گيت
ست
جُڳِي ساڌُو
اسان
جو سنت
چِيجوُ رام
هيو،
ساڌ
منڊل
جو مڻيو
۽
لاڙڪاڻي جو
ڏيو.
مرد
مريادا
ڀريو
پڻ
هوگُڻي جن
گيانوان،
ڀڳت
جن
جوڳي جَتيسِر
ڪو
نه
جهڙس ڪو
ٿيو.
امبرتِي ويلي
اُٿڻ
جو نيم
ڌاري
هو سدا،
پره
جا
پريمي پيالا، پاڻ
پي، پياري
ويو.
پاڙ
پاڻيءَ
۾
ڪنوَل
جيان، پر
پُسڻ
کان پن
پري،
جڳت
۾
رهندي به
ٿي
نرليپ هيءُ
ساڌُو رهيو.
چاههَ مان
هِنَ چاڪري
محتاج
پُرشن
جي
ڪئي،
نيچ
شيوا
جي
وسيلي اُوچُ
پَدِوِيءَ تي
پيو.
سَمَ
دُرسٽي ايڪ
رس هو
بي
ريا
۽
يڪ
نظر،
خاص
عام
۽ ٻار
ٻُڍڙو ڀيد
ڪنهن سان
ڪو
نه
ڪيو.
هڪ
بجي اڌ
رات
ويلي
ساڌ
ٻيلي ٿي
ڏٺو،
آتما
ان
جو
وماڻن
۾
چڙهي وئنڪٽ
ويو.
سلوڪ
جن
جي آڌار
تي ٺڳي ٿو پَو
منڊل
آڪاس،
اهڙا
ساڌو
ديس ۾ جُڳ
جڳ
ڪن
ٿا
واس،
پوئين ننڊ
ڦٽي
ڪري
ٿا
پهريو
پهرُ
سمهن،
آڌيءَ رات
اُٿي ڪري ٿا
نيڻ
اُجالا
ڪن،
مٽيءَ ۾ داڻا
پَئي
ٿا
نِسري
سَنگ
ڪڍن،
ڦَلَ
پَريُون ٽاريون سدا
نوِڙي
هيٺ
جُهڪن.
ٻَنِ
ٻيائيءَ
کي
وجهي، ٿيا
اندر
ٻاهر
ايڪ،
رِل
مِل هر
ڪنهن
سان
رهيا
ڇا
بد
پُرش ڇا
نيڪ،
سائين سڪايل
ساسَ سان
اُڏي هليو
آڪاس،
گگُنِ چوٽ
گُڏو
چڙهيو، ٿي پُورن
مَنَ
جي آسَ،
بيوس
صاحب
جيڪو
ٻيو
مرثيو،
(ديهانتي گيت)
مسٽر
عطر سنگ
کي
رچي
ڏنو
هو، تنهن
لاءِ
مسٽر
عطر سنگ
لکي
ٿو
ته:
”اُهو
راڳ
منهنجي
ستگروءَ سائين
وشنداس
قبر
وارن جي
پرلوڪ پڌارڻ
تي ٺاهيو هئائين“.
اڳتي
هلي لکي
ٿو
ته
:
اهو
گيت تيستائين
پڙهندڙن کي سمجهه
۾
نه
ايندو، جيستائين
آئون اڳ
۾
ان
جي
وضاحت
نه
ڪريان.“
لکي ٿو:
”سائين
وشنداس
جن
جو جنم
لاڙڪاڻي ضلعي
جي
قنبر شهر
۾
اٽڪل
1889ع ۾
ٿيو. سندن
پتا،
ديوان
ڪرمچند سئناڻي
هو. جڏهن
سندن
جنم
ٿيو، تڏهن
سندن
نبض
ڪونه پي
هلي.
جيوت سنگ
کي
اها
خبر
ٻڌايائين،
سائين
جن
ان وقت
ست
سنگ لڳايو
ويٺا
هئا.
اُتي
سکر مياڻيءَ
وارا
فقير
سائين بچل
شاهه جن
به
براجمان
هئا.
اُهي
پاڻ
به
زبردست مست
فقير
هئا.
سائين
جن جي
به
محبت هين.
شاهه صاحب
جن به
سائين
جن
سان ادب
سان
پيش
ايندا
هئا.
سائين
جن اُن
خبر
ٻُڌائيندڙ کي چيو
ته
ائين وري
ڪيئن
ٿيندو؟
هن
دربار
صاحب جي
گَديءَ جو
مالڪ، اسان کانپوءِ اهو
ٻالڪ
ئي
ٿيڻو آهي.
ڏسوس
سندس
ڪن
ٽوپيل
آهن يا
نه.
هي
اڳئين جنم
۾
جوڳي
هو. هن
کان
ڪا
غلطي
ٿي
وئي
آهي، جا
هُو
هِن
جنم ۾ سڌاري
مُڪت ٿي ويندو
۽
جُوڻ
چڪر ۾ نه
ايندو.
ائين چئي
سيد
بچل شاهه
کي
چيائين ته
وَڃُ، وڃي
ٻار کي ڪن ۾ چَو،
ته
اُٿ ۽ ڇَلُ ڇَڏ. سائين
بچل شاهه
ٻار وٽ
ويو
۽
کيس
سائين
جن
جو
نياپو ڪن ۾ چيائين،
مگر ٻار
نه
اُٿيو. اها
خبر
ٻُڌي
سائين
جن
چيو
ته ايڏو
اهنڪار
اٿس
جو توهان
تي، سندس
اک نٿي
ٻُڏي.
ائين
چئي اُٿيا
۽ چيائون
ته هن
کي
اسان
جي
درشن جو
درڪار
آهي.
بچل شاهه
سان
گڏ
ٻار جي
سامهون آيا
۽
پير سان
سندس پير
کي
لت
هڻي حڪم
ڪيو
ته اُٿ
اسان
جو درشن
ڪر!
ائين
چوڻ سان
ٻار ۾ ساهه
پئجي ويو
۽
يڪدم
اُوئان
اُوئان
ڪرڻ لڳو،
تنهن
تي سائين
بچل شاهه
کي
ايڏي مستي
وٺي
ويئي، جو
هَن
سائين
جن
۽ ٻالڪ کي ٽي دفعا
پر
ڪرما
ڏني
۽
چپٽيون وڄائي
پيو چوي
ته:
هت
به بچل
هُت
به بچل،
مان
به
بچل هي
به
بچل. ائين
چئي شاهه
صاحب
ٻار
تي
پنهنجو نالو
بچل رکيو
۽
سندس
ڇٺيءَ
جو نالو
وشن نڪتو
اسڪولي
تعليم تائين
سندس نالو
بچل رام
قائم هو.
جڏهن
گاديءَ تي
ويٺو، تڏهن
ڇٺيءَ
وارو نالو
وشنداس
سڏايائون.
هي صاحب
سائين جيوت
سنگ
جي وڏي
ڀاءُ
شام
سنگ جا
پوٽا
هئا.
سائين جيوت
سنگ
جن والي
ولايتراءِ
جا
پيارا
شيش
هئا.
والي
صاحب
جن
به گادي
پنهنجي اولاد کي نه
ڏني،
پر
جيوت سنگ
کي
وهاريائون. اهڙيءَ
طرح
سائين جيوت
سنگ
جن به
وري
اولاد
کي ريٽي،
پنهنجي مريد،
سائين وشنداس
کي
گاديءَ تي
وهاريو هو.“
اهڙيءَ
طرح
بيوس
صاحب، سائين
وشنداس
جي
مرتئي تي
وري
هيٺيون ديهانتي
گيت رچيو
هو.
جو گيت
تاريخ 2
آڪٽوبر
1942ع
تي
چيو هئائين.
دربار
جي
دلدار، وشنداس
گذاريو پرلوڪ
پڌاريو،
قنبر
۾
ٿيو
ڪُوڪاٽ،
سڄيءَ سنڌ
پُڪاريو بچلرام
سَڌاريو.
هر
دل ۾ اَتِي
شوڪ ۽ ارمان اچي
ويو، ماتام مچي
ويو،
سائينءَ کي سڏي،
لوڪ
رُنو ۽ ٿي رُئاريو،
ٻُڍي
ٻاريو
پُڪاريو.
جيوت
جي الڳ
جوت مها
جوت
۾
آئي
ستگر ۾ سمائي،
باقي جو
رهيل
ڪاڄُ
هو سائينءَ
سو سنواريو
وئنڪٽ تي
پڌاريو.
ننڍڙي جسم
تي
نه جڏهن
ساسُ بدن
۾
يا
ماسُ
هڏن ۾،
ڏئي
حڪم
جيوت سنگ
تڏهن، ترت
جياريو ۽ ڪال
کي ٽاريو.
اُت
بات
پنر
جنم جي
ستگر
ٿي
بتائي، يوگي
هو
عطائي،
غلطيءَ کان
اٿس
يوگ جو
ڪو
انگ
وساريو، جنهن
روپ
هي ڌاريو.
مشهور بچل
شاهه، جو
صوفي
هو سچارو،
تنهن کي هو
پيارو،
جنهن
پنهنجي ئي
نالي سان
بچل کيس پُڪاريو
گد گد
ٿي
نهاريو.
جوڳي
هو جتَي
پُرش
بچلرام
ڀلارو، نرلوڀ
نيارو،
جنهن
لوڪ ڀلي لاءِ
هو جند
جان
کي واريو
دک درد
نه
ساريو
پاڻيءَ ۾
ڪنول گل
جيان
نيارو
هو جڳٺ
۾،
نِتُ
هَر
جي
ڀڳت
۾،
دنيا
۾ رَهي
دل
سان
دنيا
کي وساريو،
اندر کي اُجاريو.
هي
سوُر سڪايل
آهي دل
سوز
سدائي ستگر
کان
جُدائي،
جنهن
پريم جي
پرتاب
سان ٿي دل
کي
ڌُتاريو،
امرت ٿي پياريو.
ڀڄن
(بيت)
هُو
هليا
هنگلاج
ڏي، سامي
سفر پورو
ڪري
ٿو
قنمبر
ڪيهُون ڪري اڄ
ڳاٽ
ڳوڙهن سان
ڀري
جوت
جيوت جي
سمائي، جوت
جيوت
سنگ ۾
وِير
وشنداس
ٿو والي
ولايت ڏانهن وري
ستگرن سُرتِي
ڏِسِي،
سائين بچل
نالو رکيو
پنهنجي نالي
کي
ڏسي،
سائين بچل
بيحد
ٺري(1)
بيوس نثر
نويس جي
حيثيت
۾:
بيوس
نه رڳو
شاعر هو:
پر
نثر نويس
پڻ.
شعر کانسواءِ
نثر
۾
به هن
پاڻ
چڱو
موکيو آهي.
خاص
طور
ناٽڪ گهڻا
لکيا
اٿس،
سندس
لکيل ناٽڪ
هي آهن:
سورداس، خوبصورت
بلا،
پرت
پوڄارڻ، هرشچندر،
پر
هلا
دليلا
وغيره. انڊلٺ
ڪتاب جي
ستن
ڊرامن
مان
ٻه ڊراما،
”دروُپدي ۽ آنرري
مئجسٽريٽ“ به
بيوس
جا
رچيل
آهن:
پر
سندس
ڊراما
گهڻي
قدر
هنديءَ ۽ اردو
ڊرامن
تان
ترجمو
ٿيل
آهن. عطر
سنگ
پنهنجي بياض
۾
لکي ٿو:
”سال
1912ع
۾
لاڪاڙڻي جي
ڪاليجي
جوانن سکر
۾
هڪ
ناٽڪ
”خوبصورت بلا“
کي
اسٽيج تي
آڻڻ
جو ارادو
ڪيو
هو، جنهن
کي
بيوس
اهڙي ته
سهڻي
۽
وڻندڙ سنڌيءَ
ٻوليءَ
۾
ترجمو ڪيو هو،
جو
جڏهن اهو
ناٽڪ سکر
۾
ڪاليجي
نوجوانن
ڪيو، تڏهن
نه
رڳو سکر
واسين سنڌيءَ
ٻولي
جي
تعريف ڪئي:
پر
شري
ويرو مل
بيگراج، جو
تنهن
وقت سکر
جي
هڪ سنڌي
اخبار
جو
سمپادڪ هو،
تنهن
به اخبار ۾ نهايت
تعريف لکي
هئي
ته:
سنڌي
زبان
ڄڻڪ اردو
زبان
جي
بُک پئي
لاٿي.“
لاڙڪاڻي ۾
1908ع
۾
”چانڊڪا
اميچوئرس
ڊرئميٽڪ
سوسائٽي“ برپا
ٿي،
تنهنجو سرڪردو
۽
مکيه
ڪارڪن
مسٽر
ڪشنچند بيوس
هو،
هن جي
سرجوشي ۽ محنت
سان
ڪيترائي کيل اسٽيج
تي اچي
سگهيا،
جهڙوڪ:
موهن
تارڪا،
هرشچندر،
شڪنتلا،
چند
راولي وغيره
پوئين وقت
۾
ان جڳهه
تي،
جتي هاڻي
نگار
سئنيما
آهي،
اسٽيج
تيار
ڪرائي، پنهنجو
ٺهيل
ڊرامو
”سَسُئي
پنهون“ منظر
عام
تي
آندائين جو
نهايت ڪامياب
ويو.
اهڙيءَ طرح
ڊراما
نويسيءَ
جي
صنف کي هن
ئي
لاڙڪاڻي ۾ اوج
تي آندو.(1)
بيوس
جو نثر
جيتوڻيڪ ڪافي انداز ۾
ڪونهي پر
سندس
سنڌي نهايت
سلوڻي ۽ سُپڪ
آهي.
نثر ۾ تجنيس
حرفي
به گهڻي
ڪم
آندي
اٿس ڪٿي ڪٿي ته
ڄڻ
نثر
مقفيٰ پيو
لڳي!
مثال
لاءِ
ٽڪرا
هيٺ
ڏجن
ٿا:
)1
(”توکان پريت
جي
ريت سکڻي
اٿم،
موهن منهنجي
من
کي
مست
ڪري، منهنجي
سُڌ
سار
نٿو
لهي.“
(2
(
”اُمان
گمان ڇڏي، حليميءَ
جو هار
پاءِ
ته.
ساجن تو
سان
جُڙيو
رهي“.
(3
(”پر هو
ته
ڏس،
رنگ ۾ ريڌو
پيو
آهي، اسان
جي
پريم پريت
جو
هن وٽ
قدر
ئي
ڪهڙو؟“
(4(ميڻ
جي تلوار
سان
پُتلي
کي
ڪُهي
ڪونه
سگهبو تنهنجي
بڪواس
سان منهنجو
شان
ڪو نه
گهٽبو.“
ريجهو مل
لاهوريءَ (لاڙڪاڻي) جي
مرتئي تي
هڪ
مضمون لکيو
اٿس،
جنهن مان
سندس قلم
جي
قوت پيئي
بکي!
لاڙڪاڻي شهر
(1929ع)
۾
اچانڪ ڪالراجي ڀيانڪ بيماري
ڪاهي
پيئي. فرض
جي
ڪرڙي
ڪاٺي
ڀوڳ
لاءِ
بکيو
وات
ڦاڙي آئي.
گهرن
پٺيان
گهر،
محلن پُٺيان
محلا،
پاڙن
پُٺيان
پاڙا، گهٽين
پٺيان
گهٽيون
خالي ٿيڻ لڳيون.
ڪيترا
شهر
جا
اَبا، اَوکي
ڏسي،
فرض
ڀُلائي ڀڄي ويا،
پر هي
ته
ڏس،
ڪڏهن
اسپتال
۾ بيٺو
بندوبست ڪري ته
ڪڏهن
مريضن کڻائڻ ۾ مَحو،
ته
ڪڏهن باقي
رهيلَ شهرين
جي
سنڀال
۽ پرگهور
۾
پورو، ڪي سَچيرا
ساٿي
ساڻ
هيس،
جن سان
مِلي، ٿي پاڻ
پتوڙيائين، ڪراچيءَ مان
تارون
ڊوڙنِ
ٿيون. کيس دوستن
عزيزن جا
سڏن
پٺيان
سَڏ
پون ٿا،
پر
ريجهل نه
رهيو، ڀر ئي
ڀاڳئي
لکاپتي گهر
۾
هڪ
ئي لاڏلو
لعل هو،
هِڪُ
ڪُلَ
دِيپِڪُ، گهر
اُجالو سڪيلڌو
پُٽ،
ماتا،
پتا،
پتني
۽
ٻالڪن
جي
ڪليجن سان
ڪيڏو
ڪُلور
ٿي
گذريو!
ڪيرُ
ڪَٿ
ڪري؟“
(1)
بيوس
جي شاعري
بيوس
جي وقت
۾
يا
ان
کان اڳ،
جيڪي به
جُڳَ
مشهور شاعر
هئا
يا
اڳي
ٿي
گذريا،
تن،
سواءِ
خليفي گل
محمد جي،
هُوبهو ايراني
شاعريءَ جو
تتبع
ڪيو.
مضمون کانسواءِ، ترڪيبون
۽
الفاظ، توڙي
تشبيهُون به
فارسي شاعريءَ
جون آڻڻ
لڳا.
انهن
مان
قاسم،
فاضل، حامد
وغيره قابل
ذڪر آهن.
سندن
ڪلام ۾ عشقيه
مضمون ۽ ناصحانه
نُڪتا
هئا،
مگر
سندن شعر
جو
تاڃي
پيٽو،
ٻَئي ايراني
هئا.
سندن
شعر ۾ تشبيهون
۽
محاورا
ديسي
نه هئا،
پر ڌُاريا
ايراني هئا.
توڙي جو
ڪن
شاعرن، جهڙوڪ
حامد
۽
سانگي وغيره
سسئي
۽
مارئيءَ کي ڳائيندي، کائُرُ ۽ پائُرُ
به آلاپيو،
مگر اڃا
به
ديسي
نظارن جي
سونهن نڪري
نروار
ڪو نه
ٿي
۽
شعرمان
سنڌيت
جي سُڳنڌ
بدران، ايرانيت
واري ڌاريائپ جي
ڄَر
پئي
ساڙيو، هن
شاعريءَ ۾ جيڪو
مواد
موجود
هو، سو
سمورو ڌاريو ۽ ايران کان
اُڌارو آندل
هو.
ايراني اصطلاح
جهڙوڪ: گل
و
بلبل، ساقي
پَيماني ۽ محبوب
جي خدوخال
جي تعريف
تارَ، سڄو
وقت
پَئي وڄايائون.
ان ۾ ڪو شڪ
نه
آهي ته
قديم
سنڌي شاعريءَ
کانپوءِ
عربي ايراني
۽
ترڪستاني شاعريءَ
جي نقش
و
نگار
سان سينگاريل
تعميري جُزن،
سنڌي
شاعري جي
پيل
يادن مٿان
عجيب محلات ۽ مُنارا، گلستان
۽
گنبذ (شاعريءَ جا)
اڏڻ ۾ مدد
ڪئي،
۽
سنڌي
شاعريءَ کي نئون
شوق
۽
ذوق بخشيو،
نئين
لذت پيدا
ڪئي
۽
نئون رنگ
رچايو:
پر
ڳالهه هيءَ
هُئي
ته عام
سنڌي شاعر،
انهن شيرازي
گلستانن ۽ عربي
خيابانن ۾ ايڏو
ته محَوَ
۽
مست ٿي ويا،
جو سنڌوءَ
جي
ڪچن
ڪپن
واريءَ معصوم
۽
ساده ترين
ساوڪ ۽ سبزيءَ
جي
نظارن کي ذري
گهٽ
وساري ويٺا
هئا.
ڪو به
اهڙو
سنڌي شاعر،
ڪو
نه ٿي جاڳيو،
جو پُراڻي
۽
پاروٿي ايراني
تت کان
پاسو
ڪري،
عشق و
محبت ۽ حسن
و جمال
وارن داستانن
جي واديءَ
۾
غرق ٿيل قوم
کي
ڇڪي
ٻاهر
ڪڍي.
منجهن قومي
جوش
و خروش،
وطن
لاءِ
حب ۽ پيار
پيدا
ڪري،
غلاميءَ جي
ڳٽ
کان
ڳچي
ڪڍائي،
آزاديءَ جا
نغما
آلاپي،
اهو
بيوس ئي
هو،
جنهن جو
خيال
بيدار
ٿيو.
شروعات
۾ ته
بيوس
به ايراني
اثر کان
آجو
نه هو.
هن
جيتوڻيڪ ڪٿي عروض
کي
مد
نظر رکيو،
مگر
مواد
۽ مزاج
۾
انوکي تبديلي
آڻي،
پنهنجي انفراديت
قائم
ڪئي. بيوس
سنڌ
جو پهريون
شاعر آهي،
جنهن
گل و
بلبل
جي بي
روح
ايراني
اُڌاري شاعريءَ
کي
”ٿو
کَٽا“ چئي،
سنڌ
جي عام
اکين ڏٺن نظارن
کي
پنهنجي موضوعن
لاءِ
منتخب
ڪيو. آنجهاني
ڊاڪٽر
گربخشاڻي شيرين
شعر
جي مهاڳ
۾
لکيو آهي:
”قدرت
جا
روا
جي
نظارا، جي
روا
جي
طرح
هوند
گهڻن
کي
خيال
۾ به
ڪيس
اچن“
سي پر
وڙي،
انهن جي
چيدن
لفظن ۾ چٽو
نقشو
چٽيو اٿس“(1)
علامه ڊاڪٽر دائود
پوٽو صاحب
به بيوس
جي
شاعري انقلاب جي
ساک
هن
طرح
ڀري
ٿو:
”نهايت
نهٺو ۽ سنجمي
شخص
آهي،
سندس
خيال
اوچا
۽ شعر
جي
طاقت قوي
۽
فطري
آهي. نون
نون
موضوعن تي
نظم
لکي، شعر
جي
تاريخ ۾ انقلاب آڻي
رهيو
آهي.“(1)
مسٽر
ڪشنچند
گلاب
سنگ
گدواڻي، جو
ڪنهن
وقت
لاڙڪاڻي ضلعي
جو
ڊپٽي
ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر
هو، لکي
ٿو:
”سادو
۽
نهٺو جيءُ
آهي.
سنڌي ءَ
هندي
شعر جي
ڏات
اٿس. جا
وَڌي،
هينئر اعليٰ
منزل تي
پهتي
آهي.“
بقول
مرحوم علامه
دائود پوٽي
جي،
واقعي
ڪشنچند بيوس
سنڌ
جو هڪ
عوامي ۽ انقلابي
شاعر تسليم
ڪجي
ٿو
ڇو
ته هن
ئي
سنڌي شاعريءَ
کي
نوان
اسلوب
۽
موضوع
ڏيئي،
”جديد سنڌي
شاعري“ جو
بنياد
رکيو.
جهڙي طرح
انگريزي
شاعريءَ ۾ وِليم
۽
وَرڊس ورٿ
۽
سيموئيل ڪالرج جو
درجو
آهي، تهڙيءَ
طرح
سنڌي
شاعريءَ ۾ بيوس
جو
درجو آهي.
بيوس
مذڪوره بالا
انگريزي
شاعرن وانگر
سنڌي شاعريءَ
کي
نئون ۽ نرالو
موڙُ
ڏنو، جو
فطرت
جي ترجمانيءَ
تي مبني
آهي.
هن اسان کي مشاهدي
ماڻڻ جي
تلقين
ڪئي. آسمان،
برسات، بهار،
سهائي رات
۽
ندي وغيره
تي
مٺڙا
۽
سليس
شعر رچيا،
جي اسان کي نرالي
نظر سان
نهارڻ سيکارين
ٿا
هِن
اُن
عروضي شاعريءَ
کي
اُڌاري وٺڻ
کان
منع
ڪري،
”پنهنجي سهنجي“
جو
سبق سيکاريو،
کيس
ڌاريائپ کان
ڌار
ڪري، پنهنجائپ
جي پُونجي
رکڻ
جي تلقين
ڪئي،
اڳين
روايتي
ٽوڙي، تقليدي
روَش
کان پاسو
ڪري،
سنڌي شاعريءَ
کي
هڪ نئين
جَهلڪَ ڏني ۽ آزاد
۽
عين فطرت
مطابق حياتي
بخشي. هن
جي
ئي نون
نغمن
کان جديد،
فطري
۽
قومي شاعريءَ
جو دور
شروع
ٿيو.
اهو بيوس
ئي
هو جنهن
پنهنجي ديس
جي
پاهه کي به
پيارو
ڪيو، گاههُ
به گلزاري
ڀانيائين. ملاحظو
فرمايو:
خاص
کٿوري
ڀانئيان وطن
جي
واري،
مٽي
مٺڙي ملڪ
جي
مُشڪان موچاري،
پنهنجي دلبر
ديس
جي پَڻي
پڻ
پياري،
گاههُ به
گُلزاري، بُٺ
باغيچو ڀانئيان.
هو
غريبن جو
هڏ
ڏوکي
هو ۽ هارين
جو همدرد
هو.
هن انهن
مسڪينن سان
وابسته ننڍين
۽
رواجي شين
۽
معمولي نظارن
کي
موضوع بڻائي،
ساڻن همدرديءَ
جو
اظهار
ڪيو آهي،
عام
طرح
انهن
غريبن جو
اَجهو
آهي ڪکائين جُهوپڙي،
جا
گهڻي
مينهن ۽ واءُ
تي جُهريو
پوي.
بيوس کي ان
جهوپڙيءَ جي
جُهرڻ جو
وڏو
ارمان
آهي.
سندس ادائگي
ته ڏسو!
”الا، جُهري
م
شال
غريبن
جي جهوپڙي
ڇانگي
ڇِنو
اڏيائون لامن
ڪکن
منجهان
ڪاڍو
ڪڍيائون
ڪڙٻ
جي ڪانن لکن
منجهان
پورهيو پَٽيائون
پاڻ
۾ سرتن
سکن
منجهان
مفتي
مدد تي
آيا
مچي
مڙس
ٿي
مڙس
اَلا،
جُهري
مَ شال
غريبن جي
جهوپڙي
هو
انقلابي شاعر
هو. قومي
انقلاب
اچڻ
جو مدامي
منتظر هو
۽
ان جي
اچڻ
جو يقين
هوس.
هي پنهنجي
نغمن
ذريعي انقلابن
کي
اوڀاري ٿو. قوم
جي
نوجوان
فردن
جي همت
وڌائيندي، کين مصيبت
۾
ثابت قدم
رهڻ
۽
منزل مقصود
تي پهچڻ
جي
تلقين ڪري ٿو:
ناشدني نه
آهي،
جي هينئڙو
نه
هارجي
همت
سندي هٿوڙ
سان
ڏونگر ٿو ڏارجي
جي
مارجي ته
مڙس
ٿي
ميدان
مارجي
اڳتي
قدم هليو
هلي،
پُٺتي نه
وارجي
ان طرح
ساڻ
ديوَ
دلاور هليا
هلو
ثابت قدم
سچار
سراسر
هليا
هلو
منزل
جي ماڳ
تي، اي
مسافر هليا
هلو“
بيوس
”حب الوطن
مِنَ الايمان“ جو
پورو
پورو قائل
هو. وطن
جي
حُب سندس
رڳ
رڳ ۾ پيٺل
هئي:
انڪري وطن
جي
خدمت کي اعليٰ
عبادت تصورّ
ڪري
ٿو:
”وطن
حب ديش
جي
ڀڳتي،
اُتم اعليٰ
عجب شڪتي.
پّناري جن
سندس
ورتي، کٽي دنيا
جي
تن
نعمت.“
هن
کي
وطن سان
ايڏو ته
پيار
آهي،
جو وطن
جي
هر شيءَ
کيس
وڻي
ٿي:
”ساريان سي
ساڙيهه جا
سلا
سونهن
ڀريا
جن
۾
ڇيلن
ڇانگ
ٿي،
چيها
چِلُ
چَريا
وِيُن ولڙين
وچ
۾،
ٿي
ولر وڳ
وريا
ڌرتيءَ
اُت
ڌريا، ڇُڳن ڇاڻي
ٻُور
ٿي.“
هُو
انهن مائُن
کي
مبارڪ ٿو
ڏئي، جي
پنهنجي
ٻارڙن کي
ٻَنڌڻن ۾ ئي
وطن
تان
قربان ٿيڻ جي
لولي
ڏين
ٿيون:
”اُهي
مائرُ
ڀَلي مَرڪن،
جي
ٻاروتن
۾
لولي
ڏين،
ته
صدقي ديس
تان
تن
من ڪرڻ جهڙي
نه
بي خدمت،
جِگر
پنهنجا
ڪڍي
ڏينديون،
مِٺو
اولاد
موکينديون،
اِها
ئي
باس
باسينديون ته
رهجي
مُلڪ جي
عظمت.“
بيوس
جي سنڌ
سان
اٿاهه
اُلفت آهي:
”اُلهندي
هندُ جو
ڇيڙو،
اسان
جي سنڌ
سونهاري
اڳوڻي
وقت ۾ هن
کان
هب چوَڻي
هئي
ته چوڌاري“
سنڌ
جي عظيم
شاعر، ڀٽائي گهوٽ
رحمته الله
عليه
جي عظمت
جو
هن طرح
اعتراف
ٿو
ڪري:
شعر
آهي شاهه
جو خود
زندگي اسرار آهه
شاعري پوشاڪ
مان
پيغمبر
محمد اظهار آهه
آهه
هر
ڪنهن بيت
اندر
پلٽ پلٽان
پرت جي
هر
لطيفي لات
۾
سا
لَنوءُ سندي
للڪار
آهه
بيوس
جي دل
۾
غريبن مسڪينن
۽
ڪڙمين
لاءِ
درد
هو:
هُو
هارين کي سجاڳ
ڪندي،
چوي ٿو:
”
جي
زميندار
پليا، تنهنجي
پگهر
پورهئي تي
”سي
سگهيا
قدر
نه تنهنجو
سڃاڻي
ڪڙمي
آهه
بيوس هي
سَمو، تنهنجي
سچيءَ پرک
سندو
جي
گهرين، پاڻ
کي
تون اوج
تي آڻين
ڪڙمي“
هاريءَ کي دلجا
۽
ڏيندي
چوي ٿو:
تنهنجي دردن
جي
هينئر آهه
پُڄاڻي
ڪڙمي
تنهنجي سُورن
جي
اچي ويل
وهاڻي
ڪڙمي
وياج
خور
به غريب
هارين ۽ ٻين غريبن
جو
رت ڄور جيان
چوسيندا
هئا.
بيوس
کي
انهن کان
نفرت
آهي:
”خون
مسڪيني ٿي چُوسيو،
سود
خورن ڄور جيان
گهر
جي گهوٻي
لڳي
۽
وياج
جو
وارو وريو
هڪ
اڳيئي وياج
وترو آنو
رپئي
يا
مٿي
ٻيو
وري
ٿي
ويچارن، وياج
وياجن تي
ڀريو“
هٽ
واڻيا
ڪيئن
غريبن کي
ڦريندا
هئا.
انهن
کي
هن طرح
نِندي
ٿو:
”چار
پيسا
تيل
کاتي،
چار
ڏوڪڙ تيل
تي
ٿي
لڳي
کوٽِي
کڻت
۾،
ٿي
بڻيو
کوٽو
کنڌو.“
هو
ذات
پات،
رنگ ۽ نسل
جي
فرق کي به
خوب
ٿُڏي
ٿو.
سندس خيال
آهي ته
سڄيءَ دنيا
جا
انسان
پاڻ ۾ ڀائر آهن:
انهيءَ
ڪري
هر انسان سان
سندس محبت
آهي. انسان ذات
سان
محبت
اجهو هيئن
ٿو
ظاهر ڪري:
نراليون جي
ٿيون
ٻوليون،
نرالا
ٿيا
کڻي
ڇالا
رنگن
ٻولين
۽
قوميت کان، اسان ۾ فرق
ٿيو
ڇالا
حقيقت
۾
اسين ڀائر، پتا
هڪ
ئي
ڌڻي
تعاليٰ
هندو، مومن،
يهودي، پارسي،
کوجو
۽ عيسائي
هجي
ڪارو،
ڪڪو،
ڳاڙهو،
ڪڻڪ
رنگوڪِ چينائي
ذات
ورن،
رنگ رُوپ
جو
سائينءَ وٽ
نا
ڦير
هُو
حب
سڀ
ڪنهن
سان
رکي،
رکي نه
ڪنهن
سان
وير
بيوس
انسان
ذات
سان
نه
فقط محبت
ڪري
ٿو،
پر خلق
جي
خدمت کي بندگي
کان
به بهتر
ڀانئين
ٿو.
انهيءَ سلسلي
۾
الله
تعاليٰ کان دعا
گهري
ٿو:
”ڪچيءَ
کان
ڪر
اثر پيدا،
اسان
۾ خير
خواهيءَ جو،
دنيا
۾ خلق
خدمت
کان،
نه ڀانُيون بندگي
بهتر.
ڪهڙو
نه
اعليٰ
خيال!
ڪهڙي نه عمدي هدايت ! سندس
هي خيال
هڪ پارسي
شاعر جي
خيال
سان
ٺهڪي ٿو:
دل
بدست آور
که
حجِ
اکبر
است
ازهزار
کعبئه يک
دل
بهتر است
بيوس جو
ناصحانه
شعر:
بيوس
هڪ باريڪ
بين شاعر
هو. سندس
نظر
ننڍڙين ۽ خسيس
شين
تي به
هئي
جي شيون
ٻين
جي
ذهن ۾ به
نه
آهن، سي
گويا
هن
لاءِ
قدرت
جو هڪ
ڪتاب
آهن. سندس
باريڪ بين
نظر،
جڏهن تڏ،
ماکيءَ جي
مک
۽
ٽانڊاڻي جهڙن
ننڍڙن جيتن
تي
پيئي، تڏنهن هن جي
لاءِ
ڄڻڪ
وسيع
موضوعات
بنجي
پيا.
هن
انهن سنهڙن
جيتن
جي ڪارڪردگيءَ مان
به ناصحانه
نڪتا
۽
سهڻا
سهڻا
نتيجا
ڪڍيا
آهن.
سندس
نظم
”تِڏ ۽
ماکيءَ
جي
مک“
۾
”اهو
ڪي
ڪجي،
جو آئيءَ
ويل
ڪم
اچي“ پهاڪي
واريءَ نصحيت
جو مفهوم
سمايل آهي.
ملاحظو فرمايو:
”ماکيءَ
مک مرڪي
چيو،
تُنڪو تيز
هڻي
اڳ تو
ڏٺي
ڇو
نه ٿي، ايندڙ
گهرج گهڻي
سانوڻ ۽ سردين
سندي، ڳڻ تو
ڇو
نه ڳڻي
ڪيو
کوڙ،
کڻي،
گڏ
گرمين ۾ ڇو
نه
تو“
تِڏ
ويچاري مرم
جي
ماريءَ هيئن
وراڻيو:
”مورنه
مون کي ٿي سُجهيو،
سانوڻ سيارو،
گهاري گذاري
ڇڏيو،
عيشن اونهارو،
ريڌِي هيس
راڳ
۾ سڄو
ڏينهن
سارو،
اچي
لڳو لوڙِ
جو،
هينئر ته
هاڄارو،
قسمت
ڪاڻيارو پارن
۾
پَرَ جو
ڪيو.“
تنهن
تي ماکيءَ
جي مک،
دُور
انديشي نه
ڪرڻ
جا
نقصان
۽
مصيبت ۾ ٻين جي
ساٿ
نه
ڏيڻ
بابت سمجهايس،
تڏ کي ڏاڍو شرم
آيو:
”ائين
چوندي، اوچتو
ماکيءَ مک
اُڏي،
بيوس
تِڏ
ٻُڏي، مرم
جي
مهراڻ
۾“.
بيوس
جي هن
نظم
مان
نصيحت
ملي ٿي ته
دور
انديشي نه
ڪرڻ
جو
نتيجو، پشيماني
آهي. انسان ذات
کي
نياز، نوڙت
۽
نهِٺائيءَ جو
سبق
وري
”آڱريون ۽ مُنڊي“
نظم
جي وسيلي
ڏنو
اٿس.
آڱرين، سوني
منڊي
حاصل
ڪرڻ
لاءِ
جُدا
جدا
حُجتون
۽
حيلا
هلايا، جن
۾
سواءِ
چيچ
جي، ٻين آڱرين
پاڻ
کي پُڏائڻ
۽
وڏائي ڪرڻ جا
دليل
ڏنا،
مگر چيچ
ويچاريءَ هيٺاهين
وٺي، عجز
۽
نياز
اختيار
ڪيو، تنهن
تي
فيصلي
ڪندڙ امين،
سوني منڊي
چيچ
کي
پهرائي ڇڏي، جنهن
جو
حاصل
مطلب
اهو آهي
ته
انسان
دنيا
۽ آخرت
۾
اهو
ڪامياب
ويندو،
جنهن کي نياز
نوڙت هوندي.
جيئن
سنڌي ۾ پهاڪو
ڏيندا
آهن
ته:
”نِوِڙندو
ٻه
ڀَاڱا
کائي“ نظم
جون
سِٽون مثال
لاءِ
عرض
آهن:
”چيو
امين
چڱي
ڏسي، چيچ
چترائي،
خدمت
خاصي
تون
ڪرين
نُئڙت نيچائي،
مَرَڪُ تنهنجي
ڀَنئيان
مُنڊي هيءَ
مائي،
پر
نئون پهرائي
سوني منڊي
چيچ
کي.“
بيوس
جي منظر
نگاري
آسمان
جي
جُهڙَ جو
نظارو ۽ صبح
۽ شام
جي شفق
جي
رنگينيءَ جو
مزو
هيئن ٿو وٺائي:
”سُهڻا
لغڙ
سدائين، ٿو انڊلٺ
مان
ٺاهين،
بادل مٿان
اُڏائين، ڇا
راند ٿو رچائين،
ڇا
صبح
سونُ
ڏنگِي،
ڇا
شام
لعل رنگي“
بهار
جي
مند جو
چهچٽو هن
طرح
ڏيکاري ٿو:
”سبز
پوشي
مخملي تَهُه،
آهه
ڌرتيءَتي
چڙهيو،
چشم
ترلئه آهه
بيوس، هيءَ
نزاڪت نيڻ
ٺار،
ٿو
رسي
ٻوُٽي
۽
غنيچي، هر
شجر
کي
خوش پيام،
ٿيو
پون
مکڙي
ٽڙي، ٽاڙين تي
۽
گل
بيشمار.
”ڦلواڙ
ڦوههُ
مان
ڦري،
ڦولن جي
ڌوم
ڌام،
ڇا
لام
لام
تي
ٽڙيا
گل
لعل
عام
جام،
گينڊو ۽ گلاب
ديد کي ڏئي اشرفيون
انعام،
شبنم
وسائي، شوق
مان
موتين
مُٺيون مدام.“
رات
جي
وقت، آسمان
جو نظارو
چٽيندي فرمائي
ٿو:
”ڇا
رات
رتل پوتي،
سلمي
ستار
ڳوتي،
جنهن
تي اپار موتي،
جهومر جهَمڪَ
۽
جوتي،
چمڪاٽ
چَمَڪ
آدي، اننت
۽
انادي،
اي آسمان
نيلا،
تارن
سندا
وسيلا“
چانڊوڪي رات
جو لطف
هن
طرح
ٿو
وٺائي:
”ڪئي
پَٽن
پوشاڪ
چاندي
پڙڇ
جي،
چمڪڻ لڳا،
کير
ڌرتيءَ
تي
وهائي، ٿي سهائي
راتڙي،
آهه
چانڊوڪيءَ رتل
ڪڪرن
اندر
ڪيڏو
لقاءُ!“
برف
جا
بادل بڻائي
ٿي
سهائي راتڙي،
چهچٽو ڇا
ڇا
مچائي
ٿي
سهائي راتڙي،
رنگ
طرحين جا
رچائي
ٿي
سهائي راتڙي.
بيوس جي
بياني
شعر ۾ محاڪات:
غريبن جي
جهوپڙيءَ جو
بيان
ڪندي، سندس
انداز
بيان ڏسو!
سچ
چنڊ واجهه
ٿو
وجهي جنهن
جي
وٿين منجهان،
ترڪيو اچن
ٿا
ترورا،
تارن
ڪتين منجهان،
ڀُڻڪا
ڪندي،
هوا
ڀڄي،
جنهن
جي
ڀتين منجهان،
قدرت
سندي ڪمال، صحت
لئه سوکڙي،
الا، جُهري
مَ
شال، غريبن
جي
جهوپڙي.
تاج
محل جي
ٺهڻ
جو
بيان، ڏاڍي دلچسپ
پيرايه ۾ ڪيو اٿس:
درد
دل جي
کان
ٽٽڻ
تي هو
جڏهن
ساز
محل،
شور
ماتم کي مچائڻ
تي هو
آواز
محل،
دار
دنيا
مان
نباهڻ تي
رسيو
ناز
محل،
تڏهن
مانڊاڻ
منڊيو
تنهنجو ٿي ممتاز
محل،
شوق
شاهيءَ سان
جڏهن فرض
محبت جو
گڏيو،
توکي
اي
تاج
!
تڏهن
حُسن
نزاڪت سان
اڏيو،
تخت
طائوس
ڌڻيءَ
ڦيري خزاني
تي نظر،
حسن
اخلاق
سندي،
زيب زناني
تي نظر،
۽
محبت انجام سندي،
شان
شهاني
تي نظر،
چشم
گريان
مان لَڙي،
لُڙڪ
ٻَٽي
ڌار
ٿيا،
جي
ڦري
تاج
جي
صورت ۾ جٽادار
ٿيا.
|