مخمس
محبت
مخمس
توڙي
نسيم
گُهلندي،
مکڙي نه دل جي
کَلندي،
جيسين
نه
ڀرجي
ڄُلندي،
محبت
۾
تار
ٿي
دل،
ٻئي
تان
نثار
ٿي
دل.
توڙي
دنيا
تان
کَڄندي،
آنند ۾
نه
رَڄَندي،
جيسين
نه خوب
وَڄندي،
محبت
۾
تار
ٿي
دل،
سڪ ۾
ستار
ٿي
دل.
توڙي عرش تي ايندي،
”بيوس“
سُکي نه
ٿيندي،
جيسين
نه پاڻ
ڏيندي،
محبت
۾
تار
ٿي
دل،
ٻئي
تان
نثار
ٿي
دل.
توڙي طلا
۾
تُرندي،
بي چاهه ٿي
چُرندي،
جيسين
نه زور
ٻُرندي،
محبت
۾
تار
ٿي
دل،
سڪ ۾
ستار
ٿي
دل.
(226)
شاهه
افغان
الوداع
الوداع
راڻي
ثريا،
شاههِ خوبان الوداع!
الوداع
پيار
وطن
مان
شاههِ افغان
الوداع!
موٽندي
مغرب مان
جنهن جي خاڪ
ٿي
چُمندا
رهيا،
۽ سواريءَ کي ڇڏي،
پيرين
ننگو
گُهمندا
رهيا،
جنهن جي خوش خوابن وچان
بي خواب
ٿي
سمهندا
رهيا،
جنهن جي نالي تي اُمنگ مان
نيڻ ٿي
ڄُلندا
رهيا،
واءَ
تنهن
پياري
وطن
۽
سلطنت
کان الوداع!
الوداع
پياري
وطن
مان
شاهه ِ افغان
الوداع!
ملڪ جي
قسمت وتي صُورت امان
الله جي،
قوم جي خادم
سچيري ۽
ڀليري
شاهه
جي،
چوٽ تان
چانڊاڻ
سان
چمڪڻ
لڳي
وهه
واهه
جي،
ٿي
بَکي
رونق صفائيءَ ساڻ
ترقي راهه جي،
آس جي آڪاش
تان،
اي
ماهه
تابان
الوداع!
سخت افغاني
رَڳُن
تي جان
پئي
تنهنجي
نظر،
خاڪ
جي
پردن
اندر
آيو
نظر
شمس
و
قمر،
برق
ديريني
دٻيل هئي
آتشي
شيشي اندر،
جنهن جي
کولڻ لئه
ضرورت هئي گساوت جي
مگر،
هن اٽڪ سان
جنگ
جوٽيندي،
ٿئين
ملڪان
الوداع!
درد
ڪُهني سان
پُڄڻ لئه هو جراحيءَ جو
ضرور،
سُور ساعت جو ڏئي هو
آڻڻو دائع
سرور،
درد وارن جي نه
ڪرڻو دانهن تي هو قياس
مُور،
قوم جاهِلُ درد سانڌيو، پر
رکيو جراح
دُور،
وقت
پنهنجي جا
اي
افلاطون
لُقمان
الوداع!
بي قفس باندي ڏٺو تو
بلبل ايمان
کي،
لوهه _
ناڪيليءَ
سان
رَڙندو
ناقع
عربستان
کي،
دل ڀڳل
بلقان
کي،
طومان
ترڪستان
کي،
تو ڏٺو
مغرب جي
مخفي ساز
۽
سامان
کي،
دل اندر
رهندو ويو سڀ رازِ
پنهان
الوداع!
التجا
تي
قوم جي،
جيڪس وڃين
وهلو
ورين،
شل اباڻي هن اميري تي وري
قبضو
ڪرين،
شل اهي ماڙيون هوائي، پٽ حقيقت تي
ڌرين،
آس جو دامان
شل، مقصد
جي
موتين سان
ڀرين،
حال
بيوس ٿي
چئون ٿا، دل ٽٽل سان
الوداع!
الوداع
پياري
وطن
مان
شاهه
ِافغان الوداع!
22
- جون
1929ع
رباعيات
باغ
۽
بهار
پيالو
بهار
جو
پي
وڻ
ٽڻ
لڏن
لمن
ٿا،
هڪ ٻئي کي
ڪيئن
خوشيءَ اسن سي چاهه مان
چمن ٿا،
ٺڪ
ٺڪ
وچن
ٿيون تاڙيون آئي
پوَن
(1)پنن تي،
وڻ ڏار جي
ڏنڪن سان
ڇيڄوُن
ته
ڪيئن هڻن ٿا.
جهلڪا
اچن
سڌير
مٺي
هير
جا
هتي،
گويا
لقاءَ
ويا
لڳي
ڪشمير
جا
هتي،
سرهاڻ
۽
سُڳنڌ
سان
آهي
چمن
ڀريو،
ڏکن
جا
ڏينهن
ويا
گذري،
ڀڄي
ٿيا
ڏور
ڏولاوا،
سرءُ
ويئي بهار
آيو،
سُڪا
وڻ
ٿيا
وري
ساوا.
ڦُلواڙ
ڦوهه
مان
ڦري،
ڦولن
جي
ڌوم
ڌام،
ڇا
لام لام
تي
ٽڙيا
گل
لال
عام
جام،
گينڊو،
گلاب
ديد
کي
ڏئي
اشرفيون
انعام،
شبنم وسائي شوق مان
موتين
مٺيون
مدام.
قدرت ڄا
غاليچو
وڇايو،
ڌرتيءَ
تي
گلڪاريءَ جو،
ڦاڳُ
ڦٽو،
مُنهن
مکڙين
کوليا،
ڀاڳُ
وريو
ڦلواري جو،
بلبل
چَهَا
چَهَه
لائي
ٿي
۽
ڪوئل
تالُ
وٺائي
ٿي،
ڊيل
خوشيءَ
جا
کيل
ڪري
ڇا
مور
کي
ناچ
نچائي
ٿي.
رباعيات
(وطن
جا
بيت)
خاص
کٿوري
ڀانئيان
وطن جي واري،
مٽي
مٺڙي ملڪ جي
مُشڪان
موچاري،
پنهنجي
دلبر ديس جي
پَڻي پڻ پياري،
گاههُ به
گلزاري، بُٺ باغيچو ڀانئيان.
ساريان
سي
ساڙيهه
جا
سلا
سونهن
ڀريا،
جن ۾
ڇيلن ڇانگ ٿي،
چيها
چُل
چريا،
ويُن
ولڙين وچ ۾
ولر
وڳ
وريا،
ڌرتيءَ
اُت
ڌريا،
ڇُڳن
ڇاڻي
ٻوُر
ٿي.
وڻ
ڪندا
ها
وَڙ
وڏو وطن وارن تي،
پُختي
لڙڪي
پينگهه ٿي ڏاڍن ڏارن تي،
هڪَ هوڏ
هَلي ٿي لوڏ تي ٻيو
وڙهڻ وارن تي،
ٻاجهُون
ٻارَن
تي، ڇَٽن ڇايا
سان
ڪيون.
مَنَ تان
لهن نه مور ٿا،
پنهنجا
پڌر
پٽ،
جتي ساٿين سر کي
سيرس ڏئي ٿي سٽ،
سوڀارن
جي سوڀ تي وهه واهه جا
واڄٽ،
فرحت
ها
سي
ڦٽ،
جي
راندين
رهندي
ٿي
رسيا.
جتي
جيجل ٿي ڏني
جهولي ۾
لولي،
ٽڙي
ٻنڌڻن
۾
ٻڌي
طوطيلي
ٻولي،
مٺڙي ٿي مون تان
وئي،
گهڙيءَ ۾
گهولي،
ڇُلڪي
سا
ڇولي
بيوس وهي وطن ري.
طوطِي
جي آهه
چوڳو کڻي
چنهب ۾
پيئي
پُڪاري،
عر هر هاسي ۾
اچي
نيڻين
نهاري،
ڪنهن
پاپيءَ
پڇاڙي
رکيو،
مئيءَ
کي
ماري،
ٻارڻ
ويا
ٻاري،
ٻچو
کڻي،
بي ٻاجهه ٿي.
چوڳو کڻي
چنهب ۾
پُڪاري
پيئي
آجو
آکيرو ڏسي وسامي
ويئي،
ماريءَ
کي
ماري
ويا
ڏاڍو
ڏنءُ
ڏيئي،
سُڃا
سرسيئي
،شل
ماڳُ
نه
ماڻين
پانهنجو.
چوڳو کڻي
چُنهب ۾
ٿي
ٻريا
ٻولي
ٻول،
ڪنهن
کي
کڻي
ڪَڇَ
۾
ڍوڪرايان
ڍول،
ڪنهنکي
ڏينديس
ڏيهه
۾
لالن
ڌاران
لول،
رب
رُلايا
رول،
ڇورا
ڇيڙ ڪري
ويا.
ڇورا
گهڻو
ڇيڳرا،
ڇائي
ويا
پائي،
طوطي
طوطل لاءِ
ٿي
ٻرندي
ٻاڏائي،
ڄرَ
آنڊي جي
ڄرڪڻي
تکيرو تائي،
واجهه
وڏا
پائي،
اکيون
آکيري
وجهي.
اکيون
آکيري،
وجهي ٿي
نيڻين هاري
نير،
قهير ڪان ڪمال
مان
تيز
لڳي
ويو
تير،
چُڀي
چُهٽيو چتَ کي، هڪ لڳائي
چير،
دانه
ٿي
دلگَير
ٻچو
ٻُچڪارڻ
لڳي.
ٻچو
ٻچڪارڻ
لڳي، ڏاڍي ڏُک
ڏڌي،
وڻن ۾
واڪا
ڪري وڇوڙي
وڍي،
جن ماندو ڪيو ماءُ
کي
تن لاوان
شل نه
لڌي،
پٽي پاڙَ ڪڍي ٿي،
چورن کي
چيٽون
ڪري.
آڱريون
۽
منڊي
ٺهي
آئي ٺاٺ سان
چوکي
چوڪيدار،
مُنڊيءَ
مچايو
معاملو
مشڪل،
مزيدار،
پائڻ
لاءِ
اچي
پئي
پنجنيءَ
منجھ
پچار،
هرڪار
رهي
هوشيار
، جس
هلائڻ
واسطي.
سون
منڊيءَ
موهي
رکيو هر
ڪنهن آڱر کي،
سڀڪا
پنهنجي
پيچ ۾
ٿي
آڻڻ
اوءُ
گهُري،
پيرهڪ
هيترين
جي هٿان
پوي
ڪيئن
پوي،
تن
سوناري تي امانت آڻي
رکي.
سونارو
امين ٿي آسڻ تي
آيو،
حڪم هر
ڪنهن کي ٿيو حجت هلايو،
پنهنجي
پنهنجي
لائقي
بيشڪ جتايو،
جنهن ثابت
سُڻايو،
منڊي سو مون کان
وٺي.
وچيِنءَ
اُٿي واهه جو ڏنو داد
دليل،
چيَ،
وڏپڻ
ورثي ۾
مليو،
ڏسو
منهنجو
ڏيل،
مون کان آهي
ڪيترو ٻين جو قد
قليل،
جا
سڀن
سرخيل(1)،
منڊي
تنهن کي ئي
ملي.
ٻهڳڻ
ٻاچ
اُٿي
چيو
کولي
خوب
ڳلو،
پوتر
آهيان
ڀانئيان
آءُ
ٿي
ڊڀ
ڇلو،
مون بن
هندن جو نه ٿئي
ڪريا
ڪرم
ڀلو،
پنڊت وٽ چلو ،
ته
چوندو سچي ساک
سان.
ڏسڻيءَ
ڏاڍي
ڏانو
سان
چيو
چست
وري،
ڏسي
ماڳ
منجهيل
کي
ٿي
ڪريان
رهبري،
چلائيم
نه
چونڪ تي جي سانده
سنتري،
ٽڪُرا
ٿي
ٽڪرجي،
هوند
گاڏيون
پون
گوڙ.
آڱوٺي جو
آسرو
آهيان
آڱوٺو،
جُنگ بهادر
جَبرو
مڙني ۾
موٽو،
ٺاهيان
گهڻي
ٺاهه سان
ٺوڪر
لاءِ
ٺونشو،
چاڙهيان
تلڪ
ٿو،
نرڙ
مٿي
مان
ناز
سان،
ڪنهن
به ڪارج ڪاڻ جي چارئي
ٻيون
گڏجن،
مون بن
هرگز هاج
ڪا
ڪري
ڪين
سگهن،
گرهه
گرهه سان
آدمي ٿا
منهنجو
منهن
چمن،
مٿان
آءُ
مڙِن،
اڳرو،
الڳ
آهيان.
اُٿي عجز و نياز
سان
چيو
چيچ
چڱيان،
اَڀري
ننڍڙي ناز
مان
،هيڻي
۽
هيٺيان،
ٻُهاريندي
جاءِ
کي
جيئن
ٻهُر
ٻُڪ
ڀريان،
هر هر
ڌرتي سان،
پاڻ
گسايان پانهنجو.
ميڙڻ
مٺڙي ٿي لڳي
پيرن پاڪ
پَڻي،
هلندي
جُتيءَ
هوت تان
جا
پيئي
ڇار
ڇڻي،
مون کي
ٽهل
ٽڪور
جي
وڌيڪ واٽ
وڻي،
مَنجهان
خاڪ
کڻي،
سَرهو
ڪجو
سون
سان.
چيو امين، چڱي ڏسي چيچ
چترائي،
خدمت خاصي
تون
ڪرين
نوڙت
نيچائي،
مرڪ
تنهنجي ڀانئيان
مُنڊي
هئي
مائي،
پرتئون
پهرائي،
سوني
منڊي چيچ کي.
مات
گود
بي
موسمو بهار؟ ته ماتا
جي
گود ۾،
ٿوگل
سُجهي
بي خار
ته ماتا
جي
گود ۾،
آنند ڪو اُپار
ته
ماتا
جي گود ۾،
پورن کپي پيار،ته ماتا جي گود ۾،
لفظن جي
پَهُچه کان ٿو رهي پيار
هي
پري،
زر سان
نه ڪو
خريد ۽
وڪرو
سگهي
ڪري.
تعلق،
رهي ٿو
گود جو امرت جي ڌار سان،
امرت جي ڌار جو
رهي ناتو پيار
سان،
واڄو
پيار
جي
وڄي
آنڊي
جي
تار
سان،
آنڊي جي تار، ساهه جي آهي ستار
سان،
تازن
اڇن
ڳلن
مٿان
لالي
کڙي
پوي،
ماتا
جي
مرڪ
تي
ٿو
ڪنول
ٽڙي
پوي.
ايندڙ سمي تي ٿو پوي هن گود جو اثر،
آهي گدڙ جي ڏر اها
يا
غار
شير
نر،
هيرو اُپائي
لعل يا
خالي
ٺلهو
ٺڪر،
بد
ذهن، بي
تميز يا
ڪامل
۽
ڪارگر،
درڪار
گرچه
ڪاغذ،
قومي قلم نه
آهه،
ماتا
جو
گود
مڪتب
اعليٰ
کان ڪم نه
آهه.
جنهن هٿ سان
آهه ٻَر جو
پينگهو لڏي
رهيو،
نيڪيءَ
سان
جنهن
قرب
کان
ڪومل
ڪُڏي
رهيو،
تنهن سان
جهاز
قوم
تري
يا
ٻُڏي
رهيو،
اقبال
يا
زوال ڏي
بيوس اُڏي
رهيو،
لوليءَ
جي لات
لات
۾
تاثير
قدرتي،
ماتا
جي
بات
بات
۾
تاثير
قدرتي.
(232)
هليا
هلو
منزل جي ماڳ
تي اي
مسافر
هليا
هلو،
ثابت
قدر سچار
سراسر
هليا
هلو،
دن رات
تات
تار
برابر
هليا
هلو،
هر
مشڪلات
کي
ڪندا
برسر
هليا
هلو،
بي ڌڙڪ
سورما
ٿي
بهادر
هليا
هلو،
جي سامهون
ميدان
ٿو
مشڪل نظر اچي،
ماريل
مصيبتن
سان
ٿو
بلڪل
نظر
اچي،
خوفن تي خوف خوب ٿو
ويڙهيل نظر اچي،
سختي ۽
سوڙهه
ساڻ
ٿو
گهيريل
نظر
اچي،
دل جا
دلاورو
اُٿو
هيڪر
هليا
هلو.
سرويچ
سورما
ڪندا
ڪَؤڪشٽ کان نه ڪو،
هرگز نه درد جو رهي تن کي ٿو دَڪ
دڪو،
خود ڏاکڙي مٿا
رهي
تنجو
ڏوکو
پڪو،
درپيش
جيئن مصيبتون
تيئن
ٿومچي
مڪو،
اهڙا
اوهين
به شير ٿي
جيڪر
هليا
هلو.
ناشدني
نه آهه جي
هينئڙو نه هارجي،
همت
سندي
هٿوڙ سان
ڏونگر
ٿو
ڏارجي،
جي مارجي ته مڙس ٿي،
ميدان
مارجي،
اڳتي قدم
هليو هلي
پٺتي نه وارجي،
ان
طرح
ساڻ
ديو
دلاور
هليا
هلو.
چوطرف
آهه چوٽ تي چاڙهي صدا،
بجليءَ
کان
تيز
ڪر
تون
ترقي
هينئر
ادا،
ڦوڪي
ڪا
ڀريو
جان
۾
بجليءَ
۽
ڪهربا،
اڄ
دل -
شڪسته
کي
کپي
مرمت
۽
موميا،
پيرن يا
مُونڙين
يا
مٿي
پر
هليا
هلو.
واڄو
اميد آهه هوا
۾
وڄي
رهيو،
مهتاب
منهن
مراد
تان
پردو
کڄي
رهيو،
انسان
آرزو
۾
رچيءَ
۽
رچي
رهيو،
هو ڀرم پار
پهچه ۾
”بيوس“
ڀڄي
رهيو،
ٽلندا
۽
ٽهڪندا
اوهين اڪثر
هليا
هلو.
(233)
ٽِٽَئنِڪ
جهاز
جو
ٻڏڻ
انگلينڊ
اڳرائي
ڪري
جوڙيو
جُنگ جهاز،
اڌ
لک کن تور ۾
سهڻو
سارو
ساز،
نيارو
نمونو
نئون نظر صنعت لئه ناز،
هو رهاڻين راز
،آسائش
جو
آسرو.
هليو
آمريڪا
اُٿي
باري
بار
کڻي،
هن ۾
هڪ
هزار
کان
کنيل خلق
گهڻي،
ڪي
ڪرت
ڪمائڻ
هليا،
ڪي
هاڌَن
ڌڻي،
برف
ڇپ
هڻي،
ٽِٽئنِڪ
ٽوڙي
رکيو.
هڪيا
هوٽل
جا
ڇڏي
بيضا،
بسڪيٽِ
ڪيڪ،
دهڪي تي
ڌمڪي ڀڳا
ڊوڙيا
مٿي
ڊيڪ،
مرد زالون ٻارڙا
آيا
اُت
انيڪ،
جاچڻ
لڳا
جي
ڪ،
ڇا
کان بهي جهاز
ويو.
پريندي
هن ڪال جي
ڪنهن کي هئي ڪل ڪان،
پر پاڻيءَ
منجهه
بيهندو ڏسي پڪاريو
ڪپتان،
ترڻ
پَٽا
جان
کي
جڪڙيو
خوب
جوان،
آهي ۾
انسان، اڙجي ويا
هيئن
اوچتو.
هڪ اوندهه اڌرات
جي،
ٻي
سٽڪا
ڪڍي
سيءُ،
واڄو
ماتم
جو
وڳو، وقت مرڻ جو
هيءُ،
ٻچا
ٻاڪارڻ لڳا
ماءُ
پڪاري
پيءُ،
جواب
نه
آيو
جيءَ هر
ڪنهن
کي
پنهنجي
لڳي.
ڪن
مانجهن
اُن
مونجهه ۾
هڏ
نه
دل
هاري،
لاهڻ
ٻيڙيون
سمنڊ ۾
جلد
ٿيون
جاري،
چوڪس
چونڪيءَ تي
رهيا
چوڌاري
چاري،
جيئن اڳ
اڳي واري، ٻارن زالن کي
هڻي.
ڪي
مردن مٿان
بيٺيون
سر واري،
چي
ڪيئن بچايون پاڻ
کي
مردن کي ماري،
پر چاڙهي چالاڪي ڪري
هليا
هاڪاري،
رڙنديون
رُئاري،
سمنڊ کي ساڻو
ڪنديون.
باقي
ڀرجڻ
تي ٿيو
جڏهن
پويون
پور،
عورت جا
اسٽارز
جي مڙس نه ڇڏي
مور،
چي ورَ بنا
هن
وانڍ
جو
جيئن ناهه
ضرور،
جتي
نيڻن
نور،
سمنڊ
سُڪي اُت آهه
مون.
ٻي
هڪ
ٻيڙي تار
ٿي
ٻڏڻ
تي
آئي،
چيو
خلاصيءَ
خيال
اسن
لهي
هڪ
مائي،
پر
ڪنهن به لهڻ جي نه ڪئي هن
ويلي وائي،
واهه
ابي ڄارئي، هڪ
نينگر
نڪتي ناز
مان.
چي اوهين ٻارن واريون مايون ڀل
بچو،
آءٌ اڪيلي
آهيان
نڪو ٻار
ٻچو،
موٽي نيا
جهاز
۾
ناکئا
اچو،
بڻي
سونُ
سچو،
ٻڏي، ٻين جي واسطي.
ڇُٽيون
هوائون
ڇوهه
مان
اُڏاڻيو آڪاس،
پرين کي پر لاءِ
پيو جهاز
ٿي
ٿو
ناس،
اچي
پهتو اُتهين ”ڪار
پيٿا“
خاص،
ٻيڙين
وارن
واس
وهندو
ان
۾
ئي
ڪيو.
اُتي ٿيو اوچتو قهر ڪو
ڪڙڪاٽ،
گهڙي پاڻي زدر سان
گوڙ
ڪندو
گڙڪاٽ،
بتوين
وساڻيون
وير سان
چَٽ ٿيو
چمڪاٽ،
ڇا
ٽِٽئنڪ
گهاٽ،
ڇا
پلڪن
م
پُرزا
ٿيو.
|