سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :14

 

شوق شيطاني شراب

(پوڙهي شرابي جي جوان کي نصيحت)

 

خون رنگي، کُهنڀ ويسيءَ ڏي نه وڌ اي نوجوان،

ڏس چتائي منهنجي هيءَ مردي مثل بي جان جان.

 

هوس ڪنهن ڏينهن آءٌ پڻ عزت ۽ دولت جو ڌڻي،

ڦوهه جواني هئي سوين ساٿي ها خاصو خاندان.

 

رفته رفته ويو ورائي شوق شيطاني شراب،

پيگ پايلي ۾ ٻُڏي ويو منهنجو سارو خان مان.

 

ماسُ ڪپجي جسم جو ويو پيٽ ۾ راڪاس جي،

رئيس عضون تي ڪيو جنهن زهر قاتل جان زيان.

 

مفلسي ۽ مرض جي نوبت مٿان نوبت رسي،

سخت آفت ۽ مصيبت جو بڻيس سولو نشان.

 

جنس جا پوکيم جوانيءَ ۾ ٻُڍاپي ۾ لڻيم،

سون ورني ديهه جا هئي، آهه مُٺ ڪنڊن سمان.

 

تو اڳيان موجود آهي جان هئي جيئرو مثال،

آزمودي مان سکيل جي ڌَر نصيحت تي ڌيان.

 

ڏنگ ڪاريهر جو بهتر، هن شرابي ڏنگ کان،

هُو ڪڍي پَل ۾ پر ان ۽ هي ڪڍي پل پل پران.

 

آهه بدڪاريءَ جو بُڻ ۽ بيخ بداخلاق جي،

پڻ ڪري ڪارو ٿو بيوس هي جهان ۽ هو جهان.

 

 

استري مهما

ڦلواڙ ۾ سنسار جي سينگار استري،

تو ڦول کان بهار جو هٻڪار استري.

 

ڪو مل انگي! کپي ٿو ڀيٽ پشپ تو اڳيان،

موتي ۽ لعل تو مٿان ٻلهار استري.

 

ٿي شانت، سک ۽ سمپتيٰ (1)واسو اُتي ڪري،

جت تنهنجو آهه آدست ڪار استري.

 

پُورن ڪڍي جي تو سگهين، جوتي جمال جي،

چوطرف هوند ٿي وڃي چمڪار استري.

 

تو گل جي لاءِ خار  - حيا آهه خود بچاءُ،

پردي پهر تو باغ لئه درڪار استري.

 

ڪو مل سڀاوَ تنهنجي جو وجهه ناروا وٺي،

توسان نه رهيا پرش وفادار استري.

 

 

تنهنجي بذات خود ته ڪرو مردن کي مان ناهه،

ڏاجي سان اٿن تنهنجي رڳو؟ پيار استري.

 

ناحق دٻاوَ ۾ رهي ٿي تنهنجي شخصيت،

نڪري سگهي جا ڪينڪي نروار استري.

 

ماٺا اڃا ذرو نه ٿيا آنسو اُمنگ جا،

ٽم ٽم ٽمن ٿا چشم ٿي ٽمٽار استري.

 

پيڪن تنهنجن جو ماس ٽُڪي ساهُرن ڇڏيو،

بي غيرتن جي لاءِ تون واپار استري.

 

تنهنجي ڄمڻ تي ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي،

تنهنجو پَلَڻ، جيئڻ نپڻ جنجار استري.

 

سيني ۾ ٻال فوت لئه ڪافي نه قوت آهه،

اولاد پالنا به بڻي باز استري.

 

پنهنجي ڏکن جي لاءِ تلاهڻ تون پاڻ آن،

هر مشڪلات لاءِ ذميوار استري.

 

بيوس ۽ اٻلا نانهه تون، ليڪن مها ٻَلي،

هٿيار کان سواءِ تون هٿيار استري.

 

سک جيون

حياتي خوشيءَ ۾ گذارڻ کپي،

نه دک درد، ڳڻتيءَ ۾ ڳارڻ کپي.

 

ملي آهه ماڻڻ ۽ چوڙڻ جي لئه،

انهيءَ طرح ان کي سڌارڻ کپي.

 

سنئين پاسي هلندي ته حيرت ڪندي،

ڏنگي واٽ تي سا نه کارڻ کپي.

 

سوادن ۽ چشڪن تي ڇڏ جي نه ڇُوٽَ،

هينئون ڪين حرصن تي هارڻ کپي.

 

ڪڏهن ڪين گذريءَ تي گوندر ڪجي،

وئي جا وهامي وسارڻ کپي.

 

ملي جنهن ۾ وجهه عام شيوا سندو،

سدوري سا ساعت سنوارڻ کپي.

 

مصيبت جا سامهون اچن جي پهاڙ،

همت جي هٿوڙي سان ڏارڻ کپي.

 

ڪريو راند ۽ روند ٽهه ٽهه ڪري،

غمن ۾ گهڙي ڀي نه گهارڻ کپي.

 

نتيجو بُرو جنهن مان ”بيوس“ ٿئي،

ڀلو آهه ڪارڻ سو ٽارڻ کپي.

 

 

پريم گيت

هل پريمي پريم نگر ۾ پريم نگر اَٿي سُندر مندر،

رک تون پنهنجي  نظر ۾.

 

پريم جي مهما پريم جي پوڄا پريم نگر گهر گهر ۾،

پريم لڳائي پريتم سان مون پاتو پريتم گهر ۾،

هل پريمي پريم نگر ۾.

 

پريم جي چاڙهي آهه اڻانگي اُٿ اُٿي ڪر تياري،

پريم جو آپر تاب انوکو پريم جي مهما نياري،

پريم جي راهه ۾ پراڻ تياڳي پهچ پرڀوءِ جي گهر ۾،

هل پريمي پريم نگر ۾.

 

پريم سندي مهراڻ منجهان، مون ڳولي لڌو هي موتي،

پرجي آهه انوکي رچنا، پريم جي جيون جوتي،

پريم لڳائي پريتم سان تون، آنند ڪربَنَ بَرَ ۾،

هل پريمي پريم نگر ۾.

 

 

پنچات

ڇا اڳواڻي وقت ۾ هُئي اُوچ گت پنچات جي،

خود حڪومت جو نموني هُئي هلت پنچات جي.

 

وَرَ وڪيلن جا نه ها ۽ نياءُ ناڻي تي نه هو،

ڪورٽُن کان هئي زياده قابليت پنچات جي.

 

هيون چٺيون چيڪن برابر زبان اسٽامپ کان،

بئنڪ کان پڻ هئي ڀليري ڪارپت پنچات جي.

 

پُوج پنچن جي لکاوت جو ادب ۽ مان هو،

مُهرَ شاهيءَ کان مٿي هُئي ڪارپت پنچات جي.

 

هو ڏنگن ڏوهين تي ڏاڍو پوج پنچن جو ڏَکو،

هر حفاظت لاءِ ڪافي هُئي همت پنچات جي.

 

عام جي پيسي مٿان اختيار هو پڻ عام کي،

هُئي ڀَلي لئه عام جي اڪثر اُپت پنچات جي.

 

 

مفت ڪاروبار هو ٽَهلئي ۽ چوڪيداريءَ،

هئي پگهارن جي بلي ٿَوري کپت پنچات جي.

 

خوار ٿيڻ جي خوف کان هر ڪنهن کي هلڻو پيو سنئون،

بدفضيلت سان هلڻ، معنيٰ ذلت پنچات جي.

 

مرڻو پرڻو، نيڪ بد ۽ ڏيتي ليتي ها ٻَڌَل،

بات هر ڪنهن ۾ بنديءَ تي هئي حجت پنچات جي.

 

ڄاتو هر ڪنهن ٿي ته آهي پنچات ۾ پر ميشوَر،

هُئي سُڌاري عام خاطر، ست سنگت پنچات جي.

 

شان ڀارت جو وڏو هو، اوج هو اقبال هو،

هُئي اڳواڻي سَڀُ عزت، گويا عزت پنچات جي.

 

نانگ نڪري ويو آ ”بيوس“، آهه اڄ ليڪو ڪُٽڻ،

ڇا وڃي باقي رهي، آهه عاقبت پنچات جي.

 

اَڇُوتن جي اُڌارڻ لاءِ

اڇوتن جي اُڌارڻ لئه، وري گنگا وهي آئي،

ڪشاديءَ دل سندي ڪيلاش مان آئي لهي آئي.

 

اڇوتن آههُ زاري سان مچايو دُود ڌرتيءَ تان،

انهيءَ مان بُوند برساتي دياروپي ٺهي آئي.

 

منش اڀمان جي سکڻي هوا تي هئي اڏيل ماڙي،

لڳي اُتم اُتمتا سان ڊهي آئي، ڊهي آئي.

 

ڪئي پنهنجي سندو ڪيتو اسان لڪل ڏٺو لوڙي،

سنئين ٿي سمجهه ڀارت جي جڏهن سختيون سهي آئي.

 

ڪڏهن کان هيءَ عجب هلچل، هلي ٿئي دُور ديسن ۾،

مگر تازو هينئر بيوس اُها سنڌ ۾ ڪهي آئي.

 

ڪڙيون

آءُ هلي اتحاد واري محبتي مٺڙي هوا!

واءُ زهريلو نفاقي تَڙ، تعصب جو صفا.

 

آهه اڄ ميدان ترقيءَ تي انڌارو عبرتي،

ٿئي نٿي قوميت گڏيل جي روشنائي رهنما.

 

خلق ۾ پيو جو خلل، بس مختلف خيالات کان،

خاص خوفن ۾ وجهن ٿا، خيالن جا خلقي خدا.

 

ويو ڀُلي اعليٰ سياسي زندگيءَ وارو اصول،

تنگ خياليءَ جي غلامي، پاڻ آهي پيشو.

 

خودپرستي جي نشي ۾ مست اعليٰ شخصيت،

خاص خود مطلب به ڪي مدبر مُنجهايا ملڪ جا.

 

خون مسڪيني ٿي کئنچي، حرفتي هنري مشين،

جنهن تي خودغرضي انجڻ جا دُور ديشن تان پتا.

 

 

ٻن ٻلين جي ويڙهه مان باندر کڻي برفي ويو،

ٿو ڦٽل گهر مان پراون جو ٿئي پورو مدعا.

 

ڪونڪو ڪڻڪو اچي پوندو بُکيل بلبل اڳيان،

جي نه ڪُهنا ڪارگر اڏجن نوان ٿا ڪوڙڪا.

 

ڀورتي بيوس ڀليل سائل ستايل ٿو رهي،

هن حضوريءَ ۾ پنڻ مان ڪنهن پرايو فيض ڇا؟

 

بيروزگاري

آهه بيڪاري کان بک جي باهه ۾ بيروزگار،

خُون جا ڳوڙها ٿو ڳاڙهي، هاءِ شامت جو شڪار.

 

ويو وچولي شخص جو، ورثو پڙهڻ جي پيٽ ۾،

هَڙ وڏن واري لُٽي، تعليم سان ٿيو عملدار.

 

عملداري ناهه بيڪاري مرض جو اڄ علاج،

جيئن وڌن ڊگريون، تيئن ڊگريون وڌي بُک جو بخارُ.

 

جن سچائيءَ ۾ پڙهي، حاصل وڏي ڊگري ڪئي،

تن اڀاڳن جو ڀڄي ٿو ڪوٽ قرضن کان ڪپار.

 

هن طرح حاصل ڪيل تعليم ڏيوالو ڏنو،

مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.

 

اڄ هنر ڌاران ٿيو بدحال آهي علم جو،

سونُ منڊي آهه هيري ٽڪ بنا بي زيبدار.

 

ٿي وڃي طاقت دولت مفت ڪاليجن ۾ جا،

سا هنر ۾ جي وڃي، آسودگي آڻي اپار.

 

سنڌ ۾ پوکڻ جي لاءِ، آهه جا زرعي زمين،

سا جي سالم پوکجي ته ڏئي ان جا بيحد انبار.

 

هت اُوڻيتاليهه لک آدم، ته ايڪڙ هڪ ڪروڙ،

ٽيڻ آدم، سنڌ پالي، جي ڪجي کيتي سڌار.

 

آهه شڌ کاڌي ٺهڻ جو سنڌ ۾ ڪيڏو ضرور،

جنهن تي پڻ آهي هزارين جي ڪمائي جو مدار.

 

جي اُٿي، جاڳو جوانو، ڪرم تي قبضو ڪري،

هوند بيوس ڪين ٿئي بيروزگاريءَ جي پُڪار.

 

آزادي

روپ نه تنهنجو رنگ نه تنهنجو، ذات پات سان سنگ نه تنهنجو آزادي!.

   تون آهين مٺڙي، آزادي ڏيک ويک بن سودي سادي،

 

  ڪشٽ ڪليش سهائي راڻي، خون وهائين ڄاڻي پاڻي.

    نٽ شٽ ساڻ اُهنگ نه تنهنجو، ليڙ لٽي ۾ پڻ شهزادي،

 

  تو بادل مان امرت برسي، سک سمپت سان گهر گهر ورسي.

 سدا رهين سختين سان ساڻي، بک ڏک ساڻ رچائين شادي،

 

مٺڙي تنهنجي ٻولي، ماءُ ڀري ٻارن سان جهولي.

گنج غنيمت تو لئه ترسي، تو ڌاران بلڪل بربادي،

 

تون سو سهڻو روشن تارو، جنهن بن ڏينهن ڏٺي مونجهارو.

شال سڻائي تنهنجي لولي، ياد رکين جا دادا دادي،

 

تون آهين مٺڙي آزادي، ڏيک ويک بن سودي سادي.

رات پوي ٿي، گهور انڌارو، زور وٺي بيوس بربادي،

 

گهرو هنر همتائبا

هند واسين جي هُنر کي هر طرح همتائبو،

پنهنجي ملڪي مال کي ئي ملڪ ۾ ورتائبو.

 

مون کي محبت آهه بيحد، پنهنجي پياري ديس سان،

ديس جي ڌنڌي هنر، هر ڪار کي همتائبو.

 

واتَ منهنجي وِرت واريو آهه وديشي مال جو،

ملڪ جو ڄاڻي مٺو، کارو خوشيءَ سان کائبو.

 

ڀل هجي سادو ٿلهو، ڀل لاک جي لوئي هجي،

ديس تنهنجي جو کٿو گهرو خوشيءَ سان پائبو.

 

هندواسين جي جُڙيل ڪا شيءَ نه جي ميسر هجي،

ڪيئن نه ڪيئن ڪاٽي سمو، اُن شيءِ بنا اُڪلائبو.

 

بي هنر جي هندواسي، ٿي ڪروڙين ويا ڪنگال،

تن کي مشغولي ڏئي، کارائبو پهرائبو.

 

جي اُڻيل هوندي ڪفن ۾ غير هندي تند ڪا،

لاش مرڻي بعد بيوس ٿي شڪي شرمائبو.

 

اڇوت اُڌار

اسين ڀارت اندر ڄايا، هڏ آهيون ڪين پرايا،

اسين اوهان هندن مان آهيون، ناحق پيا ٿا نيچ سڏايون.

 

رهون ڇُو، ڇُو کان ڏهڪايا، اسين ڀارت اندر ڄايا،

اوهان ڌڪي بڻايو ڌاريو، نڪي پاڙهيو يا سيکاريو.

 

اوهين جاتي گهمنڊ ۾ آيا، اسين ڀارت جا ڄايا،

 

اوهان هڻي بڻيا وڏڀاڳي، آئي آهه اوهان ۾ سجاڳي،

ٿيا خوب سُڌارڻ سعيا، اسين ڀارت جا ڄايا.

 

ڏسو والمڪيءَ جي چالي، ٿيو جو ادنيٰ منجهان عالي،

وديا نيچ مان اُوچ بڻايا، اسين ڀارت جا ڄايا.

 

هاڻي پنهنجو پاڻُ سنواريون، صاف رهي، پوتر ٿي گهاريون،

رکون اوج رکڻ جا رايا، اسين ڀارت جا ڄايا.


(1)  سمپتي = ڀاڳ – بخت - سک

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org