بادشاهه جي
حڪم
سان
محلات ته
ٺهي
ويو،
پر بيوس
جي
واتان
ان جي
ساراهه
ٻُڌو:
سنگمرمر جي
صفائي
۽
سهائي گڏجي،
تنهنجو چمڪاٽ
۽
چانڊاڻ
چٽائي
گڏجي،
رات
چوڏهينءَ
۾
پون
کيرُ ملائي
گڏجي،
صاف نهرين
۾
بکن،
عڪس اڇائي
گڏجي،
آب
چشمن جو
ته
استاد
مصور
جي مثال،
تاج
تصوير
ڪڍڻ
سان
ٿو ڪري عين
ڪمال.
تنهنجي باغن
۾
سدا،
آهه
بهاريءَ ري
بهار،
بي
خزان
آهه
سدا،
سبز
صنوبر جي
قطار، تنهنجي
گلشن
مان
هلي،
باغ
عدن
جي هٻڪار،
چشم
بلبل تي
چڙهي، خوب
نظاري جو
خمار،
آب
ڪوثر
جي ڦڙن ساڻ
ڦوهارا
ڇُٽڪيا،
گويا
آڪاس
منجهان
سهسين
ستارا
ڇٽڪيا.
ڪهڙي
نه
حسن بياني
!پڙهڻ
سان
”تاج
محل“ جو
نقشو
اچيو اڳيان
بيهي!انهن
شعرن
منجهان
بيوس
جي بلند
پروازي ۽ محاڪات پيئي
بکي!
سيرت نگاري:
بيوس
سيرت نگاريءَ
۾
به پاڻ
چڱو ملهايو
آهي. راڻي
پرتاب
سنگهه
جي سيرت
هيئن
ٿو
چٽي:
”اُداسي
دل، غريبي
ويس
۾
هو راج
جو راجا،
سُڪن
سورن جي
سيجاتي، سمهڻ
لاءِ
ساماڻو،
سمهڻ
لئه سيج
ٿي
ڌرتي،
پنن
۾
کائڻي
روٽي،
نه
وارن جي
سنوارت ئي
ڪرائڻ
ڪم
فقيراڻو.“
راڻي پرتاب
سنگهه وعدو
ڪيو
هو
ته جيستائين
وڃايل ملڪ
وري
هٿ نه
ڪندس
تيستائين ڪکن تي
سمهندس ۽ پنن کي
کائيندس،
اهو احوال مٿين
سٽن
۾
بيان
ڪيو اٿس.
بيوس جو
عقيدو:
هيٺيئن گيت
مان
بيوس
جي عقيدي
جو
پتو پوي
ٿو
ته
هُو
ڀرمن ۽ سنسن
کان
آجو هو.
ڪن
وانگر سج،
چنڊ
گانُين، پاڻي
۽
پهڻ پُوڄڻ
کان
پري هو:
وڻ
ٽڻ
پاڻي، پُوڄيندي،
عمر
وِيئي
ڀَرمن ۾،
تڪ
تڪ سج
چنڊ،
گئُو نهارين،
خيال
وسي
ڀوڄن
۾،
مٺڙا
ڇو
ڀٽڪين بَربَن
۾،
سچي
شانتي هَري
ڇرنن
۾.
هُو
ڏيک
ويک واري
خير خيرات
جي خلاف
هو کيس مسڪينن
محتاجن جي
گهُرج پُوريءَ
ڪرڻ
ئي
وڏو دان
پُڃ
تي
نظر آيو:
دانُ
ڪَيُءِ سنمان
ڪَڍڻ
لئه
ڏِنئه رڳو
ڏيکن
۾،
گهُرج وارن
جي گهُرج
نه
لاٿئِه، وِڌُ
۽
وَڏَنِ ڀٽن ۾،
مٺڙا
ڇو
ڀڙ ڪين بَرَبَن
۾
بيوس جو
رُوحاني
شعر:
بيوس
فقير تن
هو،
سندس هيٺئين
شعر
مان
معلوم
ٿئي
ٿو
ته هُو
حقيقي
يار
جي
تلاش
۾ آهي:
هوت
هِردي ۾ وڃايم
ٿيو
عبث ٻاهر لَهڻ
دل
ڇڏي
ديدار
لئه،
پيو مفت
ڳولا
۾
ڳهڻ
ملڻ
جي آسري
بيوس
حياتيءَ کي هلايان ٿو
رهي
جي آس
اڻپوري، نِڌر
ناتو وري
ڇا
جو
ڏسجي
ٿو
ته
بيوس کي حقيقي
محبوب سان
ملڻ لاءِ
ڏاڍي
تڙپ آهي.
حقيقي
يار
کي اکين
جي وَنِينُ
کان
به ويجهو
سمجهي، کيس پردي
هٽائڻ لاءِ
عرض ٿو ڪري:
”وَسيِن
ويجهو وَنين
۾
ٿو،
پرين
پردو وري
ڇا
جو؟
بئي
خود پر
ان پرانين
جو، وچئون
وِيڇو
وري
ڇا
جو“؟
بيوس
طلب و
تمنا
فنا
ڪرڻ
۽
نفسي سڌون
ماري، ٻئي کي سوال
نه ڪرڻ جي
هدايت ڪري ٿو:
”گهُر
نه
هرگز، گهُرج
اندر
ناقصائي جو
نشان
فڪر
بيوس
ڪرفنا،
طلب
و تنما
واسطي.“
بيوس
کي
هر شيءِ
۾
”لالن
جو لقاءَ“
نظر اچي
ٿو،
تو ئي
دشمن
سامهون اٿس،
تڏهن به
ان ۾
محبوب جو
مظاهرو پسي
ٿو:
”لالن
لقاءَ
تنهنجو هر
جا
نطر
اچي
ٿو
توکي
ڏسان ٿو آڏو،
دشمن
اگر اچي
ٿو.“
حقيقي
محبوب جي
محبت واري
مهراڻ
۾ پوڻ
سان
گُناهن
جي پاڙ
صفا
پٽجي وڃي
ٿي،
تنهن بابت
ٻُڌائي
ٿو:
”پريم
ساگر ۾ پوَڻ
سان
مامتا
مٽجي
وئي،
هِن
پُوتر جَل
اندر
جَڙ پاپ
جي پٽجي
وئي“.
دنيا
جي
بي
ثباتيءَ جي
تلقين
ڪندي فرمائي
ٿو:
سڀ
فنا،
آخر
فنا،
مَر
مَرُ سوا
ڪڇُ ڀي نه
آهه،
سُپني جي
سنسار
مٿي،
ڇو موهيو
من
مستانو آهه،
گهَرَ تَڙ
ماڙيون محل
نه پنهنجا،
تن، من،
ڌن
بيگانو آهه،
جاڳ
مسافر،
ڪر
سانباهو،
ٿيڻو نيٺ
روانو آهه،
دنيا
جنهن
کي
چئجي
ٿو، سا
پاڻ
مسافر خانو
آهه،
سمجهه سچي
تون
ڌارِ
ڀائي،
وطن وڃڻ
جو ويلو
ايندو،
ڪهڙو
جڳت
۾
وکر وهايو،
ڇا
تو
ڪمايو،
ڇا
ته
وڃايو،
جا
چيندا
پر
ڪار
ڀائي، وطن
وڃڻ
جو
ويلو ايندو.
بيوس جو
ٻاراڻو
شعر:
ڪنهن
به
مهذب ۽ متمدن
قوم
۾
ٻاراڻو
ادب به
ايتري
ئي اهميت
رکي ٿو، جيتري
وڏن
جو علم
ادب،
بلڪه آءٌ
ته
چوندس ٻاراڻو ادب،
وڏن جي
علم
ادب کان
وڌيڪ
اهم ۽ ضروري
آهي:
ڇاڪاڻ ته
قوم
جو بُنياد
۽
پيڙهه ٻارَ ئي
آهن.
همن
سلسلي ۾ به
بيوس
پاڻ
چڱو
موکيو آهي.
سنڌي
ادب ۾ ٻاراڻي ادب
جي وڏي
کوٽ
هئي،
جنهن جي
ڀرڻ
لاءِ
بيوس
صاحب، گهڻيءَ
حد تائين،
ڪامياب
ويو
آهي، اهو
ئي سبب
آهي
جو اسان
جي
سنڌي درسي ڪتابن
۾
به
ڪيترائي بيت
۽
گيت،
ڪشنچند
بيوس جا
درج
ٿيل
آهن
جي گورنمينٽ
جي
منظور ٿيل ڪتابن ۾ ڏنل آهن.
جنهن
ڪري
ئي بيوس
ٻالڪن
جي ٻاريءَ جو
موجد
بڻيو ۽ جڏهن
ٻارن
جي لاءِ
”گلستان“
رسالو جاري
ٿيو.
ان
جو
سينگار
بيوس
جا
گيت
بڻيا
۽
سندس
ننڍڙا
ناٽڪ پڻ
ٻارن
جي دلچسپيءَ
جو
باعث بنيا.
اهو سڀ
ڪجهه
ڇو
ٿيو؟
جو بيوس
جي
شخصيت ۾ پڻ
معصوميت هئي.
بيوس
ٻارن
۾
ٻار هو،
وڏن
سان
وڏو.
سندس ننڍڙن
ٻارڙن
سان
بيحد اُلفت
هوندي هئي
۽
اها
خصلت
اعليٰ شخصيتن
۾
ٿيندي
آهي.28
سيپٽمبر
1980ع
تي جيڪا
سيمينار
هندستان
(پوني) ۾ بيوس
تي
ڪوٺايو
ويو هو، ان
۾ هڪ
مقالي
”بيوس ۽ ٻار،
(ٻالڪن
جي
ٻاري)
۾
دادا
شيوڪ
ڀوڄراج لکي
ٿو:
”جڏهن مان
بمبئيءَ مان
ٻالڪن
جي ٻاري بسنت60
–
70
ٻاروني لاڙڪاڻي
ويو هوس،
تڏهن
بيوس انهن
ٻارڙن
جي رهائش،
کاڌي،
گهمائڻ وغيره
جو
اهڙو ساراهه
جوڳو بندوبست
ڪيو
هو،
جو اُهي
هندستاني ٻار
جي
هينئر وڏا
۽
آفيسر ٿي ويا
آهن،
تن
کا
اڄ
تائين
اهو سير
وسري
نه ويو
آهي“.
مذڪوره بالا
سيمينار
۾
سندس نياڻي
پورن ديويءَ،
”بيوس:
هڪ
آدرش پتا“
جي عنوان
هيٺ ليک
ڏنو
آهي،
جهن ۾ چوي
ٿي:
”ايترين
سارين مشغولين
هوندي به
اسان کي
ڪڏهن به.
نه
چيائون ته
مون
وٽ وقت
ڪونهي
جيڪا
گهُر
ڪندا
هواسون،
سا
پوري
ڪندو
هو، راند
ڪيون
ته کيس گهوڙو
بڻايون.
کيڏندي
کيڏندي گيت
تيار
ٿي ويندو
هو،
”شابس
منهنجا
گهوڙا
تيار، تکي
ريل
جي هل
رفتار“ ساڻس
گڏ
ڦوڪڻا
ڦوڪي
اُڏايون ته
راڳ
تيار
”ڦوڪي ڦاڙ
نه
ڦوڪڻو،
منهنجو آهه
ملوڪڻو“. هڪ
ٻئي
جي
چولي جي
پُٺ
پڪڙي، ريل
هلايون ته
گيت
تيار، ”اچو ته
ننڍڙي ريل
هلايون، 6
6
پيسا
ٻه
ٻه
پايون.“ پاڻيءَ
جي ٿالهه ۾
ڪاغذ جي
ٻيڙي
تاريون ته
نظم
تيار، ”ٿالهه پاڻيءَ
جو آڻيو
ڀري،
ڪاغذ
جي هيءَ
ٻيڙي
تري.“ وغيره
ڪڏهن
ڪو
ٻار
بيمار
ٿئي ته
ڪا
ڪا
سڄي
رات
ٻار
جي سيرانديءَ
کان
ويهي، جاڳندي
گذاريندا
هئا.
ننڊ
نه ايندي
هئي ته
مٺي
مٺي لولي
ڏيندا
هئا.
”لالن
کڻندو
پنج رپيا
هلندو
بازار
۾،
هڪڙي
ڀولي
وٺي ايندو
گهر ۾،
ڀولي
چوندي اون
هون مون کي
بک
لڳي آهي،
لالن چوندس، بس
ڪر
ڀولي
ڀَتُ
ڏيانءِ
ٿو
ٺاهي،
لالن ويندو،ر
ڌڻي
منجهان
ديڳ
کڻي
ايندو،
ڀوليءَ
لاءِ
مٺو
ڀت
چاڙهيندو،
ڀولي
رن
کائي
کائي
ٿلهي
ٿي
پوندي،
ٽپو
ڏيئي
لالن جي
ڪَڇَ
۾
وهندي،
”پورن“
جي
چوٽيءَ کي
ڀولي پٽيندي،
”پدما“
جي پوتي
کي
ڀولي
ڇڪيندي،
”نونا“
جي ڪتابن کي
ڀولي ڦاڙيندي،
”پتان“
جي وارن
مان
جوئان
ڪڍندي،
”ڀاڀيءَ“
جي
ڏر مان سُئي
ڪڍندي،
ڀاڀي
هڻندس سُئي
تيه ڀولي هت
پئي
ٿي
مُئي،
لالن چوندو
اُون
هون، مون کي
ڀولي آڻي
ڏيو،
ڪاڪل
چوندس بس
ڪرلالن،
هل تون
ٻاهر
کوهه
تي،
کوهه
تي
ويندا،
ڀولي ته
هوندي
کجيءَ تي
پئي
ڏوڪا
کائيندي،
لالن کي
ڏسندي، تنهن
کي
چوندي، لالن
مٿي چڙهي
آءُ،
مون سان
گڏجي
ڏوڪا
کاءُ
ڏاڍو
ڏوڪن
۾
ٿي
چاهه.(1)
ڏوڪا
پَيسي
لڳا
پاءُ
”لالن“
چوندس
ڀولي هيٺ
لهي
تون آءُ
ڀولي
نه
لهندي، لالن
تنهن تي
پٿر
کڻندو
ڀولي
اچي
هيٺ
ڪرندي
”لالن“
تنهن کي
ڳچيءَ کان
وٺندو،
گهر ڏي ايندو
ڀاڀيءَ
کي
چوندو، ڀاڀي، اجها
ڀولي ڀاڀي
ڏيندس
لولي، لولي،
لولي........
(2)
بيوس
جي گيت
”تارن
ڀري
رات“ ۾ اهو
ڄاڻايو
ويو آهي
ته
ٻار ماني
کائي
رهيو آهي،
سندس
نظر آسمان
جي تارن
تي وڃي
پيئي ۽ هو
تارن کي مخاطب
ٿي
چوي ٿو:
آءُ
لهي تون
تارا
آءُ،
مون
سان
گڏجي
ماني کاءُ،
ڇو
مچڪائين خالي
وات،
ٽمڪ
ٽمڪ
تاريلي رات،
ٻارن
کي
رانديڪن سان
کيڏندي
۽
ڦوڪيندي
ڏسي،
ٻار جي
ترجماني هيئن
ٿو
ڪري:
ڦوڪي
ڦاڙ
نه
ڦوڪڻو،
منهنجو آهي
ملوڪڻو،
ڦاٽي
پوندو سبي
نه
سگهبو،
ٽونڪر
ڏيندي،
ٽوٽڻو،
ڦوڪي
ڦاڙ
نه
ڦوڪڻو.
ٻارن
جي جذبات
جي ترجماني
هن طرح
ڪري
ٿو:
اچو
ته ننڍڙي
ريل
هلايون،
باهه بَبوءَ
۾
دود
دکايون،
ڪري
واءُ
سان
واهه
جو وايون،
ڇهه ڇهه
پيسا
ٻه ٻه پايون.
آءُ
ته اڌڙي
راند
ڪڏون،
تختي
واري پينگهه
لڏون،
هڪڙي
هيٺ مٿي
ٻي
ٿيندي،
پينگهه مزي
سان
لوڏا
ڏيندي.
اهڙيءَ
طرح
ٻارن
جي چنڊ
کي
مخاطب جو
اظهار
هن
طرح
ڪري
ٿو:
چمڪ
چمڪ تون
چنڊ
مشعال،
چوکي
تنهنجي چنچل
چال.
سمنڊ
يا
ڪنهن
واهه ڪناري ٻار گهرڙا
ٺاهي
کيڏندا
آهن:
سمنڊ
ڪناري
آيا
ٻار،
راند
ڪُڏڻ جي
ڪندا
پچار،
جتي
وڏا
هئا
واريءَ
ڍير
،
پهتا
ساجُهر
اُتي
سوير،
هڪٻئي جي
واهر جي
وير،
ٻار
مچي ٿي بيٺا
شير.
ڪُڪڙن
جو
ٻانگون
ٻُڌي
ٻار به
ڪڪڙون
ڪُو
ڪندا
آهن
انهن
لاءِ
ڪڪڙ
کي
مخاطب ٿئي ٿو:
تارن ۾ تو
لاءِ
گهڙيال،
وقت
جو جنهن
مان
جاچين
حال،
ڄاڻين
پهَر، بجا
۽
پَلڪون،
ڪُڪُڙون
ڪون
ڪُڪُڙون
ڪون
ٻار
بدڪن ۽ پکين
کي
پيار
ڪندا
آهن،
ڪتي
کي
پکين جي
ويجهو
ڏسندي فرمايائين:
نهَ
وُڌ منهنجي
بدڪن
سٺين ڏي
ڪُتا،
هجن
شل هي
قائم سدا
هي
ڪتا،
مون
پاليوُن نپايون
هي پاٻوهه
سان،
نه
جهل تن
کي
ڊوڙي
اچي
ڊوهه
سان.
بيوس
جي ٻاراڻي نظم
کي
ڪسوٽيءَ
تي
پرکبو ته
هنن
۾
غضب جي
رواني ۽ ترنم
نظر
ايندو.
ٻوليءَ جي
لحاظ
کان،
بيوس جا
ٻاراڻا
نظم،
سنڌي
زبان
جا
شاهڪار
نظم
آهن. هن
جي
شعر ۾
ٻارن
جي تفريح
جو
سمورو
سامان
مهيا
آهي
۽
مفهوم جي
خيال
کان
ٻارن جي
وندر
۽
نصحيت جا
جواهر
پاره
(Master Pieces)
آهن.
بيوس جي
شعر ۾ ادبي خوبيون:
بيوس
جو شعر،
ادبي
خوبين جو
ڀنڊار
آهي، سندس
شعر
سادو، پر
سلوڻو آهي،
نماڻو ۽ فطري
آهي،
ٻهراڙيءَ
جا
ٺيٺ
الفاظ
۽ محاورا، دهقاني
تشبيهون ۽ سه حرفي،
سندس ڪلام
جي
خاص
خوبي
آهن، ملاحظو
فرمايو:
تجنسيون:
ساريان سي
ساڙيهه جا سَلا
سونهن
ڀريا،
جن
۾
ڇيلن
ڇانگ
ٿي
چيها
چِلُ
چَريا.
وِيُن ولڙين
وچ
۾،
وَلرَ وڳ
وريا،
ڌرتيءَ
اُت
ڌريا، ڇڳن ڇاڻي
ٻُور ٿي.
پهرينءَ سٽ
جي
لفظن جا
پهريان
”حرف“
”س“
سان
ٽين سٽ
جي
الفاظ
جا
پهريان
حرف ”و“ سان
شروع ٿين ٿا،
جي
پڙهڻ ۾ مزو
پيدا
ڪن ٿا
۽
انهيءَ
صنعت کي تجنيس
حرفي
ٿو
چئجي. هاڻي
وري تجنيس
تضاد
جو
مثال
هيٺ
ڏجي
ٿو:
چڱَائي ۽ مدائيءَ
جي سڄي
ساڃاهه صاحب
ڏي
ڀلو
۽
بهتري جنهن
۾
سدا
سا
شال پاريون
پر
مٿئين سٽ
۾
چڱائي جو
ضد
مدائي آڻي
تجنيس
”تضاد“ ڪم آندو
اٿس.
صنعت
تلميح:
کڙ
کٻيتي
جي
بيان
۾ چوي
ٿو:
”يا
طور
جو
تجلو ڀر پور
نور
وارو
اظهار
ڪرڻ آيو
جلوي
کي
جيتڙن ۾.“
هن
شعر ۾
”طور“
جي
تجلي جو
حوالو
ڏنو
ويو آهي.
حضرت
موسيٰ عليه
السلام، جبل
”طُور
سينا“
تي
الله جي
نُور
جو تجّلو
ڏسندو
هو.
ان
جو
مثال
بيوس
تلميحاً
وٺي
کڙ
کٻيتي
جي چمڪي
جو
بيان
ڪري ٿو ته
هن
جيتڙي ۾ اُهو
ساڳيو
”طور“ وارو
تجلو ته
نه
آيو آهي؟
تشبيهون ۽ اصطلاح:
مثال(1)
پاڻ
لئه
جو گڏ
ڪيو
مون،
تنهن ڪيو جڳ
کان
جُدا،
منهنجي مان
منهنجي اکين
تي کيپ جا
کوپا
چڙهيا
شعر
سادو، پر
ڪيڏو
نه
پُر معني!
کيپ
جا
کوپا
چڙهڻ“ هڪ
عمدو
اصطلاح
آهي.
مثال
(2)
خون
مسڪيني ٿي چوسيو،
سود
خورن ڄور جيان
گهُرج جي
گهوٻي لڳي
۽
وياج
جو
وارو وريو
هن
سٽ
۾ وياج
خورن جي
تشبيهه
ڄوَر سان
ڪئي
ويئي آهي،
جيئن
ڄَور،
ماڻهوءَ جو
آهستي آهستي
خونُ،
ٿورو
ٿورو چوسي،
ڀرجي
ويندي آهي،
تيئن
وياج
خور
به غريبن
جو
خون، وياج
وٺڻ سان
چُوسي، شاهوڪار
ٿين
ٿا، پر
غريبن جي
مالي حالت
کي
گهوٻي لڳي
ٿي
وڃي.
ٻيءَ سٽ
۾
”گهوٻي
لڳڻ“، ”وارو ورڻ“
اصطلاح
ڪم
آندا
اٿس.
معلوم ٿو ٿئي ته
خيال
جي
نزاڪت ۽
ٻوليءَ جي
وسعت
سندس شعر
۾
موجود آهي.
صنعت
مراعات
النظير:
مثال:
”ڪڙڪاٽ
ڪُنن
جا
ڪي،
ڇولين
جا
ڇوهه
مون ۾
آهن
مَڇنُ ڪَڇُن جا
ڪيڏا
انبوهه
مون ۾
درياء
جا
درندا،
واڳوُ
۽
ڳوههَ
مون ۾
ٻُڏندا
وتن
ڪچي
جا،
ڪوهن جا
ڪوهه
مون ۾
واري به
آهه
بيوس،
ڪنهن جاءِ
سون واري
تاريان
ٿي، سِيَر
تي
مان
ٻيڙي اڃا
سچاري“.
مٿئين نظم
۾
سرڳواسيءَ نديءَ
جو
ذڪر آڻي،
پوءِ
ان
سان
ٺهڪندڙ ۽ واسطيدار شين،
جهڙوڪ:
ڪُنن،
ڇولين،
مَڇُين، ڪَڇُن، واڳُن
۽
ڳوهن
جو بيان
ڪيو
آهي، جنهن
کي
فني
لحاظ
کان
صنعت
”مراعات
النظير“ چئبو
آهي.
باريڪ
بيني:
مثال:
”عشق
جي
اوگهڙ کي
ڏسي، ٿيو بي
حجابيءَ
کي
حجاب
ناس
ٺوڪيندو ڀڄي ٿو، نينهن
وارن کان
نقاب“
هن
شعر ۾ باريڪ
نڪتو سمايل
آهي. چوي
ٿو
ته
عشق جي
اوگهڙ،
اهڙي ته
ننگي
آهي، جو
سڀ
ڪنهن
اوگهڙ کي مٿس
رشڪ
آهي. مطلب
آهي
ته برهه
جي
بدنامي، نينهن
وارن کانسواءِ
ٻيا
سڌڙيا
سَهي
نٿا
سگهن.
ٻيءَ
سٽ
۾
”ناس
ٺوڪڻ“ هڪ
انوکو
۽
عجيب اصطلاح
استعمال
ڪيو اٿس،
جنهن جي
معنيٰ آهي:
لڄي
ٿِي،
پَڄَڻُ، اهڙيءَ
طرح
جيڪڏهن باريڪ
بينيءَ سان
ڏسبو
ته عجيب
معنيٰ سان
پُر آهي.
مثال:
چَنڊَ جي
صابڻ
چَڪيءَ سان
چٽ لڳي.
چمڪو
کُليو
صاف گج
ڌرتيءَ
مٿي،
ڄڻ
کير
واري ٿي اچي.
ڪهڙو
نه
باريڪ نڪتو!
جو
سوچ ويچار
بعد، سمجهه
۾
ايندو،
مٿئين بيت
۾
چوي
ٿو
ته ميري
ڪپڙي
کي
صابڻ
جي چَٽ
لڳندي آهي،
ته
اهو سفيد
ٿي،
چمڪو
ڪڍندو
آهي، تيئن
ڄڻڪ
چنڊ
گولي چَڪيءَ
جي
چَٽ سان
اُونداهه جي
ڪاراڻ يا
ميراڻ
ڌوپي،
دُور
ٿي
وڃي
ٿي ۽ سندس
کير
جهڙي
سفيد گج
(چانڊوڪي)
ڌرتي
ءَ تي
ڪَري،
چمڪو
ڪڍي
ٿي،
مطلب ته
چنڊ
اُڀريو آهي
۽
سفيد
کير
جهڙي چانڊوڪي
يا
روشنائي ٿي.
ڪيڏي نه
باريڪ بيني!!
ساڳئي شعر
۾
چنڊ
جي تشبيهه،
صابڻ
جي چڪيءَ
سان
۽ چانڊوڪيءَ
جي صابڻ
جي سفيد گج
سان
۽ ميرن
ڪپڙن
جي
وري اونده
سان
ڪري، صنعت
تشبيهه پڻ
استعمال
ڪئي وئي
آهي،
ميرا
ڪپڙا
اتي
ڳجهيءَ
طرح
آيل
آهن.
اهڙي طرح
ڏسبو
ته بيوس
جي
شعر ۾ ادبي
خوبيون بي
انداز
آهن.
مگر هتي
”مُٺ
مان
خرار پرکڻ“
جي
مثال،
تمام
مختصر
ڏنيون ويون
آهن.
خامِيونُ:
قبول
ٿو
ڪجي
ته بيوس
جو
ڪلام سلاست
۽
فصاحت
سان
ڀرپور آهي.
سندس
سه حرفيءَ جي
سونهن هر
پڙهندڙ ۽
ٻُڌندڙ کي موهي
ٿي:
پر
جيڪڏهن دقيق
نظر
اُستاد
شاعر،
شعر جي
تارازي هٿ
۾
کڻي،
سندس
شعر کي توريندو
تڪيندو ۽ ڪو ادبي
صراف، هن
سانڍيل سون
کي
ساهت جي
صرافن
واريءَ بازار ۾ آڻي،
ادب
جي
ڪَسوٽي تي
هڻي
ظاهر
ڪندو ته
سرڳواسيءَ بيوس
جي
ادبي سون
تي
ڪجهه
ميراڻ
به
نظر ايندي،
پر ايترو
آهي ته
بيوس
جي شاعري
سنڌي ادب
۾ هڪ
نئون موڙ
هئي،
انهيءَ ڪري لازمي
هو ته
ان ۾ ڪي
ڪميون بيشيون
به
اچن، ڇاڪاڻ
ته
”نقش
ثاني“
”نقش اول“
کان بهتر
سمجهيو ويندو
آهي.
جيئن ته
بيوس
جو شعر،
پنهنجي قسم
جو
”نقش
اول“ آهي.
انهيءَ
ڪري
کانئس
ڪي
اکري اوڻايوُن
ٿيون
آهن، جن
جو
وچور وارو
بيان
هيٺ
ڏجي
ٿو:
شعر
کي
موزون بنائڻ
لاءِ
صحيح
تلفظ
کي
غلط
استعمال
ڪرڻ:
مثال(1)
:
فرقت
خنجر وهائين،
مرهَمَ وصلُ
لڳائين“
هن
سٽ ۾ وزن
کي
پوري
بيهارڻ لفظ
وَصل
کي
”وَصُل“ ڪري غلط
اُچاريو
ويو آهي،
پر
جتي وزن
پورو
ٿي،
اُتي ساڳيو
ئي لفظ
استعمال
ڪيو اٿس.
”وَصَل
جي ور
ور
اچڻ سان
واڻ
جيئن
وٽجي وئي“.
هن
سٽ ۾ وزن
کي
پوري
بيهارڻ ۾ ساڳيو
ئي لفظ
”وَصل“
درست ڪم آندو
اٿس.
مثال ((2):
سنڌ
جي روشن
شمع
تان
ويو
ولائت ڏي شعاع
هتي
به وزن
کي
پوري
ڪرڻ
خاطر
”شمع“ کي
”شمع“ ڪري ڪم آندو
اٿس.
پر هيٺئين
وري
ساڳيو ئي
لفظ
صحيح
آهي.
”شمع
آزاديءَ سندو،
هيءُ
آهه انگريزي
مزو“
مثال
(3):
اهڙيءَ
طرح
هيٺين سٽن
۾
ڏسو:
(الف)
بي
لُطُفُ حياتيءَ
کي
به شمشاد
ڪنداسين
(ب)
بي
لُطُفُ زندگي
بيڪار
بوتي
جي مثل.
پهرينءَ سٽ
۾
لفظ
”لُطف“
صحيح
ڪم
آندل
آهي، پر
ٻيءَ
سِٽ
۾
ان
کي
”لُطُف“ ڪري ڪم آندو
اٿس
جو غلط
تلفظ
آهي. حالانڪه
ان
۾ ”ط“ ساڪن
لکڻ صحيح
آهي.
اهي
اعرابُن جون
غلطيون چئبيون
آهن.
ڪي
شاعر چوندا
آهن
ته
اهي لفظ
غلط
العام
”صحيح“
جي
مقولي موجب
صحيح
آهن.
مگر
عقل سليم
ڪڏهن
به
اها
ڳالهه
تسليم نه
ڪندو.
اُهي
غلطيون جي
سڄو
عوام
ڪري. اُهي
مٿئين مقولي
جي
زُمري ۾ اچي
سگهن ٿا،
باقي جي
غلطيون چند
ماڻهو
ڪندا،
اُهي
اِن زمري
۾
اچي
نٿا
سگهن. اُهي
غلط آهن
۽
علم
ادب ۾ روا
نه
آهن.
قافئي
۽
وزن جون
غلطيون:
ڪٿي
ڪٿي
وزن
۽
قافيه ۾ به
ڏَڌِ
آهي.
مثال1
:
ڦلواڙ
ڦوهه
مان
ڦري
ڦولن جي
ڌوم
ڌام،
ڇا
لام
لام
تي
ٽڙيا
گل
لال
عام جام،
گينڊو گلاب
ديد کي ڏئي اشرفيون
انعام،
شبنم
وسائي شوق
مان
موتين
مٺيون مدام.
ٽينءَ
سٽ
۾
”انعام“ وزن
۾
”انام“
ٿي
پوي ٿو، جو
صحيح
نه
آهي.
مضمون يا
خيال جون
غلطيون:
ڪٿي
وري
سرڳواسيءَ، خيال
۽
ربط جون
غلطيون
ڪيون آهن،
ان ڪري سندس
خيال
جو
سلسلو سوُڌو
نه
رهيو آهي.
مثال:
(1)
آسماني آڇ
سان
اڄ گل
ٽڙيا
گلزار
۾
بُوند باراني
وسي، پُر
مغز
ٿئي
هٻڪار
۾
(2)
اڄ مڙي
بادل کڙي
آيا
ٽڙي، ٽانگر به
خوب،
پڻ
چڙي ٺاري نڙي،
گهر
۾
گهڙي
ٿڌڪار
۾
(3)
رعد رڙڪا،
گوڙگڙڪا،
خوب
ڪڙڪا
ٿو ڪري
پڻ
تنبورا
ساز
سرندا، سارنگين
هي تار
۾
مٿين
شعر ۾ خيال
کي
اڳي پوءِ
آڻي،
شعر جو
مزو
ئي وڃايل
آهي: برسات
جي ذڪر
ڪرڻ
سان
گڏوگڏ،
نتيجي ۾ گلن
ڦلن
جو
ٽڙڻ
جو به
هڪدم
ذڪر ڪيو اٿس،
پر ارمان آهي،
جو
برسات
جي
شروعات
کان
اڳ ئي
”گل
ٽڙيا
گلزار
۾“
۾
چئي،
خيالن کي اڳي
پوءِ ڪري ڇڏيو اٿس،
کيس
گهربو هو
ته
برسات
پوڻ
کان اڳ،
ڪڪرن
جو مانڊاڻ ۽ رعد
جي
گوڙ جو
بيان
ڪري ها.
ان
کانپوءِ مينهن
پوڻ
جو نظارو
چٽي، بعد
۾
گلن
ڦلن
ٽڙن،
هٻڪار
۽ چڙيءَجي
خوشيءَ جي
خبر
ڏئي
ها
ته
بهتر ٿئي ها.
اهو
نُڪتو هڪ
سخن
سنج، نڪته
دان
اديب
کي
قبيح
لڳندو، باقي
اڻ ڄاڻ ته
سرحرفيءَ
جي
ڌنَڪَ
تي موهجي،
واهه واهه
ڪندو.
حشو
قبيح:
مثال:
”وطن
حُب
ديش جي
ڀڳتي،
اُتم
اعليٰ عجب شڪتي“
هن
سِٽَ ۾
”وطن حب“
پڙهڻ صحيح
ٿو لڳي،
”وطن
جي
حُب“ يا
”وطني
حب“ هجي
ها
ته
به
صحيح
هو.
اهڙيءَ طرح
”اُتم
اعليٰ عجب
شڪتي“ لفظن
۾
اُتم
۽
اعليٰ
ٻَئي هم
معنيٰ لفظ
آهن:
پرهڪ
سنڪرت ۽ ٻيو عربي
ٻوليءَ
جو
لفظ
آهي. اهي
ڀراءَ جا
لفظ
آهن،
جن کي فني
ٻوليءَ
۾
”حشو“
چئبو آهي.
اهو
حشو، ان
ڪري
ايندو آهي،
جو
لفظن جي
پُورائيءَ کان
مصرع موزون
ٿي
پوي:
پر
حشو، جو
موزون لفظن
جو
نه آهي،
ان کي ”حشو قبيح“
چئجي ٿو ۽ شاعرن
وٽ ناجائز
آهي.
مثال:
”طرح
طرح
جا
عجب
تماشا،
رچي
ٿي
ڇا
ڇا
اپار قدرت“
هن
سِٽ ۾ پڻ
”ڇا
ڇا“
حشو
قبيح
آهي
ڇو ته
”طرح
طرح“
جو
مفهوم سمايل
آهي.
بيوس
جي ڪلام
۾ جيتوڻيڪ
ڪي
لُغوي ۽ فَنِي
اُوڻايوُن به
نظر
اچن
ٿيون، تڏهن
به
سندس ترقي
پسند
خيالن، انهن
کي
ڍَڪُي
ڇڏيو
آهي. بيوس
جيئن
ته پهريون
شاعر آهي،
جنهن
سنڌي شاعريءَ
کي
نئين نموني،
نقل
تان
اصل ڏي موڙيو.
تنهن
کان لازمي
طرح
ڪي
اُوڻايون به
سرزد
ٿيڻيون
هيون. پر
اهي
اوڻايون به
ڪي
اهڙيون
ڪين
آهن، جن
لاءِ
بيوس
کي
ڪو
خاص
ڏوهه
ڏيئي
سگهجي. اهي
چُڪون اهڙيون
آهن جي
ڪلام
جي جواهر
پارن
تي
ڪو
به داغ
۽
سندس ساهت
جي سون
۾
ڪو
مَٺُ
ڪو
نه
ٿيون مِلائين.
اسان
تي
سندس احسان،
اهو ئي
لک
آهي، جو
سنڌ
جي شاعرن
کي
قومي شعر
چوڻ
ڏانهن
راغب ڪري ويو
آهي.
حقيقت ۾ بيوس
هڪ
پرائمري ماستر
جي حيثيت
۾،
جديد خيالات ۽ ترقي
پسند
نظريات
پنهنجي
نظمن ۾ آڻي،
واقعي هڪ
وڏي
عالم ۽ شاعر
واري ڪمالات
جو
ثبوت ڏنو آهي،
ان کانسواءِ
سندس
ڪلام ۾ رواني
۽
سرحرفيءَ جي
سُونهن به
آهي،
جيڪا
اُنهن
اُوڻاين کي درپرده
رکي
ٿي.
بهرحال
بيوس
جو شعر
ادبي
ميدان
۾ ساراهڻ
جوڳو آهي.
سندس
ڪلام مقبول
عام
آهي
۽
پڙهڻ ۾ جاذب
پڻ آهي.
لاڙڪاڻو سيد محمود شاهه
بخاري
مارچ 1991ع
خادم العلم
|