي سَليو،

ڏِس هتان ڪوڏي کڻڻ جي ڪنهن کي منظوري نه ٿي.

 

آهه هر هڪ لفظ اندر قيمتي رت جو ڦڙو،

ڪير چوندو شعر ”بيوس“ شاخ انگوري نه ٿي.

 

يادگيري

ڪنهن طرح سان مون کي وسريل ياد جي وائي اچي،

سونُ، ٽامي مان ڪرڻ لِئه ڪار ڪيميائي اچي.

 

ڄاڻ ڄاتل تان چوي جي ڄاڻ اڻ ڄاتل سندي،

نور نيڻن ۾ نئين سرر، سُرت ساڄائي اچي.

 

اڻ ڏٺل کي جي نصيبن سان ڏٺل اندر ڏسان،

هوند هردي ۾ اٽل اڻ جيت راجائي اچي.

 

جي پسان پوشن پُٺيان هڪُ رُوءِ روشن يار جو،

دُور ڌاريَپ ڌريان(1)  ئيِ، پيش پنهنجائي اچي.

 

سارَ سَسُئيءَ کي پوي ڪنهن پَر جي پَر پاڻ ۾،

هُوند وندُر جي وڻن مان واهه واڌائي اچي.

 

پيرُ هڪ پلڪار وانگر جي رهي مرڪزي مٿي،

پير ٻئي سان پِڙُ ڦرڻ ۾ ڪين ارهائي اچي.

 

جي پسان خاڪي ۾ باقي ۽ فنا اندر بقا،

مُڪت.(1) کان سنسار بند ۾ سرس سرهائي اچي

 

جي نظر نقطن تان هٽجي، پئي وڃي ٽٻڪي مٿان،

غين غلطائي وڃي ۽ عين اوچائي اچي.

 

پر بدر جي پاڻ کي ”بيوس“ اکين جي اک پسي،

ختم ٿئي ڏسندڙ تتڪال(2) تنهائي اچي.


(1) تياڳڻ = ڇڏي ڏيڻ

(2)  ڀوڳڻ = گذارڻ، حياتي

(3)  اڪالي = هميشه جيئرو

(4) ڪال = موت

(5)  ڪرتا = ڪرڻ وارو

(6)  آنند = آرام، سک

(8)  ممت = چاهه، پيار

(1)   ڇيهي = چيري

(2) ڀون = زمين

(3) آپو = پاڻپڻو، هستي، خودي

(1)  ڇيڄون هڻڻ = نچڻ

(2)  هيج = خوشي

(3)  پدمڻِ = سهڻي خوبصورت

(1)  ڪماري = شهزادي

(1)  هردي = دل

(2) عبث = ڏکيو

(4) جوڳ جپ تپ ساڌنا = رياضتون تڪليفون ڪرڻ

(5)   گُپت=ڳجهيون

(6)  ڏيوري = ڪوٺي

(7) ڏيوَ = گرو، الله، مرشد

(1)   سپرش = سڌاري، ڏسو پلئٽس ڊڪشنري صفحو 635

(1)    پرش = ماڻهو

(2) پرڪرتي = ڌرتي، اصلي حالت، ابدي ڪائنات

(3) پيپو = پائيپ يا ڊرم

(4)  ڀڳتي = بندگي

(5)  گيان = علم

(1)  گپت = ڳجهن

(2) صدف = سپ

(3)  اگيان = جهل 

(4)  اوجل = صاف

(5)  نرمل = ڪنئرو

(6) ڪنول = ڪوڻي

(1) گرڀ ونتي = حمل واري عورت

(2) اپڪار = سهائتا، مدد

(1) مستوري = پاڪيزگي

(1)    نوش = پيئڻ، عيش

(2)  نيش = تڪليف، ٻيڙا

(3)  زنبوري= ڏنگ هڻڻ واري يا ڏينڀوءِ واري

(4)  يڪتا = اڪيلائي، وحدانيت

(1)  ڌُريان ئي = منڍ کان ئي

(1)  مڪت = ڇوٽڪارو

(2)  تتڪال = اُتي جو اُتي، فوراً، ڏسو پلئٽس ڊڪشنري صفحو 21

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org