سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :1

ڪليات بيوس

ڪشنچند ”بيوس“

 

عرض حال

سالن جي ڪوشش کانپوءِ، پڙهندڙن اڳيان ”ڪليات بيوس“ حاضر آهي.

سال 1923ع ۾ ايم اي فائينل (سنڌي) ۾ ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي مونوگراف لکي، ايم_اي جي ڊگري حاصل ڪيم. ان وقت ريسرچ دوران بيوس بابت مواد ڳولڻ جي جيڪا مون جدوجهد ڪئي هئي، ان ۾ هندستان لڏي ويل هندو دوستن، تحسين جوڳي مدد ڪئي هئي، ايتري قدر، جو بمبئيءَ مان سرڳواسي عطر سنگ (جو ان وقت زنده هو) ته بيوس تي لکيل، پنهنجو هٿ اکري بياض، هميشه لاءِ موڪلي ڏنو. ان بياض مان، بيوس بابت ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون معلوم ٿيون، جي منظر عام تي آيل نه هيو، مونوگراف لکڻ وقت، بيوس جي ڪلام حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي هيم، ان ۾ رڳو بيوس جو ڇپيل شعر هٿ آيو هو: پر ان سان گڏ، سندس اڻ ڇپيل شعر، جهڙوڪ: ڪافيون وغيره ۽ سندس  حياتيءَ جو دلچسپ احوالي پڻ  ليو هو، جو هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ عرض رکيو اٿم. 

گڏيل ڪيل عشر مان ڪجهه اشعار، مونوگراف جي پڇاڙيءَ ۾ انتخاب طور ڏنا هيم. باقي سمورو ڪلام مون وٽ ئي رهيو. گهڻي وقت کان وٺي، دل ۾ خيال هو ته سرڳواسي بيوس جو مڪمل شعر ”ڪُليات“ جي صورت ۾ ڇپائي، مٿس ”ڪليات بيوس“ نالو رکان: پر زماني جي گُوناگُون مصروفيات سان گڏ، سرڪاري ملازمت جي ڪري، وقت ساٿ نه پئي ڏنو، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ جڏهن وقت مليو تڏهن موقعي کي غنيمت سمجهي، هي ڪتابُ، هٿ ۾ کنيم.

بيوس جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو، گهڻي قدر مرحوم قاضي محمد مراد (جو ان وقت زندهه هو) کان زباني ٻُڌي، قلم بند ڪيو هيم، جو سندس پيارو شاگرد ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي اُستاد هو ۽ مرڻ تائين ساڻس گڏ هو. ڪجهه احوال وري، مرحوم شاهه محمد مرتضائي (جو سندس همعصر هو ۽ ان وقت زندهه هو) رٽائرڊ هيڊ ماستر کان مليو، ته ڪجهه وري سندس طبابت جي شاگرد، سُک ديو چاولا کان، جو اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ موجود هو. ان کانسواءِ هن جي باري ۾ مسٽر هَري درياني دلگير، سندس پياري شاگرد کي به آدي پور (ڪَڇُ، هندستان) خط لکيا هيم. هن صاحب خطن جي ذريعي، بيوس جو احوال ۽ هندستان ۾ رهندڙ سندس عزيزن ۽ شاگردن جون ائڊريسون پڻ موڪلي ڏنيون هيون. سندس لک لائق!!!

بيوس جي شعر جي مطالعي لاءِ مقامي لئبررين مان تلاش ڪندي، ڪتاب ”شيرين شعر“ هٿ چڙهيو اهڙيءَ طرح ٻيا ڪتاب، جهڙوڪ: سامونڊي سپون، اِنڊلٺ ڦولداني وغيره پڻ جهونين لئبررين مان ملي ويا: پر ڏسڻ ۾ آيو ته مذڪوره ڪتابن ۾ بيوس جو ڪلام، سربستو ڪو نه ٿي مليو جنهن تحقيق جوڳو ڪم ڪجي ! هندستان مان جوابي اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ، محترم اياز قادري صاحب کان هندستاني ڪتاب ”شعر بيوس“ جي هڪ ڪاپي ملي وئي، جنهن ۾ بيوس جو چڱو چوکو شعر لکيل هو. سندس ٿورا، نه ٿورا!

ڪتاب جو پُوريءَ پَر اڀياس ڪيو ويو، معلوم ٿيو ته بيوس جي رچيل، ”گُرو نانڪ صاحب جي جيون ڪَوِتا اڃا رهيل هُئي. ٿوري وقت کانپوءِ، هندستان مان جيڪو مواد آيو، ان وقت ”گرونانڪ صاحب جي جيون ڪَوتاِ“ پڻ ملي وئي. ڪجهه معلومات هندوستاني هفتيوار رسالي، ”هندواسي“ ۽ ڪجهه وري پُراڻن، ”سنڌو“ رسالن مان حاصل ٿي. جڏهن ڪافي مواد گڏ ٿي ويو، تڏهن قلم کڻڻ شروع ڪيم.

هن ڪُليات ۾ شعر جي سڀني صنفن، جهڙوڪ: غزل، ڪافين، قصيده، مثلث، مخمس وغيره کي جُدا جُدا دفعن يا بابن ۾ ورهائي لکڻ ذرا دشوار محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ ته بيوس جي شعر ۾ اڪثر ڪري ”نظم“ نظر اچي ٿو. شروعات ۾ ڪي ڪافيون نظر اچن ٿيون. ان بعد ڪٿي غزل نما نظم ته ڪٿي گيت، ته ڪٿي وري غزل نما ڪافيون ۽ گيت، دوهڙا، رباعين وانگر دوهڙا، مسدس نما بيات، مثنوي نما ابيات وغيره نظر اچن ٿا. ائين کڻي چئجي ته: بيوس پنهنجي شعر کي مختلف وڻندڙ رنگن واري جاذب  گلدستي وانگر ٺاهي، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، جنهن جي  چَمڪَ دَمڪَ ۽ مَهَڪ تي مَنُ موهجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪُليات ۾ سڀئي جنسون گڏيل نظر اينديون ۽ ترتيب جي ڄڻڪَ ڏڌ ڏسڻ ۾ ايندي: پر ڇا ڪجي! شاعري صنفن جي فني لحاظ کان ڏسبو ته گڏيل جنسن لکڻ کانسواءِ ٻيو چارو ڪونهي، تاهم ڪوشش ڪري ڪافُيون چُونڊي، مُنڍ ۾ ڏنيون اٿم.

بيوس پنهنجي ڪلام ۾ نِجُ سنڌي الفاظن سان گڏ، هندي ڪثرت سان، ۽ ڪٿي ڪٿي سنسڪرت الفاظ پڻ ڪم آندا آهن، جن جي معنيٰ لاءِ مختلف ڊڪشنرين جي ضرورت پئي، هِن ڏِسَ ۾ ڪوشش ڪندي، ”پلئٽس“ جي ”اردو، ڪلاسڪ هندي ۽ انگلش ڊڪشنري“ هٿ ڪيم، جنهن مان چڱي خاصي مدد ملي، پر ڊڪشنريءَ جي مصنف موصوف، ڪن الفاظن جي مختلف محاون مان هر هڪ جو تفصيل ، ڪٿي ته چند صفحات تائين به ڏنو آهي ۽ انگلش الفاظ اهڙا ته سنهڙا ۽ باريڪ ڏنا اٿس، جو نظر تي تمام وڏو بارُ محسوس ٿي ٿيو. تاهم، ڇڪي تاڻي، مقصد کي ڪافي حد تائين حاصل ڪيو ويو آهي.

بيوس جي ڪلام تي، جو ڪجهه ناقص دماغ ۾ آيو آهي، سو اڳتي ”مقدمي“ ۾ لکيو اٿم. اميد ته قبول پوندو: پر جيڪڏهن ڪي اُوڻايون سرزد ٿي ويون هجن ته پڙهندڙن کي التماس آهي ته عَفُو ڪندا: ڇاڪاڻ ته:

”الانسان بيتُ النسيَان

بيوس جو ڪلام ساهت جو سينگار آهي هن ڪيترن ئي اَنوکن موضوعن کي نهايت خوشي اسلوبيءَ سان نباهيو آهي. ڪن هنڌ ته اهڙا ٺيٺ ۽ پاڪيزه محاورا ڪم آندا اٿس، جي مضمون کي کنيو بيٺا آهن. اهڙي بلند پايئه اديب ۽ قادرِ الڪلام، شيرين شاعر جي ڪلام تي تبصري ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت جي گنجائش آهي: پر تڏهن به قصي کي نباهڻ خاطر، قلم جي گستاخانه نوڪ، ڪن ڪن هنڌن تي هلي آهي، جنهن مان بيوس صاحب جي ڪن اوڻاين تي، ”يڪه مُشت، نمون خروار“ جي مصداق روشني پوندي.

پڇاڙيءَ ۾ آئون انهن سڀني حضرات ۾ ممنون آهيان، جن هن ڀاري ڪم ۾ منهنجو هٿ وٺايو آهي.

والسلام

سيد محمود شاهه بخاري

خادم العلم   

 لاڙڪاڻو، مارچ 1991ع.

 

مقدمو

اهو بهتر سمجهان ٿو ته ڪشنچند بيوس جي حياتيءَ جو مختصر احوال لکان: ڇاڪاڻ ته شخصيت جو اثر ئي شاعر جي ڪلام تي پوندو آهي.

سوانح حيات:

سنڌ جي عوامي شاعر، سرڳواسي ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلصَ بيوس، سن 1885ع  ۾، لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ملتان جا ويٺل هئا، سندس پڙڏاڏو اٽڪل18   صدي عيسوي جي وچ ڌاري ملتان مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. بيوس کي ٻه وڏيون ڀينرون ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، جن مان هڪ جو نالو مسٽر تولارام هو، جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ماستر هو. سندس ٻيو ڀاءُ، مسٽر موتيرام، لاڙڪاڻي جي سول ڪورٽ ۾ ڪاپي رائيٽر هو. بيوس کي ٻه پُٽ ۽ چار نياڻيون آهن، جن جون سڱا بنديون ملتان وارن کترين سان ڪيون هئائين. سندس وڏو پٽ تلسي داس، وڪالت تائين پڙهيو، پر وڪالت جو امتحان پاس ڪري نه سگهيو ۽ هينئر بمبئيءَ ۾ واپاري  (1)  لائين ۾ آهي. سندس ٻيو پٽ شيام، سول انجنيئرنگ امتحان پاس ڪري، دهليءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ انجنيئر آهي. بيوس جي ڌرم پتني پڻ دهليءَ ۾ آهي. سندس سهرو رٽائرڊ پرائمري ماستر هو ۽ سندس سالو ڪيولرام پڻ پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٻه چار مهينا اڳ پرائمري ماستريءَ مان رٽائرڊ ٿيو، مسٽر ڪيولرام جا ٻيا سئوٽ پڻ مختلف نوڪرين ۾ هئا، جن مان هڪڙو مسٽر گوبندرام هاسارام به پرائمري ماستر هو.

سندس تعليم ۽ ملازمت:

بيوس ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائينل پاس ڪري، آخر هيڊ ماستريءَ جي عهدي تي پهتو. پنهنجي رُوءِ سُوءِ ڪجهه انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪئي هئائين. ماستري ڌنڌي ۾ رهبريءَ جي خيال کان بيوس هڪ آدرشي اُستاد هو. سنڌي تعليم ۽ اعليٰ اخلاق جو هڪ سهڻو مثال ٿي، شاگردن (1) ۽ سندن مائٽن جي اڳيان پيش ٿيو ۽ (2)سندن راهه روشن ڪيائين. جن به وٽانئس علمي بخرو حاصل ڪيو، سي سندس هوشياريءَ جي ساک ڀرين ٿا. اهو ئي سبب هو، جو هن فرمانبردار ۽ سچار شاگرد: هَري دلگير هوند راج دکايل ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ پارا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا، جي سندس آدرشي ۽ عمدي تعليم جو نتيجو آهن. هن نه صرف کين اسڪولي تعليم ڏني پر ان سان گڏ، شعر و شاعريءَ طرف پڻ سندن توجهه مبذول ڪيو، او ئي سبب آهي، جو بيوس جي وفادار ۽ صالح شاگردن به مرڻ تائين سندس ساٿُ نه ڇڏيو. چون ٿا ته شاگردن کي بدني سزا بنهه نه ڏيندو هو. اک جي اشاري سان، نصيحت ڀرئي نُڪتي سان يا شرمائڻ سان کين سيکت ڏيئي، سنواريندو هو.(1) شاگرد به کيس اڄ تئين ”سائين بيوس“ جي لقب سان پڪاريندا رهن ٿا. سندس اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي وڏن کي ته ڇڏيو، پر جيڏن سَرتن ۽ پاڻ کان ننڍن جو کي به ”سائين“ ڪري سڏيندو هو! هڪ محبت جو مجسمو ٻيو اعليٰ اخلاق جو مالڪ، ٽيون وري ٻهڳُڻ استاد، سو جنهن ڳوٺ ۾ ويندو هو، اُتان جو پيارو بنجي پوندو هو. جيڪڏهن سندس بدلي ٿيندي هئي ته ڳوٺ جا هندو مسلمان گڏجي، سندس بدلي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بيوس پنهنجي اُستادي فن ۾ هر هنڌ ڪامياب ويو. هي گهڻو وقت اسڪول وليد، لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، جتان پوءِ شاهه محمد اسڪـــول لاڙڪاڻي جــــو هيڊ ماستـــر ٿيو، جتــــان فيـــــبروري1940 ع ۾ پينشن ورتائين (2).

سندس طبع ۽ رهت:

بيوس ننڍي کان ئي حليم طبع ساديءَ هلت وارو، نهٺو ۽ نماڻو هوندو هو. ننڍيءَ ٽَهيءَ کان ئي شعر چوڻ جو شوق دامنگير هوس، ليڪن لڄ وِچان لوڪ کان لڪائيندو هو. اُن مان صاف ظاهر هي ته سندس طبع محجُوب هئي ۽ هو به واقعي مَحجُوب! ڇو ته شاعرانه محفل ۾ شعر نه پڙهندو هو. لاچار، ڇٺيءَ ڇماهيءَ، نه ته شعر ٺاهي ڏياري موڪليندو هو. جيڪڏهن سنڌ جا اديب ۽ شاعر کيس دعوت ڏيندا هئا ته به گهڻو ڪري شعر موڪلي ڇڏيندو هو. وٽس حيا ۽ رحمدليءَ جو درياء هر وقت موجزن رهندو هو. (1)

هن پنهنجو شاعري تخلص به ”بيوس“ اختيار ڪيو: ڇاڪاڻ ته هن جي ذهن ۽ خيال جو پرواز بُلند هو. اهو ئي سبب هو، جو هن، دنيا ۾ انسان جي حيثيت ۽ اصليت کي پوريءَ پَرِ پروڙي، پوءِ پاڻ تي اهو ئي تخلص مناسب سمجهي، رکيو.

درحقيقت هن دنيا ۾ انسانُ، خالق بي نياز جي عظمت آڏو بي وس يا بي بس ۽ ڪمزور آهي. تنهن ڪري سندس ”بيوس“ تخلص، انساني مناسبت تي پورو آهي. ٻيءَ صورت ۾، دُنوي ڌنڌن ۾ بيوس، هرگز هيڻو ۽ بي وس نه هو: پر پاڻ، لا اُبالي جو مالڪ ۽ باهمت پڻ هو.

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ماستري نوڪري به نهايت اُمنگ ۽ اُتساهه، عزت ۽ لڳن سان ڪيائين، اسڪولي ماستريءَ ۾ رهندي، به سندس عزت جو ڪَرُ هميشه مٿي هوندو هو ۽ نه ان طرح، جيئن محترم لال سنگ اجواڻيءَ، ڪتاب ”شعر بيوس“ جي مُهاڳ ۾ لکيو آهي:

پر بيوس هميشه پاڻ کي بيوس ۽ ويچارو، نماڻو ۽ نِٻَلُ، مسڪين ۽ سوالي ڪوٺايو. ... ڪجهه ڪجهه اثر هن تي اسڪول ماستريءَ جو ٿيو هوندو (ڳوٺن ۾ هرڪو، ماستر تي آڪڙيو ايندو آهي“ (2)

مٿين الفاظن ۾ اجواڻي صاحب، بيوس جهڙي عالي همت شخصيت کي احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا ڏيکاريو آهي. مگر ائين هرگز نه آهي. بيوس ڌڻيءَ دَرِ وينتي هميشه پئي ڪئي آهي: پر دنيا ۾ مشرَف ٿي رهيو آهي.

هي اُهو اسڪول ماستر نه هو، جنهن تي هر ڪو آڪڙيو اچي: پر هي اهڙيءَ عظمت وارو ماستر هو، جنهن جي محبت لاءِ نه رڳو شاگرد، پر ڳوٺ جا ماڻهو پڻ سڪندا هئا. هي اُهو اسڪول ماستر هو، جو نه رڳو پبلڪ، پر آفيسرن جي دلين ۾ به عزت ڀري جاءِ وٺندو هو. ان جو ثبوت اسان اڳتي هلي، هيٺين آفيسرن جي راين ۾ ڏسنداسون:

(1( ڪتاب شيرين شعر ۾ ڊاڪٽر گر بشخاڻيءَ جو ساراهه ڀريو رايو.

(2(  سُر هاگل ڪتاب، جي صفحي نمبر 81  تي علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي جو عجيب ريمارڪ.

(3( ڪتاب شاعرانه موتي صفحي نمبر  تي مسٽر ڪشنچند گلاب سنگ گدواڻي، جو ڪنهن لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو، ان جو تعريفي رايو. ان کانسواءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ديوان ڪوڙو مل کيس بي انداز پيار ڪندو هو، ايتري قدر، جو پاڻ سان گڏ کارائيندو هوس.(1)

وابستگي:

هو ڪانگريس سان وابسته هو ۽ مهاتما گانڌيءَجو پوئلڳ هو. جيئن سندس هيٺئين شعر مان ظاهر ٿئي ٿو: -

سملي جي اوچائيءَ وارو اوُچو تنهنجو شان گانڌي،

چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نيشان گانڌي.

خاص رحمت ملڪ خاطر آهه سڪاري متو،

مغربي ملڪن مان ان جو ٿو پوي پورو پتو.(1)

مهاتما گانڌي جي نظريهءِ موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون واپرائيندو هو. هي گهڻ ڳالهائو نه هو، کيس شانتي پسند هئي. مهاتما کان پوءِ ٻئي نمبر تي بيوس تي ٽئگور جي شخصيت جو ڪافي اثر پيل ٿو ڀانئجي. سندس سپوت شاگردن مان معلوم ٿو ٿئي ته بيوس گهڻو ڪري ٽئگور جا ڪتاب مطالع ڪندو هو. ٽئگور جي انگريزي ڪتاب ”ساڌنا جي پڙهڻ خاطر، بيوس وڏيءَ عمر ۾ انگريزي سکيو، جو ”ساڌنا جهڙو ڏکيو فلاسافيءَ جو انگريزي ڪتاب پڙهيءَ ۽ سمجهي سگهندو هو. نه رڳو ايترو پر ڪاليجي شاگردن کي پڻ ان فلاسافيءَ مان مطمئن به ڪري سگهندو هو. (2)

حياتيءَ جي پوين سالن ۾ کيس ايڪانت ڏاڍي وڻندي هئي. لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ سندس گيان ۽ آنند جو آشرم هو: جو شهر جي گوڙ کان پري، گهاڙ واهه جي اترئين ڪپ تي اڄ تائين موجود آهي، پر افسوس جو اڄ نقشو ئي بدلجي ويو آهي، نه اهو گهاڙ واهه رهيو ۽ نه اُها شانتي، سڄو گهاڙُ، شهر بنجي ويو آهي. مٿس اڪيچار جايون ٺهي ويون آهن.

بيوس هر آچر تي پنهنجي سنگت کي، رابيندر ناٿ ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته: دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند حاصل ڪجي ۽ حياتيءَ جي هر پهلوُءَ مان راضپو ۽ سُک معلوم ڪجي ۽ نه گهڻن وانگر واويلا مچائي حياتيءَ جو منظر ڏک ۽ مايوسيءَ وارو قائم ڪجي. ائين ڪرڻ سان دلي سڪون حاصل ٿيندو، ڇو ته ڌڻيءَ جي هر نعمت ۽ ڏات، سڪون ۽ آرام ڏيندڙ آهي. ان مان سُک َظُ) وٺڻ گهرجي: پر پاڪ رهت سان، ڪنول گُل جيان. (1)  ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته بيوس رجائي (Optimist) شاعر هو ۽ قنوطيت (Pessimism) کان پاسي ڪرڻ جي زوردار تلقين ڪندو هو.

ملاحظو فرمايو:

سائو ٿي رَهُ سَرَءُ ۾، خندان ٿي خزان تي

بي لطف حياتيءَ کي به شمشاد ڪنداسين

مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ ۽ فرياد نه ڪرڻ سندس اُصول هو.

اک لُڙڪ سان منهن مُرڪ ڀريو ياد ڪنداسين

فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.

بيوس جي سڀاءَ ۾ ٻاراڻي معصوميت گهڻي هئي. پنهنجي ٻارن سان گڏ، ڌارين ٻارن کي به تمام گهڻو پيار ڪندو هو. حياتيءَ جا پويان ڏهاڪو سال، ٻارن لاءِ گيت لکيائين، جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ ڇپيا هئا. هيٺيئن بيت مان بيوس جي حياتيءَ تي هڪ جَهلَڪ پوي ٿي، جنهن مان هن جي شريفانه زندگي ۽ ٻين سان همدرديءَ جو جذبو شدت سان ظاهر ٿئي ٿو. هُو وياج خورن جي بنهه بر خلاف هو:

خون مسڪيني ٿي چوُسيو، سُود خورن ڄَور جيان،

گهرج جِي گهوٻِي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.

 

چار پئسا تيل کاتي چار ڏوڪڙ تيل تي ٿي،

لڳي کوٽي کڻت ۾ ٿي بڻيو کوٽو کنڌو-.

بيوس فقير منش هو. جيئن سندس هيٺين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو:-

هوتُ هِردي ۾ وِڃايُم، ٿيو عبث ٻاهر لهڻ،

دل ڇڏَي دلدار لئه ٿيو مفت ڳولا ۾ ڳهڻ.

 

پيٽ پالڻ لاءِ ڇا ڇا عشر تي سامان ٿيو

رُوح لئه خوراڪ بيوس جا بجا گهٽجي وئي

 

گهُر نه هرگز، گهرج اندر، ناقصائيءَ جو نشان

فڪر بيوس، ڪرفنا، طلب وتنان واسطي.

حڪمت جو ڌنڌو:

بيوس جا پيءُ ماءُ ٻَئِي حڪمت جي ڪم ۾ نهايت برک هئا، بيوس پاڻ به اهو ڌنڌو پنهنجي والدين کان سکيو هو. پينشن وٺڻ کانپوءِ بيوس به طب جو ڌنڌو شروع ڪيو. جنهن ۾ ”هوميوپيٿي“ علاج جي سليس ۽ سوکيم دوائن جو استعمال ڪندو هو. هن ڌنڌي ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هي ڌنڌو پنهنجي دل گهُرئي دوست، ڊاڪٽر گوبند رام دادلاڻيءَ سان ڏهه ٻارنهن سال گڏجي هلايائين. ٿوري وقت بعد ان طريقي سان گڏ، يوناني طريقهءَ علاج به شامل ڪيائين. بيوس طبابت جو ڪم، نهايت ڪاميابيءَ سان هلايو. سندس شفاخاني تي بيمارين جي ڏاڍي پيهه هوندي هُئي. هُو پورو پورو نباض هو. پريندي ئي مرض سهي ڪري وٺندو هو. سندس وشواس هن ڳالهه ۾ هو ته:

”شفا ڏيندڙ به اُهو آهي ۽ شفا به اُهو

پاڻ آهي. هي فقط حيلو آهي، پر

حيلي ڪندڙ، هنر تي حاوي ضرور رهجي.“ (1)

بيوس هي ڌنڌو ڪِن حَرِيص حڪيمن ۽ بگهڙ ڊاڪٽرن وانگر نه هلايو. هي غريبن جي ڀلي جو تمام گهڻو اونو رکندو هو. ڪيترن ئي مفلسن ۽ مسڪينن ماڻهن جو مفت علاج ڪندو هو. قومي درد سندس دل ۾ هر وقت سمايل هوندو هو. سندس مُول متو هو ته:

”دنيا ۾ خلق خدمت کان، نه ڀانيوُن نه بندگي بهتر.“

عام ماڻهن کي صحت سڌارڻ لاءِ کين سهڻيون سهڻيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏيندو هو. اکين ۽ نظر جي سنڀال لاءِ، اڪثر ماڻهن کي، صفائي سان گڏ، ڳائي کير ۽ مکڻ ورتائڻ جي هدايت ڪندو هو. پاڻ چوندو هو ته:

”منهنجي نظر به ٿوري گهٽجي وئي هئي، جنهن ڪري مان چشمو ورتو هو. پر پوءِ مون روزانو ڳائو کير ۽ ڳائو مکڻ ۽ ڏڌ کائڻ شروع ڪيو. ڳچ عرصي کانپوءِ منهنجي نظر ورتي تيز ٿي وئي ۽ چشمو لاهي ڇڏيم. ڳائو کير نظر لاءِ اڪسير آهي، پر ان کي ترتيب سان استعمال ڪجي.“(1)

مٿئين نظريه موجب، آخري عمر ۾، هڪ اسڪيم تيار ڪئي هئائين، جنهن کي ”ڀاڳيا اسڪيم“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ۾ عوام لاءِ سُٺي ڳائي کير مُيسر ڪرڻ جي تجويز رٿي هئائين. اسڪيم موجب هن پنهنجي هڙان، لاڙڪاڻي جي اوڀر طرف، بهارپور ۽ گهاڙ واهه جي نزديڪ، هِڪُ وڏو پلاٽ (زمين) خريد ڪيو هو، جنهن ۾ ڳائي مال جو هڪ شاهي واڙو ۽ گاهه چاري پيدا ڪرڻ لاءِ زمين ٽڪرو، ٻئي اَچي ٿي ويا، هن اسڪيم موجب سرڳواسي بيوس پڙهو ڦيرائي، سڄي شهر کي مطلع ڪيو هو ته: ”سُٺي ۽ تندرست نسل جُون ڳئون، ڀاڳيا ماڻهو، ٿوري اُجوري ڏيڻ سان گڏ، اُن واڙي ۾ داخل ڪرائينِ. جتي سندن ڳُئن جي سُٺي نموني پالنا ٿيندي ۽ کير ڏهڻ جو بندوبست صاف ۽ سُٺن ٿانون ۾ ٿيندو. اهڙيءَ طرح سان خلق خدا کي عمدو ڳائو کير مُهيا ٿي ملندو. ڳُئن تي ڪَيلُ خرچ ڪٽي، باقي کير جي پيداش، مالڪن کي ڏني ويندي“. هيءَ اسڪيم وڏي پيماني تي رٿيل هئي: پر سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هي دياوان، پَرَ اُپڪاري پُرش ۽ مُفيد عام منش، خلق خدا جو ڀلو سوچيندي سوچيندي، تاريخ 23 سيپٽمبــر 1948ع  تي هن دنيا مان پرلوڪ پڌاريو.(2)

 

 

شعر جي ابتدا:

شعر جي ڏات قدرت وٽان ٿيل هُيس. جڏهن اڃا سورهن ورهين جو هو ۽ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، تڏهن به شعر چوندو هو. برسات جو نظارو ڏسندي، هڪ رات جو پڙهڻ بدران ”برسات تي شعر لکي، ميز تي رکيائين ۽ اتي ئي ڪرسيءَ تي کيس ننڊ وٺي وئي. بورڊنگ جي سپرنٽينڊينٽ چَڪَرُ هڻندي، اچي هن کي ننڊ ۾ ڏٺو ۽ ميز تي رکيل شعر وارو پنو پڙهِي، چُپ چاپ واپس هليو ويو. صبح جو کيس گهرائي، سندس پُٺي ٺپي چيائين ته: ”بيوس، ڪنهن ڏينهن اعليٰ  درجي جو شاعر ٿيندين“ ۽ ٿيو به ايئن، برسات نظم جون ڪجهه سٽون ملاحظو فرمايو:

اڄ مڙي، بادل کِڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب،

پڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.

 

رعد رڙڪا، گوڙگڙڪا، خوب ڪڙڪا ٿو ڪري،

پڻ تنبورا، ساز سُرندا، سارنگين جي تار ۾.

 

مينهن جي مانڊاڻ کان، سارا چمن چانڊاڻ ٿيا،

ڦوهه ۾ گل ڦل ڦٽي، پيَڙا کُلي، هر ٽار ۾.

عطر سنگ، بيوس جي شروعات شاعريءَ بابت، پنهنجي بياض ۾ هيئن ٿو لکي:

بيوس صاحب جڏهن اوائلي شاعريءَ ۾ گهريو يعني شعر رچڻ شروع ڪيائين، تڏهن .... عشق مجازيءَ مان جيڪو پهريون ڪلام رچيو هئائين، سو پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هيٺ ڏجي ٿو:

 

دمبدم دلدار تنهنجا پُور پَلِ پَلَ ۾ پيم

جنهن کئون رت روئي ڏنم

سوز فُرقت، آههَ آتش کان ڪيئي ڪُوڪُون ڪيم

ڪين ساجن ساب پيم

 

دربدر آهي بدر کي، تنهنجي ڪيو اَبرُن مٺا

تنهن ڪيو ساڙي کان ڇا؟

پندرهن راتيون ٿو ٻُڏي هر روز اُودر بحرِ غم

نيٺ ڪيائين پُشت خم

 

ڪيئن نه هڻندس مان چڙهيو، هر وقت فرقت کان ڀلا

ٿين ٿا اندر ۾ وِلوِلا

مون چڻا، جي رُڪ  جا آهن، ڪيا اٿم يارو هضم

جنهن کان ٿيو دردِ شڪم

 

مون جُدائي کان ڏٺا سَوَ صدما آهن دوستو!

جنهن کان ٿيس مان بي ستو

تنهن ڪري هرگز نه هڻندس وصل تي ڪو بَمُ شَمُ

 

چوطرف ويڙهي زماني کي ويو آهي حسد

ڪر نه ڪجلَ جو ڪيو قصد

ويو سمو سينگار جو، لالن نه لڏندي کڻ قدم

 

مست آهيان ساقيا، وِجهه مئي محبت جي کڻي

جا هجي هڻ کان گهڻي

ڪاسِئه سر منهنجي ۾، جو آهه مون لئِه جامِ جم

 

ٿي چيو دلبر ته بيوس، ڇو گهرين ٿو بوسئِه لب

ڏي سگهو اُن جو سبب

ان ڪري جو ٿئي مٺو ماکيءَ کان مَنَ منهنجو نظم

جلد ورنديءَ ۾ چيم.(1)

تصوف تي به بيوس چڱي طبح آزمائي ڪئي آهي. ڪتاب سامونڊي سپن وارو شعر ته سڄو تصوف سان ٽمٽار آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڪافين مان پڻ تصوف پيو بُکي!

پڃري آدم ري وچ ڪيئن آئين، هُئين ته شر خدائي يار،

هُيئن ته مرغ هوائي يار

بيوس ڍُونڍ دنيادي اُتي، ٻيٺي هوسن ڪانگَ ۽ ڪُتي،

تيڪون بازبِره ويسي چائي يار

سندس شروعاتي شاعريءَ واري وقت ۾ ،اُن دور جي مذاق موجب جيڪي شاعر، شعر چوندا هئا، اُنهن ۾ کيس سانگي جو شعر ڏاڍو وڻندو هو. سندس رواني، خيال جي بُلندي ۽ ٻوليءَ جي سونهن کيس موهي ڇڏيو هو. پاڻ چوندو ته: ”سانگيءَ جو شعر آڪاس ۾ تارن جي جهِر مِر سان سينگارجڻ جهڙو آهي“(1)

همدردي ۽ حُبّ سندس متو:

ڪشنچند بيوس، اُن زماني ۾ موجود هو، جڏهن ”خلافت هلچل ۽ ڪانگريس تحريڪ“، ماڻهن ۾ آزاديءَ جي لهر، مهاتما گانڌيءَ جي ولايتي شين نه واپرائڻ واري تحريڪ ۽ هاري حقدار هلچل ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي قومي درد رکندڙ افراد ”هندو مسلم ايڪتا جي به ڪوشش ڪري رهيا هئا. نوجوان بيوس، انهن سڀني تحريڪن کان متاثر ٿيو. سندس ڪُومل هردي ۾ قومي درد ۽ همدرديءَ جو جذبو جاڳي اُٿيو.

بيوس سنه 1900ع ڌاري، ڦوهه جوانيءَ ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي قومي رنگ ڏنو ۽ چيائين: -

ڳوڙهن سان تنهنجي ڳانڍڙ، منهنجو به خون آهي،

سوداءُ سِرَ ۾ تنهنجي، منهنجو جنون آهي،

هي حال دل جو بيوس، تون پاڻ تي سهي ڪر،

آٿت جو آهه تو لئه مون لئه ستون آهي.

وطن جي حُبّ ۽ ملڪ لاءِ قربانيءَ جو جذبو منجهس شدّت سان ڀَڙڪي اُٿيو ۽ بي اختيار چئي ڏنائين:

وطن جي حب ديش جي ڀڳتي، اُتم اعليٰ عجب شڪتي،

پناري جن سندس ورتي، کٽي دنيا جي تن نعمت.

اڳتي هلي، ٻاروتڻ ۾ ئي ٻارن کي، وطن تان قربان ٿيڻ جي لولي ڏئي ٿو:

اُهي مائرو ڀَلي مَرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين

ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت

بيوس مٿيون شعر 1912ع ۾ ”ملڪي پيار جي عنوان سان چيو، جڏهن مهاڀاري لڙائي چالو هئي، لڙائي پڌرئي ڪاميٽيءَ (War Publicity Committee)  کي اهو شعر ڏاڍو پسند آيو ۽ کيس انعام آڇيو هو (1)مطلب ته بيوس جي شعر جي شروعات وطن جي حُب ۽ قومي درد واري جذبي ماتحت شروع ٿي. شيرين شعر، سامونڊي سپون، ڦولداني، گرونانڪ جي جيوَن ڪَوِتا، شعر بيوس ۽ گيتا نجلي، سندس شاعريءَ جا بهترين مجموعا آهن. ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته بيوس پنهنجي شعر لاءِ عوامي وشين کي چونڊيو آهي. ان ڪري کيس ”عوامي شاعر“ چيو ٿو وڃي. سندس شعر ۾ وطن جي حب ۽ درد آهي، تنهن ڪري کيس ”قومي شاعر“ پڻ چون ٿا. آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سندس شعر کي پسند ڪندي، شيرين شعر جي مهاڳ ۾ اعتراف ڪيو آهي:

”هن وقت تائين ٻين شاعرن پئي اڳين جي تقليد ڪئي آهي، مگر ڪشنچند سنڌي شعر لاءِ هڪ نئين واٽ گهڙي آهي، شعر جو ڳچ حصو قدرتي وشين بابت آهي ..... ڳچ وقت کان وٺي آءٌ مسٽر ڪشنچند جو ڪلام اخبارن ۽ مخزنن ۾ پڙهندو آهيان. هن ڪتاب ۾ اهو ئي شعر جمع ڪري ڇپايو ويو آهي، هڪ خاص خوبي جاهن شعر ۾ مون کي نظر اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته مضمون ۽ عبارت ٻئي اصلي آهن ۽ نه نقلي“.(1)

مسٽر عطر سنگ هاساسنگ، پنهنجي بياض، ”بيوض ساکيءَ“ ۾ لکي ٿو ته

”جڏهن ٻائي چيجورام25 ڊسمبر 1935ع تي پرلوڪ پڌاريو، تڏهن مون بيوس کي عرض ڪيو ته: ٻائي صاحبه اتي ديهانتي راڳ رچي ڏيو“. ورنديءَ ۾ چيائين ته:  مون کي اسٽيشن تي مال گودام مان ڇڏائڻو آهي. تُنهنجي ريلوي جي بابُن سان ڏيٺ ويٺ آهي. جيڪڏهن مون سان گڏجي هلين ته پوءِ پنو پينسل ۽ پاٺو ساڻ کڻ ته رستي ۾ ئي توکي گيت ٺاهي ڏيندس“. پهريائين ته مون کي حيرت ٿي: پر پوءِ پنو پينسل کڻي، ساڻس روانو ٿيس، رستي تي پاڻ چوندو ويو ۽ مان لکندو ويس. اسان به مال گدام تي پهتاسون ته گيت به مڪمل ٿي ويو، جو هيٺ عرض رکان ٿو:


(1)  هي احوال، هندستان مان مسٽر هري درياني دلگير (1962ع) خط رستي ۽ مرحوم قاضي محمد مراد کان حاصل ڪيم.

 (1)    هري درياني (هندستان) ۽ قاضي محمد مراد کان حاصل ڪيل احوال.

(2)    قاضي محمد مراد کان زباني ٻڌل احوال

(1)  عطر سنگ هاساسنگ بمبئي واري جي بياض جو احوال

(2) (شاه محمد مرتضائي ۽ قاضي محمد مراد کان ٻڌل.

(1)  ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ايم – اي واري ٿيسز تان ورتل

(2)  مسٽر لال سنگ اجواڻي – ڪتاب ”شعر بيوس“ (انڊيا) صفحو – 15

(1)  بياض مسٽر عطر سنگ هاسا سنگ بمبئي واري تان ورتل

(1)  ڪشنچند بيوس جي ”شيرين شعر“ ڪتاب تان

(2)  بياض عطر سنگ بمبئي واري تان ورتل

   (1)  بياض عطر سنگ هاسا سنگ (بمبئي) تان ورتلئ

(1)  بيوس جي زباني، بياض سنگ تان صفحو نمبر – 18.

(2)  قاضي محمد مراد جي زباني

 (1)  بياض عطر سنگ هاسا سنگ صفحو نمبر – 19 ۽ 20

 (1)  بياض عطر سنگ هاسا سنگ شعر وارو ڀاڱو صفحو نمبر -2  ۽ 4

(1)  شيرين شعر جي مهاڳ مان ورتل

(1)   ايضا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org