سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :9

اي ايا(ز)/هُوءَ اڄ/من لُڀا/ئي وئي (ص 57)

امداد حسينيءَ کي سُڌ آهي ته ”اياز“ لفظ ۾ جيڪو ”ي“ کان پوءِ ”الف“ حرف علت طور ڪم آيل آهي سو تقطيع ۾ حذف ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو حذف ڪرڻ علم عروض جي عين مطابق آهي. بهتر ۽ اصولن موجب تقطيع هيٺينءَ ريت هئڻ گهرجي، جنهن سان نه خامي نظر ايندي ۽ نڪي اهو چوڻو پوندو ته اهو شعر ڪنهن به وزن ۾ نه آهي، ڇو ته اياز به ائين ئي موزونيت رکي آهي.

 

هن مضمون ۾ اسحاق ڏاڍي نزاڪت سان اياز جي حوالي سان بحث ڪيو آهي. فني انداز ۾ ردڪد ويهي ڏنا آهن. هن محنت ڪري اهڙي ڪابه ڳلي يا واٽ نه ڇڏي آهي جيڪا حقيقتن جي شهر مان نه گذرندي هجي. حقيقت بيانيءَ سان ڀرپور هن مضمون ۾ سندس للاٽ جي لاٽ ته جرڪي پئي آهي ۽ ان جرڪ ۾ جوت ۽ جلا به آهي ته سچ جي سُهائي به آهي. وڌيڪ اڳئين جي للاٽ تي ڇڏيل آهي ته ان ۾ ريکائون سونهري ٿيون اُڀرن يا ساحل پائي ويندڙ سامونڊي لهرن جهڙيون ڇرڪ ڀرائيندڙ.

اسحاق هن ئي مضمون ۾ ”مصرع“ لفظ جي معنيٰ بابت موزون ۽ رد نه ڪرڻ جهڙا دليل ڏنا آهن. پنهنجي دليل جي پختگي لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل سنڌي لغت کي به ماخذ يا حوالي طور ڪم آندو اٿس، جنهن کي قطعي رد ڪري نه ٿو سگهجي. پر ڪن لفظن جي لغوي معنيٰ سان گڏ مروج معنيٰ ٻي به موجود هوندي آهي، سا وسارڻ نه گهرجي. مصرع جي ڏنل لغوي معنيٰ ته درست آهي پر امداد حسيني به مصرع لفظ غلط ڪم نه آندو آهي. مصرع ڪنهن مڪمل شعر لاءِ به سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ امداد حسيني انهيءَ رواجي يا عام استعمال ۾ ايندڙ معنيٰ کي ڪم آندو آهي.

*    *   *   *  

هن ڪتاب ۾ ٽئين نمبر تي به خوبصورت ۽ خلوصاڻي انداز ۾ دوستي ”پهريون جديد شهر آشوب“ جي نالي سان، سا به امداد حسيني سان نڀائي وئي آهي. شهر آشوب نظم تي بحث ۾ اسحاق امداد حسينيءَ جي فڪري گهرائي، خيالن جي تنظيم، ثقافتي انڊلٺي رنگ، شاعراني پهچ، تجربي ۽ مشاهدي کي سهيڙي تصوراتي قوت جي شدت پيدا ڪرڻ واري صلاحيت ۽ نظم جي هيئت تي جنهن انداز سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي، سو من موهيندڙ ۽ دلچسپ آهي. امداد انهيءَ ڳالهه جو حقدار به آهي. جن وڻندڙ عبارتن ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ ٻوليءَ جي رنگينيءَ سان لکيو اٿائين، سچ پچ ته سندس لکڻيءَ تي رشڪ ٿو اچي. هن مضمون جي پڙهڻ سان انهيءَ اسلوب ۽ سُڍنگي شهر آشوب سِکڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿو ٿئي. اسحاق نه صرف امداد جي نظم شهر آشوب کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو آهي، پر جنهن اهميت ۽ افاديت سان ڀرپور بحث ڇيڙيو اٿائين جو شاعر آئنده اهڙا  نظم سرجڻ لاءِ ضرور سوچيندا. انهيءَ احساس کي هٿي ڏيندي اسحاق امداد جي نظم کي نرالي نموني اجاگر ڪيو آهي ۽ شهر آشوب نظم جي حوالي سان اردوءَ جي شاعرن کي ٻوڙي ڇڏيو اٿائين.

اسحاق نظم جي فڪري ۽ ثقافتي پهلوئن تي ڀرپور بحث ڪيو آهي. نظم جي هيئت تي به اظهاريو اٿائين. ان جي باوجود به نظم جي ٻين فني لوازمات کي جاچڻ شايد کانئس رهجي ويو آهي. امداد جو نظم مقصديت، معنويت ۽ فڪري يا ثقافتي ڳڻن سان ٽٻٽار آهي. نظم ۾ شعريت ۽ نازڪ خياليءَ سان گڏ رواني، موزونيت ۽ لفظن جي موزون استعمال ڏانهن به امداد صاحب کي خيال رکڻ کپندو هو. نظم ۾ وزن جي کوٽ ته ڪُکي ٿي، پر لفظن جا اصلي يا درست اُچار ڪم آيل نه آهن. شاعر لفظ گهڙيندا ۽ سنواريندا آهن- بگاڙيندا ناهن ۽ نه وري وزن جي ٽکڻ (ڪوڙڪي) ۾ ڦاسائڻ وقت چٻي چٿي چيڀاٽي ڇڏيندا آهن. هيءُ ٽيڪاٽپڻي تخليقي فن جي اعليٰ معيار تي پوري نه لهي پر امداد حسيني جي شعر ۾ کٽڪي ته جهٽڪو لڳي ٿو وڃي. امداد حسيني جهڙي وڏي شاعر لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي.

منهنجو خيال آهي ته ڪنهن اعليٰ پايي جي شاعر ۾ ناموزونيت جو عيب نه هئڻ گهرجي. سندس شعر ۾ رواني ته سانوڻيءَ جي سنڌو درياهه جهڙي هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته امداد هڪ اثرانداز ٿيندڙ شاعر آهي. اسين سندس مداح ۽ کانئس متاثر آهيون. کيس اهڙي روايت قائم نه ڪرڻ گهرجي. ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ جهڙي سٽ سرجيندڙ امداد حسيني شعر ۾ رڌم، نغمگي يا موزونيت برقرار رکڻ وقت لفظن کي ٺيڪ طرح پنهنجي اصلوڪي اُچار يا تهجي ۾ ڪم نه آڻڻ جي مشق ڪري ته صدمو پهچي ٿو. ڇو ته وڏا شاعر ورثو هوندا آهن ۽ وڏن شاعرن جي ورثي طور کنيل وک هڪ روايت کي جنم ڏيندي آهي. ان ڪري ئي نظم جي وزن ۽ ان وزن جي ڪارب ۾ لفظن جي بگاڙ جو ذڪر ڪرڻو پيو آهي. غير معمولي ۽ غيرروايتي شاعر امداد حسيني پنهنجي نظم کي وزن ”مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن“ تي آڌاريو آهي. امداد ڪن هنڌن تي ”فاعلات“ بجاءِ ”فاعلاتن“ به ڪم آندو آهي. نظم جون هيٺيون سٽون ۽ ان جي تقطيع تي غور ڪريو.

 ۽ رات/ ڏينهن ٻُوٿ/مٿان ٻُٽ هه/ڻيوگهُمن.

 (مفول/ فاعلات/ مفاعيل/ فاعلن)

 ڄڀ تي ڄ/ڀيون اماڙ/اکين ۾ ک/ ڻيو وتن.

 هي منگه/ ڄڻ ته ڦاهه (ي)/ تي ڳاٽوڪو/ ٽِڙَڪِيَل.

 تلڪ انڪلين تاءِ وڏي مارڪيٽ کان؟؟

 ۽ ڇوٽڪي گهٽي کان وٺي گاڏي کاتي تائين؟؟

 وڻ ساڻ/ جيئنءَ ول/ هجي (؟) ٻه/ کين پِيَل

 ساوڻ ا/ چي ته ٿوهه/ تي پرڳا (لهه) اُ/ هاڪِٿي

 ٻِج ڪيت/روبه نِج سـ/ هـ پر (؟) م/ ريو وڃي.

 ڪو ڀوءَ نه/ ڀيل ڊپ/ نه ڊا (؟) ءُ/ هو هتي

 دوڏاپ/ ٽيل زبان/ ڏندن ۾ ا/ چي وِيَل

 اُڀ مان ز/ مين مان هِـ/ تان هُتان جه (؟)/ ٿان ڪٿان

 ۽ چؤنڪ/ چؤنڪ ڄڻ ته/ ڪو ڦٽ (؟) ڪ/ ڙي لَٿل

 مٽي ڀـ/ لي ڀني ڀـ/ نل؟ آئي هـ (؟)/ واڪٿي

نظم جي مٿي ڏنل سٽن ۾ تقطيع وسيلي وزن جي اڻاٺ کي واضح ڪيو ويو آهي، جنهن سان رواني تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي. علم عروض ۽ ان جي تقطيعي اصولن جو ڄاڻو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته نظم جنهن وزن تي آڌاريل آهي، اهو وزن ڪيترو متاثر نظر اچي ٿو. وري به وزن جي ان کوٽ کي ظاهر ڪرڻ کي ڪارنامو نه ٿو سمجهان. باقي ٻوليءَ جي لفظن کي پنهنجي اصلي اُچار ۽ تهجي جي اُبتڙ استعمال کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اُبتڙ مان منهنجي مُراد بگاڙ آهي. ائين ڪرڻ سان ٻولي توڙي شعر جي نغمگي ۽ رڌم ٻئي ڌڪجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ کي نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، تشبيهون ۽ ترڪيبون آڇيندڙ امداد حسيني جي اهڙي مشق دکدائڪ محسوس ٿئي ٿي. مٿي ڏنل شعرن ۾ لفظ ”ٻُٽ“، ”ڄڀ“، ”ٽرڪيل“، ”پيل“، ”ٻج“، ”نج“ ”ويل“، ”اُڀ“، ”ڦٽ“، ”لٿل“ وغيره سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ اصلي اُچارن موجب ڪم آيل نه آهن. انهن لفظن جي استعمال نظم جي رواني کي به ضرب لڳائي ڇڏي آهي. لفظن جي اهڙي  استعمال سان شعر ۾ رواني اڳيان بند اچي وڃن ٿا.

دراصل منهنجو اهو هرگز مقصد نه آهي ته امداد حسينيءَ جهڙي قداور ۽ سگهاريءَ ڏات جي مالڪ شاعر جون وِڏون ويهي ڪڍان يا مذڪوره ڳالهيون سندس علمي لياقت، فنڪارانه صلاحيت ۽ سندس فڪري گهرائي کي متاثر ڪنديون، پر امداد لاءِ اهو عمل اسڀاويڪ ضرور آهي. نظم جي ٻين سڀني پهلوئن تي اسحاق جيڪو لکيو آهي، سو ئي نظم جي حيثيت ۽ اهميت کي بلنديءَ ڏانهن کڻي وڃي ٿو. هڪ هنڌ نظم جي خوبصورتي، نزاڪت ۽ ٻوليءَ جي رنگينيءَ تي بحث دوران اسحاق به مشاهداتي غلطي ڪري ويو آهي ته ”سج جو ڪرڻو شيشي مان گذري انڊلٺ بڻجي پيو آهي (ص 76). سج جو شعاع شيشي مان پار ٿيڻ وقت موڙ ته کائيندو آهي، پر ان جي انڊلٺي رنگن ۾ ورڇ ممڪن ئي ناهي. اهڙو شيشو يا شفاف پلاسٽڪ جنهن ۾ منشور (Prism) وانگر ڪنڊون هجن، انهن ڪنڊن مان گذرڻ وقت مُڙندي سج/روشني جو ڪرڻو انڊلٺ (رنگن جي پٽي) بڻجي پوندو آهي يعني مختلف رنگن ۾ ورڇجي ويندو آهي. مينهوڳيءَ ۾ پاڻيءَ جو ڦُڙو يا پاڻيءَ ۾ ٺهندڙ بوڙيو به ڪڏهن ڪڏهن منشور جو ڪم ڪندو آهي ۽ روشني جي ڪرڻي کي رنگن ۾ ورڇيندو آهي. برسات جي موسم ۾ به فضا ۾ گهم يا پاڻيءَ جو ڦڙو منشور وانگر روشني کي رنگن ۾ ورڇي آسمان ۾ انڊلٺ ٺاهيندو آهي. ان هوندي به اسحاق کي شاباس هجي جو هن نهايت پيار ۽ پاٻوهه، گهرائي ۽ باريڪ بينيءَ سان نظم تي علمي نظر وڌي آهي.

*   *   *   *

ڪتاب جي چوٿين ڪڙي اياز جي غزلن جو اڀياس ۽ ترتيب ڏنل غزلن جي ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ جو مهاڳ آهي. هن مضمون ۾ اسحاق غزل جي صنف کي اتهاسي ۽ اڀياسي اک سان ڏٺو آهي. جديد سنڌي شاعري خاص طور غزل جي صنف روايتن جي قيدخانن جي اونداهين منجهان ڪيئن نڪري جدت ۽ نواڻ جي روشني کي رسي ۽ شيخ اياز ان کي جدت جي شاهراه تي ڪهڙي ڏاهپ ۽ باڪمال صلاحيتون ڪم آڻيندي گامزن ڪيو- هن مضمون ۾ اسحاق وڏي ۽ وِنڌ کان ڪم ورتو آهي.

هيءُ اڻ ڄاڻ ڄاڻو ڪير آهه؟ اسحاق اشارن جي اوٽ تي ٻُڌائي ويو آهي. مضمون کي غور سان پڙهڻ وارو بخوبي اندازو لڳائي وڃي ٿو. اسحاق پوري يقين سان اهو ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته تنقيد فضوليات ۽ ڍنگرن تي اٽي هارڻ جهڙو ڪم نه آهي. اسحاق نه تنقيد کي اڀياس ۽ نه وري اڀياس کي تنقيد مڃڻ لاءِ تيار آهي. هن مضمون جو مرڪزي نقطو آهي ته اڀياس جي ڀيٽ ۾ تنقيد جي نگاهه گهري، ڳوڙهي، گوناگون ۽ تخليق جي سمورن پاسن تي پوندڙ آهي. لئي مان لٺ ڀڃي سوار بڻجڻ سولو آهي. ڪنهن فن پاري يا اعليٰ پايي جي ڪنهن تخليق جي حسن، پس منظر، فن فڪر، محور محرڪ، ٻولي، مشاهدي جي نسبت سان خامين ۽ خوبين جي ڇنڊڇاڻ جهڙو اوکو ۽ ذميواريءَ وارو عمل تنقيد جي دائري ۾ اچي ٿو. اتاڇري نظر يا سطحي اڀياس يا تبصري کي تنقيد جو نالو ڏيڻ مناسب نه آهي. هن مضمون جي ڳَرُ ۾ تنقيدي فن جي مٿانهپ ۽ ان لاءِ مٿانهين مت هجڻ وارو رايو به شامل آهي ته شيخ اياز جي هائيڪن تي مشتمل ڪتاب ”مينهن ڪڻيون“ تي ٿيل سطحي ۽ وائڙي جرح جي موٽ به آهي. اسحاق جي موٽ مطالعاتي ۽ حقيقت (Justification) تي ٻڌل آهي. ان کان سواءِ تاريخ جي ڏيئي ڀرسان ويهي اسحاق هائيڪو صنف جي سنڌي شاعريءَ ۾ مروج ٿيڻ، ان جي ارتقا ۽ اوسر پڻ بيان ڪئي آهي. سندس بحث جو مرڪز شيخ اياز آهي ۽ هن اياز جهڙي ڏاهي شاعر جي فني پختگي، هائيڪو صنف ۾ ڪيل سندس تجربن بابت پڻ نور نچويو آهي.

*   *   *   *

اياز گل سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي شاعر طور اهم ۽ منفرد حيثيت والاري چڪو آهي. نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعر اياز گل جي غزل ۾ جيڪو تغزل جو عنصر ملي ٿو سو ٿورن شاعرن وٽ ملي ٿو. سنڌي شاعري ۾ غزل جي صنف سنڌي ٻوليءَ جي مزاج لب لهجي ۽ مقامي رنگ ۾ رنگجڻ جو سفر خليفي گل کان شروع ٿيو ۽ اياز گل تائين پهچندي اُن اهو احساس ڏياريو آهي ته غزل جي صنف ڌاري نه رهي آهي. ڌاريائپ جي ان احساس ختم ڪرڻ ۾ علي دوست عاجز، سعيد ميمڻ ۽ ٻين اهڙن شاعرن به وسان نه گهٽايو آهي. مقامي ويس وڳي ۾ ڪلاسيڪي مقام کي پهچڻ لاءِ غزل جي صنف اڃان سفر ۾ آهي. اسحاق سميجي ”ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل شاعر“ جي فقري هيٺ ذهن نشين ڪرايو آهي ته اياز گل پنهنجي دؤر ۾ تخليقي صلاحيتن، منفرد اسلوب ۽ انفرادي بيان واري خوبي جي ڪري ٻين شاعرن کان نکڙي بيٺل نظر اچي ٿو. اياز گل پنهنجي اظهار ۾ غير روايتي هئڻ ڪري، روايت جي ور چڙهي ويل غزل جي شاعرن کان الڳ ۽ نرالو آهي. معمول جيان هن مضمون ۾ به اسحاق سچائي ۽ نرميءَ سان اياز گل جي غزل ۾ تخيلاتي ۽ زندگيءَ سان هم آهنگ تصورن ۽ احساسن جي پرک ڪئي آهي. اياز گل جي شاعري ۽ ان جي غزل جو جائزو پيش ڪندي اسحاق اياز گل جي غزل ۾ ٻولي، موضوع، ڪيفيتن جي دنيا ۽ نواڻ جو معترف به آهي ته سندس ڪمزورين جي به نشاندهي ڪئي آهي. وزن، قافين ۽ رديفن جي ورجاءُ ۽ خيالن جي حوالي کان به اياز گل جي ورجاءُ ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

*   *   *   *

اسحاق شاعرن سان دوستي جي نرالي نيباهه وقت علي دوست عاجز جهڙي نازڪ مزاج، نرم طبع ۽ خوبصورت شاعر کي نه وساريو آهي. علي دوست عاجز نازڪ نفيس، سٻاجهو، سلڇڻو ۽ ڌريان ئي ڌَرُ- کٿوريءَ سان ڌوتل شخص ته آهي ئي، پر پنهنجي شاعري ۾ ملائم محبتي احساسن، حسين تصورن ۽ تخيل وارو شاعر به آهي. سندس ڇپيل ڪتاب ”اچن ڀؤنر ڀنوليا“ جو لکيل مهاڳ، اسحاق هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. اسحاق سندس شاعراڻي پورهئي جو پنهنجائپ سان جائزو پيش ڪيو آهي. اسحاق ڄاڻايو آهي (۽ آهي به) ته علي دوست عاجز جي شاعري جو محور مٽي ۽ محبوب سان جذباتي لڳاءُ آهي. اسحاق سندس شاعريءَ ۾ موجود انهن اجهل جذبن، اٿاهه محبتن، شاعراڻي حسناڪي، ڪارج، ڪمٽمينٽ، نرم خيالي، تصوراتي ۽ تخيلاتي سگهه، فطرت ۽ سونهن سان سُٻنڌ، ٻولي، فن ۽ اسلوب تي به بحث ڪيو آهي ته سندس شعر ۾ شعريت واري عنصر کي به اجاگر ڪيو آهي. اسحاق، هن نرالي شاعر جي شاعريءَ جي مفصل ۽ لاڀائتي اڀياس ۽ سندس فني پختگيءَ تي به روشني وجهي ها ته تنقيدي عمل اڃان به وڌيڪ ڪارائتو ٿي پوي ها.

*    *    *    *

شبنم گل جي نالي شاعره طور جوڳي شهرت حاصل ڪئي. اسحاق سميجي سندس شاعريءَ جو ساڳي غيرروايتي نوعيت ۾ اڀياس ڪيو آهي. وليم فاڪنر تنقيد جي سلسلي ۾ پٺڀرائي ته نه ٿو ڪري، پر سندس بيان ڪيل ڳالهين ۾ هڪ ٻيو پسمنظر موجود آهي. هڪ هنڌ هو چوي ٿو ته ”فنڪار نقاد کان مٿانهون آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي شيءِ تخليق ڪري ٿو جيڪا نقاد کي تحرڪ ۾ آڻي ٿي. نقاد جي لکڻي ڪنهن ٻئي کي ته تحرڪ ۾ آڻي ٿي پر خود فنڪار کي متحرڪ نه ٿي ڪري“. هت هڪ پس منظر اهو آهي، جيڪو هن ئي مضمون ۾ ڪٿي اڳ به بيان ڪري چڪو آهيان ته تنقيد فنڪار جو ڌيان ضرور ڇڪائي ٿي. آرتسٽ ڀلي ڪن ٽار کان ڪم وٺي يا چئي ڇڏي ته مون جيڪو لکيو، لکجي ويو سو ڇُٽو، پر هُو جڏهن ٻيهر لکڻ شروع ڪندو يا ڪا نئين تخليق سرجڻ ويهندو ته نقاد جون ڳالهيون کيس ضرور تحرڪ ۾ آڻينديون. ٻيو ته نقاد کي فنڪار جون ڪمزوريون تحرڪ ۾ آڻينديون آهن ته سٺايون به. فنڪار کي سندس سٺائي ته راس ايندي آهي، پر ڪچائي ڪاوڙائي وجهندي آهي. سو، فنڪار برابر نقاد کان مٿانهون ٿي سگهي ٿو، پر تخليقي فن جو ڄاڻو نقاد فنڪار کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي هوندو. سندس گهري نظر تخليق، ان جي فن، تصور جي قوت ۽ سماجي پس منظر تي هوندي آهي. وليم فاڪنر ٿوري ٻئي پر بهتر اصول جو قائل نظر اچي ٿو ته ”فنڪار جي لياقت ان ۾ لڪل هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪم کي پرکڻ جي ڪيتري همت ۽ ايمانداري ٿو ڏيکاري. منهنجي لکڻي انهيءَ معيار تي نه ٿي لهي ته مون کي ايترو ئي ڏک ۽ پيڙا ٿيندي آهي جيتري ماءُ کي پنهنجي اولاد کرڻ تي ٿيندي آهي.“ وليم فاڪنر هن پئراگراف ۾ تنقيد جي فن کي ڪيتري نه اهميت ۽ شدت سان بيان ڪيو آهي. ان نقطي تي زور ڏنو اٿس ته فنڪار پنهنجي تخليق جو پاڻ به وڏو نقاد آهي. اها راءِ خود معياري ٽيڪا ٽپڻي ۽ تنقيد جي تخليقي فن جي پٺڀرائي ڪري ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته تخليقي عمل مان گذرڻ وقت فنڪار کي تنقيد تحرڪ ۾ آڻي ڇڏي ٿي ۽ هُو بهتر تخليقي عمل جو خود نقاد بڻجي پوي ٿو. هنن ڳالهين جو مطلب اهو آهي ته اسين سوچيون ته اسين تخلقيڪار وليم فاڪنر جي موزون ڳالهين تي پورو لهون ٿا؟ جيڪڏهن پورو نه ٿا لهون ته پوءِ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ڏات ۽ ڏانءُ آهر پنهنجين لکڻين جا پاڻ نقاد بڻجون، نه ته اسحاق سميجي جهڙو غيرروايتي ۽ تخليقي تنقيد جي فن جو ماهر ٻيو ڪوبه نقاد تحرڪ ۾ اچي سليقي ۽ ڍنگ سان لکڻين جو ڇيد ڪري سگهي ٿو. هن مضمون ۾ اسحاق شاعريءَ جي مقصد ۽ معنيٰ کي آڏو رکي، شبنم گل جي غزلن جي فني ۽ فڪري پروڙ ڪئي آهي. سندس غزلن ۾ ٻولي ۽ ان تي اردو جي اثر جي وضاحت ڪئي آهي. اسحاق شبنم گل جي غزلن ۾ رواني ۽ شعر جي حسن جي ڌڪجڻ (ص- 145) جي ڳالهه ڪري ٿو، پر ڪٿي ۽ ڪيئن ڌڪجي ٿو سا نشاندهي نه ڪئي اٿائين.

*   *    *     *

اسحاق سميجي جي هن ڪتاب ۾ آدرش جي نثري نظمن جو مطالعو به شامل آهي. سندس مطالعي جو وچور وڃي اهو ٿو بيهي ته آدرش پنهنجي نثري نظمن جو ماحول مقامي سنڌي سماج سان جوڙي نه سگهيو آهي. نظم ۾ معروضي حالتون ۽ ماحول اوپرو ملي ٿو. آدرش پنهنجي نثري نظمن ۾ منظرنگاري ۽ تاڃي پيٽي جي اُڻت ڌارئي ماحول ۾ ڪئي آهي، تنهنڪري سڌي يا اڻ سڌي طرح سندس نظمن جو لڳ لاڳاپو سنڌي شاعري ۽ سنڌي سماج سان جڙي نه سگهيو آهي. شاعر لاءِ ضروري آهي ته هُو پنهنجي ڏات ۽ تخليق جو تعلق مقامي ماحول سان قائم ڪري. احساسن جي اپٽار لاءِ مقامي ماحول، ٻولي، تشبيهن ۽ استعارن کان ڪم وٺي ته جيئن شعر اوپرائپ جي ور چڙهي نه وڃي. جڏهن شاعر جي چونڊ، اها ڪهڙي به ڏس ۾ هجي، مقامي هوندي ته عڪس ۽ اولڙا به مقامي ۽ پنهنجا نظر ايندا، ائين جيئن شاهه لطيف هير رانجهو، ليليٰ مجنون، شيرين فرهاد، عذرا وامق جهڙن ڌارين رومانوي داستانن ۽ انهن جي ڪدارن جي چُونڊ بجاءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ رومانوي ۽ ٻين داستانن ۽ انهن جي ڪردارن جي چونڊ ڪئي. حالانڪه سنڌ جو ماڻهو مذڪوره داستانن کان اڄ به بخوبي واقف آهي. عام ماڻهو به انهن داستانن ۽ ڪردارن کان آشنا آهي، پر ڇاڪاڻ ته لطيف جي سنڌ ۽ سنڌي سماج سان وابستگي هئي، ان ڪري لطيف مقامي ماحول، داستانن يا انهن جي ڪردارن کي پنهنجي اظهار جو موضوع بڻايو.

اسحاق جي هن مضمون ۾ هڪڙو تاثر اهو به جڙي ٿو ته آدرش جي لاشعور ۾ ڌارئي ماحول جون رچنائون رچيل ۽ سٿيل نظر اچن ٿيون، جن جو پرتو سندس نثري نظم تي پيل آهي. جديد سنڌي شاعري عربي ۽ فارسي زده سنڌي شاعريءَ کي به انهيءَ ماحول جي اوپرائپ، تشبيهن، استعارن ۽ ترڪيبن جي ڌاريائپ سبب قبول نه ٿي ڪري. اسحاق پُر مغز بحث وسيلي آدرش کي جهڙوڪر صلاح به ڏني آهي ته هُو پنهنجي نثري نظم يا ٻي صنف ۾ چيل شعر جو رشتو سنڌي سماج سان جوڙي ته انهن ۾ ڪارج به ته پنهنجائپ به محسوس ٿئي.

انهيءَ کان سواءِ اسحاق آدرش وٽ خوبصورتيءَ سان خيال پيش ڪرڻ جي خامي، شعر ۾ شاعراڻي رنگ جي کوٽ، مقصديت کان خالي ۽ اجائي ڊيگهه تي ٻڌل جملي بازيءَ بابت به ويچار ونڊيا آهن ۽ سندس نثري نظمن جي تخليقي پس منظر ۽ بنيادي مقصد جي اڻاٺ ڏانهن پڻ ڌيان ڇڪايو  آهي.

*    *    *    *

ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي آخري ڪڙي فياض چنڊ ڪليريءَ جي شاعريءَ تي لکيل لکڻي آهي. اسحاق فياض جي شاعريءَ تي وڻندڙ بحث ڪيو آهي. سندس شاعري جي ڪچائين پڪاين، موزونيت، ٻولي ۽ سندس تخيل کي موضوع بڻائي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن مضمون ۾ به اسحاق جو انداز ساڳيو نرالو ۽ بيباڪ آهي. اهڙا اڀياسي بحث ڇڙڻ کپن ته جيئن شاعر سان گڏ شاعريءَ کي بهتر کان بهترين ڏانهن موثر انداز ۾ وٺي وڃڻ واري ڪاميابي حاصل ٿي سگهي. هن فياض جي بيتن، واين، غزلن ۽ ٻين شعرن جو مطالعو ذميوار نقاد جي حيثيت ۾ ڪيو آهي. فياض جي شاعريءَ ۾ ترڪيبن، اوپرن لفظن جي واهپي ۽ فني ڪمزورين جي او ڊوک ڪئي وئي آهي. اسحاق هڪ بيت مثال طور ڏئي فياض چنڊ ڪليريءَ کي تجربي جي نالي ۾ فائدو ڏيڻ چاهيو آهي، سو سمجهه ۾ نه آيو. بيت هيءُ آهي:

نثري نظم جيان، هوءَ جا نازڪ ڇوڪري،

بڻجي ويندي اوپري، شاعر سوچي ئي نٿو.

مٿئين بيت ۾ اسحاق کي وضاحت ڪرڻ کپندي هئي ته فياض کي ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪهڙي ڪامياب تجربي تحت فائدو ملي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته شاعر کي ڪامياب تجربي ۽ ان ۾ پيدا ٿيل آرٽ تحت ئي فائدو ملڻ گهرجي. يا وري اسحاق جي لهجي ۾ طنز آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو موسيقي جي لحاظ کان بنياد ڇند تي بيٺل آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ”دوهو“ ۽ ”سورٺو“ ٻه الڳ صنفون به موجود آهن، ته ڌار ڌار ڇند به آهن. منهنجي خيال ۾ انهن ٻنهي ٻن ٻن سٽن تي مشتمل صنفن ۾ قافئي جي مختلف بيهڪ جي ڪري صنف ۽ انهن ۾ روانيءَ لاءِ ماترائن جي ترتيب جي ڪري ڇند سڏيو ويو آهي. ٻنهي حالتن ۾ ڇند جي ماترائن جي ترتيب ۾ ڦير گهير جي ڇوٽ ڏنل هرگز ناهي. جيڪڏهن ٻن سٽن جي شعر/بيت جي ٻنهي سٽن ۾ قافيا آخر ۾ ايندا ته دوهو چئبو ۽ جيڪڏهن ٻن سٽن جي بيت جي ٻنهي سٽن جي وچ يا اڌ ۾ قافيا ايندا ته اهو سورڍو سڏبو، پر ڇند جي ماترائن ۾ تبديلي ڪنهن به حالت ۾ اچڻي ناهي. ڪا به تبديلي ڇند ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. اها تبديلي رواني توڙي ڇند جي حوالي سان جڏهن ڪامياب يا قابل قبول بڻجي، تڏهن تجربو ليکبو. دوهن ۽ سورٺن ۾، ڇند ۾ ماترائن جي ترتيب هيٺينءَ ريت آهي.

دوها ڇند

13  + 11 (عروض موجب: فعلنفعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع)

* سورٺا ڇند

11  + 13 (عروض موجب: فعلن فعلن فاع، فعلن فعلن فاعلن)

* دوهو صنف

هر پل منهنجي ساهه ۾، ساجن تنهنجي سار،

ڪنهن پل جهڙي ٽوهه آ، ڪنهن پل ماکي لار.

* سورٺو صنف

سر نسريا پاند، اُتر لڳا آ پرين،

مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.

ٻنهي حالتن ۾ پرک ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ڇند جي ماترائن ۾ ڦيرگهير ناهي. قافين جي بيهڪ يا تبديلي ۽ مقرر ماترائن جي پڻ بيهڪ جي لحاظ کان تبديلي يا ڦير گهير ٿئي ٿي پر ماترائن جي ترتيب يا کوٽ مناسب ناهي. يعني دوهي ۾ ترتيب هر حال ۾ (13+11) ۽ سورٺي ۾ ماترائن جي بيهڪ يا ترتيب هر صورت ۾ (11+13) رهڻ گهرجي. محض قافين جي نسبت سان دوها- سورٺا ميل ڇند نه ٿو جُڙي. فياض جي بيت جي پهرين ست سورٺا ڇند ۽ ٻي سٽ، ٻنهي ڇندن مان ڪنهن به هڪ تي ناهي. اسحاق درست چيو آهي ته فياض جا بيت گهٽ ۾ گهٽ مٿئين (دوها- سورٺا ميل) ڇند ۾ ته چيل نه آهن (ص- 155) باقي جيڪو کيس تجربي جو فائدو ڏئي ٿو، ان بابت ويچار ونڊي ها ته بهتر. فياض جي ساڳي تجربي وارو ٻيو بيت به پڙهو، جنهن جون ماترائون به عجيب ترتيب ۾ آهن.

هن جا چپ گلاب جون، نازڪ پنکڙيون،

سوچن جون تتليون، آتيون تن ڇهاءَ لئه.

اسحاق سميجي- جنهن نرالي نقاد جو ڏيک ڏنو آهي- ان کي ناراضگيون ئي پلئه پوڻيون آهن، پر سندس غير روايتي تنقيد جو ملهه ۽ مايو ڪڏهن به گهٽجڻو ناهي. اسان کي تنقيد جي هن روايت کي اسهپ بدران اکين ۾ ويهارڻ کپي، جنهن جو ملهه وڏو ۽ مقدار گهٽ آهي. سندس هن روايت يا لاڙي کي هٿي ڏيڻ سان سنڌي ادب ۾ ڪُواٽ تي هلندڙ تنقيدي روايت جي شهه ڀڄندي ۽ ادبي تنقيد سواٽ تي سفر جو سانباهو ڪندي. جڏهن هن قسم جا لاڙا پڪا پختا ۽ پيڙهائتا بڻبا. تڏهن ئي ادب ۾ فن جي معيار ۽ خيالن جي وسعت پيدا ڪرڻ جي سڀر سوچ جي اوسر ٿيندي. جڏهن ناراض نسل جي هن نرالي نقاد جون نراليون ڳالهيون سنڌي ساهت، خاص طور شاعري هينئن سان هنڊائيندي تڏهن ئي گهربل معراج ماڻيندي ۽ وليم فاڪنر جي راءِ ڪنائي وٺندي ته ”جيستائين انسان فاني آهي تيستائين کيس پويان اهڙي شيءِ ڏيڻ گهرجي جيڪا لافاني هجي ۽ جيڪا ايندڙ زندگيءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪندي رهي.“ هن نرالي نقاد لاءِ ڪاوڙ بجاءِ سندس هن فقري تي به سوچڻو پوندو ته ”رڳو بهترين فن ئي ڀرپور خيالن جو بهترين ترجمان بڻجي سگهي ٿو.“


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مقالن جو تحقيقي جائزو

بدر ڌامراهو

سنڌي ادب ۾ صلاحيتمند ۽ جاکوڙي شخصيتن جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خدمتن جو ذڪر ضرور ايندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي گهڻ رخي شخصيت هو. هُو محقق به هو ته اديب به هو، نقاد به هو ته سچل شناس به هو، لطيف شناس به هو، ته ماهر لسانيات به هو، بيدل شناس به هو، ته تصوف جو ڄاڻو به هو. ٻئي پاسي مثالي استاد به هو ته مڃيل علمي رهبر به هو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي علمي حيثيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته جڏهن ڪنهن شعر جي فني ڇنڊ ڇاڻ ڪندو هو، ته اهڙا ته اسرار کولي کڻي اڳيان رکندو هو، جو شاعر حيران رهجي ويندا هئا. ڪلاسيڪل شاعريءَ تي قلم کڻندو هو، ته اونها نقطا کولي بيان ڪندو هو، پر جي سنڌ جي ماڳن مڪانن کي کڻندو هو، ته قديم آثارن جا ماهر سندس ڄاڻ جا قائل ٿيندا هئا. هونئن ته سنڌ جي سمورن اهم ۽ ناميارن رسالن ۾ سندس مقالا ڇپيا، پر گهڻي کان گهڻا مقالا ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيا. اهڙن مقالن جو هڪ سرسري جائزو پيش ڪجي ٿو:

”مهراڻ“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو پهريون مقالو 1957ع جي ٽئين ۽ چوٿين گڏيل شماري ۾ ڇپيو. انهيءَ مقالي جو عنوان هو: ”نبن فقير جيهو.“

ڊاڪٽر صاحب جو ٻيو مقالو 1958ع جي ٽئين ۽ چوٿين گڏيل شماري ۾ ڇپيو، ان جو موضوع هو: ”سنڌ ۽ بلوچستان“. هن مقالي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي قديم لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو اٿس.

1961ع جي پهرئين شماري ۾ ”ليليٰ مجنون“ عنوان سان مقالو ڇپيس. هي مقالو جڳ مشهور محقق ڊاڪٽر طٰہ حسين جي تحقيقي مقالي جو ترجمو آهي، جيڪو اصل ۾ عربي ٻوليءَ ۾ لکيل هو. ساڳئي سال جي ٻئي ۽ ٽئين گڏيل شماري ۾ ڊاڪٽر صاحب جو تاريخي مقالو ”سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون“ عنوان سان ڇپيل آهي. هن مقالي ۾ عربن جي حڪومت جي دَور ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيندڙ گورنرن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ورتو اٿس. پهرين بنو اميه طرفان مقرر ٿيل گورنرن جو جائزو ورتو اٿس، انهيءَ کان پوءِ بنو عباس طرفان مقرر ٿيل گورنرن جو. انهيءَ کان پوءِ هباري خاندان جي حڪمراني ۽ قرمطين جو ملتان تي قبضو ڪرڻ کان سواءِ سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو نظام، سنڌ  جي تهذيب ۽ تمدن ۽ اسلامي تعليم جو تفصيل سان تنقيدي جائزو ورتو اٿس. انهيءَ کان سواءِ عربستان جي مشهور عالمن ۽ اديبن جو تذڪرو آندو اٿس ۽ عربي شاعريءَ جو جائزو ورتو اٿس.

1961ع جي چوٿين شماري ۾ ”افغان يا پٺاڻ قوم ۽ سندن زبان“ عنوان سان تفصيلي مقالو ڇپيو آهي. پهريائين ”پٺاڻ“ لفظ تي مدلل بحث ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ افغان ۽ پشتون لفظن تي عالمانه بحث ڪيو اٿس ۽ پٺاڻن جي مکيه قبيلن ۽ انهن قبيلن مان ڦٽي نڪتل ننڍين شاخن جو جائزو پيش ڪيو اٿس. اُن کان سواءِ پٺاڻن جي تاريخ جي ماخذن، جهڙوڪ: تاريخ شير شاهي، مخزن افاغنه، تاريخ دائودي، افسانه شاهان ۽ يورپي مؤرخن جي تصنيفن جو جائزو ورتو اٿس. ان کان پوءِ پشتو زبان جو اصل نسل بيان ڪيو اٿس ۽ پشتو ٻوليءَ جو سنڌي ٻوليءَ تي اثر ثابت ڪيو اٿس. هي مقالو هڪ شاهڪار مقالو آهي. اُن ۾ قومن جي سياسي ۽ سماجي تاريخ به آهي ته علمي، ادبي تاريخ به آهي ۽ لسانيات جو عمل به. سڄو مقالو وَر کائي سنڌ تي اچي دنگ ڪري ٿو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو اصل مقصد به سنڌ کي موضوع بنائڻ آهي.

1963ع جي پهرئين شماري ۾ ”سيوهڻ“ تي سندس مقالو ڇپيو، جنهن ۾ شهر جي قدامت، اهميت ۽ سيوهڻ پرڳڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريختي تنقيدي نگاهه وڌي اٿس.

1970ع جي ٽئين شماري ۾ ”سنڌ ۾ فارسي اخبار نويسي“ عنوان سان اخبار نويسيءَ جي تاريخ بيان ڪئي اٿس. شروع ۾ وقايع نويسيءَ جو جائزو ورتو اٿس ۽ بيان ڪيو اٿس، ته سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا وقايع نويس هوندا هئا. ان کان پوءِ هندوستان مان جاري ٿيندڙ فارسي اخبارن جي اوسر بيان ڪئي اٿس. سنڌ جي ٽن اهم فارسي اخبارن ”مفرح القلوب“، ”مطلع خورشيد“ ۽ ”اِڪليل“ جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس ۽ نتيجو ڪڍيو اٿس، ته مفرح القلوب 1855ع ۾ شروع ٿي ۽ 1906ع تائين جاري رهي. اُن ۾ جن شاعرن جو ڪلام شايع ٿيندو هو، انهن جي سوانح ۽ سندن ڪلام به ڏنو اٿس. جن شاعرن جو جائزو ورتو اٿس، تن مان ڪي هن طرح آهن: مرزا احمد علي ”احمد“، مرزا محمد باقر ”آصف“، محمد تقي ”تائب“، ناصر الدين ”جانان“، آخوند غلام حيدر ”حيدر“، رسول بخش ”رهي“، آخوند قاسم هالائي، فاضل شاهه، مير عبدالحسين ”سانگي“،  غلام محمد شاهه ”گدا“، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ ٺٽوي ۽ مير علي نواز ”ناز“.

1970ع جي چوٿين شماري ۾ ”آکاڻيءَ جو فن ارتقا ۽ ڦهلاءُ“ (پنج تنتر ۽ ڪليله و دمنه) عنوان سان مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ تنقيد جو محور هر حالت ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت هو. سندس هر هڪ مقالو، انهيءَ جذبي جي ساک ڀري ٿو. هن مقالي ۾ آکاڻيءَ جي فن، فڪر ۽ ڦهلاءُ تي روشني وڌي اٿس. اُن جا ٽي حصا آهن: پهرئين حصي ۾ آکاڻيءَ جي فن تي بحث ڪيو اٿس. انهيءَ کان سواءِ ڪهاڻيءَ جي فڪر ۽ ان جي واڌ ويجهه جو جائزو ورتو اٿس. آکاڻين کي مختلف قسمن ۾ ورهايو اٿس، جهڙوڪ: جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون، ديون ۽ پَرين واريون آکاڻيون ۽ انساني ڪردارن جون ڪهاڻيون. جانورن ۽ پکين جي آکاڻين جي حوالي سان ”ڪليله دمنه“ کي تمام وڏي حيثيت حاصل آهي. هن ڪتاب بابت روايت آهي، ته اهو اصل ۾ سنڌ ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو ويو. وشنو شرما ان جو ليکڪ هو. هي اهو ڪتاب آهي، جنهن جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. موجوده دور ۾ موجود ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪيو ويو آهي. هن مقالي جي ٻئي حصي ۾ ”پنج تنتر- ڪليله و دمنه“ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ورتو اٿس. هن ڪتاب جي سرجڻ بابت روايتي قصو بيان ڪيو اٿس، ته هن ڪتاب دنيا ۾ ڪيئن سفر ڪيو ۽ ڪيئن اُن ۾ واڌارا ٿيندا رهيا. سنسڪرت ۾ ان جي صورت ڪيئن هئي، عربيءَ ۾ ان جي صورت ڪهڙي رهي ۽ ايران ۾ ڪيئن اُن ۾ واڌارو ڪيو ويو. وغيره

ڪليله و دمنه بابت ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

”اڄ جنهن حالت ۾ اسان وٽ آهي، ٽن طريقن سان مرتب ٿيل آهي. پهرين اهي آهن، جي هندي يا سنسڪرت ۾ آهن ۽ اصل ڪتاب پنج تنتر ۾ آهن. ٻيا اهي داستان آهن، جيڪي ايرانين اضافو ڪيا، ٽيان اهي باب آهن، جي عربي ترجمي وقت وڌايا ويا.“ (1)

ڪنهن ڪيترو ان ۾ اضافو ڪيو، تنهن بابت هن مقالي ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي ۽ وري انهيءَ ڳالهه تي به بحث ڪيو اٿس، ته هن ڪتاب مان ڪنهن ڪيترو مواد کڻي ٻيا ڪتاب مرتب ڪيا.

آخر ۾ سنڌي آکاڻيءَ جي ارتقا بيان ڪئي اٿس ۽ آکاڻين جي مختلف سنڌي ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

1971ع جي ٽئين شماري ۾ ”عبدالله بن المقنع“ عنوان سان مقالو ملي ٿو. هي مقالو سوانحياتي نوعيت جو تنقيدي ليک آهي، جنهن ۾ بني عباس جي درٻار سان لاڳاپيل ڪاتب عبدالله بن المقنع جي سوانح جو جائزو ورتو ويو آهي. عبدالله مقنتع ڪاتب سان گڏوگڏ منشي ۽ انشاپرداز هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com