ڪافيون
ڪافي
ساميِئڙن اَڄُ
ساههُ، منهنجو
سڪُايو
دونهان
درد
جا
دم
دم دُکن
ٿا،
ڀڙ
ڀڙ
ڪري
ٿي
باهه
جوڳين جوڳ
جڳايو
سهجِيٰ وڌائون
سيخ ۾، ڪپي
ڪوري ماههُ
پرتئون پاڻ
بچايو
ٻاهر
ٻاڦ نه
نڪري، اندر
منجهه آڙاههُ
محبت مچ
مچايو
اَٺ
ئي
پهر اندر
۾،
آديسين
الله
سامين سُن(2)
لڳايو
رام
رکيائون
رُوح
۾،
رَميا(3)
مٿي
راهه
پورب
پنڌ پُڇايو
بيوس
بيراگي
ڏسي، گويا
ٿيو
گمراهه
تنهن
پڻ ڪفر ڪمايو
ڪافي
جوڳي
جوان
جبل
جي پاسي،
جيئري جان جلائين
ٿا،
مَچ
مچائي محبت
جا
سي،
پنهنجو پاڻ
پچائين ٿا.
بُک
لڳي اڄ
باهوتين(1)
کي، خاص
خوديءَ
کي
کائين
ٿا،
وحدت منجهه
وجود
وڃائي، ڀانئڻ(2)
کي ته
ڀُلائين
ٿا.
لوڪ
لباس
لِڱن
تان
لاهي،
نانگا(3)
ننگ(4)
وڃائين ٿا،
ڳل
وچ
ڳانُيونَ
ڳوڙهن جون،
۽
رنگ
ڀَڀُوت
رچائن ٿا.
جڃُ (5)ڪيا
اڄ جبروُتن(6)
سي،
سيخن ماههُ
پڇائين ٿا،
آڻيو مَنَ مواسين
(7)کي
سي،
کاهوڙي
کارائين
ٿا.
وَسنوَ ڏي وِک
ويجهڙي، سي
ويراڳي نه
وڌائين ٿا،
نابوديءَ
(8)۾
بود ڀلائي، سامي
سُڃَ
وسائين
ٿا.
آديسي اڌ
رات
اُٿي،
واڄٽ خوب
وڄائين ٿا،
ڀيڄ
ڀنِيءَ
جو
بيوس
ڀُڻڪا، (9)سُڻندي
ساهه سڪائين
ٿا.
ڪافي
(سرائڪي)
پڃري آدم
دي
وچ
ڪيئن
آئين،
هُئين ته
شير
خدائي يار،
هُئِين ته
مُرغ
هوائي يار
رنگپوري(1)
دا
هويا
رايا،
بي رنگي
آ
رنگ سمايا
وچ
صورت آپ
ڇُپائي
يار
الست
(2)دل
اقرار
ڪتوئي عبديت
(3)اختيار
ڪتِوئي
ول
ڪيُون
ڪَريَن
شڪم
(4)گدائي
پار
عشق
دي نال
وڏي دل
لاوين، عشق
سان
آوين
عشق سان
جاوين
بن
عشق دي
راهه نه
ڪائي
يار
عشق
نزول
(5)وجود
وڃائي، عشق
عروج
وصال
دکاوي
پر
هووي ساڻ
سچائي يار
ترڪ
(7)ڪري
ڪل
تخت
هزارا،
قرب
۾
رانجهن ٿيا
ڌن
وارا
ڇوڙ
شاهي ڳڌس خدائي
يار
بيوس
ڍُونڍ
دنيادي اُتي
ٻيٺي
رهسن ڪانگ ۽
ڪُتي
تيڪون باز
برهه ويسين
چائي(8)
يار
ڪافي
حاڪم
هوت هلي
آ،
ساجن ڪر ڪا
ستاري،
ورهن
(1)آهه
وڪوڙيو، دردن
دلڙي
ڌُتارِي.
دلبر
دلڙئيءَ سان
پياري،
ڏنڙو درد
دوبارا،
هڪڙا
گهونگهٽ
غم
دا،
ڏوجهي برهه
بيماري.
ڪاڪل
(2)نال
قهردي،
گهتِيُس
ڏنگڙا
زهر
دي،
ابرو(3)
سيف
(4)ايراني، ههڙو
حسن
هزاري.
گلرو(5)
خاص گلابي، مٺڙو منهن مهتابي(6)،
خُورن پڻ نه ڏٺو هو، ههڙو حسن هزاري.
پيڙا
پُور
فجر
دا،
وسريا
ڪم ڪار
گهر
دا،
راتيا
روڄ
هجر
(7)دا،
گوندر عمر
گذاري.
هُن
تَڙ
(8)حاڪم
هُياسين، هِن
تڙ(9)
بيوس
ٿياسين،
ڇوڙي
تخت هزارا، رانجَهن
ڪئي
ته ڌناري.
ڪافي
پکيئڙا
ولر
کان وڇڙيا
وڃي
اوکيءَ منجهه
اڙيا،
زهري
زُلف زور
آور
جا،
توکي
دهرا
(1)دام پيا.
ڇوٿو
پنهنجا
پَرَ
پٽين، توکي
پُختا
پيچ
پيا،
ڦٿِڪي
ڦٿِڪي
ساهه ڇڏِيندين، ڄارَ نه
ڇٽڻ
جا.
وارِن جي
ته
وراڪن ۾
ڪيئي ڪاڪُلَ
قيد
ڪيا،
هِنَ
ڪاڪِ
ڪڪوريا
ڪيترا،
هِت
ڪيئي
ڍينگ
ڍريا.
مانڊن منڊيا
ڪينڪي،
۽
جوڳين ڪين جهليا
وِههُ رکن
واسينگ وانگر،
آهِن زِهر
ڀريا
چُڻندي
(2)داڻا
خال
(3)سندا،
توکي
ڪَلَ
نه پيئي
ڪا،
هاڻي هَئي
هَئي
ٿو
ڪرين،
جڏهن وار
اٿئي وچڙيا.
بيوس
ڏنگ
جهلياسين ڏاڍا،
آهن
اَويِڙا(4)
هَيبتي حيوان الاڙي
اڃا
ڪين
مُڙيا.
ڪافي
هَئهِ هاءِ
فنِا
ڪيو
فراق، گهورِي
وڇوڙي جي
ته
گهڙي،
دُوري جو
ٿو
درد
دکائي، سهجي
ويٺس
سُور پرائي،
لالن وئين
لنوءُ ڏاڍي لائي،
ماريو تو
مشتاق،(1)
سڪندي سڪندي
ويو
ساههُ سڙي
نياز
بنان ٻي واهه
نه آهي،
سِرُ
رکان
ساجن
وٽ لاهي،
پرواهه ته
به
هوتن کي ناهي،
هلن سدا
بي
باڪ،(2)
ڪين
پُناسين روئي
رڙي
مَن
موهَنَ منهنجو
مَنُ
مُنجهائي، چوريءَ
ويڙو
چيٽڪُ(3)
لائي،
دلڙيءَ ۾ دلڙي
دٻائي، چُست
پرين
چالاڪ،
جيءَ
اَندر لائي
ويو جڙي
جِانب منهنجي
جان
نمِاڻي،
ساجن سورن
دردن
هاڻي،
وَرهن
کئون ڪئي ورههَ
ويڳاڻي، جيئڻ
کئون
ته
هلاڪ،
قهر
حياتي آهه
ڪڙي
سهڻا
تولئه
ساهه سِڪي
ٿو،
بي
يار
بَدن
۾
ڪين
ٽِڪي
ٿو،
ريلا
ڏيئي توڏِي
رُوح
ڇڪي ٿو، ويچارو
غَمناڪ،
اَهنجيءَ منجهه
ويو
آهه اُڙي
بيوس
عشق عجيب
اڻانگو،
لاهڻ گهر
جي
سِرَ
جو
سانگو
توڪل
ترندي تار
۽
تانگهو، پرت
کپي
هِت
پاڪ
نه
ته
ڪَيئن ويا
هِت
ڍينگ ڍرِي
ڪافي
پياس
پسڻ
جي پريتم
پيارا،
دلڙي
اُداسڻ
ڪَيئِي ته
ديواني،
دهه
دهه ڪيو دل
دم
دم
ڌڙڪي، وَرهُ
وڇوڙو وَيڙُس
رڙڪي،
سُورن جي
ڪجي
ڪهڙي
ڪهاڻي،
روئي
روئي ٿيا
پنبڻ
(1)پُراڻا،
ٽم ٽم
ٽمَن ٿا
نيڻ
نماڻا،
ڳوڙهن
جي
آهي ڳَل وَچ
ڳاَني،
درشن
تُنهنجو جانب
جائي، مُرده
دل
لئه آ
موميائي،(2)
پسڻ
پرينءَ جو
سير
نوراني،
جانب جيڪس
تو
منجهه جادو،
قرب
ڪَڙِيءَ ۾
ڪَيڙُءِ قابو،
طلسم
تو منجهه
هوت
حيراني،
بيوس
توسان
نينهن
جو ناتو،
روز ازل
کان لالن
لاتو،
سورن
تڏهن کان
ڪئي سلطاني.
ڪافي
مات
مُرڪڻ
سان
ڪري، ڇڏيا
عاشق تو
ته
اپار
يار.
عشق
اونهو ڪن خيالي،
مست اڙٻنگ
ملنگ موالي،
ناهي ٻئي
ڪنهن جي
مجالي، ڪرڻ سِرُ
ڌَڙ
يار.
لعل
لب ياقوت
(1)يمني، صاف
دندان
دُر
عدني(2)،
خال (3)گويا
مشڪ
ختني(4)، زلف
زهري
مار(5)
يار.
آيا
ابرن
(6)کي
اشارا،
تير مزگان(7)
جا وسڪارا،
عاشق سينو ڏئي ويچارا، ٿيڙا شير شڪار يار.
مَٽُ
نه ڀانيان
مَن
موهن جي،
شمس
چنڊ ۽ ٻئي
ڪنهين کي،
ڪيئن
پاڙيان
يار سان
سي، جي
هجن
هوت هزار
يار.
فيصلا
اونڌا
هلائي،
درد بلڪل
وٽس
ناهي،
مون
کي
پڻ بيوس
ڪي
وآ،
سونهن جي
سرڪار
يار.
غزل
ڇا
لاءِ
دلبر جانيءَ
ايڏي اوير
لائي،
مون کي سوا
تو
ساجن
اوندهه لڳي
خدائي.
اکڙيون
اُداسي
(1)آهن،
هر
هر هَنجُهون
(2)وهائن،
واجها
وڏا
ٿيون پائن،
آهِينِ لنوءُ
لڳائي.
جَلوي
(3)جميل(4)
جاني،
دلڙي ڪئي ديواني،
بي
تاب
بي
تواني، گهورن(5)
سڄڻ
جي گهائي.
بيوس
عجيب ايندو،
دل سان
دلاسو
ڏيندو،
وِرهو وڇوڙو
ويندو،
ٿيندي دفعي
جُدائي.
ڪافي
سمجهه سچي
تون
ڌارِ
ڀائي،
وطن وڃڻ
جو ويلو
سُجهي ٿو.
هيرو
جنم توکي
هٿ
آيو، گپن
منجهه تو
ڪيئن
گنوايو،
ڪهڙي
ڪَئيءِ
هيءَ
ڪار (ڀائي وطن
وڃڻ ........)
ڪهڙو
جڳت
۾
وکر وهايو،
ڇا
تو
وڃايو ڇا
تو
ڪمايو،
جاچيندا
پرڪار (1)(ڀائي وطن
وڃڻ ........)
ويرين توکي
آهه
ورايو، يا
تو
انهن
کان پاڻ
بچايو،
سوڀ
ڪَئيءِ
ڪي
هار
(ڀائي وطن
وڃڻ ........)
رام
جَپڻ
۾
ڌيان لڳايو،
جنم وِيُوُءِ
سڦلو
ڪي
اجايو،
بيوس
ڪَي
ته سنڀار
(ڀائي
وطن وڃڻ
........)
ڪافي
ڪِئي
رام
مون
تي مهرباني
-
مُنجي سُورن
جي
مهماني.
پِتا
پنهنجي
پيارن جُون
تون
پلپل ۾ لهين
پرکُون،
سدا
سوامي
تون سنتن
کي
مُنجين ٿو سُور
سوغاتون،
ڏسي
ڏک
جي
هٽيا
پُٺِ
تي، پَري
پرڀُو ٿيا
توکئون،
مٺائي هيءَ
مصيبت جي
لڪائي کائجي لوڪُون،
ڪجي
ظاهر ڪين زباني.
پَکي
لهَه ڪين لالچ
تي،
جو داڻن
۾
دغا
هاري،
۽
چوڳي
۾
اَٿڀي رڳو
بُري
سنسار
جي
ڄاري،
ڪروڙين
ڪوڙڪا
جنهن
۾
ڦسائڻ
لئه سوين
ماري،
جي
وڇڙئين ولر
کان
ته تڙپندين
پيو
عمر ساري،
دنيا
’بيوس‘
ڪوڙي
ڪهاڻي
غزل
سمنڊ
هن سنسار
مان،
آءٌ ڪيئن وان
هُن
ڀَرِ تري،
ڪيئن
وڃان
هُن
ڀَر
تري، هيءَ
ڳالهه
ٿي
ڏاڍي
ڳري.
ڪُنن
ڪڙڪا
گوڙ
گڙڪا،
ڌُوم
ڌڙڪا
ٿا
ٻُجهن،
دهشت
هن درياء
جِي،
هيءُ
ڏِيلُ
ٻُڌندي ويو
ڏري.
هِن
سٽاڻيءَ
(1)سَير
تي،
سَٽِجَي سوين
سوُرهيه ويا،
ڪل
پوي
ٿي
ڪا
نه
ڪا
اُتان
ڪو
نه موٽيو
ڪو
وري.
تَنَ
سندو تُرهو(2)
تري،
ڪيئن
سخت هن
ساگر مٿي،
مَڻَ
مدايُون جنهن
مٿان، باري
بُرائين جي
ڀَري.
محل
ماڙيُون
وِههُ برابر،
ٿا
جَشَن
جُوٺا
لڳن،
راڄ
ڪنور ٿي راڄ
مان، نه
آيو
مزو مون
کي
وري.
مَنَ
به ڪو پهلاد
توکي، راهه
۾
گڏجي گُروُ،
جو
ڪري
ڪرپا
بتائي،
بات
سچ
جي سرسري.
ڪافي
ڀَرِي
ڀَوَ(1)
ساگر
درياهه ۾
ٻيڙو تارڻو
ٿي.
رُڃ
دنيا
هيءَ
سورن
هاڻي، هَئه
هَئه
ڄاتُئه
ڪين
سُڃاڻي،
ٽِم
ٽِم
رَتُ
اکين مان
پاڻي هارڻو
ٿي.
گَند
تي ويٺين
گوڏا
کوڙي - پاپُ
بدن پيو
سُندر چوڙي
سچ
پچ پاڻُ
ڪري
چَٽ
ٻوڙي مارڻو
ٿي.
ڪوڙو
جوڀن
ڪُوڙي
جواني، آخر
فاني موت
نشاني
تن
من تن
ڪر
هر
قرباني وارڻو
ٿي.
سخت
ٻُجهي
ٿو
سِر تي
سفر،
پنڌ پري
ٿيو
ڌيان
ته ڪو ڌر
ڪيڏو
بيوس
ڏکيو
ڏونگر
ڏارڻو
ٿي.
غزل
قسمت
پَسائي
ڏيکَ ٿِي اڪثر
نوان
نوان،
جهنگل نوان
بَرَ بَن
نوان
ڏونگر نوان
نوان.
جنهن
دَم اچيِ
ٿِي
ياد
گهڙي
راڄ
ڀاڳ
جي،
ڇاتيءَ
تي
پَون
ويراڳ
جا
پٿر
نوان
نوان.
اُميد
جي
ڦُلوارَ ۾ ڪو گُل
نه
ٿو
ڏسجي،
ڪَنڊا
چُڀن
ٿا
قهر
جا
هَر
هَر
نوان
نوان.
راتيون ويون
خوشِيءَ جون
۽
عزت
جا
ڏينهن
ويا،
نِشتر جي
عيوض
نبض تي
خنجر
نوان
نوان.
غزل
سڀ
فنا
آخر
فنا،
مر
مر سوا
ڪُڇُ ڀي نه
آهه،
رهڻو
ٿرِ
سنسار
۾ هَت
هَر
سوا
ڪڇ
ڀي
نه آهه.
سونا
سنگا
(1)سن
ڇڏي، آيا
اگن (2)جي
گود ۾،
خاڪ
ها
پڻ
خاڪ
ٿيا،
ڦلهر(3)
سوا
ڪڇ
ڀي نه
آهه.
ڪوروُن
۽
پانڊون جا،
دَلَ ڏسي
ڌرتي
ڏڪي،
اڄ سندن
اهڃاڻ
ڪُر،(4)
کيتر سوا
ڪڇ
ڀي نه
آهه.
جنهن
جي لنڪا
سون
جي
-
جنهن ڪال
پائي
سان
ٻڌو،
راوڻ لڏيو
لنڪا
ٻُڏي - ساگر
سوا
ڪُڇ
ڀي
نه آهه.
هٿ
ڪفن
مان
ٻئي
ڪڍي، سکڻا
سڪندر
ها
ڇڏيا،
سڀ
ڏسو
هي مال
زر هِت
(5)ڌر
سوا
ڪڇ
ڀي
نه
آهه.
مٺي محبت مُٺي(1)
ليلان! مَڻئي تي ڪيئن مَٽڻ گهرجي،
پرت
جي پاڙ
کي
پاڻهي، نه
پاڙاڻ
هِئن
پَٽڻ گهرجي.
سُڃا
سينگار
جنهن
ڌاران،
ڪَڙاهي
هيرا
۽
ماڻڪ،
نه
لعلن سان
اِها
لالن سندي
لذت
لُٽڻ گهرجي.
چري
ٿي
جيئن چُمين
۽
ٿِي
چَٽين هن
هار
کي هر
هر،
تيئن
ڙي
چاشني چاهان چنيسر
جي
چٽڻ گهرجي.
هَئي
جهَل هارُ
نا
هَٿ
۾
متان
دل
داسڙو
(2)ڦيري،
چنيسر چتُ
کڻي
جنهن
کان،
اهو سون
ئي
سٽڻ گهرجي.
هي
ڏِيِوَل
ڪوٽ
جو
ڏيئو،
ڏئين ڇاڪاڻ
ڏيگن تي،
نه
ڪَچَ
تي ڪانڌ(3)
ڪَؤنرُوءَ کي
کريل!
تنهنجو
کٽڻ
گهرجي.
بنا
”بيوس“ چنيسر
جي،
ڦري
هي هارُ
ٿيندو
مار(4)،
سَوا
ساجن
پوي جنهن
۾،
سو
ڪنڌ
ڪُلهيان
ڪَٽڻ گهرجي.
غزل
شوق
مان
وَٺ
شير دل
ٿي
شمس
تبريزي مزو،
آهه
جوانن لاءِ
جڳ ۾ جام
جمشيدي مزو.
پاڻ
تيزيءَ
سان
ٻري، ٻاري وساڻل
پر نٿي،
سمع
آزاديءَ سندو،
هيءُ
آه انگريزي
مزو.
صاف دل
تي
رنگ رُوحاني
چڙهيل چمڪا
ڏئي،
ٿيو
اڇي اُجري
لٽي تي
واهه رنگريزي
مزو.
ٻانڊ
وانگر دل
ٻري
ٿي
دوست
جي دولاب
کان،
چاهه مان
چوکو چکڻ
پيو
پرت پرهيزي
مزو.
جنهن
ڪچيءَ
۾
ڪين
پوکيو ٿيو پڪيءَ
۾
دربدر،
صبح
جي
سعيي
وهيڻو شام
جو ميزي
مزو.
قرب
وارن جي
ڪچائي
تي
ڪَشي
ڪَرڙي ڪمال،
چاهه وارن
کي
چکائي محب
مهميزي مزو.
فرض
کي
”بيوس“
ڇڏي
اڄ
ٿي اُڏامي
عرش تي،
خوب
ترقيءَ جي
بهاني ٿي وٺي
تيزي
مزو.
|