سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :17

 

رشي آشرم

جتي سونهن سوڀيا جو ناهي ڪو پار،

جتي ڦوهه جوڀن ۾ هر دم بهار،

جتي خاص جهنگل ۾ منگل اپار،

جتي سبز سائي وڻن جي قطار،

سڳنڌي ۽ سينگار سهڻو جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

جتي مور ۽ مرگهه ناچُو نچن،

جتي بي ڌڙڪ ڀولڙا پيا ٽپن،

اڏامڪ اچي خوب لاتيون لنَون،

پرندن چرندن جون مَوجون مچن،

اُتي جشن جيتن ۾ جنسي جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

اهنسا ڌرم جو سهارو جتي،

گهمي شينهن سان مرگهه پارو جتي،

مرُن ساڻ ماڻهن جو مارو جتي،

نظَارو سڄي ڏينهن وارو جتي،

ستائڻ جو ورتاءُ ناهي جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

جتي آهه آڪاس اُجل سدا،

هلي ٿي هوا صاف ستيل سدا،

وهي جل ٿو چشمن ۾ نرمل سدا،

مچي موج لهرين جي پليل سدا،

رهي سورگ (1)روپي مزو ٿو جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

جتي ڪدن ۽ مول (2)تي آ گذر،

جتي سانڍيو ناهه دنوي سمر،

کپي مرگهه ڇالا (3)جو ننڍڙو ٽڪر،

نه ماري ڪڏهن گهرج گُهوٻي جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

جتي خيال اوچا سادو گذر،

جتي ڪنهن خطا جو نه بيوس خطر،

جتي آهه وديا جو اونهو اثر،

جتي ڪنهن خطا جو نه بيوس خطر،

سدا يوگ (4)جپ تپ سماڌي (5)جتي،

رشي آشرم جو ٺڪاڻو تتي.

 

شروڻ ڪمار

ڇٽڪي آيو ڇوهه مان ڪڙڪو ڪان ڪري،

ڪُونڌر ڪناري ڪڍيو سريوءُ (1)سيس ڌري،

هت پياسي پيءُ ماءُ جو جرريءَ جيءُ جري،

هتي ٻاڻ ٻري شروڻ شير شرير ۾.

 

بڙ بڙ ڪندو جيئن گهڙيو گهڙي ۾ پاڻي،

هن به سيڱ سنئين ڪئي هت هاٿي ڄاڻي،

اچي هن اتفاق سان سانجهي ٿي ساڻي،

اوندهه اياڻي، جنهن دوکو دسرت کي ڏنو.

 

ڦٿڪيو ڪري وهه ڪري ٻلي (2)ٻاڻ جهلي،

پاڻي کڻي پيءُ ماءُ ڏانهن هاڻي ڪيئن هلي،

جيڪس جن جي جان ٿي بنا جل جلي،

ساڻن ڪير سلي، حقيقت هن حال جي.

 

نازُ نه تن کي نور تي جي اکين کان آجا،

رڻ ڪُيءِ راجا، تن جي هڪ ئي هوت سان.

 

توجو هنيو هڪ تي، تنهن ٽنگر ماريا ٽي،

هڪ سر منهنجي سر تي ٻيو پيو پتا تي.

 

ٽئين سيلي سينن کي، سليو منهنجي ماتا جي،

بنا جوت جوڙي کي، تو ترڇيو تيرسان.

 

مون کي پنهنجي پاڻ جو راجن خاص نه خيال،

پر مون ڌاران پيءُ ماءُ جو جيئڻ آهه جنجال.

ساريندا سنسار ۾ ساعت ساعت سال،

ڪر ڀلائي ڀال، تن کي تاتڻ سان وڃي.

 

اتي شروڻ شير جو پويون آهه پساهه،

سريوءُ ڪناري ساهه، سورهيه ڇڏيو سيگهه ۾،

دلو کڻي دسرت ڀڳو نيڻ نچوئيندي،

راجن روئيندي، هليو هوئڻهار تي.

 

اچڻ جي آواز جو پريان پَينِ پڙلاءُ،

اُٿي پريم اُڪير سان پُڪاريو پيءُ ماءُ،

دير ڪيئه ڪيئن دادلا دل ۾ هو ڌڌڪاءُ،

آءُ هلي تون آءُ، انڌن جيون جا آسرا.

 

سڻندي سڏڙو سڪ ڀريو دسرت دل هاري،

هلي نه هنياري، ڪڇي ڪڇڻ نه اُڪلي.

 

هٿ وس حيلن سان ڪئي دسرت دليري،

چي سريوءُ ڪناري سانجهه ٿي البت انڌيري،

مون ڀي گج گمان تي سيڱ سنئين سوري،

ڍول ٿيو ڍيري، ٻهڳڻ منهنجي ٻاڻ سان.

 

سريوءُ ٿي سڏڪا ڀريا تاب ڇڏي تحمل،

پاڻي ۾ پيدا ٿيو وڏو هُلاچو هُل،

دسرت دُکي درد ۾ پُر ٿيو بلڪل،

جڏهن ڏيو گُل، شروڻ جيوت جو ٿيو.

 

دسرت درد وندن اُتي ڪَيءِ اپر اپراڌ(1)،

شروڻ ري شراڌ (2)ڪندو ڪير شرڌا رکي؟

 

اوهين ايوڌيا ڏيهه هلو جتي منهنجو راڄ،

اُتي اوهان کي ڪين ٿئي ارچڻ احتياج،

هڪيو (3)هميشه لئه رکان سک سمپت(4) جو ساج،

ڪندس اوهان جو ڪاج، پنهنجي هٿين پاڻ مان.

 

وڌ ڀانيون هن ويرٿا ايوڌيا کان اگني،

سا چکيا چنتا جي ٻري تو جا ڏيل ڏني،

سڙي دل سڪرات تي ڊوڙي، ڪين ڊني،

ڇڏي سڀ ڇني، اسان آس سنسار جي.

 

شروڻ سان چکيا چڙهيا ورد ڪندا ورلاپ،

تپي ٻنهين تپسين ڏنو سڙندي مهل سراپ،

ته دسرت تنهنجي لاءِ هي پرگهٽ(1) ٿيندو پاپ،

پتر سندو سنتاپ (2)سهندي مرندين سگهه ۾.

 

لطيفه حدانيه پنهنجي خاوند جي قبر تي

اُجڙيل حياتيءَ جا اَجها! سکڻي جياپي جا جهلا،

مان ڪيئن جيان جڳ ۾ ڀلا، منهنجا مٺا تو کانسواءِ.

 

سيني ۾ منهنجي ناهي دل آهي ته آهي باهه دل،

آتش وسائي آهه دل، شعله زن منهنجي صدا.

 

تو کانسواءِ نورجهان اوندهه حدانيه خاندان،

اي ناز پرورده جوان اي ماهرو اي مهه لقا.

 

تون ڪيئن انڌاري قبر ۾ ساجن سمهين پئين صبر ۾،

ڪهڙي قهاري جبر ۾، توکي جهليو آهي جفا.

 

تنهنجو چيو چشمن ڌري سينگار سڀ سالم ڪري،

آيس سڄڻ مان توڳري، خاوند نه ٿيءُ مان کان خفا.

 

توريءَ جيڻ ناڪام ٿيو، عنقا مثل (1)آرام ٿيو،

سياپو صبح ۽ شام ٿيو، واصف سوا ماتم سدا.

 

توبن لطيفه ٿي ڳري ٿي عرش تي دانهون ڪري،

ساعت نه ٿي توريءَ سري، فڪرات ۾ دل ٿي فدا.

 

جو آب چشمن مان وهيو، تنهن مان پوي چشمو ٺهيو،

پاڻي نه پنبڻن ۾ رهيو، دل خون هاري ٿي صفا.

 

تو ساڻ ٿي شل دوبُدو ظاهر ڪريان غم گفتگو،

باقي نه ٻي ڪا جستجو اي آرزو جي انتهائي.

 

پاسي ۾ پنهنجي جاءِ ڏي وارث ولهي جي لاءِ ڏي،

ڏي در لکان دلجاءِ ڏي، ڏي هجر هاجي کان شفا.

 

سوَ سُور جي صلوات سان فڪرات جي فاتح پڙهان،

ٿي قبر تي ڀيٽا ڌريان، هي لڙڪ گل لوهوءَ رُنا.

 

اي بي حيا ڪرڙي قضا، ظالم فرشتا موت جا،

اي بي ترس باد فنا، گڏجي ڪَيَو مان سان دغا.

 

واصف (1)رڳن جي تار تار ۾، هر هڪ بدن جي وار ۾،

بيوس سڄي سنسار ۾، واصف وسي ٿو جا بجا.

 

 

شاعر (1940ع)

تو ۾ هر دل جي ٽڪڻ لاءِ لڀڻ جاءِ کپي،

هر زماني جي غذا تو ۾ کِيڻ لاءِ کپي،

جي ڀڃين دل تي ڳنڍڻ لاث به مو مياءِ کپي،

جوش تنهنجي سان هئڻ هوش به همراءِ کپي،

جنهن کي تنڪو پيو هڻين تنهن کي ويتر پيو وڻين،

جا سگهي ڳڻ نه ڳڻي، اهڙي تون ڳڻ ڳوت ڳڻين.

 

ٻول ٻولڻ تي مان زبانن جي زبان،

بي بيانيءَ کي ملي تنهنجي وسيلي ٿو بيان،

گپت اسرار ڪرين غيب جي پردي مان عيان،

آڻين ساگر (1)کي ٿو ساغر (2)۾، ڪرين موءِ ميان،

ٻوڌ (3)سپرش (4)کي ڪلا (5)آهه عطا ٿيل ڪهڙي،

جنهن سان هر جنس وڄي ساز سريلي جهڙي.

 

پاڻ سان پَرُ پيو کڻين، ساڻ نه پر پاڻ کڻين،

پنهنجي غرض جو يا گرجن جو نه ڪجهه ماڻ کڻين،

ساٿ سنسار جي سورن جي سڄر ساڻ کڻين،

خون دل ڏين پيو خوشي سان نه مگر ڄاڻ کڻين،

آگ آپي کي ڏيئي جوت جڳائين جڳ ۾،

روشني ڏيهه کي ڏين جان جلائي اڳ ۾.

 

لهر و ڄلي جي تکي پنهنجي جا جذبن ۾ ڌرين،

تنهن سان هڪ جاءِ تان هر جاءِ ٿو ڦهلاءُ ڪرين،

جسم مرده ۾ به هڪ وارنئين جان ڀرين،

هر تحرڪ ۾ زمان تو ڏي، زمان ڏي تون ورين،

تنهنجو ويچار ۽ واڻي، ۽ ڪرم سڀ سڦلو،

ذات مان ڏات لهي تو مان ڪري عام ڀلو.

 

اهڙي ڪنهن اوج رسي تنهنجي رهڻ جي دنيا،

ڪنهن ڪشش سان نه جتان آهه لهڻ جي دنيا،

ڪنهن نه وهنوار جي واهڙ ۾ وَهڻ جي دني،

آهي اڻ ڏول (1)اجل(2) تنهنجي پهڻ (3)جي دنيا،

رات چوڏس جي چٽي ياڪ اماسي قهري،

جاري موتين جي پٺيان ساڳي تلاشي بحري.

 

 

 

 

خاڪ پيرن جي فلڪ تنهنجي چمڻ لاءِ اچي،

هير هُٻڪار ڀري توسان گهمڻ لاءِ اچي،

موت سيجاتي بقا توسان سمهڻ لاءِ اچي،

وجد (1)۽ رقص به بيوس ٿي جهمڻ لاءِ اچي،

دل جي درياءَ ۾ سا موَج ۽ مستي نه هجي،

اُوچ شاعر جي زماني ۾ جي هستي نه هجي.

 

 

رام رحمان

رام چئون رحمان چئون مطلب ته سڌو   الله سان آهه،

دين چئون يا ڌرم چئون منشا ته انهيءَ جي راهه سان آهه،

عشق چئون يا پريم چئون انشا ته انيءَ جي چاهه سان آهه،

ساڌو بَڻئون يا سالڪ ٿيون مقصد ته دل آگاهه سان آهه،

اکرن جي اوجهڙ ۾ اڙجي مفت نه دل آزاري ڪر،

جان وجهي بي جان اکر ۾ ڪجهه مطلب تي ڌيان به ڌر.

 

جي مسجد گهر مولا جو، ترسول (1)ٽڪاڻو ڪنهنجو آهه؟

ڇا ڪعبي ڇا ڪاشيءِ اندر ٺام ٺڪاڻو ڪنهنجو آهه،

خود دل هردي ۾ هي چانڊاڻ چٽاڻو ڪنهنجو آهه،

هن سندر سنسار اندر هي ساز سٽاڻو ڪنهنجو آهه،

جنهن سان تون تڪرار ڪرين ٿو، تنهنجو ڪهڙو خالق آهه؟

ڇا، هندو يا مسلمان جو ٻيو ٻيو ڪوئي مالڪ آهه؟

 

ڀائن پنهنجن ساڻ لڙڻ، تعليم اها قرآن جي ناهه،

سوچ ڪريو منشا به اها ڪا ويدن جي فرمان جي ناهه،

سچ پچ مارا ماري اصلي عادت ڪا انسان جي ناهه،

خون خرابي، دنگيبازي، ڪار اها ايمان جي ناهه،

ٻن نيڻن هوندي ڀي بيوس چيز ته هڪڙي ڏسجي ٿي،

هر مذهب جي اندر درس تميز ته هڪڙي ڏسجي ٿي.

 

تون

تون ئي سج ۾ سوجهرو، چنڊ ۾ چانڊاڻ تون،

سونهن ۽ سوڀيا گلن ۾، پڻ سُڳنڌ سرهاڻ تون،

 

بادلن مان ٿو وسين برسات جون بوندون بڻي،

تيز وجلي جو تجلو ۽ ڪڪر ڪارڻ تون.

 

ڇا پٽاپٽ انڊلٺ ۾ ٿو بکي تنهنجو لقاء،

صبح ۾ ٿئين سون رنگو، شام ۾ ڳاڙهاڻ تون،

 

پُر ڪرين ٿو پاڻ سان پولار هن سنسار جو،

ٿي گرهه، تارا، ستارا ۽ اکٽ نيلاڻ تون.

 

ٿو لڏين لهرين مٿان ڇولين مٿان ڇلندو وتين،

سمنڊ جي سختي به تون، هراڻ جي ماٺاڻ به تون،

 

تيک تنهنجو واءُ، واڇوڙي، تکي طوفان ۾،

هير ۾ هلڪاڻ تون ۽ ٻاڦ ۾ آلاڻ تون.

 

ماڪ موتين هار ٿي، سينگار سبزيءَ جون ڪرين،

تون جواهر ۾ جهلڪ، لعلن اندر لالاڻ تون،

 

سرس تو صاحب سندي آهي صفت ساراهه کان،

خاص خوبين جو خزانو ۽  گڻن جي کاڻ تون،

 

برهه ”بيوس“! ٿو اُٿي هر روپ مان تنهنجي رنگي،

تاڻ تون منهنجي طلب کي پار پنهنجي آڻ تون.

 

پرارٿنا

مهر ڪر اي مهر جا والي نماڻنِ ماڻ تون،

جنهن ۾ نت منهنجي چڱائي ڏي سچي سا ڄاڻ تون.

 

ڪر دکين لئه درد پيدا منهنجي هن هردي اندر،

دل اُجڙ ڪر سبز سائين ! پريم جل سان پاڻ تون.

 

ٿو سُجهي سنسار ۾ ڏاتار تو جهڙو نه ڪو،

پنهنجي بيحد جي ڀنڊاري مان ڀري ڏي ڏاڻ تون.

 

آهه تو جهڙو نه ڪو ويجهو وسيلو واهرو،

سوڙهه سختيءَ ۾ سچا ساٿي! سدا رهه ساڻ تون.

 

واسطا ٽوڙي مان جوڙيان توئي هڪ سان واسطو،

پاڻ بن ٻئي جي اندر مان ڇڏ ڇٽي ڇڪتاڻ تون.

 

چهچٽو جنهن کان ڏسان هر چيز ۾ تنهنجو چٽو،

اهڙي چت ۾ ڪر چٽي چمڪاٽ سان چانڊاڻ تون.

 

نت رهن نيڻن ۾ منهنجي نينهن جا نرمل نشا،

ڏي اڏي ”بيوس“ ڪو اهڙو محبتي مانڊاڻ تون.

 

پکي ۽ پڃرو

پڃرو:

پر پٺ پچارون ڪرين پکي پنهنجُون ڇو؟،

ڏيندو وتين ڏيهه ۾ گلا جو گهانگهو،

چوندو چئن ۾ وتين ته ”پاپي آهه پڃرو“،

مون تان جائي ڄم کان توتي قياس ڪيو،

ڏيئي پاند پناهه جو ٿيس اوٽ اَجهو،

پختو پهري تي رکان لشڪر لوهي جو،

تنهنجو جيءُ جُثو، ٿو سيخن ۾ سوگهو رکان.

 

پکي:

مون تي ڄائي ڄم کان قدرت قياس ڪيو،

ڏنو پاند پناهه جو مادر مون کي هو،

ڪافي هي پَرَ پنهنجا آهن اوٽ اوجهو،

لڄي لڳي ٿو جن اڳيان لشڪر لوهي جو،

جيڪر جيءُ جُثو، سيخن کان سوگهو رهي،

 

ڪالهه قضا سان اوچتو ٿيئڙس اڪيلو،

ڪاهي آيو قهر مان ٻرندي اک ٻلو،

سيري سيخن کي  لڳو چاڙهڻ چست چنبو.

ته به ڏڪڻ ويٺي ڏٺو؟ چيٽن جو چرچو،

کنڀن خوشي سان ٿي کنيو پر روڪي رکيو تو،

جي نه هجي پڃرو، پر پُڄائن عرش تي.

پڃرو:

پيئي ٻاجهه ٻلي کي يا سيخن بچايو،

آخر ڇڏايو، ڪيئن تو جئرو جان کي؟

پکي:

چيٽن جي چلهاٽ تي ويڙو ممڻ مچي،

جنهن تي جلد اچي،  ڇوڪر ڇڏائي ڇڏيو.

پڃرو:

اهو ته ڪو اتفاق ٿيو قضا سان ڪنهن ويل،

پر ڇڙيا جي ڇڙواڳ ٿي ڇُوٽ رهن ٿا ڇيل،

تن اتي ٿين اوچتو واءُ مٿان ٿا ويل،

ڏين لامارا لام تي چنبن ساڻ چنبيل،

نڪي کائن خوش ٿي نڪي خوشيءَ کيل،

وسڪارا ڪن وڻن تي گولا خوب گليل،

ڪي ڪري ڪنڌ ڪپار تان ڪي چڪندي ڀڄي چيل،

اهڙيءَ آزادي ڪنان نعمت آهن نيل،

جي گل سرجو سور ٿيا سرس تنهين کان سيل،

گهر ويٺي گهڻا ڪرين تون شوق منجهارن شيل،

سڀن کان سويل، ميوو مٺڙو ٿو ملي.

پکي:

گُل گُليلا ڀانئيان ٻَن ميوا مزيدار

نيل نه نعت ڀانئيان پروڻن مٿي وسڪار،

ڀَلي اُڏي آڪاس مان ڪن شاهي باز شڪار،

پرن هوندي پاڻ تي ٿيندو دارو مدار،

نڪا پراڌينتا (1)ڪا پر پچار،

اُڏڻ لئه آڪاس ۾ آزادي اختيار،

مرڪندي ڪنهن موت تي مرڻ ۾ نه ميار،

جئري آهه جنجار، ڪاٽڻ بيوس قيد ۾.

 

 

(220)

ڪرشن  - سڌاما ميلاپ

آ ها!  خود سڌاما پڌاريو اچي،

ڀري پيردرشن ڏياريو اچي،

اُمنگ دل نئين سر اُٿاريو اچي،

وساريل سکي کي سنڀاريو اچي،

جڏهن ڀاڳ ڪنهن تي ٿا پرسن ٿين،

ٿا گهر ويٺي سنتن جا درشن ٿين.

 

ڀڳت کي ڏسي دوارڪا (1)پت ٺري،

وڏي چاهه مان پائي ڀاڪر ڀري،

وهاري سنگها سن تي شيوا ڪري،

ڪُهلي تي ڪلاڌاري هٿڙو ڌري،

ڏسي ڪرشن، شيوا اُتي رڪمڻي،(2)

ڇنڊيائين سڌاما جي پيرن پڻي.

 

سڌاما ڀري آئين ڇا سان هي جهول،

ڏنو هوندو ڀاڀيءَ ڪو مون لاءِ ٽول،

ٿو ٿئي وات پاڻي سيگهو کول کول،

ڀڳت ڄاتو هي ڪرشن جو آ مخول،

سو جهولي جا چانور لڪائڻ لڳو،

کسي روز سان ڪرشن کائڻ لڳو.

 

شري ڪرشن چانور چکيا چاهه مان،

ڀري ڦڪ نه ڌاپيو ٿي ساراهه مان،

وٺان امر تي رس تو وهه واهه مان،

ملي مَوج ڇا پريم جي راهه مان،

چيو رڪمڻي، ڪي اسان کي به ڏيو،

انهيءَ ٽول تي حق اسان جو به ٿيو.

 

سڌاما اُتي ڪي ڏهاڙا رهي،

وڏو مان ستڪار آدُر لهي،

وطن ڏي وريو وير آيو ڪهي،

سگهيو گهر پُراڻو نه پنهنجو لهي،

ڏسي ڀينگ ڀونگو پيو فڪرات ۾،

ڏٺائين سو شيلا کي محلات ۾.

 

 

ڪرشن جنم

جڳٺ اُڌارڻ هارو اڄ ڪرشن پڌاريو پيارو.

 

گيتا ۾ جو قول ڪيائين،

پورو پنهنجو ٻول ڪيائين،

ڏيندو ڌرم سهارو.

 

جنم اشٽمي پر پوتر،

گهر پهر پڙهڻ ڪرشن چرتر،

ٿيندو ناس انڌارو.

 

نند - ڀَون ۾ آ نند منگل،

خوب خوشيءَ ان گد گد گوڪل،

ڦولن جو وسڪارو.

 

انت ڪنس پاپيءَ جو ايندو،

ڪرشن ڏند سان ڏاري ڏيندو،

ڀڳتيءَ جو ڀنڊارو.

 

 

مٿرا ۾ جو جنم لڌائين،

گوڪل ۾ نيپاج ڪيائين،

موهن مرليءَ وارو.

 

گهر گهر ۾ واڌائي آهي،

ڪرشن جنم جي وائي آهي،

وريو واهه جو وارو.

 

بنسري

وسمئه (1)جو راڄ ٿيو، شروع ڪل ڪائنات ۾،

گويا گگن منڊل اچي ويو طلسمات ۾،

ٽمڪڻ سندو نه تاب هو تارن جي ذات ۾،

آندي عجيب سانت ڪرامات رات ۾،

آڪاس مان آلاپ ٿيا، جئه جئه هري هري،

اهڙي وڄائي ڪرشن ڪنعيي ٿي بنسري.

 

وَڻَ امرتي رس پريم پي جهولڻ لڳا،

ٽارين مان ٻُور ٻُور مان گل ڦل ڦلڻ لڳا،

ڏارن مان گونچ گونچ مان پن پن کلڻ لڳا،

ميوا مٺاس کي ري ڇُلڪڻ ڇُلڻ  لڳا،

وڻراهه واهه واهه ٿي هيجان هري ڀري،

اهڙي وڄائي ڪرشن ڪَنيي ٿي بنسري.

 

گوپيون گوال گوپ ٿيا بي سرت بي خبر،

مُرليءَ جي مَڌرسر ۾ هو جادو ڀريو اثر،

هو ڌيان بي گمان، ڏني ڌيان ۾ مگر،

بن شيام شيام جي آيو نه ڪي نظر،

هر دل ۾ برهه - باهه ٿي ڀڙڪي ٻري ٻري،

اهڙي وڄائي ڪرشن ڪنعيي ٿي بنسري.

 

ٿي برج سرڳ ڌام ويو، موجون مچڻ لڳيون،

ويا مرگهه مور مست ٿي ڊيلون نچڻ لڳيون،

گانين ٿڻن ۾ کير جون ڌارون اچڻ لڳيون،

سر سبزگاهه خشڪ ٿيا پوکون پچڻ لڳيون،

آنند لهر برج کي ويئي وري وري،

اهڙي وڄائي ڪرشن ڪنعيي ٿي بنسري.

 

سيتل هوا سُڌير، هلي هير فرحتي،

لاتي اڏامڪن به عجب لات قدرتي،

جيتن، مرن ۾ موج مها موج جي متي،

ٿي ويئي بندرابن سندي بيوس اُتم گتي،(1)

چشمن ۾ برف ٿي ويو پاڻي ٺري ٺري،

اهڙي وڄائي ڪرشن ڪنعيي ٿي بنسري.

 

ساڌو ريجهومل لاهوري

تُنهنجي تصوير ٿي نيڻن جي نظارن ۾ ڦري،

تُنهنجي اخلاق  سندي هاڪ هزارن ۾ ڦري،

يادگيري تُنهن جي ياريءَ جي ٿي يارن ۾ ڦري،

شور شيوا جو ٿو اخبار انبارن ۾ ڦري،

آگ اُلفت ۾ ٽپي، ڪُونڌ ڪَيءِ قرباني،

مثل پرواني جي تو جان ڏني اي جاني.

 

ٿيو جڏهن جوش غضبناڪ وبا جو قهري،

پاڪ پاڻي نه رهيو، زور هوا ٿي زهري،

باقي ٿورا ڪي رهيل سي به ڀڄڻ تي شهري،

تون تڏهن پڻ پئين مصيبت ۾ مدد لئه ٺهري،

عيوضي شهر جو ٿي، فرض سُڃاتُئي پورو،

ووٽ وارن جو ڏکيو قرض سُڄاتُئي پورو.

 

شهر ۾ ٺارُ ٿيو، خلق به خيرن سان وري،

آهه رونق سان وري، شهر جي بازار ڀري،

تو مگر وير ورڻ جي نه ڪئي بات ذري،

ٿي انسان جي نه سري، تنهنجي مگر ڪيئن سري؟،

آءُ ريجهومل تان روح رهاڻيون ڪي ڪريون،

تُنهنجي شيوا جون ٻه ٽي قرب ڪهاڻيون ڪي ڪريون.

 

 

تنهنجي هرگزنه مرڻ جي ۽ وڃڻ جي نه وَهي،

غير ممڪن هو اڇو وار سگهڻ سر مان لهي،

ڦوهه جوڀن ۾ وئين ڪُڙم قبيلي مان ڪهي،

لعل لاهوري! سگهون تنهنجو وڇوڙو نه سهي،

تنهنجي مرڻي تي سڄيءَ سنڊُ ۾ چوٻول هليو،

عام ٿيا ميڙ چيائونته سڄڻ ڍول هليو.

 

شهر کي خاص طرح هو تنهنجي سر تي،

لاڙڪاڻي جو وڏو مانُ هو، تو مدبر تي،

آهه ماتام ميونسپل ۾ به تو ميمبر تي،

آيو گانڌيءَ سندو اعلان به تو رهبر تي،

ٿي سڀا پت تون رهئين ڪانگريسي ڪم کي لڳو،

ڏيڍ رپئي جو سدا جانِ تي کاڌيءَ جو وڳو.

 

تنهنجي دل دان ڪرڻ لاءِ مهربان سدا،

ڪنهن به مشڪل ۾ مدد لاءِ مهربان سدا،

هُئين ڀلي عام جي چندن ۾ به اڳوان سدا،

دل وڏيءَ ساڻ ڏنو ته ٿو ڳجهو دانُ سدا،

تنهنجي ماهياني مدد سان ڪي پڙهيا ڪي ٿي پليا،

تنهنجي درياءَ دلي ساڻ ڪئين ڪاڄ هليا.

 

بخت بالا هو اگر چوٽ رسيل چڙهتيءَ تي،

هو نصيبن ۾ نفعو، ڀاڳ سدا ڀرتيءَ تي،

نيچي نوڙت جي نظر نيازي ڀري ڌرتيءَ تي،

هو وڏائي جو ذرو واءُ نه منورتيءَ تي،

نقش هر دل تي بڻي سوهڻي صورت تنهنجي،

چشم” بيوس “۾ ڦري موهڻي صورت تنهنجي.

 

بهادر جنگي

ڪنهن جي سر، ڍال تي تلوار جي ٺوڪر ٺهڪي؟

ڪنهن جي سيني تي ٿو ڦرڙاٽ ڪندو ڦر ڦهڪي؟

ڪنهن جو سوڀيا سان، بنا سونهن جي چهرو چمڪي؟

ڪنهن جو ٿو جوش وچان خون رڳن ۾ ٽهڪي؟

ڪنهن جي نالي ٿان چون، شير بهادر جنگي؟

ڪنهن جي نالي تي چون جان ۾ جوهر جنگي؟

 

ڪنهن جي تلوار سندي ڌار ڪڍي ٿي تجلو؟

ڪنهن جي ناموس جو هر دم ٿو رهي سائو سلو؟

ڪنهن جو سر خاڪ ۾ ۽ خون ۾ گردن ۽ گلو؟

ڪنهن جنگ جاءِ تي ٿيو مون به جيوت کان ڀلو؟

ڪنهن جو واڄو ٿو وڄي، ڪنهنجو ٿو آواز رهي؟

ڪنهن جي هستيءَ تي سدا، فخر رهي ناز رهي؟

 

تيز تيزاب وسن، زهر جون گئسون ڪنهن تي؟

ٿون ڇُٽن ڇوهه منجهان گرم هوا گولُيون ڪنهن تي؟

خوب بارود ڀريل تيز هون توبون ڪنهن تي؟

ڪنهن سڙڻ لئه هواباز هوا ۾ ٿو اُڏي؟

ڪنهن جي سر تي ٿو هو ڪڙڪاٽ ڪندو ڪالُ ڪُڏي؟

ڪنهن جي تعريف جي تصوير ٿي تاريخ چِٽي؟

 

ڪنهن جي نالي ٿي وڏا ملڪ منارا ٿو سٽي،

ڪنهن جي هستي نٿي سنسار جي تختي تان مٿي،

ڪنهن جي مرڻي تي سڄي قوم ٿي روئي ۽ پٽي،

ڪنهن جو طومان سان مڙهه قبر مساڻن ڏي کڄي،

ڪنهن جو نالو ٿو دمامن جي ڌمالن ۾ وڄي.

 

ٿا چون شير اهو آهه بهادر جنگي،

مانکا ديهه ۾ سو ديو دلاور جنگي،

آهه ناموس ڀرپور نانءَ نشانبر جنگي،

ملڪَ ماتا جو سچو پوت سپاتر جنگي،

ديس کي طوق غلاميءَ کان ٿو آزاد ڪري،

پاڻ کان پوءِ به ”بيوس“ ٿي وڃي شاد ڪري.


(1)  سورگ روپي = بهشت جهڙو

(2) ڪند ۽ مول = وڻن ۽ گلن جو ٻور

(3)  مرگهه ڇالا = هرڻ جي کل

(4) يوگ جپ ٿپ = ڌڻي جي ياد يا ڳولا

  (5) سماڌي =  ڌيان سان ويهڻ

(1)  سريوءَ = ندي جو نالو

(2) ٻلي = طاقت مند

(1) اپر اپراڌ = وڏو ڏوهه

(2) شراڌ = خيرات

(3)  هڪيو = تيار

(4) سک سمپت = آسودگي

(1)  پر گهٽ  = حاضر

(2)  سنتاپ = پاراتو

(1)  عنقا = پکي جيڪو آرام نه ڪندو آهي.

(1)  واصف = خدا تعاليَ

(1)  ساگر = سمنڊ

(2) ساغر = پيالو

(3) ٻوڌ = سمجهه

(4) سپرش = عقل

(5) ڪلا = طاقت

(1)  اڻ ڏول = نه لڏندڙ، مضبوط

(2) اجل = بيٺل

(3) پهڻ = وهڻ

(1)  وجد ۽ رقص _ ناچ

(1)  ترسول = ٽن پاسن وارو منارو

(1)  پراڌينتا = ٻئي تي آڌار رکڻ

(1)  دوارڪا پت = شهر جو نالو

(2)  رڪمڻي = ڪرشن مهراج جي زال

(1)  وسمئه = عجب ۾ پوڻ

(1)  اتم گتي = عزت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org