مرلي
منوهر
ٿو
اچي موج ۾
موهن
جا
وڄائي
مرلي،
ساته مان
کي
ٿي
رهي ياد
سدائي
مرلي.
لوڏ لامن ۾
لڳي،
لهر
۾
پن
پن
لٽڪي،
ناچ
ڇم ڇم جي ڇا
ڇَنَ
نهَ نهَ نچائي
مرلي.
جوشُ
جمنا
۾
اُٿيو ڇوهه مان
ڇٽڪيون
ڇوليون،
ڪَڇَ
مَڇَ
مست
ٿيا، مؤچ مچالي
مرلي.
گوپ
گوپين جو ويو
سيني
منجهان
ساههُ
کڄي،
اهڙي تو چاهه مان
چت چور چلائي
مرلي.
ڪيئن
رَسين
شيام
سندر
جي
تون
منوهر
مک
تي
،
ڪهڙي
تو خاص
ڪئي
آهه
ڪمائي
مرلي.
پرت ۾
مون
ته
ڪيو
پاڻ کي
بيوس
پورو،
تڏهن
مدسوس
(1)مُکَ ساڻ
ملائي
مرلي.
برج ولڀ
شيام
سندر
کي
چئو
مرلي
وڄائيندو
وڃي،
برج
ولڀ،
(1)برج ۾
راسيون
رچائيندو
وڃي.
جڳ پتي
جمنا
ڪناري
چاهه
مان
چاري
گئون،
تن گئن جي خاڪ، سر،
منهن تي وسائيندو وڃي.
پريم
پچڪاري، بهاري هوت
هڪواري
هڻي،
لال
رنگ
سان
لاڏلو
بوڇڻ
ڀڄائيندو وڃي.
ترشنا
-
تابش
کان
هردو
پريم جل ڌاران
جلي،
بي اُجالي
گهر اُجڙ کي آگ لائيندو وڃي.
منهن ڪري
موهَنُ جي مون
ڏي
مُرڪ سان
موهي
وٺي،
هي وڇوڙو
هوند
ورهين جو وڃائيندو وڃي.
جنهن پرت جي پيچ ۾
بي
سرت
”بيوس“
ٿيون
اکيون،
تنهن پرت
جا
پيچ
تازا
پرڀ(2)
پائيندو
وڃي.
جنم اشمٽي
(پرڀاتي)
آنند نند -
ڀَون (1)۾
آهي،
ڪرشن
ڪنئيو آيو
آهه،
هلي ڏسو
ڙي نند
ڪشوري مات
يشودا
ڄايو
آهه.
گگن(2)
منڊل مان
گل ڦل
برسيا،
آنند اندر لڳايو
آهه،
پن پن ۾
ڇا
ڇه
ن
ن
ن
ڇم ڇم،
قدرت رنگ رچايو
آهه.
گوڪل واسين گوپ گوالن گد گد ٿي گن گايو
آهه،
گهر گهر ماڻهن موج مچائي
منگلاچرن(3)
منايو
آهه.
شيام
سندي
سندر
ڇٻ(4)
پسندي ٿيو
جوڳي جس
ڳَيو
آهه،
هر
درشن سان
سر
چرنن تي
ڀولا
ناٿ
نوايو
آهه.
اوجل جل
جمنا
جو
چڙهندو،
چرن چمڻ لئه آيو
آهه،
پريم
ڏسي،
تنهن کي
پرميشر
ڪومل چرن چمايو
آهه.
ناس
ڪرڻ
اگيان انڌارو،
جڳ اُجالو
آيو
آهه،
وقت
ضرورت ناٿ
اچڻ لئه
گيتا
۾
فرمايو
آهه.
(203)
تون رهي نه مان
ڪرشن راڌا جو راس ناچ
برج نند شيام
اچي، راڌڪا
سان
راس
رچي،
ويئي سچي موج
مچي، تون رهي نه مان.
سُرت،
نرت
(1)سانه
رهي، ڪان کي ڪل ڪانه
رهي،
راڌا،
راڌڪا
نه
رهي، تون رهي نه مان.
ڪنول
نين(2)
کليا،
چار
ئي
هڪوار
کليا،
هڪ نظر جي ڌار
کليا،
تون رهي نه مان.
چَرنُ،
چرنَ ساڻ
کڄي،
نورو
نوري ساڻ
وڄي،
جيءُ، جيءَ
ساڻ
رَڄي،
تون
رهي
نه
مان.
چنڊ تي
چڪور
چريو، جوت تي
پتنگ
ٻريو،
واس
وٺي
ڀَنئور
ڀريو،
تون
رهي
نه
مان.
پريم جو
طوفان
گُهليو،
هر دي جو
درياءُ
ڇُليو،
کيل
کليو،
ڀيد
ڀُليو،
تون رهي نه مان.
ٿي
ستار
سواس
کڄي،
بنا
ڦوڪ
بنس
وڄي،
سرت شبد ڏانهن
ڀڄي، تون رهي نه مان.
گونج بنا
بن
نه
رهيو، لوڏ بنا
پن
نه
رهيو،
موج بنا
من
نه
رهيو، تون رهي نه مان.
سنگ ۾
اُمنگ
ڀريا
رنگ ۾
تُرنگ
ڀريا،
پريم انگ انگ
ڀريا،
تون رهي نه مان.
مسدس
(204)
ندي
آڪاس
۾
ڪڪر
ٿي،
ڪنهن
دم
هو
ڦرڻ
منهنجو،
سرديءَ
کان
برف
ٿي،
ٿيو
چوٽين
تي
ڪرڻ
منهنجو،
گرميءَ
جي جوش کان ٿيو وادين ۾
سُرڻ
منهنجو،
گهاٽٰ
جي
گهير ۾
ٿيو
غلبي
کان
گهڙڻ
منهنجو،
ٽڪري
ٽڪر
ٽڪر
سان
سر
خوب
مون
گسايو،
آخر اچي پٽن تي مون پاڻ
کي
پُڄايو.
ساهِي
پٽي ڪٿي ڀي مون موج ڪين ماڻي،
هر دم اُٿل
پُٿل ۾
پوندو
رهي
ٿو
پاڻي،
وهندي
وتان
سدائين
بيهڪ
کي
موت
ڄاڻي،
هيٺار تي هلان
ٿي
هردم ندي نماڻي،
آسا
رهي
اندر ۾
ٿي
سمنڊ
۾
وڃڻ
جي،
پنهنجي
پراڻي
گهر ۾
ساهي
وڃي
کڻڻ
جي.
کيتن
۾
جي
خوشيءَ سان
ڪنهن
ويَر پير
پايان،
ڀنڊار
برڪتن
سان
سر
سبز
سي
بڻايان،
گلزار
۾
گلن
جا
ڪي
رنگ
ٿي
رچايان،
ڌرتيءَ
جي فرش تي ٿي
تَههُ
مخملي وڇايان،
منهنجي
ڦڙي
ڦڙي
تي ٿي ۾
جلوو
۽
جان
آهي،
هر
جيِوَ جي رڳن ۾
منهنجو
نشان
آهي.
ڪڙ
ڪاٽ
ڪي
ڪُنن
جا
ڇولين جا
ڇوهه
مون ۾،
آهن
مُڄين ڪَڇُن جا
ڪيڏا
انبوهه
مون
۾،
درَياءَ
جا
درندا
واڳوُن ۽
ڳوهه
مون
۾،
ٻُڏندا
وتن
ڪچي
جا
ڪوهن
جا
ڪوهه
مون
۾،
واري
به آهه
”بيوس“
ڪنهن جاءِ
سون واري،
تاريان
ٿي
سير
تي
مان
ٻيڙي
اڃا
سچاري.
محنت
(ترجيع
بند)
بُک
سگهي
ڪيئن
تنهن کي
گهيري،
ڪم
بختي
ڪيئن
تنهن کي
ڪري،
سُستي
جو
چُستيءَ سان
ڦيري،
محنت
کي
جو پاڻ
کي
هيري،
جنهنجو
محنت
مٿي مدار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
ڪر
ڪوشش
سان
کيتي
واڙي،
وڍ
جهنگ کڻ تون
ڪوڏر
ڪَهاڙي،
محنت
جنهن جي آهه اڳياڙي،
سَرهي
تنهن جي آهه پڇاڙي،
مُند مٿي ٿئي پوک تيار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
محنت
خود هڪ
ورثو
آهي،
قرض وڏن جو
ويتر لاهي،
پونجي
پنهنجي
پڻ ڏئي ٺاهي،
وڌِ هن کان ڪا
ڪيميا
ناهي،
محنت
سان
مفلس
زردار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
محنت
موتين
جو
مهراڻ،
سون
رُپي جي خاصي
کاڻ،
علم عقل جي پڻ اڳواڻ،
هر
شيءِ محنت مان
ئي ڄاڻ،
محنت
ڪامل
ڪيميا
ڪار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
گهرج
تڏهن ٿي
گهوٻي ماري،
درد
تڏهن ٿو
ٻَرڻ
ٻاري،
مرَدُ،
تڏهن ٿي
ڳڻتي ڳاري،
سُست
جڏهن اُو مفت گذاري،
محنت
کان
ڪرڪين
ڪنار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
محنت
اهڙي آهه نه
هيڻي،
رهندي
جا
ڪِ
نصيب
وهيڻي،
آسُين
کان
ٻاجهاري
ٻيڻي،
ڀاڳ
ڀلي
کان ڀانئج
تيڻي،
قسمت محنت جي اختيار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
جي تون
آهين شاهوڪار،
زور زبر وارو
زردار،
ته به محنت کان تون ڌار نه عار،
محنت
ڌاران
مرد
نڪار،
محنت
سان
ٿي
وڌي
ڄمار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
محنت
ساڻ
نيازي
ڇاجي؟
هن هُن جي
دَرِ آزي ڇاجي؟
هُت هُت هاري بازي ڇاجي؟
غمگيني
اي
غازي
ڇاجي؟
محنت
هردم
خودمختيار،
محنت
ڪر
محنت
هر وار.
نيڪي
ڍڪيو
تاج
جنهن
شاهه
شيوا
سندو،
لڳو
جنهن کي پيارو
گندو ۽
مندو،
بندو ٿي
بڻيو جو
بندن جو
بندو،
وڃي
ويرُ
دنيا
مان سو
مُرڪندو،
جڳت لئه جيڻ ٿيو سجايو
جيڻ،
مناسب
دُنيا
۾
وٺڻ
۽
ڏيڻ.
جو ڄاڻي
وٺڻُ پر ڏيڻ ڏانءُ ناهه،
انهيءَ جو ته انسان
ئي
نانءُ
ناهه،
دنيا
خود
گذاري
جو
سندو کانءُ ناهه،
منجهس
”تون“
به
آهي، رڳو
”آنءُ“ ناهه،
ٽرڙ
ڪانءُ
ڇو
ٿئين
تون
شهباز
ٿيءُ،
رڳو پاڻ
لاءِ
ڇو؟ ٻين لئه به
جيءُ.
جڏهن درد ۾
ڪا
دٻيل دل
ڏسين،
هلاڪيءَ
۽
هاڃي
هڄيل
دل
ڏسين،
ڪا
لوريءَ
۽
جهوريءَ
لڳل
دل
ڏسين،
مصيبت
زده ۽
ڀڳل
دل
ڏسين،
نه
ڏيئي
سگهين جي مدد مال، زر،
چئين
مَنَ دلاسي جا
ٻٽڙي
اکر.
ڪڍي
هٿ ڪفن مان
سڪندر
سليو،
هتان
ڪونه
ڪوڏي
کڻي
ڪو
هليو،
بخيليءَ
کان
جنهن
پاڻ
پنهنجو
پليو،
چڱائي
کڻي
سو
دنيا
مان
چليو،
کٽين
خير تون ڇو نه مايا
منجهان،
سکج ڪي
درختن جا
ڇايا
منجهان.
ولهن
منجهه وَنڊ، جي اٿئي مالُ ڌن،
نه ڌن آهه ڪافي ته
ڀيٽا
ڏي
من،
نه من آهه موافق ته ارپي ڏي تن،
نه تن جي توانو ته
مٺڙو
وچن،
مگر ڪي نه ڪي
توکي
ڏيڻو
ضرور،
فدا
پر
- ڀلي
لاءِ
ٿيڻو
ضرور.
ڪئي
جان
جڳ
لاءِ
قربان
جن،
آهي موت سان
ڪين
مانجهي
مرن،
ڇڏي
جا
پٺيان
نيڪنامي
وڃن،
انهيءَ کان
دنيا
۾
جُڳان
جڳ
جين،
جون ٿا
ته
نيڪيءَ
کي
آهي
جٽا،
فنا
۾
اِها
آهه
”بيوس“
بقا.
الٽي آس
جي آس جي
توکي آهي
درڪار
عمارت،
تون ماڪ
جي هڪ
بوند تي ڌر، يار
عمارت،
ڪَر وهم
۽
ويچار
کي
معمار
عمارت،
ڪر ترت سا
طومان
منجهان
تيار
عبارت،
موتيءَ
جان
پريان
پيو
بکي
ڪيئن
آب
جو
قطرو،
ڌاري
نه ذرو تابش جو خوف ۽
خطرو.
ناڻي
جا
گڏي
نيل، وڏو ٺاهه دڙو
ڪو،
ان
کوڙ
متان
کَوڙ
کڻي
جسم
جو
بوتو،
ڏسُ
موج
منجهان
اوج تان
اقبال
جو
فوٽو،
اوڏو نه اچي شال
ڪو
هن چوٽ تي
لوڏو،
ترخون
غريبن
سان
مگر
خوب
ٿلهو
ڪر،
ٽاري
تون
بلاسر جي طرح
دور
ٺلهو
ڪر.
دل پوش جي
چمڙي جو ته
فولاد
مٽي ڪر،
ڍوپيٽ
جو
گگدام
جي
گردن کي ڪٽي ڪر،
هر روز
گهڻائي نه
سگهن
ڏوهه ٻه ٽڀي ڪر،
سائو
تون شجر شوق جو پاڙن کي
پُٽي ڪر،
رک آهه
سندي باهه جي
پرواهه نه ڪائي،
سِک راهه ڏي بي آهه ادا،
واهه
نه ڪائي.
بيوس جي طرح
سمجهي
تون وڃ
ڌرم
جو
دلبو،
پڪ ڄاڻ ته ڇل ڇلدر سان
ئي لوڪ کي ڇلبو،
غمناڪ
ڪري
چاڪُ
هتان
هاڪ
سان
هليو،
سنئين
سڻڪ ڇڏي پاڻ
ڏنگو
ڏيهه
کي
سلبو،
قائم
ٿو
رهي پاڻ
پٺيان
ڍونگ
بهانو،
ڇو
نرم
ٿجي
پاڻ
جي
ظالم
ٿئي
زمانو.
ڪاري
گهٽا
گرجندي
گجندي
اچي اولهه ڪنان
ڪاري
گهٽا،
ساز
سُرندن
ساڻ
وڄندي
بادلن
واري
گهٽا،
چَنگ ۽
مرڌنگ
جي
موجن
سان
متواري
گهٽا،
آهه
بجليءَ جي
بتين سان
چمڪندڙ
ساري
گهٽا،
مينگهه
جو آواز
ڌرتيءَ
تي نچائي مور ٿو،
خوب سارنگ جن مٿان
موتين
جي
گهوري
گهور ٿو.
هن سخاوت جي صدا
تي
هير آئي هيج مان،
باغ
۾
سرهاڻ
جاڳي،
گل
ڦلن
جي
سيج
مان،
۽
ستل
سبزي کڙي ٿي ٻار واري ٻيج مان،
ويو پلر
(1)جو پاڪ
پاڻي
پار
پوندو
ريج
مان،
ڪَرَ
کُنيا
ڪوماڻيل ۽
ٿي
ڪريل
سهجي
سنئون،
آهه
دهقانين جي دل ۾
آسرو
آيو
نئون.
سمنڊ ۾
رهندڙ
سپيءَ
کي
آهه
جاڳيو
آسرو،
نئين،
نديءَ
اندر
نئين سر آهه ساڳيو
آسرو،
ڏُڌَ
مکڻ ۽
کير
جو
سانڍي
ٿو
ڀاڳيو
آسرو،
جي
ڏُڪاريا،
تن
ڪمائيءَ جو تياڳيو
آسرو،
آهه بادل ۾
به
ان
رحمت
ڀريءَ
دل
جو
آڻو،
جنهن جي
قدرت ۽
ڪلاس سان
ڪيچ
ٿو
بڻجي
ڪڻو.
درد
وندن جي
دلين تان
دُور اڄ
ارمان
ٿيا،
ٿي
خوشيءَ
جا
کيل،
سرهائيءَ
سندا
سامان
ٿيا،
پڻ
تنبوري تار
تي تن تن
ڪندا
ڪي
تان
ٿيا،
لات
گهر،
راڳي
پکين
کان باغ
۽
بُستان
ٿيا،
شوق وارن لاءِ
آيو، عيش
عشرت جو
سمو،
ذوق وارن لاءِ
بيوس،
روح
راحت
جو
سمو.
پکيءَ
جي
پُڪار
تازو
تري اچي ٿو دل تي اهو زمانو،
جنهن ۾
اڏيو
اَجهو
مون،
آزاد
آشيانو،
لامن
تي لوڏ
منهنجي، شاخن تي شادمانو،
غنچن تي ۽
گلن
تي
منهنجو
هو
خاص
گانو،
موجود
۽
ميسر،
هو
سَير
آسماني،
چهري مان
ٿي
خوشيءَ
جي،
نروار
ٿي
نشاني.
سهڻو سهج سمو مون
گلزار
۾
گذاريو،
مکڙين
کي
هير ايندي تي ننڊ مان
اُٿاريو،
نازڪ
گلن
ڦَلن کي
منهن ماڪ
ٿي
ڌئاريو،
ڌرتيءَ
جي فرش کي ٿي
سبزيءَ کلي
سنواريو،
منهنجو
اُٿڻ اُڏڻ هو
پنهنجي وڏي ولر سان،
خوش هوس
پنهنجي پَر ۾، گد گد گذاري گهر سان.
ڪافي
نه
قُوت
منهنجو ٿرن ڪچن
ڪَڻن تي،
آزاد
ٿي
وڃي
جي
ويهي
رهان
وڻن
تي،
چوڳي لئه
چنهب
منهنجي شايد مڻن تي،
خوراڪ
آهي
خاصي
گهاٽن
ڇُڳن
گهڻن تي،
وٺندو
وتان
خوشي
سان
مٺڙي
هوا
چمن
جي،
مون کي
پڻي پياري
پنهنجي
پرين وطن جي.
وڇڙي
وطن ولر کان هي حال
ٿي
رهيو آ،
دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي
رهيو آ،
جيڪس هي جسم
جنسي بي جان
جي
رهيو آ،
هيڻن هڏن بنا
ٻيو
باقي
نه ڪي
رهيو آ،
پڃري
جو پئد مون لئه
موجن جو ماڳ
ناهي،
هيءَ دانهن آهه
دردَ آلاپ
راڳ
ناهي.
آجو رهي ٿو
ماري
ڪيئن پاڻ
موج ماڻي؟
ليڪن نه مون
پکيءَ تي ٿو ترس ڪو به
آڻي،
آزاد
جنهن
گذاريو،
سو
قيد
مان
نه
ڄاڻي،
بانديءَ
جي حال
دل جو باندي رڳو پڇاڻي،
آزاد
مون کي
ڪر
تون
او
قيد
ڪندڙ
سائين،
مون بي زبان
جي”
بيوس
“آسِيس کٽُ سدائين.
شڪنتلا
لکي
رهي آهي
رشي
بَنَ جي
ڦلوار
۾
ناهه
دل،
سڳنڌيءَ
۽
سينگار
۾
ناهه
دل،
مرگهه
مورتي
تار
۾
ناهه
دل،
ڪٽيا(1)
جي
ڪنهين
ڪار
۾
ناهه
دل،
رهي دل اُداسي
ٿي
ويچار
۾،
سدا
سونهن
ساگر
سندي سار
۾.
بسنتي
هوا
برج
۾
ٿي
گُهلي،
ٽڙ ٽار
هرڪا
گلن
سان
جهلي،
پرنتو (2)ڪنول
گل نه دل جو
کلي،
اُڇل
سان
اکين
مان
ٿو
پاڻي
ڇُلي،
ڀڄي
ڀُوڄ (3)پتر
پوري لال
ٿي،
لکان
مور
جي
کنڀ
سان
حال
ٿي.
چوي دل لکي ڏي
لِڄا
ٿِي
جهلي،
ڌرم
۽
مرم ٿو پرت کان
پلي،
حيا
جي
حڪومت هٿن تي
هلي،
ڪنيا
ٿي
سگهان
سور
دل
ڪيئن
سلي،
اي
انسويه ۽
پريم
دو
-
ڇا
لکان،
بتايو
برهه جو لکڻ
ڪيئن سکان.
لڳي
نينهن جي
جنهن کي ناوڪ
تکي،
وتي ڏيل ۾
جا
ڏکن
سان
ڏُکي،
نه جا
سوز سانڍڻ
اَندر ۾
سکي،
نڪي حال
دل جو
سگهي ٿي
لکي،
ڪري
سانت
ساجي
ته
جيءَ ٿو
جلي،
ڪُڇي
ٿي
ڪُڇڻ کان لڄا
ٿي
جهلي.
اي
راجا
دشينت
اي
پرجا
پتي،
چمن ۾
لڳي
چيٽ
ٿو
بن
ڪتي،
گلابي
گلن ۾
نه
رونق
رتي،
ڦٽي
ڦوڳ
ٿي،
موج جا
هئي
متي،
ٿيو
چهچٽو
چَٽُ
مٽيو ماڳ
آهه،
پکين ۾
به
ورلاپ
جو
راڳ
آهه.
بچيو ٻاڻ کان
مرگهه
ڏيئي
پُٺي،
مگر
منهن
ڏيئي
مرگههَ
نئني
مُٺي،
نظر تير
ڪٽيا
نواسڻ
ڪُٺي،
نه ساعت
سنڀاري
سگهي ٿي
سٺي،
اوهان
جي
هٿن
۾
رڌي
۽
سڌي،
دوا
آهه
درشن اٽل اوشدي(1).
پَڇَم
تي
تڪيندي ٿي
پورب ڏسان،
جهڪيرو
ٿو
پرڪاش
پسجي
جتان،
چوان
ٿي
اچانڪ اڀرندو اتان،
پسي ساک
سورج
ٽنور جان
ٽلان،
انڌاري
پٺيان
من
سهائي
اچي،
وڇوڙي
پٺيان
وصل
وائي
اچي.
اوهان
وس
رشي
آشرم
جي
لڄا،
ڪرم
۽
مرم ۽
ڌرم
جي
لڄا،
اي
راجن
-
اوهان
وس
شرم
جي
لڄا،
۽”
بيوس“
ڪنيا
جي
ڀرم جي
لڄا،
ڍڪي
پُشپ
(1)پاتر ۾
هن پتر
کي،
پُڄائج
پَون ڇترپت
(2)چتر
(3)کي.
وشوامتر
جو پڇتاء
(پاڻ
مان
ڄاول
شڪنتلا
کي
سندس ماءُ
مينڪا
جي
گود
۾ ڏسي)
نشاني
پڪي تون ٽٽل يوگ جي،
رشي جي
بُري
سنگ،
سنجوڳ جي،
سچي ثابتي تون
وشئه ڀوڳ جي،
صفا
صاف
تصوير
من
روڳ
جي،
سچو
سلسلو ساڌنا
چُٽي ٿو،
پري سان
ڪيل
پاپ
پر
گهٽ
ٿيو.
چڙهي مڪت
(1)مارگ
(2)سندي ڪوٽ تي ،
رسي گيان
۽
ڌيان
جي
چوٽ
تي،
اچي ساڌنا
يوگ
جي اوٽ تي،
ڪريُس
ڪَنڌڀر
ڪام
جي
چوٽ
تي،
وڌو
مينڪا
موهه
اوڙاهه
۾،
ويو پول
(3)پئجي رشي راهه ۾.
مون
سنسار
سنٻنڌ
ڇڪي
سان
ڇنا،
ڇڏي
راڄ
۽
ڀاڳ جا
سُک
ڏنا
نه باقي رهي ڪا
به
جتِ چاهنا.
وشئه ڀوڳ
(4)جي
اُت
رسي
واسنا،(5)
عجب ڪام(6)
ڪيڏي
رسائي
عجيب،
عبث آهه هن مان
رهائي
عجيب.
مون شڌ گيان
گنگا
۾
غوطو
هڻي،
ڀريو
پاڻ
کي
ڪام گپ سان
کڻي،
هُيُس
هنس پر ڪانءُ
ڪيئن پيس
بڻي،
نه
موتي
وڻيا
ڪاڪ
وشٽا
(1)وڻي،
ڪيو
ناٿ
کي
نار
تان
جنهن
نثار،
ڌڪار
اهڙي
وشوامتر
تي
ڌڪار.
اُٿي ڪام اگني رشي تن
منجهان،
ٿيو
پاپ
پيدا
مني
من
منجهان،
ٺڳيو
مست هائي
ڪنول پن
منجهان،
کليو
گل
گرهستي تپي بن
منجهان،
ڪنئون
ڪام
روپي
ٻڌي
برچ
کي،
سپاڙون
ٽڪي
ويو ٽڪي ويو
ٽڪي.
ويا
سونهن
مچ تي
پتنگ جان
جلي،
رکيشر
منيشر
نبي ۽
ولي،
ماوير
يوڌا،
ٻليسر
ٻَلي،
هليا
هار
کائي نه
ڪنهن جي
هلي،
نظر جو
جهٽي تير
ڦهڪي
چڪو،
وويڪي
(2)ڪچو ڪانچ
”بيوس“
ڀڳو.
|