سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :20

 

سارنگ

 

بادل گجندا ڀڄندا آيا،

دهل نغارا وڄندا آيا.

 

کنوڻ اچي ٿي ناچ نچي ٿي،

ڌوم ڌام سان مُوج مچي ٿي.

 

ڀنڙي ڀنڙي بوُند وسي ٿي،

دل کي راحت خوب رسي ٿي.

 

مٺڙي مٺڙي هير گهُلي ٿي،

دل جي مکڙي خوب کلي ٿي.

 

هوا ٿڌيري هاڻ هلي ٿي،

اچي سڳنڌي بلي بلي ٿي.

 

وري وسي ٿو تڪڙو مينهن،

واهه جو خاصو آيو ڏينهن.

 

ڀريا وَهيا نيسارا جاري،

پاڻيءَ پٽ ڀريا چوڌاري.

 

 

پوکون اَن ڪنديون سر سيرو،

آهه سڀاڳو پاڻيءَ ڀيرو.

 

وَڻ ٿي ساوا ٻوُر جهليندا،

ميوا جام اُنهن ۾ ٿيندا

 

گاهه اُڀرندا ساوا ساوا،

ڍور ڪندا سي کائي جاوا.

 

پوک ڀلي ٿيندي هيڪاندي،

کيٽ اُپائي ڏيندا چاندي

 

سارنگ جا رنگ آهن رنگي،

تن ن ن تن لائي سارنگي.

 

پي پاڻي ٿيو پُر پپيهو،

ڪري تنوارون طوطو چيهو.

 

ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊنگ ڊيل ڪري ٿي،

مور سان ناچوُن کيل ڪري ٿي.

 

گيت ڳنوارن گڏجي ڳاتا،

چنگ نڙا ۽ ڍول  وڄايون.

 

اچو ته ٻارو راند رچايون،

اسين به گڏجي سارنگ ڳايون

 

واريءَ جو گهر

سمنڊ ڪناري آيا ٻار،

راند ڪُڏڻ جي ڪندا پچار.

 

ڏينهن تپڻ کان اڳي اَچي،

ٻارن پنهنجي راند رچي.

 

جتي وڏا هئا واريءَ ڍير،

پهتا ساجهر اُتي سوير.

 

راند رچائڻ جي ٿي تياري،

ميڙي کوڙ ڪيائون واري.

 

هڪ ٻئي جي واهر جي وير،

ٻار مچي ٿي بيٺا شير.

 

گهٽ وَڌ ڪم تي ڌيان نه ڏيندا،

گهر واريءَ جو ويا اڏيندا.

 

ويا ڌريندا بار تي بار،

گهر واري جو ٿيو تيار.

 

گول گپوڙا لڏوُن بنائي،

ويا چوٽ تي نيل وَڌائي.

 

خال خلاصا هيٺان خالي،

خوُب ٻنڀا بڻجي ويا عالي.

 

راس جڏهن ٿو جهڳو جڙي،

تڏهن خوشيءَ جي کل ڇڙي.

 

ڌيان ڌريو نادانو ٻار،

ساگر آهيان ڇولي مار!

 

هڪ ڇولي آڻيندس آنءُ،

گهر جو وڃي نه رهندو نانءُ.

 

بدڪون ۽ ڪتو

نه وَڌُ منهنجي بدڪن سُٺنِ ڏي، ڪتا!

هجن شل هي قائم سدا، اي ڪتا!

 

مون پاليوُن نپايون هي پاٻوهه سان،

نه جهل تن کي ڊوڙي اچي ڊوهه سان!

 

متان تن تي ميري نظر ڪا ڪرين،

متان دل مدائيءَ تي پنهنجي ڌرين.

 

سدا ساهه منهنجو منجهن ٿو وسي،

نه وڃ مون کان منهنجو مٺيون هي کسي.

 

سندن تون نچڻ ۽ ڪُڏڻ ڏي نهار!

لڏڻ ۽ ٽِلڻ ۽ ترڻ ڏي نهار!

 

ڪتن جي ويڙهه

ٺانگر خان وڏيرو آيو،

ٻنهي ڪتن کي جنهن ويڙهايو.

لڪڙو آيو ساڻ کڻي،

ٻنهي ڪتن جو آهه ڌڻي.

 

وَٺ وَٺ ڪيو ڪتن کي ڇيڙي،

خوُب وڌائين تن کي جهيڙي.

ڪتا چڪن لاءِ وات پٽين،

هڪ ٻئي جو ٿا ماس چڪين.

 

لوههُ لڙائي ۾ پيا هاڻ،

پاڪ ڪيائون رتو ڇاڻ،

لهوُءَ ۾ ٿيا لال رچي،

ماڻهن لائي ويئي موُج مچي.

 

ڏسو ڪتن جي لڳي لڙائي،

خلق تماشو ڏيکڻ آئي،

گگدامن کي ساس پيارو،

ڪاساين کي ماس پيارو.

 

مروان موت ملوُڪان شڪار،

اُلٽو دنيا جو وهنوار.

 

ڦڙت ڇوڪر

ڇوڪر ننڍڙو، ڇوڪر ننڍڙو،

نڪتو گهر کان تڪڙو تڪڙو،

هٿ سندس ۾ ڇٽي ڪاري،

ٽنڊ تي ٽوپي کاڌيءَ واري.

گهمندو آيو، گهمندو آيو،

نديءَ ڪناري پاڻ پڄايو.

اُتي ڏٺائين واڳو هڪڙو،

پٺيان سندس ٿي آيو تڪڙو،

بجليءَ وانگر ڇوڪر ڊوڙيو،

اجهو ٿي واڳوءَ کيس نهوڙيو!

سَهڪيءَ ۾ اُت آيو نينگر

شينهن ڏٺائين سامهون ڪيهر،

شينهن مٿس آيو ٽپو ڏئي،

پر ڇوڪر چالاڪي ڪئي،

هڪدم ليٽي پيو ڌرتي تي،

مٿان ڪيائين اوٽ ڇٽيءَ کي،

شينهن ڇٽيءَ جي مٿان ٽپي ويو،

وڃي واڳوءَ جي وات ۾ سو ڀيو،

شينهن ڦٽيو ۽ واڳو زخمي،

ڀڄڻ لڳو پوءِ ڇوڪر جلدي،

ڪين ذرو ڀي وقت وڃايو.

گهر پنهنجي ڏي ڊوڙي تڪڙو،

ڇوڪر ننڍڙو، ڇوڪر ننڍڙو.

 

 

 

گرونانڪ جي جيون ڪَوِتا

 

 

گُرونانڪ جي جيون ڪَوِتا

(گرو ديو نانڪ اُستتي(1))

 

جوت جامي ۾ سمائي نورُ نرآڪار(2) جي،

ديوَ ديهيءَ ۾ سمائي ڪُل ڪلا(3) ڪلتار جي.

 

ٿيو اڪالي تخت تي جلوه نمائي جو جمال،

شاهه خوبان کي ٿيو کئنچيو آرزو اظهار جي.

 

عالم بالاتي پهتي دانهن ڌرتيءَ جي وڃي،

آهه مون کي پڻ ضرورت ڌرم جي آڌار جي.

 

اَبُر گهَڻَ پنٿي اچي ويو سجَ سچائي جي اڳيان،

مونجهه ڀارت ورش ۾ ويئي مچي انڌڪار جي.

 

ايڪتا جي ورش(4) تي پيئي فرشتن جي پچار،

اڄ ضرورت آهه ايڪي پنَٿ جي پرچار جي.

 

پرده مذهب مان نڪتي چمڪندي ننگي ترار،

جنهن گُهري ٿي جنگ جوٽڻ تعصبي تڪرار جي.

 

ٿيو مشرف پنج نند وارو پوتر پنجاب،

نانڪاڻو. ٿيو جنم ڀومي(1) جڳت اوتار جي

 

ٿيو مڪاني لامڪان ۽ ٿيو اجنما(2) جو جنم،

ٿي چُڪي سا پيروي گيتا سندي اقرار جي.

 

نانءُ نانڪ شاهه سونهين تو سندو بيوس مگر،

شاهه بدران داس(3) سان هئي دل گهڻي داتار جي.

 

 

جيون ڪَوِتا

ڀاڳُ پهريون

هندو ڌرم جي ٿي جڏهن دُرگتي(1)

لٿو سج ٻري ڌار گهر گهر بتي،

مٿان حاڪمن جي مصيبت متي،

لڳا ڌرمي جن ڪشٽ ڪاٽڻ اتي،

سچي کنڊ پهتي سندن سرد آهه،

گُروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

تجلو ٿيو تلونڊيءَ ۾ عجيب،

ٿيس نانڪاڻا جو نالو نصيب،

لٿو راهبر جت روحاني طبيب،

”شفا عام لئه ٿيو سمو عنقريب،

ٿيو ٻيڙي ٻڏندڙ تي ڪامل علاج،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چون ٿا ته ماتا سندي هنج ۾،

نه آيا ڪڏهن روڄ يا رنج ۾،

محوها مگهن گپت ڪنهن گنج ۾،

جهليل من هو مضبوط اشڪنج ۾،

ننڍي ئي دنيا ۾ مزن کان هوٽاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه،

 

ننڍ ئي نرت هئي نراڪار ۾،

لڳل ديد دارو جي دربار ۾،

ڪرت ڪار وهنوار ڪرتا ۾،

سُرت سارسنسار جي سار(1) ۾،

هئي هاج هٿ ۾، ته هر ۾ نگاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

قطب الدين، پانڌي نه پاڙهي سگهيا،

چيائون ته نانڪ آهي خود وديا،

سمايل سموري منجهس آسکيا،

ولي آهه هي تنهن کي پاڙهيون به ڇَا؟

عجب علم ذاتي هو اونهون اٿاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سُتا وڻ جي هيٺان سماڌي ڌري،

اچانڪ اُچي ٿي اُتي اُس وري،

ته واسينگ ڦڻ سان ٿو ڇايا ڪري،

۽ هوڏنهن ٻني جُهنڊ(2) مينهن چري،

ذرو زيان ٿئي ٿو چرڻ سان نه گاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

”جڻيو“ پريم روپي پوتر کپي،

جو آتم کي کي پرماتما سان ڳنڍي،

هجي ڳنڍ جَتَ جي ۽ ست وٽ وٽي،

جُڙيل جوڪ سنتوش (3)سٽ مان هجي،

ديا جي هجي هرديالا! ڪپاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

پتا ويهه رپيا ڏنا لئه واپار،

ٿيا ترت پالي سان گڏجي تيار،

وٺي سيڌو ساڌن کي ڏيئي ستار،

ڪري موٽيا سودو سچيرو ستار،

چيائون ”وڌڪ وڻج هن کان ڪو ناهه“

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

وٺي ويڄ آيا ته ڪا ٿئي دوا،

ڏسي نبض، وئي ويڄ وسري وڄا،

چيائين ڦڪي هت ڪندي فرق ڇا،

دوا جي دوا جو، شفا جي شفا.

هتي روڳ ناهي مگر يوگ آهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

تُري ڪڻڪ، جيئن ٿي ڌڙا تيرهان،

ڪندا ”تيرا تيرا ويا سرت مان،

وٺندڙ ڏٺو اَنُ وڌيل تور کان،

چيائين: هجي تور زياده متان،

تري تور پُوري ته ٿي واه واه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گرهست آشرم کي ڏيڻو مانُ هو،

تڏهن ٿيڻو شالديءَ جو امڪان هو،

ڪنول گل ۽ پاڻيءَ جو پرمان هو،

ٻه، ٿيا لال، توڙي هي سنتان(1) هو

ڌري ته به ٽهل واري جي سر ڪلاه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

پنڊت لوڀ کان ٿئٿو من سُوتڪي(1)

ٻُڌي پَرَ  - نندا، ٿئي ٿو ڪَنُ سُوتڪي،

زبان کي رد دُر وچن سوُتڪي،

ٿيڻ جو نه پاڻي يا ان سوتڪي،

نڪي جيو آتم ۾ سُوتڪ کي ساهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڏني ويِرَ ويئي ۾ ٽي ڏينهن ٽٻي،

وڃي نڪتا ڪرتار ديسان ڪُڏي،

ٿي آٽَيا ”وڃي ڪر جڳت جي شڌي“،

وٺي آسا سٽ پهرين جپ جي سڄي،

اچڻ سان ٻڏڻ جو ٿيو افواهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

وٺي نانءُ ايڪو ۽ ستنام جو،

ڪيو ميل رحمان ۽ رام جو،

مَٽيو ڀيد هندڪار اسلام جو،

سندن، اُوچ اپديش(2) ٿيو عام جو

مخالف متن ۾ ٺپڻ آيو ٺاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

اکنڊ(3)  ناد (4)انهد (5)وڄي شبد ۾،

سُرت شبد ڏي ٿي کڄي شبد ۾،

گُڏي ٿي گگن تي ڀڄي شبد ۾،

جزوڪل اندر رڄي شبد ۾،

ڀريل شبد ۾ آهه آنند اٿاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چڙهيل گرنٿ صاحب تي ٻاڻي عجيب،

سندر ۽ مڌر پريم واڻي عجيب،

سٺي نوع سوليءَ نماڻي عجيب،

پڙهڻ سان ڏئي گڻ ڏهاڻي عجيب،

وهي آيو ڌرتيءَ تي امرت اٿاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڀاڳ ٻيو

توڪل، ويراڳ، اسلام بابت سمجهاڻي

 

جڏهن حاسدن کان ٻڌو هيئن نواب،

ته:  ”نانڪ ڪيو موديءَ خانو خراب

سگهو تنهن ڪرايو حساب ۽ ڪتاب،

ته ٿيو ٽي سو ايڪيهه ڏانُهس حساب،

ڏسي هيءَ ديانت عجب ۾ پيو شاهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ڇٽيهين ورهيه جي جڏهن ٿي ڄمار،

مساڻن ۾ ديرو دمايو ستار،

ٿيو باز آڻڻ لئه مردانو تيار،

چيائين ڪٽنب جي ڪندو ڪير سار؟

چي:  جنهن ساههُ ارپيو سو ڏيندو گراهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گرو کي مساڻن مان آندو نواب،

مگر ڪنهن پُڇا جو نه ڏين پيا جواب،

سندن سانت سمجهي لڳت جو حساب،

سڏايائين قاضي جناتي جناب،

ڪرڻ ڀُوت کي آيتن سان تباهه،

گروديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

نه پڙهه ڀوت تي پاڪ قاضي! ڪلام،

ڪندو جوڪ الهار دنياوي دام،

قيامت ۾ پائي نه  راحت قيام،

بڻيو مست جو پي محبت جو جام،

ڪندو ڀُوت ڪهڙي طرح تنهن تي ڪاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ٻُڌي واڪ گُرَ جا وراڻيو نواب،

نظر ۾ نه تنهنجي گناهه ۽ ثواب،

ملي مسلمانن سان هيڪر جناب،

ڪريو بندگي گڏ ته ڪهڙو حجاب؟

جو سمجهو ٿا هڪ ايشور ۽ الله،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چئو ٿا ته هڪ آهه رحمان، رام،

عمل سان ڪيو ڇو نه ثابت ڪلام،

هَلي پاڻ مسجد ۾ بڻجي امام،

ڪريو رسم سجدي جي ساري تمام،

گرو جن مڃي ڳالهه ٿي واه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

ٻُڌي هيءَ حقيقت هندو ٿيا نراس،

ويو سلطان پور ۾ ڦهلجي هراس،

ٿيو جيرام ڀائي تي بلڪل اداس،

چيائين ڌرم جي ستيا ٿيندي ناس،

ڪرڻ آيو خود نانڪيءَ سان صلاح،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو نانڪيءَ:  ڪوبه ناهي خيال“،

نه نانڪ کي جوهڻ جي ڪنهن کي مجال،

نراڪار جي وس سندس ٿي سنڀال،

ڪندو ايڪتار جو اُو قائم مثال،

تڏهن پيڙو جيرام جي پيٽ ساهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

هلي آيا مسجد، نمازين سان ساڻ،

سچيءَ بندگي ۾ ڀُلايائون پاڻ،

اُٿڻ ۽ وهڻ جو رهيو ڪونه ڄاڻ،

ڪيائون دلين جو ڳجهو ٿي پڇاڻ،

عبادت جو خالي ڏٺائون اُٺاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ادا رسم جيئن ٿي نمازي چُڪي،

ٿي دل شاهه دولت جي بيحد دُکي،

چيائين خدا جو ٿي پيارو ولي،

نه نانڪ تو وعدي وفائي ڪئي،

اوهان جو به اقرار پورو نه آهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

 

گروجن چيو مون نه وعدو ڀڳو،

رڳن ۾ ٿي وحدت جو واڄو وڳو،

نه قنڌاري گهوڙن تي سودو لڳو،

نه منهنجو وڇيرو گکڏي ۾ ڀڳو،

ٿيو قاضي لَڄارو ۽ شرمندو شاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

چيو شاهه دولت ”خدا جا ولي“

مليو دين اسلام جي هلي،

ته ٿيندو جهانن ٻنهي ۾ ڀلي،

۽ مذهب اسان جو به ٿيندو ٻَلي،

خدا پاڪ ڏيندو اوهان کي پناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

گروجن حليمي سان آکيو نواب،

سڏائڻ مسلمان سولو جناب،

مگر آهه حاصل صدق تي ثواب،

رڳو لس پڙهڻ ناهه ڪافي ڪتاب،

کپي نيڪ بد جو به پورو سماهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

سچي آهه سنت شرم ۽ حياءُ،

۽ روزا سچا سيل سنتوش ڀاءُ،

سچو حج سهڻن ڪمن ۽ سٽاءُ،

سچي آهه تسبيح شانتي سڀاءُ،

رکڻ نياز واري نماڻي نگاهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

مصالح لڳائڻ سان مُردار مال،

حراميءَ مان ٿيندو نه هرگز حلال،

پَرائو به مردار جي آ مثال،

ڪجي تنهن کان پاسو ڪرڻ جي سنڀال،

بُريءَ وست وانگر ڪجي تنهن کان ناههُ،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

 

ادا پنج وقتي جا ڪرڻي نماز،

اٿو پهرين تن مان سچائي جو ساز،

۽ ٻي آهه حق جي سڃاڻڻ جو راز،

۽ ٽين بندگي آهه بنده نواز،

نيت نيڪ چوٿين پنجين واهه واهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.

سچو آهه ڪلمون سندس نام جو،

اجر آهه ڪرڻيءَ کان انجام جو،

طريقو اهو دين اسلام جو،

جو باعث ٿئي مومن لئه آرام جو،

انهيءَ بن نه بيوس مٽي ٿو گناهه،

گرو ديو نانڪ سچو پاتشاهه.


(1)  اُستتي  = واکاڻ

(2) نراڪار = الله (جي صورت)

(3) ڪلا = طاقت

(4) ورش = ديس

(1)  جنم ڀومي= جمڻ جو هنڌ

(2) اجنما = الله

(3) داس = ٻانهو

(1)  درگتي = هيڻائي

(1) سار = پسارو

(2)  جُهنڊ = ميڙُ

(3)  سنتوش = قناعت، صبر

(1)  سنتان = اولاد

(1)   سوتڪي = ناپاڪ، پليد

(2)   اپديش = وعظ، تبليغ

(3) اکنڊ = بند نه ٿيڻ وارو

(4) ناد = آواز

(5) انهد = قدرتي آواز

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org