سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :19

 

 

مثلث

 

 

مکڙي جي بي تابي

سرهي سُڳنڌ آهيان ٻاهر اچڻ تي چاهيان،

هي ڪوٽ ڪيئن ڊاهيان، پردي جو پئد (1)لاهيان،

ڪڏهن بهار ايندو، کوپو خلاص ٿيندو.

 

سوڀيا سندم سڀائي، کوپي کڻي لڪائي،

ڪوئي ڪري ڀلائي ڏئي قدم مان رهائي،

گل پوش ڦاٽ ڏيندو، آزاد حسن ٿيندو.

 

مکڙي بهار ايندو، گل پوش منهن پيئندو،

کولي کٿور ڏيندو، آزاد حسن ٿيندو،

ايندي نسيم گهلندي سوڀيا، سڳنڌ کلندي.

 

جيسين اڃا ڪچائي ”بيوس“ اندر سمائي،

تيسين تڪڙ اجائي، مکڙي کڻي مچائي،

اندريون اُڇل جي ڏيندو، پهريون نه سَٽ جهليندو.

 

 

 

وڏي دل (مثلث)

ڪر دنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه مان ڀي رهان،

آڻ منورتيءَ (1)۾ ڦيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

اڻ عزازت کان نه آهي، شخصيت ۾ جاءِ جي،

دل جي ڪنهن همدرد ڀاڱي ۾ ڀلا ٿوري ته ڏي،

تنهنجي منهنجي ڪر جهڪيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

گرچه هموطي نه آهين، ديس واسي تي گذار،

ديس واسيءَ  کان وڏو دنيا نواسي ٿي نهار،

ڌر نظر پختي پڪيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

تنگ مذهب ۾ نه ماپون قوميت ۾ جاءِ ڏي،

ڀائپي، انسانيت روحاني ۾ جاءِ ڏي،

ڇڏي ڏئي جي ديد ميري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

پنهنجي شاهي محل مان گهٽ جي ڪندين هڪ ڪوٺڙي،

بي اجهي مون جهڙي لئه پوندي ٺهي سو جهوپڙي.

ڪر تمنا گهٽ تکيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

تُنهنجي دسترخوان تان جيڪي وڃي افراد ٿو،

با الفضوليءَ جي هٿان جيڪي ٿئي برباد ٿو،

تنهن تي ڪر چوڪس چڱيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

عشرتي پيالي مان تنهنجي بود جي هڪڙي بچي،

هوُند داڻا ان جا ٿي قوت غربا ۾ اَچي،

ايءَ بچت برڪت ڀليري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

باغ عشرت تنهنجي مان جي پور ڪنڊن جا بچن،

بي ڀتين ڀونگن ڀُتن جا هوند ٿي لوڙها پون،

سمجهه رک سالم سچيري، تون به رهه مان ڀي رهان.

 

ملڪ گيريءَ جي هوس هن پيٽ چنتا جي سمي،

خون هارڻ جي اڇا؟ ”بيوس“ سڀيتا جي سمي،

روز روشن ۾ انڊيري ،تون به رهه مان ڀي رهان.

 

 

مثنوي

 

همدرد ڳوڙهو

اچانڪ اُٿي، دل اندر آرزو،

نه گهاريان گهنگهر ۾ ٿيان روبرو،

ڪَيم چاهه مان چار سوُ جستجو،

لڀي راهبر يا ڪ پوُرن گروُ،

سچي راهه روشن سگهي جو سلي،

حضوريءَ ۾ مون کي وٺي جو هلي.

 

رلائي رکيو شوق دل دربدر،

رهي ٿي اندر ۾ اهائي پچر،

نه آئي ڪٿان ڀي کڄي خوشخبر،

نهاريم گهڻو ڪين آيو نظر،

ٻُڌڻ لئه ڪيا مون گهڻو ڪن کڙا،

مگر ڪنهن به سڏجي نه پهتي صدا.

 

جَٽا ڌاري جوڳي اُمالڪ گڏيو،

اشاري سان اوري سگهو جنهن سڏيو،

چيائين بنا يوگ چارو نه ٻيو،

سکڻ يوگ  تنهن تي ضروري پيو،

گهڻا سال گهاري ڏٺم يوگ ۾.

مگر من هو ساڳيو وشيءَ ڀوڳ ۾.

 

وري برهم گياني ملي سنت ويو،

چياءِ بنا گيان رستو نه ٻيو،

انهيءَ کان به ست گيان سکڻو پيو،

رهڻ گيان ۾ رات ڏينهان ٿيو،

انهيءَ راهه مان پڻ نه راحت ملي،

لڳي ڪنڌ ۾ ڪا ڪٿا جي ڪلي.

 

وري ڪرم ڪانڍي ويو ڪو ملي،

چيائين ڪريا شُڌ کپي ٿي نلي،

تڪڙ سان ويس تيرٿن تي ٽَلي،

ڪيم دان، اشنان جپ تپ دلي،

وريو ڪين ورنن ۽ سنتاپ مان.

ڇُٽي ڪين جند هاءِ ورلاپ مان.

 

وري شوق مان ويس ڀڳت وٽ هلي،

چيائين ته ڀڳتي سڀن ۾ ڀلي،

ورهي پوءِ ته ڀڳتي ۾ ٿي دل جلي،

مگر راهه پوري نه ڀڳتيءَ سلي،

ڪري دانهن دردي چيم ڇا ڪريَان،

ڌڄاهيءَ وڃي ڪنهن در تي ڌيان.

 

اچانڪ مون هڪ سور سڏڪو ٻُڌو،

ٻڌُڻ سان همدر ڳوڙهو ڳڙيو،

اهو آب جو هو رڳو هڪ ڦڙو،

سمايل ڦري ۾ سڄو سمنڊ هو،

انهيءَ سمنڊ  ۾ پاڻ پنهنجو ٻُڏو،

گگن ۾ ٿيو گپت گوندر گڏو.

 

لنگهي درد حد کان ته ٿئي خود دوا،

جزو ڪل ۾ ٿي فنا، ٿئي بقا،

ملي ”آءُ“ ”تون“ ۾ ته ٿي انتها،

رهي ٿي نه مان ۽ نه منشا مدعا،

وڃي آس بيوس نپٽ ناس ٿي،

خود بيخوديءَ ۾ ڪري واس ٿي.

 

 

 

مـؤجي گيت

 

 

 

 

مـؤجي گيت

گُل ڦُلَ

باغ دنيا ۾ جاڳيو هُل،

ٻالڪ ننڍڙا تون ”گل ڦل“،

 

مٺو مهانڊو ڇا مَن مُهڻو،

ڌوتل گل کان سندر سُهڻو،

 

رهين سڀن سان ٿي رل مل،

پيار پري ٿو، ڌارين دل.

 

صورت تنهنجي ٻالي ڀولي،

ڇا ٻاتيلي تنهنجي ٻولي،

 

ٻول مٺيڙا جي ٿو ٻولين،

ساز سريلا سڀ ٿو کولين.

 

جڏهن رهين ٿو راند رهاڻ،

سرسُ گلن کان ڏين سُرهاڻ.

 

ڪوڏ، ٺڪر ۽ ڪاڳر، ڪانا،

خاصا تولئه خاص خزانا،

تنهنجا آرا انگل ماڻا،

ڏسي سکي ويا سمجهه سياڻا.

 

اصلي علم سمايل تو ۾،

لالن! لعل لڪايل تو ۾.

 

ڪچڙو ڪومل صاف سڀاءُ،

جنهن ۾ آهه واءُ وڌاءُ.

 

توکي ڪو به سنئين دڳ لائي،

دنيا ۾ سورج چمڪائي.

 

”بيوس“ توتي ڀاري بار،

آئينده جو سڄو مدار.

 

 

تارن ڀري رات

اک ٻُوٽي، اک کولي تارا،

ڏين ٿا هڪ ٻئي ڏانهن اشارا،

ڪَن پيا ڀُڻ ڀُڻ ۾ ڪا بات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

رات انڌيري، چادر ڪاري،

تنهن تي چمڪ ستان واري،

لهر لڳائي ٿي ڪيا بات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

آءُ لهي تون تارا آءُ،

مون سان گڏجي ماني کاءُ،

ڇو مچڪائين خالي وات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

آءُ ته لڪ ڇپ راند رچايون،

گڏجي هڪ ٻئي کي وندرايون،

تون  ڪر ”جهات ڪريان مان ”هات“،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

 

تارن ۾ چمڪاٽ وسي ٿو،

اونداهيءَ ۾ واٽ ڏسي ٿو،

پرهه ڦٽي جيسين پرڀات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

چانڊوڪيءَ ۾ جڏهين اچو ٿا،

لڪي وڃي ڪي ڪڻا بچو ٿا،

ڏني اوهان کي اوندهه ڏات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

سورج هَڙپ ڪري ٿو سارا،

ڏينهن ڏٺي ڪيئن نڪن تارا،

آهه ٿڌي تارن جي رات،

ٽِمڪَ ٽِمڪَ تاريلي رات.

 

 

ڪاغذ جي ٻيڙي

آيو پاڻي ليٽ ڪري،

ڪاغذ جي هيءَ ٻيڙي تري.

 

ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي،

مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي.

 

ڳَنُ نه ڏيندي وَنجهه نه هڻندي،

منهنجي ٻيڙي بار نه کڻندي.

 

توڙي واءُ سڻائو گهلُندو،

هن ٻيڙيءَ جو سڙهه نه کلندو.

 

ڦوڪ ڏيڻ سان لهروهه ٿينديون،

ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون.

 

بندر هاڻي اوڏو آهي،

ٻيڙي کيپ ڇڏيندي لاهي.

 

ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي،

مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي.

 

ريل

اچو ته ننڍڙي ريل هلايون،

باهه ببوءَ ۾ دود پنهنجو،

ڪري واءُ سان واهه جون وايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

لوهي بند بڻايو آهي،

ڏسو متان ڪو ڦيٿا لاهي،

سيٽي کولي خوب وَڄايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

 

اڳيان انجڻ ۾ صاحب ڪارو،

پٺيان گارڊ ٿيو جهنڊين وارو

پوٽرُ گهنٽيءَ لاءِ ڀڄايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

ويل اچي ٿي سگنل ڪيريو،

چاٻي سگنل گهر مان ڦيريو

ٽيشن تي ٿا هَري هلايون

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

گُڏا گُڏيون جي ريل ڀريندا،

ڀاڙو پنهنجي ريل ڀريندا

ٽڪيٽ بابو ڪندو ڪمايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

ڳاڙهي جهنڊي ريل بهاري،

سائي جهنڊي جڏهين نهاري،

ڪُوڪ ڪندي ٿي ڇٽي  لڳايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

ريل اسان جي سهڻي ڏاڍي،

آهي من کي مهڻي ڏاڍي،

جنهن سان گڏجي راند رچايون،

”ڇهه ڇهه  پئسا، ٻه ٻه پايون“.

 

چنڊ

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

چوکي تنهنجي چنچل چال.

 

اُڀ ۾ اُڀري نوُلکه تارو،

تو راجا بن آهه انڌارو،

تارن جي تو سان نه مجال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

سج لهڻ تي واڄَ وَڄائين

رات مٿان ٿو راڄ هلائين،

وڌي وڌي ٿو ڪرين ڪمال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

توکي پنهنجي جوت نه ڪائي،

ڪو توسان ٻيو ڪر ڀلائي،

سورج تنهنجي لهي سنڀال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

پهرين رات ئي لاٽ ڪڍين ٿو،

چوڏهينءَ تي چمڪاٽ ڪڍين ٿو،

ڪڏهن ترار ته ڪڏهن ڍال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

ڇُوٽ ڇڏين جا ڇوهي ڇوڙي،

ڪڪرن ۾ سا ڊوڙي ڊوڙي،

روپي ٻيڙي ريل مثال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

تار ندين ۾ ٿو تُنَ تارين،

سمنڊ ۾ پيو غوطا مارين،

ذرو ٻڏڻ جو خوف نه خيال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

سيتل تنهنجي آهه سهائي،

رات ٿڌيري صاف صفائي،

نيڻ نهارڻ ساڻ نهال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

سِگهو چرڪو پاڻ پَسائين،

سارو مهينو ڪار ڪمائين،

هڪڙي رات ڪرين هڙتال،

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال!

 

پينگهه

آءُ ته اَدڙي راندُ ڪُڏون،

تختي واري پينگهه لُڏون.

 

وچ تي لوهي هيءَ جا ڪِلڙي،

سا جيڪي سو آهي ڍِلڙي.

 

هيٺ مٿي هي ڦري سگهي ٿو،

پر نه بُنڊ تان ڪِري سگهي ٿو.

 

اَسين ٻئي ڏس! آهيون ڪيڏيون،

ٻئي ننڍڙيون هڪٻئي جيڏيون.

 

واهه اسان جي جوڙي ٺهندي،

راند ۾ موُج به ڏاڍي رهندي،

 

هڪڙي هيٺ، مٿي ٻي ٿيندي،

پينگهه مزي سان لوڏا ڏيندي.

 

ڪتو به وچ تي پيو واجهائي،

ٿورا ٿورا لوڏا کائي.


 

ڦوُڪڻو ملوُڪڻو

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو،

منهنجو آهه ملوڪڻو.

 

ڦاٽي پوندو، سبي نه سگهبو،

کونئر لئيءَ سان لِنبي نه سگهبو،

ٽئُنڪر ڏيندي ٽوُٽڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

 

نرم ڏسين ٿو ڪهڙو آهي،

جنسي ريشم جهڙو آهي،

هلي هوا ۾ ڏوُڪڻو

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو.

 

خالي آهي کَلڙيءَ جهڙو،

منهن وٽ آهي نلڙيءَ جهڙو،

جنهن کي چئجي چوُپڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو

 

ڦوڪڻ سان هيءُ گولو بڻندو،

ڇڏي ڏيڻ سان سيٽي هڻندو،

ڪُوڪُو ڪندو ڪُوڪڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو،

 

منهنجو آهه ملوُڪڻو،

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو

ڪُڪڙو ڪوُن

اٿي اچانڪ ننڊ منجهون،

کولي کنڀڙاٽيون ڏين لاٽون،

جاڳين ۽ جاڳائين تون،

ڪڪڙوُ ڪوُن! ڪڪڙوُ ڪون!

 

جڏهن گَلي مان گهگهوُ وَڄي،

مان ڄاڻان ٿي رات ڀَڄي،

ڄاڻ ڪڍيون سورج شاخون،

ڪڪڙون ڪوُن _ ڪڪڙو ڪوُن!

 

تارن ۾ تو لاءِ گهڙيال،

وقت جو جنهن مان جاچين حال،

ڄاڻين پهر، بجا ۽ پلڪوُن،

ڪڪڙو ڪوُن  _ ڪڪڙو ڪوُن!

 

جاڳين جلدي ٽيم مٿي،

پورو پنهنجي نيم مٿي،

ڀل ته هجن ڪهڙيون به مندون،

ڪڪڙو ڪوُن _ ڪڪڙو ڪوُن!

 

ڳائي ڪڪڙو ڪوُن جو راڳ،

ستلن کي ٿو ڪرين سجاڳ،

جاڳين ۽ جاڳائين تون،

ڪڪڙو ڪوُن _ ڪڪڙو ڪوُن!

 

مٺڙو گهوڙو

مٺڙا گهوڙا اوري آءُ،

خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.

 

پنهنجي منهن مان لاهه لغام،

تازو گاهه هلي چر جام.

 

جتي چرڻ لاءِ آهي گاهه،

اتي وَهي ٿو سهڻو واهه.

 

اُن واهي مان پاڻي پيءُ،

ڍءُ ڪري تون گد گد ٿيءُ.

 

جڏهين شام جو وڄندا پنج،

تو تي وجهندس سهڻا سنج.

 

سئڊل  (1)تي مان ٿيا سوار،

تون ٽپ ٽپ ٽاپيءَ تي تيار.

 

توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،

مٺڙا توکي مُور نه هڻندس.

 

جڏهن ڏسين ڪي ننڍڙا ٻار،

هلندي هلندي ڪج هڻڪار.

 

ٻالڪ چوندا ’ڊوڙو ڊوڙو‘،

ڏسو ڪِڪي جو سهڻو گهوڙو.

 

آءٌ نه پوءِ هَني تي وهندس،

اُڀو رڪابن تي ٿي بهندس.

 

هڪل ڪري چوندس: اي ٻارو!

منهنجو گهوڙو آهه ڀَٽارو.

 

اچو اچي ڀل شرط پُڄايون،

ڊوڙي ڊوڙي اڳ ڪڍايون.

 

هرڪو ڊوڙي ساڻو ٿيندو،

گهوڙو اڳ کٽڻ نا ڏيندو.

 

ڀنڀوري

کنهبي رتڙي لال ڪنوار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار،

 

ڳانو ڳاڙهه - رنگو ته ٻڌاءِ،

کولي کنڀ پُڇڙ ۾ پاءِ،

ڪر ڌاڳي کان پاڻ نه ڌار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار

 

ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ،

پر نه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ،

تنهن لاءِ توسان آهي پيار،

هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار،

 

آءُ لُڏڻ ڪا راند رچاءِ،

رنگ - برنگي رنگ پساءِ،

پيلي، ڳاڙهي، نيلي نار،

هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار

 

 

هڪ پل پڻ نه وٺين آرام،

ميڙ جهٽين مڇرن جا جام،

توکي شاهي شوق شڪار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار

 

ڏس ڦيري چوڦير نگاهه،

ڪن ٿا ڪانءَ، ڪبوتر ڪاهه،

لامارا ڏئي سرڻ سنڀار،

هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار،

 

سانوڻ ۾ دلڙي  نه وڌاءِ،

بڊي اَسوءَ ۾ واهه وڄاءِ،

ناهه ڪَتيءَ ۾ ڪرڻي ڪار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار.

 

ڀوُن ڀوُن جي سڻندي ڀڻڪار،

آئي آهي لال ڪنوار،

تپ ٽاري، آڻيندي ٺار،

هل ته ڀنڀوري ڀُڻون بزار.


(1)  پئد = قيد

(1)  منورتي = خيالات، نيت

(1)  سئڊل = زين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org