سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :15

 

ابيات

 

 

 

 

ابيات

برادري

اسين ٻالڪ آهيون تنهنجا پتر پرماتما اعليٰ،

نراليون. جي ٿيون ٻوليون، نرالا ٿيا کڻي چالاٰ(1)

 

رنگن ٻولين ۽ قوميت کان اسان ۾ فرق ٿيو ڇالا،

حقيقت ۾ اسين ڀائر، پتا هڪ ئي ڌڻي تعالي.

 

دوهڙُا يا بيت:

ذات ورن رنگ روپ جو سائين وٽ نا ڦير،

هُو حب هر ڪنهن سان رکي، رکي نه ڪنهن سان وير.

 

هندو، مومن، يهودي، پارسي، کوجو ۽ عيسائي،

هُجي ڪارو ڪڪو ڳاڙهو، ڪڻڪ رنگوڪ چينائي.

 

ملي ڪنهن کي به قدرت کان نه نيچائي ڪِ اوچائي،

عزت انسان هر ڪنهن لئه ڌڻيءَ وٽ آهه هِڪَڙيائي.

 

روپ نه مالڪ ٿو ڏسي، ڏسي دل جا طاق

اندر اُجالو ٿو کپي نه بيوس رنگ پوشاڪ

 

]سال1921ع ۾ پهرين قومي هلچل وقت

عام ماڻهن، زالن ۽ نوجوانن لاءِ چيل بيت[

 

عوام لاءِ:

ڀارت واسي جاڳ تون اڄ سختي سڏ ڪري،

رکي سِرُ اڏيءَ تي تون پلڪ نه ڪر پري،

قربانيءَ لئه ملڪ ۾ اڄ وڏو مچ ٻري،

سوراجيءَ (1)نه سري، ٽپڻ ڌاران ان ۾.

 

زالن لاءِ:

جاڳو ديويون ديس جون مايون ننڊ ڇڏي،

دُکي ڀومي ديس جي ٿي اوهان کي به سڏي،

هاءِ اڀاڳڻ آهه سا، جا سَڏ تي سَڏ نه ڏئي،

ڇڏي جندُ گڏي مايوُن چرخي ائٽ سان.

 

نوجوانن لاءِ:

نوجوان ديس جا اڄ اوهان جو امتحان،

هڪ هٿ ۾ آزادگي ٻئي ۾ سُورن جو سامان.

وس اوهان جي ٿيو رکڻ يا ٻوڙڻ مُلڪي شان،

سو سپاتر(2) سنتان،(3) جنهن منهن مٿي ڪيو ملڪ جو.

 

]پهرين آگسٽ1919ع تي، لوڪ مانيه تلڪ

مهراج جي مرتئي تي چيل بيت ۽ شعر[

 

ابيات

جنهن جي سهڻي نانوَ سان ٿو سڏجي اڄ سوراج،

سو هُئو مهراشٽر سندو ۽ ڀارت جو سرتاج،

اُتم برهمڻ ڪلَ منجهان، بال تلڪ مهراج،

ڏيئي ويو ڏاج، اعليٰ آدرشن(1) سندو.

 

پکيئڙو ويچار جو، گهڻو اُڏايم ڏور،

سٽِياسهن سلوڪ مان، خواب پچائي پوُر،

پرَ ساراهي ٿو سگهان، هڪ گڻ تلڪ نه مور،

ٻولي ڪئي مجبور، مهر شيءِ منتر هڻي.

 

آيس ڪرڻ آرتي، موتين ٿالهه ڀري،

ڏيئو تيل ڦليل جو، چندن جوت ٻري،

جيوَن ڪيم سڪيارٿي، (2)چرنن سيسُ ڌري،

سو موٽي ٻيو نه ڪري، جنهن گنگا ڌر تيرٿ ڪيو.

 

کائي سُور صدين جا، جڏهن ڀارت ماتا ڄڻيو،

چُمي چيائين چاهيان واهه جو بال بڻيو،

سينگاريندو جڳ سڄو، هي منهنجو هڪ مڻيو،

اهڙو کيس وڻيو جو چوٽِ وڌائين تاج ۾.

 

بندي ماترم (1)چئي ٿيو بند ڀڃڻ لئه تيار،

کڻي مرهٽا قيصري، ٻه ڪاڳر جا هٿيار،

مغز سان ٽاڪڻ لڳو سخت ٽڪر سرڪار،

جي پهچي نه سگهيو پار، ته به سرنگهون ويو اونهيون هڻي.

 

چڻگون جي سوراج جون، ڇڏيون پکيڙي تو،

لڳو واءَ پنجاب کان اچي دُور دکيو،

تتو کوڙ خلافتي ٻيڻومچ متو،

جو مقصد تلڪ سندو، سو ساڳيو ساريءَ هِندُ جو.

 

ابيات

سُپني جي سنسار مٿي، ڇو موهيو من مستانو آهه،

گهر تڙ ماڙيون محل نه پنهنجا، تن من ڌن بيگانو آهه،

چئن ڏينهن جو چيٽ چمن ۾ بلبل لاءِ بهانو آهه،

آئي سَرَءُ ٿي سوڪ هئي، جت جهڳ مڳ، تِتِ ويرانو آهه،

جاڳُ مسافر ڪر سانباهو ٿيڻو نيٺ روانو آهه،

دنيا جنهن کي چئجي ٿو، سا پاڻ مسافر خانو آهه.

 

نت نه سانوڻ مينهن وسندا، نت نه هي برسات آهه،

نَت نه باغن ۾ بهاري نت نه بلبل لات آهه،

نت نه شاديون شادمانا، نتُ نه ٽهه ٽهه وات آهه،

نت نيٺ چانڊوڪيءَ پٺيان اَچڻي انڌاري رات آهه.

 

سنسار آهي کيٽ جيڪي پوکبو سو پائبو،

ٻوٽو لڳائي اڪ جو، ڪيئن انب جو ڦُل کائبو،

هر هڪ خطا جي واسطي، ٿيڻي سزا نروار آهه،

ڪُلجڳ چئون ڪرجڳ چئون سنسار ناهه اسرار آهه.

 

چٽڪو، آهي چاردن، سنسار آهه سڀ اَسار(1)

موت جي ڪوَڙٽ اڳيان ويندو لهي سارو خمار،

مَڙهه کڻي تنهنجو ڪُلهن تي، جڏهن هلندا چار يار،

هَٿَ ملي هئه هئه ڪندين ۽ چوندين روئي زار زار،

ڇا جي لئه آيس دنيا ۾، ڇا هتي مون کان ٿيو،

سنگ نه مليو مال ملڪيت، دوش (1)گردن تي پيو.

 

ڪڍي هَٿ ڪفن مان سڪندر هليو،

هتان ڪونه ڪوڏي کڻي ڪو هليو،

بخيليءَ کان جنهن پاڻ پنهنجو پليو،

چڱائي کڻي سو دنيا مان چليو،

کٽين خير تون ڇو نه مايان منجهان،

سکي وٺ ڪي درخت جي ڇايا منجهان.

 

ڪئي جان جڳ لاءِ قربان جن،

اُهي موت تي ڪين مانجهي مرن،

ڇڏي جا پٺيان نيڪنامي وڃن،

انهيءَ کان دنيا ۾ جُڳان جُڳ جين،

چون ٿا ته نيڪيءَ کي آهي جٽا،

فنا ۾ اِها آهه بيوس بقا.

 

بيات)

غلامي

                                 صلاح-  

در پٽيو پڙلاءُ پيو اُڏين ته اُڏ طوطا،

وڃي وير وڻڪار ۾ لامن لُڏُ طوطا،

ملي قوم قبيل سان قربئون ڪُڏُ طوطا ،

مَ ٿيءُ مُڏ (1)طوطا - وجهه ملي ٿئي واهه جو

 

وجهه مليو ٿئي واهه جو کولي کنڀَ اُڏام،

پَرَن هوندي پَرَ سندو گولو ٿي نه غلام،

مرغ هوائي ٿي هيا، مَرُمَ مونجهه مدام،

دُرس نه دانهه دام، طوطا تنهنجي واسطي.

 

طوطا تنهنجي واسطي پڃري دَرُ پٽيو،

جي کنُيئه پاڻ کنڀن تي ته تو کيپ کٽيو(2)،

سو آجو عمر کي ٿيو، جنهن هن وير وٽيو،

جئان ماڳ مَٽيو، تِئان عرش آزادگي.

                               جواب:

 

آهن پڃري پَيد سان منهنجون جيءَ جڙيُون،

پئجي پُختيريون چُڪيون ڪايا (1)منجهه ڪڙيون،

ڇنندي رت ڇڻيو پوي اوکيريون اڙيون،

اندر ماس مڙهيون، (2)سنگهرون(3) ساس سرير ۾.

 

سو ڪيئن ماڳ مٽايان، جتي ڄَم ڄمار،

ننڍڙيئي نيپاج کان جنهن سان لَنوَ لغار(4)،

لاثاني ٻَل (5)لوهه سان لڌَئين سار سنڀار،

بنا خوف خمار، اَٿم جنهن جي آسري.

 

جلد باز جابر(6) گهڻو پڃري ڌڻي پاڻ،

اڻ گُس جنهن جا اڻ ميا ٻَلي (7)ٻجهن ٿا ٻاڻ،

اوڄا آهن عرش تي اُڏامندڙ اُهڃاڻ،

اهڙي کي اڻ ڄاڻ، ڏيندا ڪي وجهه وير جو.

 

نازڪ نُورا پير ۾ ڳچيءَ ۾ ڳاني،

نت مٺڙا ميوا مُنجي مالڪ مهماني،

 

 

گوندر ريءَ گذران جي ازحد آساني،

لطف لاثاني پياري پڃري ۾ پسان.

 

ٽيڪا- پڃري ۽ مالڪ ٻُڌو بيوس طوطي کي،

پر طوطي پڻ تن جي، آزادي ۾ اَڙ وڌي.

 

جيسين بيوس بند ۾ هوندو هڪ غلام،

هڻي سگهندوهام، ڪو به نه آزاديءَ سندي.

 

ابيات

ويراڳي

(1 )

 

    سُپني جي سنسار مٿي ڇو موهيو هن مستانو آهه،

گهر تڙ ماڙيون محل نه پنهنجا تن، مَن ڌن بيگانو آهه،

چئن ڏينهن جو چيٽ چمن ۾ بلبل لاءِ بهانو آهه،

آئي سَرَءُ، ٿي سوڪ، هئي جت جهڳمڳ تت ويرانو آهه،

جاڳ مسافر ڪر سانبا هو ٿيڻو نيٺ روانو آهه،

دنيا جنهن کي چئجي ٿو، سا پاڻ مسافر خانو آهه.

 

ويراڳي

 

نت نه سانوڻ مينهن وسدا، نت نه هيءَ برسات آهه،

نت نه باغن ۾ بهاري نت نه بلبل لات آهه،

نت نه شاديون شادمانا نت نه جمشيدي جشن،

نيٺ چانڊوڪي پُٺيان اچڻي انڌاري رات آهه.

 

ابيات

سنسار آهه کيٽ جيڪي پوکبو سو کائبو،

ٻوٽو لڳائي اڪ جو ڪيئن انب جو ڦل کائبو،

هر هڪ خطا جي واسطي ٿيڻي سزا نروار آهه،

ڪلجڳ چئون ڪر جڳ چئون سنسار نا، اسرار آهه.

 

چُٽڪو، آهه چار دن سنسار آهي سڀ اسار(1)

موت جي ڪَوڙٽ اڳاين ويندو لهي سارو خمار،

مَڙهه کڻي تنهنجو ڪلهن تي جڏهن هلندا چار يار،

هٿ مَلي هئه هئه ڪندين ۽ چوندين روئي زار زار،

ڇا جئي لئه آيُس دنيا ۾ ڇا هتي مون کان ٿيو،

سنگ ناهي مال ملڪيت دوشن گودن تي پيو.

 

 

اَوتار

جڏهن سخت سانوڻ جي آغوش ۾،

تپي ڏينهن ڏاڍو اچي جوش ۾،

هَوا پڻ هلڻ کان ٿي خاموش ۾،

رهي هوش پورو نٿو هوش ۾،

تڏهن عام ٿئي مينهن لئه آرزو،

۽ لاشڪ لهي مينهن ٿو هُو بهو.

 

جڏهن عام ٿئي هاڃَ ٿي ڌرم جي،

سُنيتيءَ (1)۽ مرياد (2)۽ مرم جي،

ستيا ناس ٿئي شڀ (3)ڪر يا ڪرم جي،

اچي ڀڙڪندي باهه ٿي ڀرم جي،

تڏهن ٿي سچائيءَ ۾ُ جنبش اچي،

ذرا تخت عالي کي لرزش اچي.

 

سچيرين دلين مان اُٿي ٿي پُڪار،

چون :پاڙِگووند گيتا قرار،

اچي پاڻ داتار اوتار ڌار،

نئون دَور دنيا ۾ ڪر برقرار،

تڏهن وشن(1) وئنڪٽ (2)سندي ڌام مان،

اچڻ جي ڪري آرزو عام کان.

 

جڏهن پرٿوي پاپ ۾ ٿي سڙي،

اچي ڀتر ڀڳتن مٿان ٿي کڙي،

ڪئي راڪشن ٿي رشين تي چڙهي،

پئي ڪَشٽ پيڙاهي گهاتڪ گهڙي،

تڏهن پاڻ اوتار ڌاريُئه هري،

اچي پاپ بوجو مٽايه هري.

 

مدائي جي هستي مٽائڻ جي لئه،

خرابي دنيا مان گهٽائڻ جي لئه،

اَشُڀ،ُ(3) نيچ منشا مٽائڻ جي لئه

مها پاپ پاڙان پٽائڻ جي لئه،

هري پاڻ اوتار ڌاريو اچي،

نراڪار (4) آڪار (5)ڌاريو اچي.

 

اچي ٿي جا شڪتي الوڪڪ (1)اپار،

ٿئي تيج کان چوطرف چمتڪار(2)،

اچڻ سان ڪري ٿي جڳت جو اُڌار،

ٿئي درس درسن کان مَڪتي دوار(3)،

اکنڊ جوت جڳ ۾ ٿي گويا جڳي،

وهڻ خود بخود گيان گنگا لڳي.

 

جڏهن جڳ پتي جڳ جڳ اُجالو اچي،

دنيا ۾ مزو ٿو نرالو اچي،

نئون رنگ رونق ۽ چالو اچي،

ڪنان ڪن خوشيءَ جو پيالواچي،

اگوچرا (4)اجنما (5)اچي گود ۾،

ٿي ڀرجي پرٿوي وڃي بود ۾.

 

ڌرم ديا جو اچي راڄ ٿو،

مڃي پريم جو خوب ميٺَج ٿو،

ملي سک ۽ سنپت(6) سندو ڏاج ٿو،

ٿئي هر جگهه شانت، شڀ ڪاج ٿو،

پَون آدمين جا ردا(1) صاف ٿي،

مدائي وڃي مات ۽ معاف ٿي.

 

سندس اڳڪٿي جا بتايل بيان،

اچن ٺيڪ ٺهڪي ٿا پورا نيشان،

ٿئي خاص تيرٿ جنم آسٿان،

انهيءَ، جاءِ جنميل(2) ڀلو ڀاڳوان

منش ديهه ڌاري اچن ديوتا،

پسڻ لاءِ پرڀو جڳت جو پتا.

 

دهو (3)ٿو پوي ۽ ٿو ڌمڪو(4) اچي،

ٿو چانڊاڻ چهري جو چمڪو اچي،

جهڪيرو ٿو نُوري جو ڇهڪو اچي،

لَڏڻ جي ٿو لوڏن جو لمڪو اچي،

هي بيوس انهيءَ جي اچڻ جا امام،

جُڳان جڳ اچڻ جو ڏنو جنهن انجام.

 

 

جُوٺ پسارو

جوٺ پسارو جڳتر سارو،

ساٿي سکن ۾، دک ۾ نيارو.

 

ڪي ته ٿيا ناني ڪي ٿيا زباني،

ورلو ڪو جاني يار سچارو.

 

ڄڀ تي مٺائي دل ۾ ڪڙائي،

منهن صفائي اندر ۾ ڪارو.

 

سچ جو زمانو ٿيڙو روانو،

ڍَونگ بهانو ٿيڙو سوڀارو.

 

مِٿيا مڙيو ئي سٻنڌ سڀوئي،

ڪَنهن جو نڪوئي پريتم پيارو.

 

 

(193 )

رام جنم

رام جنم دن آيو سڀ شرڌا ساڻ ملهايو.

 

ايوڌيا ۾ اوتار پڌاريو ،

جنهن راوڻ پاپيءَ کي ماريو،

ڀاري ڌنش اٺايو،

سڀ شرڌا.

 

ڪوشليا جي سڦل ڪمائي،

دشرت جي گهر آهه وڌائي، آنند منگل ڳايو،

سڀ شرڌا.

 

رام سپاتر (1)آگيا ڪاري،(2)

ڪٺن پرتگيا(3) جنهن هيءَ پاڙي،

وچن نه ڀنگ (4)ڪرايو،

سڀ شرڌا.

 

 

ڀارت ۾ سو ويلو ايندو،

رام راڄ جاري ٿي ويندو،

ٿيندو سعيو سجايو،

سڀ شرڌا.


 

 

دسهڙو

(سرگس راڳ)

لنڪ لٽائڻ وارو ٿيو  -  ٿيو رام چندر سوڀارو.

 

جنهن راوڻ ٿي هوڏ هلائي،

تنهن هارائي لنڪ گنوائي،

وريو وڀيشڻ وارو.

 

ڀيڙ جڏهن ڀڳتن تي آئي،

اچي ٿيو هَرِ پاڻ سهائي،

جڳت اُڌارڻ(1) هارو.

 

ڪَالُ ڪيو جنهن باندي پنهنجو،

سج چنڊ تي پڻ راڄ هو جنهن جو،

سوپڻ هليو هچارو.

 

هڪ لک پتر سوا لک نياتي(2)،

تنهن راوڻ وٽ بچيو نه ڀاتي،

نڪو جوت جلائڻ وارو.

 

آهه دسهڙو ڏينهن سڀاڳو،

جنهن ۾ راوڻ پراڻ تياڳو،

سڙي ڀسم ٿيو سارو.

 

ايوڌيا واسي گد گد آهن،

کيل خوشيءَ جا خوب ملهائن،

ٿيو چئو ڌر جئه جئڪارو.

 

نت پڪارن ڀارت واسي،

حال اسان جو آهه اُداسي،

اچي رام راڄ رکوارو.

 

لنڪاپت جي هار

لنڪاپت جي هار پيارا،

رامچندر اڄ رانوڻ ماريو.

 

راڪاسي اڄ راڄ ٿيو پورو،

ٻَلَ ٻلين جو ويڙو سمورو،

ڌرم جي جئه جئڪار پيارا.

 

جنهن راوڻ جي سون جي لنڪا،

جنهن جا وڳا ٿي آڪاس ۾ ڊنڪا،

تنهنجو سسي ڌڙ ڌار پيارا.

 

جنهن جا هوا ۾ رٿ ٿي اُڏاڻا،

کوڙ ڪٽڪ جا کاڻيون ناڻا،

سوٿيڙو شير شڪار پيارا.

 

آهه دسهڙو ڏينهن سکيا جو،

طاقت تي ڪر بانور ناڪو،

گيرب (1)زهري مار  -  پيارا.

 

جنهن جنهن هَر سان هوڏ هلائي،

ظلم ڏاڍ جي چال چلائي،

آخر ٿيو لاچار  - پيارا.

 

رانوڻ رت هو رشين کان ورتو،

جنم انهيءَ مان سيتا ورتو،

ٿيو رانوڻ سنگهار پيارا.

 

راڄ جڏهن ظالم ٿو هلائي،

ڏاڍو ٿو هيڻن کي ستائي،

ڌاري هري اوتار  - پيارا.

 

 

رام ايوڌيا آيو

رام ايوڌيا آيو سڀ گڏجي خوشيون منايو.

 

رام اسان جو پرانن وارو،

مريادا (1)۽ نيتي وارو،

ڌرم پريم جو پايو.

 

اکنڊ پاٺ رامائڻ وارو،

اڄ کان ٿيندو شروع پيارو،

نا مڇي ماس ورتايو.

 

آهه ڏياري پرڀ (2)پوتر،

گهر گهر پڙهبو رام چرتر،

آنند منگل وڌايو.

 

ڀارت ۾ سوويلو ايندو،

رام راڄ شل جاري ٿيندو،

ٿيندو سعيو سجايو.

 

ڏيل ۾ ڏيئو ٻري

ڏيهه ۾ ڏيئا ٻريا شل ڏيل ۾ ڏيئو ٻري،

شل ڏياري ناس انڌاري اندرواري ڪري،

رام هو آرام دل، ويو دل ايوڌيا مان پري،

وڙ ڪري واهر وطن تي واڳ واري من وري،

سور سالن جا ڪٽي، جنهن ري نه ٿي ساعت سري،

من. ديالو، دين ٻنڌو ڪاديا درشٽي (1)ڪري.

 

آهه گهر گهر ۾ ڏياري، پر اندر ناهي صفا،

دل اُجڙ ۾ ٿيا ٻُهرَ جا ڍير آهن جا بجا،

من مندر ۾ پريم جو پوتر نه آهي ديوتا،

آهه خواهش ۾ خرابي، نيچ منشا ۽ دغا،

ٺوٺ هر دي کي اچي شل ڀاءُ ڀڳتي سان ڀري،

من ديالو دين ٻنڌو ڪادَيا درشٽي ڪري.

 

وات مٺڙو ٿيو مٺائين سان اندر آهي ڪڙو،

جان سان جڪڙيل رهي ٿو ڪروڌي وڙ جو ڪڙو،

ملڪ مان ميلاپ ويو، طوفان ضد جو ٿيو کڙو،

ڪين ڦاٽي ٿو مگر هي پاپ جو ڀرجي گهڙو،

رام هي ڏسندي ڏنگايون اَڄُ اچڻ کان ٿو ڏري،

من ديالو دين ٻنڌو ڪاديا درشٽي.

 

ڏهه سسيو راوڻ لڏيو منُ سَو سسيو آهي اَڃا،

ٺاههَ هُن ٺاهڻ ڇڏيا هي ٺاهه ٿو ٺاهي اڃا،

هن جي دل ڪاهڻ ڇڏيو دل هن جو ٿو ڪاهي اڃا،

سينو هن ساهڻ ڇڏيو هي سينو ٿو ساهي اڃا،

رام ڀي تيسين نه ايندو، مَنُ نه هي جيسين مري،

من ديالو دين ٻنڌو ڪاديا درشٽي ڪري.

 

ڀرت ۾ جو ڀَاؤ (1)هو، سو ڀاوءُ ڀاُئن ۾ ڪٿي،

ٻَل پُڄائن رام وارو اڄ ڀڄائن (2)۾ ڪٿي،

ڪوشليا وارو ڪليجو آهه مائُن ۾ ڪٿي،

جَتُ جتي لڇمڻ سندو آهي جٽائن ۾ ڪٿي،

ڪٿ سَتي سِيتا، ڏسي جا ٺاڪر سان ٺري،

من ديالو دين ٻنڌو ڪاديا درشٽي ڪري.

 

آدرش تي رام جي اڄ جي هندو جاتي رهي،

ڪيئن ڀلا ڪمزور ٿئي ۽ سُور ڇو ايڏا سهي،

ڇا کان جهوريءَ ۾ جهڄي ۽ ڇا کان ڳڻتين ۾ ڳهي،

ڇو نراسائيءَ هٿان هيئن آس جي ماڙي ڊهي،

رام آسيس ريءَ” بيوس “ڪيئن ٽڪر سر تان ٽري،

من ديالو دين ٻنڌو ڪاديا درسٽي ڪري.

 

(198)

شري ڪرشن استستي

جئه موهن مڪند مراري،

جئه مرلي ڌر گرڌاري.

 

جئه جڳ(1) پت، جڳت اُجالا،

جئه پرميشور پرت پالا،

جئه ڳئوئن جا رکپالا،

جئه برجناٿ (2)بنواري.

 

جئه سٿ(3) چت آنند سوامي،

جئه گهٽ اتريامي(4)،

جئه اجراگاڌ(5)، انامي(6)،

جئه ڪيشو ڪنج (7)بهاري.

 

جئه دک ڀنجن،(8) سک داتا،

جئه جڳت پتا، جڳ ماتا،

جئه، وشوناٿ ورڌاتا(1)

جئه واشديو نند نندن.

 

جئه واشديو، نند نندن،

پر ماتم ديو نرنجن(2)،

جئه من موهن مدسودن(3)،

سرمڪٽ پيتانمبر ڌاري.

 

ڪرشن جنم اسٿان

ڪرشن جنم اسٿان،

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان.

 

مٿرا ڄايو گوڪل پاليو،

جمنا ڪنتي جڳت اجالو،

شيام سندر ڀڳوان.

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان،

ديوڪي جو گرڀ سنواري،

گرديشورا جي سينگاري،

راڌڪا جو ڪان.

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان.

بندرابن جي گُونج ڳلين ۾

برج ڀَون جي رنگ رَلين ۾

مڌر مُرلِي تان،

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان.

ڪنس روپ ۾ پاپ نواري،

نئين سري سنسار اُجاري،

گيتا جو ڏئي گيان،

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان.

گوپين گوالن گانين ساٿي،

اُوچ نيچ کي ڄاڻي ڀاتي،

بيوس سر ڀارت وسمان،

ڀارت ڪرشن جنم اسٿان.


(1)   چالا = ريتون رسمون

(1)  سوراجي = آزاديءَ جو طالب

 

 (2)  اسپاتر = فرمانبردار پٽ

 

 (3)  سنتان = اولاد

(1) آدرش = متو يا اصول

(2)  سڪيارٿي = سڦل ٻئي جي خدمت لاءِ وقف

(1)  بندي ماترم = صبح جي پرارٿنا يا ترانو

(1)  اسار=فاني_بي بڪا

(1)   دوش = گناهه

(1)  مڏ = سست، غافل

(2)  کيپ کٽڻ = سوڀ پائڻ

(1)  ڪايا = عقل

(2)  مڙهيون = مندر، جايون

(3)  سنکرون = زنجيريون ميخون

(4)  لنولغار = پيار

(5)  ٻل = طاقت

(6)  جابر = جبر ڪندڙ_ زبردست

(7) ٻلي = طاقت وارا

(1)  اسار = فاني

(1)  سنيتي = سٺي نيت

(2) مرياد = رسم رواج

(3) شڀ = سٺو

(1)  وشن = خدا تعاليَ

(2)  وئنڪٽ = خدا جي رهڻ جي جاءِ

(3) اشڀ = خراب

(4) نراڪار = بي صورت بي مثل

(5) آڪار = صورت

(1)  الوڪڪ = عجيب

(2)  چمتڪار = روشنائي

(3)  دوار = دروازو

(4)  اکوچر = بنا اندرين حواسن جي يعني خدا تعاليَ

(5) اجنما = جيڪو جنم ته وٺي يعني خدا

(6)  سنپت = سک

(1) ردا = خيالات

(2)  جنميل = جميل

(3) دهو = خبر

(4) ڌمڪو = ڌماڪو، آواز

(1) سپاتر = سڌريل پٽ

(2) اگيا ڪاري = فرمانبردار

(3) پرتگيا = انجام

(4) ڀنگ = ڀڃڻ

(1)  اڌارڻ = سهارو ڏيڻ

(2)  نياتي = ذات وارا، عزيز مائٽ

(1)  گيرب = وڏائي

(1)  مريادا = سماجي رواج

(2) پرڀ = ڌڻي تعاليَ

(1)  درشٽي = نظر

(1)  ڀاؤ = پريم محبت

(2)   ڀڄائن = ٻانهون

(1)  جڳ پت = خدا

(2)  برجناٿ بنواري = شهر جو نالو

(3)  ست چت آنند سوامي = خدا

(4) انتر يامي= دل جو جاڻندڙ

(5) اجرا گاڌ = خدا جو صفاتي نالو

(6)  انامي = خدا

(7) ڪيشو ڪنج = خدا

(8) دک ڀنجن = ڏک ناس ڪندڙ

(1)  ورڌاتا = قسمت يا انگ لکڻ وارو

(2)  نرجن = خدا

(3) مدسودن = خدا جو نالو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org