ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ - ايران تعلقات
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو
سن 1197هه/1783ع ۾ ڪلهوڙن جو زوال ٿيو. ان خاندان
جي جاءِ تي ٽالپر اميرن، سنڌ جي حڪومت جون واڳون
سنڀاليون. ٽالپر بلوچ هئا، پر خود ميرن جي زباني:
”پر اُنهن بلوچن مان نه آهيون، جن کي ايران ۾ ’ڪوچ
بلوچ‘ ڪري سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان اصل نسل ۾
عرب آهيون ۽ پنهنجو نسب نامو امير حمزي کان شروع
ٿا ڪريون، جو هشام بن عبد مناف جو پٽ هو.“(1).
ٽالپر آخري مغل عهد ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ مغلن کان
جاگيرون وٺي طاقتور ٿيا(2). بعد ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾
اهم فوجي عهدا حاصل ڪري وڌيڪ طاقتور ٿي اُڀريا.
ٽالپرن، ڪلهوڙن جي زوال ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽
پوءِ پاڻ سندن جاءِ تي سنڌ جا حڪمران بنجي ويٺا.
جيتوڻيڪ ڪلهوڙن کان سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي جنگ
ڪيائون، پر اقتدار ۾ اچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ
نااتفاقي ٿي پين. ان پس منظر ۾ سنڌ کي ٽن ڀاڱن ۾
تقسيم ڪيو ويو(3). خيرپور جتي مير سهراب خان حاڪم
بنيو، ميرپور جتي مير ٺارو خان حاڪم بنيو ۽
حيدرآباد جتي ٽالپرن جي مکيه خاندان حڪومت ٺاهي.
تاريخي طور تي خيرپور ۽ ميرپور جي ثانوي حيثيت
رهي. جڏهن ته حيدرآباد جي ٽالپري سرڪار تاريخ ۾
اهم حيثيت والاري ٿي. حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي
حڪمراني هن ريت رهي:
1. مير فتح علي خان 1783 - 1802ع
2. مير غلام علي خان 1802 - 1811ع
3. مير ڪرم علي خان 1811 - 1828ع
4. مير مراد علي خان 1828 - 1832ع
5. مير نورمحمد خان 1832 - 1840ع
هن فهرست کي ڏسندي خبر پوي ٿي ته ٽالپرن سنڌ تي سٺ
سال حڪمراني ڪئي. ٽالپرن جا ايران سان سٺا تعلقات
قائم ٿيا. ان پس منظر ۾ ڏسڻو هي آهي ته ايران ۾
اُن دور ۾ ڪير حڪمران هو ۽ ڪهڙو خاندان صاحب
اقتدار هو.
(2)
ايران ۾ قاچار خاندان، سنڌ جي ٽالپرن جو معاصر
حڪمران خاندان ڏسجي ٿو. قاچار خاندان جا هيٺ ذڪر
ڪيل بادشاهه ٽالپر حاڪمن جا همعصر ڏسجن ٿا:
1. آغا محمد خان قاچار 1798 - 1798ع
2. فتح علي شاهه قاچار 1797 - 1834ع
3. محمد شاهه قاچار 1834 - 1848ع(5).
ان کان پوءِ به قاچار خاندان جا بادشاهه ٿي گذريا.
ناصرالدين شاهه (1848 - 1896ع)، مظفرالدين شاهه
(1896 - 1907ع)، محمد علي شاهه (1907-1909ع)، احمد
شاهه (1909-1924ع). ان کان پوءِ قاچار خاندان جي
بادشاهي ختم ٿي. هي آخري چار بادشاهه ٽالپرن جا
همعصر نه هئا، ان ڪري هن مقالي ۾ گفگتو ڪندي،
قاچار خاندان جي ٽن ابتدائي سلطانن جي دَور کي
سامهون رکيو ويندو.
(3)
سنڌ جي ٽالپر حاڪمن کي بيروني سطح تي لڳ ڀڳ اُنهن
ساڳين حالتن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو، جنهن
صورتحال کي قاچار خاندان منهن ڏنو. ارڙهين صدي
عيسويءَ جي پڄاڻيءَ ۽ اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾،
وچ ايشيا کان ڪري ڏکڻ ايشيا تائين، بي آرامي،
مونجهاري ۽ بيوسيءَ جي ڪيفيت هڪ جهڙي هئي. سن
1757ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي صورت ۾ انگريز
بنگال تي قبضو ڪري، هندستان ۾ پنهنجي حڪومت جو
بنياد رکي چڪا هئا. ان بعد مسلسل وڌندا رهيا ۽
مختلف علائقن ۾ حڪومت، قبضاگيري توڙي سفارت جي
صورت ۾ ڪرتب ڏيکارڻ لڳا. انگريزن جدا جدا رياستن
کي روسين، فرينچن ۽ افغانين جي حملن جو ڊپ ڏئي،
پنهنجي مڪارانه پاليسيءَ تحت ويجهو رکڻ جي ڪوشش
ڪئي. هن ڏس ۾ سنڌ کي به انگريزن پنهنجي لپيٽ ۾
آندو. ان مقصد لاءِ ناٿن ڪرو، سمٿ، پاٽنجر، جيمس
برنس، اليگزينڊر برنس ۽ آئوٽرام کي مختلف وقتن تي
سنڌ ڏي موڪليو ويو. واپاري تعلقات، سفارتي لاڳاپا،
سياسي معاهدا ۽ پوءِ سياسي ارادا. نيٺ 1843ع ۾ سنڌ
تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو ويو ۽ ٽالپرن جي جاءِ
انگريزن والاري(6).
ايران جي مملڪت کي به اغيار ساڳيءَ صورتحال سان
منهن مقابل ڪيو. پهرئين قاچاري فرمانروا آغا محمد
خان کي گهرو مسئلن کان علاوه، جارجيا جي صورتحال
کي به منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ روسي حڪومت جو اهم
ڪردار ڏسجي ٿو. ان دور ۾ هزارين جارجي باشندا قيد
ٿي ايران پهتا. آغا محمد خان جي قتل (1797ع) کان
پوءِ، فتح علي قاچار بادشاهه بنيو، جو محمد خان جو
ڀائٽيو هو. هن ستٽيهه سال حڪومت ڪئي. مقامي بغاوتن
کي منهن ڏيڻ کان پوءِ، شاهه ايران کي روسي يلغار
جو مقابلو ڪرڻو پيو. جيئن افغاني سنڌ لاءِ مستقل
درد سر بنيل رهيا، ٺيڪ ان ريت فتح علي شاهه جي دور
۾ افغان حاڪم زمان خان، ايرانين کي پڻ پريشان ڪيو.
ڪابل جي امير، ايران کان خراسان جي گهر ڪئي. ان
سبب ايران ۽ افغانستان ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي. ان پس
منظر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، ايران ۾ داخل ٿيڻ جي
ڪوشش ڪئي. جان ميلڪم، ايراني سرڪار سان دوستيءَ جو
هڪ معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. بعد ۾ نيپولين
بوناپارٽ به ايران سان معاهدي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
فرينچن، ايران کي روسي جارحيت جي معاملي ۾ مدد جي
آچ ڪئي ۽ هندستان تي حملي خاطر ايران کان راهداري
وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. فتح علي شاهه قاچار هن آڇ
کي قبول نه ڪيو. اڳتي هلي روسي خطري، شاهه ايران
کي مجبور ڪيو ۽ ائين نيپولين سان سندس خواهش موجب
معاهدو ٿيو. ان بعد جان ميلڪم ٻيو ڀيرو ايران آيو
۽ فرينچن سان ٿيل ٺاهه کي ختم ڪرڻ جو زور ڀريو.
ليڪن فتح علي شاهه قاچار انگريز سفير کي جواب ڏنو.
اڳتي هلي روس ۽ فرانس ۾ مصالحت خاطر معاهدو ٿيو،
جنهن ۾ ايراني مفادن جو بلڪل خيال نه ڪيو ويو. ان
پس منظر ۾ وري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ايران ۾
مداخلت جو موقعو مليو. ابتدا ۾ سرهارفورڊ جونز
ايران ۾ پهتو. پوءِ جان ميلڪم ٽيون ڀيرو ايران ۾
داخل ٿيو ۽ پنهنجي مهم کي سرخرو ڪيائين. محمد شاهه
قاچار (1834-1848ع) کي پڻ گهٽ وڌ ساڳيءَ صورتحال
کي منهن ڏيڻو پيو. افغانين ۽ روسين جي معاملي کي
کڻي، ايران ۾ انگريزن دخل اندازي وڌائي ۽ پنهنجا
مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن اڳتي هلي روسي
اثر وڌندو ويو. نتيجي ۾ شاهه ايران، ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ سان گرم جوشي ختم ڪئي ۽ انگريز ايران کي
ڇڏي واپس هندستان پهتا(7).
(4)
مطالعي هيٺ دور جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ جا
ماخذ، ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ لاڳاپن جي باري ۾ تمام
ٿورو مواد مهيا ڪن ٿا. البت معاصر ادبي ڪتابن
ذريعي هن ڏس ۾ اسان کي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
ٽالپر سنڌ ۾ سن 1783ع ۾ اقتدار ۾ آيا. معاصر ادبي
ڪتابن ذريعي خبر پوي ٿي ته ٽالپرن جي اولين حاڪم
مير فتح علي خان جي دور ۾ ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾
وڪيلن جي اچ وڃ جاري هئي. سنڌ مان ڪو وڪيل ايراني
درٻار ۾ پهتو هو. عزت ۽ آبرو سان وطن واپس ورندي
پاڻ سان گڏ ايراني درٻار جي وڪيل مرزا محمد عليءَ
کي به سنڌ ڏي وٺي آيو. مير مائل، ميرن جو درٻاري
شاعر هو. ان موقعي تي مناسبت سان مبارڪ باد جو هڪ
قطعو چيو. ان جون آخري ٻه سٽون هن ريت آهن:
بہ بزم شهان باد وي سرخرو
ز”مائل“ بحق اين دعا آمده(8).
انهيءَ ۾ دور ۾ (1798ع) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ
جو فڪر ٿيو ۽ ايراني اثر رسوخ تي پريشاني ٿي.
وائسراءِ هند لارڊ ويلزلي، بمبئيءَ جي گورنر
جوناٿن ڊنڪن کي هن ڏس ۾ انتباهه ڏنو ته ”سنڌ جا
ٽالپر ڪابل جي ماتحت رهڻ کان بيزار آهن. سنڌ ۾
واپار جي ڪوٺي وجهڻ سان انگريز آسانيءَ سان
افغانين، ايرانين، روسين ۽ فرينچن جي ايشيا ۾
ڪارروائين کي معلوم ڪري سگهندا“(9).
ان پس منظر ۾ جوناٿن ڊنڪن، آغا ابوالحسن نالي هڪ
ايرانيءَ کي پنهنجو وڪيل ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
ابوالحسن حيدرآباد ۾ سيد ابراهيم شاهه جو مهمان ٿي
رهيو ۽ ان جي معرفت حيدرآباد جي درٻار ۾ پهتو ۽
پنهنجو مطلب حاصل ڪيائين(10). ان ريت ايسٽ انڊيا
ڪمپني ۽ ميرن جي وچ ۾ سرڪاري رابطا قائم ٿيا. سن
1799ع ۾ انگريزي ايجنٽ ناٿن ڪرو حيدرآباد پهتو.
ڳالهين ٻولين بعد حيدرآباد سرڪار، انگريزن کي سنڌ
۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني. موٽ ۾
بمبئيءَ ڏي سفارت لاءِ سنڌ سرڪار هڪ ايراني آغا
محمد بيگ کي موڪليو(11).
سنڌ ۽ ايران جا تعلقات هر ايندڙ ڏينهن تي وڌي رهيا
هئا. جيئن اسان مٿي ڏٺو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي
به ان حقيقت جو ادراڪ هو. ميرن جو سفارت لاءِ
مقامي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هڪ ايرانيءَ جو انتخاب، ٻنهي
ملڪن ۾ لاڳاپن جي ويجهڙائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن
سال (1799ع) ناٿن ڪرو حيدرآباد آيو، ان سال سلطنت
ايران جو وڪيل مرزا محمد اسماعيل سفارت وٺي سنڌ
آيو هو. سنڌ جي شاعر مير مائل مبارڪباد ۽ قطعه
تاريخ چئي:
سال تشريف شريفش ز آن مکان در ملک سند
چون ز دل جستم بگفتا ”ميرزا خوش آمده“ (12).
هن قطعي مان 1214هه سال ملي ٿو، جو عيسوي 1799ع جي
برابر آهي. ان دور ۾ مير فتح علي خان حڪمران هو.
مير فتح علي خان 1802ع (1217هه) ۾ وفات ڪئي. ان
کان پوءِ مير غلام علي خان تخت نشين ٿيو. مير صاحب
تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال کان باخبر هو. هن کي
لاهور، ڪابل ۽ ايران ۾ انگريز ايلچين جي سرگرمين
جي پوري طرح سان ڄاڻ هئي(13). سنڌ ۽ ايران جا
تعلقات وڌندا رهيا. انگريزن جي چرپر جو هن صورتحال
تي ڪوبه اثر نه پيو. هن زماني ۾ مرزا اسماعيل ٻيو
ڀيرو ايراني سفير جي حيثيت ۾ سنڌ آيو هو، جنهن جي
مرحبا خاطر سيد ثابت علي شاهه هڪ مثنوي لکي(14).
ان کان علاوه مير ڪرم علي خان جي سفارش تي، سيد
ثابت علي شاهه کي سفير ڪري ايران موڪليو ويو. پاڻ
ڪامياب سفارتي مهم تان سن 1804ع (1219هه) ۾ وطن
موٽي آيو. مشهور فارسي گو شاعر مير غلام علي
”مائل“ قطعه تاريخ چيو:
سال قدومش بہ سند هاتف غيبم سحر
گفت ”بہ مجد وعلا آمده ثابت علي“ (15).
هن قطعي مان 1219هه سال ملي ٿو، جو عيسوي 1804ع جي
برابر آهي. سيد ثابت علي شاهه ايراني درٻار ۾ حاضر
ٿي مير صاحبان پاران موڪليل تحفا پيش ڪيا ۽ پڻ
سفارتي فرائض سرانجام ڏنا. ان موقعي تي پاڻ درٻار
۾ فتح علي شاهه قاچار جي ساراهه ۾ چيل قصيدو پڻ
پڙهيائين. شاهه سان ٻيهر ملاقات ۾ وري هڪ ٻيو
قصيدو عرض رکيائين. جڏهن وطن واپس وريو تڏهن فتح
علي شاهه قاچار ميرن لاءِ ته تحفا ڏنا، ليڪن ثابت
علي شاهه کي به مالامال ڪري ڇڏيو(16).
مير غلام علي خان جي دور ۾ هڪ ٻيو اهم واقعو ٿي
گذريو، جنهن ذريعي ايران ۽ سنڌ جي گهرن لاڳاپن جي
خبر پوي ٿي. هي واقعو سن 1220هه/1805ع ۾ ٿي گذريو.
مير ڪرم علي خان (جو مير غلام علي خان کان پوءِ
حاڪم ٿيو) کي چار ديرا (زالون) هئا. ان هوندي به
کيس اولاد نه هو. ان ڪري سندس خيال هو ته کيس ڪو
بنائتو ڇوڪرو ملي ته اُن کي پُتيلو بنائي. ايران ۽
جارجيا جي لڙاين جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي. جارجيا
جي حڪمران هرڪيولس ايران سان جنگ ڪئي. بعد ۾ سندس
پٽ گرجين به هي جنگ جاري رکي. جنگين ۾ طرفين جو
گهڻو نقصان ٿيو. پر ايرانين کي هزارين گرجي
(جارجيا جا باشندا هٿ لڳا، جن کي ايران جي شهرن ۾
آندو ويو. اُنهن ۾ گرجين جا ٻه پٽ: مرزا همايون
عمر نوَ سال ۽ مرزا خسرو عمر ست سال پڻ قيد ٿي
ايران پهتا. مرزا همايون ستت ئي بخار وگهي فوت
ٿيو. البت مرزا خسرو بيگ کي ايراني وزير حاجي
ابراهيم پنهنجي محل ۾ رهائي تعليم ۽ تربيت ڪئي.
سنڌ جو سفير آخوند محمد اسماعيل (ملا محمد
اسماعيل) وزير جو مهمان هو جو خسرو بيگ کي ڏٺائين.
آخوند هڪدم خسرو بيگ کي مير ڪرم علي خان لاءِ سنڌ
وٺي وڃڻ جي طلب ڪئي. ائين مرزا خسرو بيگ پندرهن
سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد پهتو. مير ڪرم علي خان
کيس پٽيلو بنائي محل ۾ رهايو، ۽ سندس تعليم توڙي
تربيت جو جوڳو بندوبست ڪيو. بعد ۾ نوجوان خسرو
بيگ هڪ قابل امير ۽ سفارتڪار جي حيثيت ۾ خدمتون
سرانجام ڏنيون. خاص ڪري مير ڪرم علي خان جي دور ۾
سندس وڏو ناماچار ٿيو. ليڪن 1828ع ۾ مير صاحب جي
وفات کان پوءِ، مرزا ڪنهن به سرڪاري منصب ۽ ڪم کي
ويجهو نه ويو(17). عام طرح هن واقعي کي مير ڪرم
علي خان جي دور ۾ ڏيکاريو ويو آهي جو درست ڪونهي.
مهرافرز مرزا حبيب، هن ڏس ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته:
”ايران جي بادشاهه فتح علي شاهه، سفير کي ميرن
لاءِ ڪي تحفا ڏنا. انهن ۾ بادشاهه جو هڪ وڏو
پورٽريٽ به هو.ميرن کي سفارتي وفد جي واپسيءَ جي
خبر پئي ته، اُن جي استقبال لاءِ ڪجهه سردارن کي
موڪليو ويو. شاهه جو پورٽريٽ درٻار ۾ پيش ڪيو ويو،
تڏهن اُن کي ڏسڻ لاءِ ڪيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا. مير
ڪرم علي خان، خسرو کي ڏسي خوش ٿيو. مير صاحب خسرو
کي گلي لڳايو ۽ اعلان ڪيو ته اڄ کان وٺي هن کي
اسان جي خاندان جو فرد تسليم ڪيو وڃي“(18).
ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ سفارتڪارن جي اچ وڃ جاري رهي.
انگريز ايلچي ڪپتان ڊيوڊسن سن 1808ع ۾ بمبئيءَ کان
حيدرآباد پهتو. ٽالپرن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، تڏهن
پاڻ اُتي ايراني سفير کي موجود ڏٺائين(19). ان ريت
ٻنهي ملڪن ۾ تسلسل سان سفيرن جي مٽاسٽا جي خبر پوي
ٿي.
مير غلام علي خان 1227هه/1811ع ۾ گذاري ويو. ان
بعد مير ڪرم علي خان حڪمران بنيو. شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: ”مير ڪرم علي هڪ
داناءُ حاڪم هو. سندس دور پرامن گذريو. انڪري کيس
وقت مليو ته علم ۽ فن توڙي واپار جي واڌاري تي
ڌيان ڏي. پاڻ ادبي ماڻهو هو انڪري سندس درٻار
شاعرن ۽ اديبن سان ڀريل هوندي هئي. هن ايران جي
بادشاهه فتح علي شاهه قاچار سان دوستيءَ کي وڌايو.
ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ سفيرن جي اچ وڃ ۽ تحفن جي
مٽاسٽا جاري رهي. مير صاحب تلوارن جو شوقين هو،
انڪري مختلف ملڪن کان سهڻيون ۽ قيمتي تلوارون
گهرايون وينديون هيون. خراسان ۽ ايران مان تلوارن
ٺاهڻ جا ڪاريگر توڙي سٺا ليکڪ، شاعر، مصور ۽ فن
توڙي علم جا اڪابر حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رهيا“(20).
همعصر تاريخي ۽ ادبي ماخذن مان هي خبر نه ٿي پوي
ته، مير ڪرم علي خان جي دور ۾ سنڌ ۽ ايران جي وچ ۾
سفيرن جي ڪا اچ وڃ ٿي هئي يا نه؟ البت مهرافروز
مرزا حبيب لکيو آهي ته: ”هن دور ۾ سيد محمد
اسماعيل جي هڪ عزيز سيد محمد علي شاهه جي قيادت ۾
چئن ڄڻن جو هڪ وفد ايران ويو هو. بادشاهه لاءِ ڪي
تحفا، جن ۾ هاٿي به شامل هئا، ايران موڪليا ويا
هئا. ايران جي وزير لاءِ پڻ جدا تحفن جو بندوبست
ڪيو ويو هو“(21).
مير ڪرم علي خان 1244هه/1828ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن
سندس جاءِ تي مير مراد علي خان حڪمران بنيو. هن
مير صاحب جي لاءِ تذڪرن ۾ اچي ٿو ته سندس دور امن
ڀريو گذريو. خيرپور، ميرپور ۽ حيدرآباد جا مير
صاحبان، بلوچ سردارن سميت اتفاق سان ٿي رهيا. ڪابل
۾ ڄڻ ته ڪا حڪومت نه رهي هئي، انڪري سنڌ بلڪل آزاد
ٿي چڪي هئي. ايران جي شاهه فتح عليءَ سان دوستي
ايتري ته وڌي چڪي هئي جو هن پنهنجي ڌيءُ مير مراد
علي خان جي نڪاح ۾ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر مير صاحب
وڏيءَ عمر ۽ طويل فاصلي سبب، هيءَ آڇ شڪريي سان
موٽائي ڇڏي(22).
مير مراد علي خان 1249هه/1833ع ۾ وفات ڪئي. ان بعد
مير نورمحمد خان حڪمران بنيو. هڪ سال پوءِ فتح علي
شاهه (1834ع) به فوت ٿي ويو. سندس جاءِ تي محمد
شاهه قاچار بادشاهه بنيو. مير نورمحمد خان
1255هه/1840ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن مير محمد نصير خان
حاڪم بنيو. آخري ٻن ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ ايران
۽ سنڌ جي وچ ۾ سفارتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ سرڪاري
رابطن جي ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي. 1843ع ۾ ٽالپرن کي
جنگ ۾ شڪست ڏئي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو.
(5)
سنڌ جي ٽالپري حڪومت جا ايراني حڪومت سان دوستانه
تعلقات استوار هئا. سفيرن وڪيلن جي به ڏي وٺ ٿيندي
رهندي هئي. سوکڙيون پاکڙيون به هڪ ٻئي ڏانهن
اينديون وينديون هيون. غالباً انهن تعلقاتن جو اهو
نتيجو نڪتو جو ايراني تمدن سنڌ جي درٻار تي ڇانئجي
ويو، جنهن ٽالپرن جي مذهبي اعتقاد تي به اثر ڪيو،
۽ منجهانئن ڪي شيعت ڏي مائل ٿي ويا(23). جيمس برنس
1827ع ۾ ڪجهه مهينا سنڌ جي درٻار ۾ رهيو هو. هن ڏس
۾ پاڻ لکي ٿو ته: ٽالپر ابتدا ۾ بلوچن ۽ سنڌين
وانگر سُني هئا، پر ايران سان سندن تعلق درٻار تي
به اثر ڇڏيو آهي ۽ اهي ايران جي بادشاهه وانگر
شيعا ٿي ويا آهن. پر اُنهن ۾ مراد علي ۽ صوبدار
اڃا تائين سني عقيدي سان تعلق رکن ٿا(24).
سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن جو اثر هتي جي عمارت سازيءَ
تي به پيو. سنڌ جو نامور اسڪالر پير حسام الدين
راشدي لکي ٿو ته: ”هتي جي اُٿي ويٺي ۽ عمارت
سازيءَ تي به ايراني اثر غالب هو. هن هڪ جهڙائيءَ
جي آخري نشاني حيدرآباد جي قلعي ۾ اها ننڍڙي عمارت
اڃا به زبون حالت ۾ موجود آهي، جيڪا اصفهان جي
’علي قاپو‘ جو نقل ڏسجي ٿي“(25).
ٽالپرن جي دور ۾ فارسي زبان سنڌ جي دفتري ٻولي
هئي. ان ريت فارسي زبان جي خوب سرپرستي ٿي. برنس
موجب: مير فتح علي ’شاهنامہ‘ جي طرز تي ’فتح نامہ‘
نالي فارسي ڪتاب لکرايو هو. هي ڪتاب درٻار ۾ توڙي
درٻار کان ٻاهر خوب پڙهيو ويندو هو(26). ٽالپرن
فارسي گو شاعرن ۽ اديبن جي خوب سرپرستي ڪئي ۽ کين
وظيفا توڙي انعام اڪرام ڏنا. ٽالپر حڪمرانن ۽
شهزادن به فارسي علم ادب جو چڱو ذخيرو تخليق ڪيو.
ان ڏس ۾ ڪتابن ۾ تفصيل موجود آهن.
ايران ۾ جڏهن ٽالپرن جي فارسي زبان سان دلچسپي ۽
سرپرستيءَ جون خبرون پهتيون، تڏهن اُتان کان سوين
ميل پنڌ ڪري ايراني اديب ۽ شاعر سنڌ جي درٻار ۾
پهتا. حاڪمن انهن کي گهڻي عزت ڏني، پذيرائي ڪئي ۽
مالي فائدا پهچايا. ان کان علاوه مصور ۽ ڪاتب پڻ
ايران جي مختلف شهرن کان حيدرآباد پهتا. ٽالپر
حڪمرانن سنڌ ايندڙ مصورن توڙي خطاطن کي پڻ خوب
نوازيو. تذڪرن ۾ ان دور ۾ سنڌ ۾ ايندڙ ايراني
خطاطن توڙي نقاشن جا نالا موجود آهن.
حوالا ۽ حاشيا
1. E.B.Eastwick: A glance at Sind before Napier.
p. 350., 1849. Reprint
Karachi,
1989.
2. مولائي شيدائي: جنت السنڌ، ص 464، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد، 1959ع.
3. جنت السنڌ، ص 591-592.
4. جنت السنڌ، ص 577.
5. پروفيسر مقبول بيگ بدخشاني: تاريخ ايران، جلد
دوم، باب اٺون، قاچاري عهد، مختلف صفحا، مجلس ترقي
ادب لاهور، 1971ع.
6. جنت السنڌ، باب ستون، باب اٺون، مختلف صفحا.
7. تاريخ ايران، جلد دوم، باب اٺون، قاچاري عهد،
مختلف صفحا.
8. محمود احمد عباسي و محمد حبيب الله رشدي، ڪليات
مائل، ص 303، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1959ع.
- هڪ ٻي راءِ موجب مرزا محمد علي سنڌ پاران سفير
ٿي ايران ويو هو. پاڻ حسب نسب جي لحاظ کان ايراني
هو.
9. جنت السنڌ، ص 610.
10. جنت السنڌ، ص 610.
11. جنت السنڌ، ص 612.
12. ڪليات مائل، ص 372.
13. جنت السنڌ، ص 372.
14. مرزا عباس علي بيگ: ڪليات سيد ثابت علي شاهه،
مقدمو، ص 61-62، ڪراچي، 1984ع.
15. ڪليات مائل، ص 375.
16. ڪليات سيد ثابت علي شاهه، مقدمو، ص 62-63.
- شاهه ايران جي شان ۾ ثابت علي شاهه جا چيل قصيدا
’ڪليات‘ ۾ موجود آهن ( ص499-502).
17. Mirza Kalich Beg: A History Sindh.
p.293-295, 1902, Reprint Karachi, 1982.
- بعد ۾ ٻه گرجي: مرزا قربان بيگ ۽ مرزا فريدون
بيگ پڻ حيدرآباد آندا ويا. مرزا قليچ بيگ، مرزا
فريدون بيگ جو پٽ هو.
18. Meherafroze Mirza Habib: A georgian Saga,
p.48-49, O.U.P. Karachi, 2005.
19. جنت السنڌ، ص 624.
20. A History of Sind, p. 212-213.
21. A georgian Saga, p. 50-51.
22. A History of Sind, p.220.
23. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 213، ڪراچي 1981ع.
24. James Burnes: A Narrative of a visit to the
court of Sinde, p.81,
London,
1831.
25. مقالات راشدي، اردو، ص 316، ڪراچي 2002ع.
26. A Narrative of a visit to the count of Sinde,
p.47 foot-note.
شيخ خورشيد حسن
The Samma
Kingdom of Sindh
هڪ مطالعو
هن ڪتاب جو مرتب ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي جنرل هسٽري شعبي ۾ ائسوسيئيٽ
پروفيسر آهي. صلاحيتمند ۽ ذهين پروفيسر پنهنجي
مجموعي علمي تحقيقات ذريعي، سنڌ جي تاريخ، خاص ڪري
وچئين دور جي تاريخ، جي ڪجهه تڪراري مسئلن کي بهتر
انداز سان سُلجهايو آهي. هن جي لکيل مختلف ڪتابن ۾
”سمن جي سلطنت“ هڪ عالمانه معيار جو ڪتاب آهي،
جنهن ۾ سمن جي دور جي تاريخ جي ڪجهه نامعلوم رُخن
تي بهتر انداز سان روشني وڌي وئي آهي. کيس هي
اهليت ان ڪري به حاصل ٿي جو پاڻ فارسي زبان ڄاڻي
ٿو، ان ڪري معاصر تاريخ جي ماخذن کي سِڌيءَ ريت،
مطالعي هيٺ آڻي سگهيو آهي.
هي ڪتاب دراصل سنڌ ۾ سمان راڄ بابت بهترين مقالن
جو هڪ چونڊ مجموعو آهي، جي موجوده دور جي نامور
اسڪالرن جا لکيل آهن. حقيقت هي آهي ته موجوده دور
جي اسڪالرن، سمان دور تي لکندي صوبن بابت لکيل
تاريخي ماخذن تي مدار رکيو، جي اڪثر ڪري سلطنت دور
جي خاتمي تي لکيا ويا. صوبائي تذڪرن لکڻ وارن وٽ
واقعات جي تسلسل وارو ذهن نه هو، ان ڪري بي بنياد،
متضاد ۽ منجهائيندڙ صورتحال جنم ورتو. ڊاڪٽر رياض
الاسلام پهريون اسڪالر آهي، جنهن ان پيچيده
صورتحال طرف ڌيان ڏنو. سندس مقالو ”دي رائيز آف دي
سماز ان سنڌ“ (ص 14 - 48) ، معتبر همعصر ماخذن تي
مدار رکي ٿو. هن ڏس ۾ ملتان جي گورنر عين الملڪ
ماهرو جا خط ”منشات مِاهرو“، سيد جلال الدين
بخاريءَ جا ملفوظات: ”ملفوظات مخدوم جهانيه“ ۽
”سراج الهدايه“ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس بهترين
تحقيقي مقالو حيدرآباد دکن جي ”اسلامڪ ڪلچر“ رسالي
۾ ڇپيو هو(1948ع)، جنهن ذريعي پڙهندڙن کي سنڌ ۾
سومرن جي زوال ۽ سمن جي اقتدار ۾ اچڻ جي پس منظر
جي پوري ريت خبر پوي ٿي. ڊاڪٽر رياض الاسلام جو
رايو آهي ته فيروز تغلق جي موت تائين، سمان حڪمران
دهلي سلطنت جا ڏن ڀرو رهيا ۽ بعد ۾ اهي مڪمل آزاد
ٿي ويا. سمان ڄام توڙي عوام، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ
اُٿي کڙا ٿيا. سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ سمن بادشاهن جو
واقعاتي سلسلو گهڻو چٽو نه هو. پروفيسر ايس. ايڇ .
هوڙي والا به هڪڙي لسٽ تجويز ڪئي. جا غلطين کان
آجي ڪونهي. ڊاڪٽر بلوچ موجب، جنهن جو مقالو
”ڪرانالاجي آف دي سما رولرس“ (ص 49 - 58) هن ڪتاب
جو حصو آهي: ”طبقات اڪبري“، ”آئين اڪبري“ ۽ ”معارف
الانوار“ جي سمن حاڪمن جي ڏنل لسٽ حُسام خان جي
”تاريخ بهادر شاهي“ تان ورتل آهي. ڊاڪٽر صاحب جي
ڏنل لسٽ وڌيڪ معتبر آهي، ڇو ته ان جو مدار ڄام
نظام الدين ۽ ڄام تغلق جي مقبرن تي لڳل ڪتبن تي به
رکيو ويو آهي، جي ٻئي ٺٽي ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي آهن.
ڊاڪٽر صاحب گُجي واري ڪتبي کي به مددي ذريعي طور
ڪتب آندو آهي. سيد حسام الدين راشدي، نئين معلومات
جي آڌار تي، ڊاڪٽر بلوچ جي تيار ڪيل لسٽ ۾ اصلاح
ڪئي (مڪلي نامه، ص 747، سال 1967ع). سمن حاڪمن جي
درست لسٽ ٺاهڻ ۾ ان ڪري به مونجهارو پيدا ٿيو، ڇو
ته هڪ ئي وقت ٻه بادشاهه گڏجي حڪومت ڪندا هئا.
ڪجهه عالمن گڏيل حاڪمن کي هڪ ۽ ڪجهه لکندڙن انهن
کي جدا تصور پئي ڪيو.
ڪتاب ۾ هڪ مقالو سائمن ڊگبي(ص 59 - 75) جو ڏنو ويو
آهي، جنهن جو عنوان آهي : ”دي ڪئانيج اينڊ
جينيالاجي آف دي ليٽر ڄامس آف سنڌ“. هي مقالو ان
ڪري خاص اهميت رکي ٿو، جو ان وسيلي پهريون ڀيرو
سمن حاڪمن جا پنهنجا سڪا نروار ٿيا. ٽامي جا ٻه
سڪا جي ڊگبي ڏنا آهن، انهن جو تعلق ڄام فيروز شاهه
بن سلطان نظام الدين شاهه ۽ ڄام صلاح الدين بن
سلطان نظام الدين شاهه سان آهي. سڪن ٺاهڻ جو معيار
ڪنهن به طرح، هندستان اندر مسلم دور جي سلطنت پيرد
جي سڪن کان گهٽ ڪونهي. سڪن جو ملڻ خاطري ڪرائي ٿو
ته، سمن ڄامن جو سڪن ٺاهڻ جو انتظام بهترين ۽ ڪنهن
شڪ شبهي کان بالاتر آهي.
ٺٽي جو بنياد اڄ تائين هڪ معمو بنيل آهي. ان هوندي
به ڪجهه عالمن هن ڏس ۾ سنجيده تحقيق ڪئي آهي. هن
ڪتاب ۾ هڪ مقالو ”ٺٽي جي اصليت“ (ص 153 - 160)
بابت پڻ ڏنو ويو آهي. هي مقالو ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ
جو لکيل آهي. ليکڪ ٺٽي جي بُڻ بنياد بابت ڪجهه
اسڪالرن جي تحقيق کي به لپيٽ ۾ آندو آهي. ڇٻلاڻي
پنهنجي تحقيق ۾، پاٽنجر ۽ الادريسي جي مدد سان،
شهر بابت قديم حوالا ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاٽنجر
سن 92 هه/ 677ع ۾ ٺٽي جي نشاندهي ڪري ٿو، پر ان
لاءِ ڪو اطمينان جوڳو حوالو نه ٿو ڏئي. الادريسي
(12 صدي عيسوي) ٺٽي بابت اڇاترو حوالو ڏنو آهي.
ڇٻلاڻي آخرڪار هن نتيجي تي پهچي ٿو ته، ٺٽو ٻارهين
صدي عيسويءَ جي شروع ڌاري وجود ۾ اچي چڪو هو. پاڻ
هن خيال کي رد ڪري ٿو ته 1340 - 1350ع ۾ ٺٽو وجود
۾ آيو،جيئن ريورٽي ۽ هيگ اسان کي مڃرائڻ چاهين ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ ”ٺٽي جي اصليت“ بابت پنهجي تحقيق (ٺٽه،
اسلامڪ آرڪيٽيڪچر، 1982ع) ۾ هڪ روايتي بيت ڏنو
آهي:
جڏ ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو، اڏيو ٿي مُلتاڻ،
سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي.
ان ذريعي ٺٽي جي قدامت ملتان جيتري پراڻي ثابت ٿئي
ٿي. ڊاڪٽر بلوچ امير خسرو (1255 - 1326ع) جي هڪ
بيت جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته امير
خسرو جنهن وقت ملتان (1279 - 1284ع) ۾ هو، ان وقت
ٺٽو پڻ ڏٺو هئائين. بلوچ صاحب اهو بيت نه ڏنو آهي
جو هن ريت آهي:
سروِ چوتو در اُچه ودر تته نباشد.
گل مثلِ رُخِ خوبِ تو، البته نباشد
(ديوان تحفہ الاصغر، 1916ع)
اهو اندازو ڪرڻ آسان آهي ته تيرهين صدي عيسويءَ ۾
ٺٽو هڪ مشهور شهر ٿي چڪو هو. ٻي صورت ۾ امير خسرو
ان جو ذڪر اُچ سان گڏ نه ڪري ها. بهرحال ان بابت
ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته، ٺٽو سمن جي دور ۾ اوج
کي پهتو ۽ ان جو بنياد گهڻو اڳ پئجي چُڪو هو. ٺٽي
بابت هڪ قديم حوالو بزرگ بن شهريار (300هه/ 912ع)
جي ڪتاب ”عجائب الهند“ ۾ به مليو آهي، جنهن کي سيد
سليمان ندوي نقل ڪيو آهي(عرب وهند کي تعلقات، ص
54، ڪراچي 1987ع).
مطالعي هيٺ ڪتاب ۾ ڄام نظام الدين (1461 - 1508ع)
جي معتبر وزير مبارڪ خان عرف دريا خان بابت ٽي
مقالا شامل آهن. پهريون مقالو ”دريا خان: پاليٽيشن
اينڊ وار اسٽريٽيجسٽ“ عنوان سان آهي، جو پروفيسر
لال بخش جسڪاڻيءَ جو لکيل آهي(ص 105 - 113). ٻيو
مقالو ”شهيد مبارڪ خان“ (ص 114 - 129) عنوان سان
ڊاڪٽر انصار زاهد خان جو لکيل آهي. ٽيون مقالو
”ٽامب آف دريا خان عرف مبارڪ خان: پرائيم منسٽر
اينڊ جنرل آف ڄام نظام الدين، اي سما رولر آف سنڌ“
(ص 130 - 144) عنوان سان راقم الحروف جو لکيل آهي.
هي مقالو ڏکڻ ايشيا جي آرڪيالاجي بابت ٽين
ڪانگريس، منعده اسلام آباد 1988ع جي موقعي تي پيش
ڪيو ويو هو.
هنن ٽنهي مقالن جو تت ۽ خلاصو هن طرح آهي ته، ڄام
نظام الدين بي حد خوشقسمت هو، جنهن کي
دريا خان جي روپ ۾ هڪ قابل ماڻهو مليو، جنهن ۾ هڪ
وڏي جنرل ۽ ڪامياب منتظم واريون خوبيون اچي گڏ
ٿيون هيون. جڏهن ڄام نظام الدين جي دور ۾ ارغونن
سنڌ تي حملو ڪيو هو، تڏهن اهو دريا خان هو جنهن
حملي کي ناڪام بنايو هو. ٺٽي ۽ ان جي آس پاس واهه
کوٽائي، هن سنڌ جي زراعت کي ترقي وٺرائي. پنهنجي
اهليت ۽ قابليت جي آڌار تي، هن ايترو ته اعتماد
پيدا ڪيو جو، ڄام نظام الدين حڪومت جا سڀ معاملا
هن کي سپرد ڪيا. ڄام نظام الدين کيس پُٽيلو بنايو
۽ هن کي ”خان اعظم“ جو خطاب ڏنو. ڄام نظام الدين
جي وفات کان پوءِ، جيتوڻيڪ ڄام فيروز هن سان سُٺو
سلوڪ نه ڪيو، ان هوندي به دريا خان هن خاندان سان
ڀرپور وفاداري ڏيکاري. ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين
۾ ويڙهه سبب، ارغونن کي ٺٽي تي حملي جو موقعو
مليو. ان دور ۾ به هي لائق امير، ڄام فيروز سان گڌ
رهيو. پاڻ وڏو لشڪر وٺي آيو ۽ ڇتي جنگ لڳي، جنهن ۾
1520ع ۾ دريا خان کي پڪڙي قتل ڪيو ويو.
ڊاڪٽر انصار زاهد خان پنهنجي مقالي ۾، دريا خان جي
گهڻ پهلو شخصيت جي متعلق ڪجهه وڌيڪ نڪتن تي روشني
وڌي آهي. هن اسلام ۾ گود ورتل پٽ جي قانوني حيثيت
تي به مهارت سان لکيو آهي، جيئن مٿي ذڪر ٿيو دريا
خان، ڄام نظام الدين جو پٽيلو هو. مقبري جي
اوڀارئين دروازي تي لڳل ڪتبي موجب ميان مبارڪ خان،
سلطان نظام الدين شاهه جو پٽ هو. قرآن مجيد جي حڪم
موجب (سورهِ: الاحزاب، آيت 33)، جيئن ڊاڪٽر انصار
زاهد خان لکيو آهي ته،اختياري ٻار پنهنجو حسب نسب
اختيار ڪيل والد سان نه ٿو جوڙي سگهي.
راقم الحروف جو مقالو خاص طرح سان دريا خان جي
مقبري جي تعميراتي فن ۽ ان جي سونهن بابت لکيل
آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ جي دريا خان بابت
ڏنل راءِ ته”سنڌ جو هي سپوت لاشاري هو“ ۽ پڻ سندس
ڏنل شجري سان اختلاف ڪندي تحفة الڪرام ۽ تاريخ
طاهري واري راءِ ڏني وئي آهي ته هو سيد هو. ساڳيءَ
طرح پروفيسر جسڪاڻي پڻ دريا خان جي لاشاري هجڻ
واري راءِ کي قبول نه ٿو ڪري.
مسٽر ايم. ايچ. پنهور ”ڄام نظام الدين اينڊ هِز
ٽائمس“ (ص 76- 88) عنوان سان مقالو لکيو آهي. آس
پاس ۾ ڄام نظام الدين جي همعصر حڪمرانن جي لسٽ ڏيڻ
کان علاوهه، هي مقالو سنڌ ۾ مهدي جونپوري، امن
امان، توڙي ڪپڙي جي صنعتي مرڪزن بابت مفيد معلومات
مهيا ڪري ٿو. پنهور سمن جي دور جي ڪجهه تعميرات جو
ذڪر به ڪيو آهي. پاڻ ڀوڏيسر جي جامع مسجد، گوڙيءَ
جي جين مندر ۽ احمد آباد گجرات جي احمد کٽو مسجد
جي ڀيٽ به ڪئي اٿس. پر بهتر هو ته ان لاءِ متعلقه
تصويرون به ڏنيون وڃن ها.
اسين معتبر تاريخي ماخذن تي نظر وجهنداسين ته خبر
پوندي ته ڄام نندي جو دور پرامن ٿي گذريو. نه جنگ
ٿي ۽ نه وري ڪا بغاوت. تاريخ معصومي ۾ لکيل آهي
ته، ڄام نظام الدين علم سان گهڻي محبت رکندو هو.
ابتدا ۾ مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو. پاڻ نهايت
حليم، خليق، پسنديده ۽ سٺين عادتن وارو هو. گڏوگڏ
پاڻ ڪمال درجي جو زاهد ۽ عابد هو. سندس فضيلت ۽
عظمت ان کان گهڻي مٿي آهي، جنهن مان ڪجهه قلمبند
ڪري سگهجي (تاريخ معصومي، اردو، ص 102). ڊاڪٽر
بلوچ سندس (ڄام نندو) جي تعريف ڪندي، هن کي سنڌ جو
هارون الرشيد سڏيو آهي(ٺٽه: اسلامڪ آرڪيٽيڪچر، ص
200).
ڊاڪٽر احمد حسن داني پنهنجي مقالي ”مانيومينٽس آف
دي سما پيرڊ“ (ص 161 - 169) ۾ هن دور جي تعميرات
کي مختلف درجي بنديءَ ذريعي اڀياس هيٺ آڻي ٿو. ان
ريت فن تعمير جا مختلف نمونا نروار ٿين ٿا. حقيقت
۾ جائزي هيٺ دور جي فن تعمير بابت بهتر ڄاڻ ڊاڪٽر
دانيءَ جي ڪتاب”ٺٽه: اسلامڪ آرڪيٽيڪچر“ (1982ع)
ذريعي ملي ٿي. ان بعد سهيل ظهير لاري ۽ ياسمين
لاريءَ جو ڪتاب ”دي جيول آف سنڌ - سما مانيومينتش
آف مڪلي هِل“ (1997ع)، هن ڏس ۾ هڪ وڌيڪ قدم آهي،
جنهن ذريعي تعميرات کي ماپيل ڊرائنگ جي مدد سان
نروار ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ راقم الحروف جي
ڪتاب ”اسلامڪ آرڪيٽيڪچرل هيريٽيج آف پاڪستان -
فنيرري ميموريل آرڪيٽيڪچر“ (2001ع)، ۾ پڻ سمن جي
دور جي يادگارن بابت تحقيق ڪئي وئي آهي. اُن موجب
جيتوڻيڪ سمن جون اڏاوتون ڏيهي طرز جون آهن، ليڪن
مرڪزي ايشيا توڙي ايراني اثرات،تعميرات جي
خوبصورتي ۽ عظمت ۾ واڌارو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ايم. ايڇ. صديقيءَ جي مقالي ”دي بلوچ
مائيگريشن ان سنڌ“ (ص 99 - 104)موجب بلوچ موجودهه
حدن ۾ ڪرمان ۽ سيستان مان داخل ٿيا. بلوچ روايتون
تصديق ڪن ٿيون ته ،اُهي سومرن جي دور ۾ سنڌ ۾ داخل
ٿيا. پر اُهي نشانبر پندرهين صدي عيسويءَ جي خاتمي
ڌاري تڏهن ٿيا، جڏهن ٻه مکيه قبيلا رند ۽ لاشاري
سبي ۽ گنداواهه ۾ پهتا. هن عنوان تي وڌيڪ دلچسپ
تحقيق ڊاڪٽر بلوچ ڪئي آهي (پاڪستان آرڪيالاجي،
نمبر 26، سال 1991ع). اوڀر طرف بلوچن جي لڏپلاڻ
بابت، بريسيج پنهنجي تازي ڪتاب ۾ مختلف تاريخون
ڏنيون آهن. هن جي آڏو ٻه مکيه ذريعا رهيا آهن. هڪ
طرف روايتي بلوچي شاعري(دپتر شعر) کان ڪم ورتائين
۽ ٻئي طرف مغل دور جي آخر ۾ لکيل تاريخي ڪتاب سندس
مددگار رهيا. ڏهين صدي تائين لکيل رڪارڊ موجب، ڪوچ
بلوچ مڪران، سيستان ۽ ڪرمان جي اُترين ۽ اولاهن
حصن ۾ رهندا هئا. اوڀر طرف بلوچن جي لڏپلاڻ مسلم
حاڪمن جي دٻاءَ سبب ٿي، هن ڏس ۾ يارهين صديءَ ۾
سلجوقي حملن، ۽ چنگيز خان جي تباهه ڪن حملن کي به
ذهن نشين ڪرڻ کپي. يارهين صديءَ تائين بلوچ مرڪزي
بلوچستان ۽ جهالاوان تائين پهتا هئا. سنڌو ماٿر ۾
سندن وڌيڪ لڏپلاڻ پوءِ جي زماني ۾ ٿي(تاج محمد
بيسيج: بلوچ نيشنلزم، اوريجن اينڊ ڊيولپمنت، ڪراچي
2004ع).
مخدوم بلال بابت پروفيسر غلام محمد لاکي جو مقالو
(ص 145 - 152) معلومات ڀريو آهي ۽ ڪجهه مغالطن کي
به دور ڪري ٿو، جي شروع واري دور ۾ لکيل مضمونن ۾
پيدا ڪيا ويا هئا. هن جو درست نالو ”بلال“ آهي نه
ڪي بلاول. سندس حسب نسب بابت ڪيل غلطين جو به
ازالو ڪيو ويو آهي. هن جو تعلق لس ٻيلي جي سمن سان
هو، نه ڪي ٺٽي جي سمان حڪمرانن سان. مخدوم بلال
آزاديءَ جو وڏو علمبردار هو ۽ ڌارين ارغونن خلاف
محاذ کڙو ڪيائين. حقيقت ۾ شاهه بيگ جي خلاف مخدوم
بلال، دريا خان جي پٽ محمود جي قيادت ۾ رڪاوٽ کڙي
ڪئي. بهرحال سمن جي لشڪر کي شڪست ملي. آخرڪار
مخدوم بلال کي گرفتار ڪري گهاڻي ۾ پيڙايو ويو.
مخدوم بلال، سيد محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان ڪڍڻ
لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو هڪ جرئت ڀريو قدم هو.
جڏهن ته قاضي قادن، شيخ جهنڊو پاتڻي، پير آسات ۽
ٻيا اهم ماڻهو مهدوي تحريڪ سان وابستہ ٿي چڪا هئا.
سيد محمد جونپوريءَ جي حوالي سان مخدوم بلال جي
ڪردار کي ڊاڪٽر ايم. ايڇ. صديقي پنهنجي مقالي (ص
89 - 98) ۾ ظاهر نه ڪري سگهيو آهي.
قدوسيءَ جي خيال کي پروفيسر لاکي غلط سڏيو آهي.
قدوسيءَ جو خيال آهي ته مخدوم بلال شهيد نه ٿيو هو
۽ سندس قبر مڪليءَ تي آهي. هن اهڙي راءِ ڪجهه
گمانن جي آڌار تي ڏني آهي. مخدوم بلال جو سهڻو ۽
ڪاشيءَ سان سينگاريل مقبرو باغبان ضلعي دادو ۾
موجود آهي.
آخري باب متفرقه عنوانن تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾
سمن جي دور ۾ تعليم، فارسي ادبيات، سنڌي شاعري ۽
آبپاشي نظام تي، موضوع سان لاڳاپيل ماهرن قلم کنيو
آهي. بلاشڪ سمان سلاطين درياهه دل هئا، ان ڪري
سندن دور م ٺٽو رڳو تختگاهه نه بنيو، پر هي شهر
تعليم ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. حماد جمالي،
عيسيٰ لنگوٽي، پير مراد شيرازي ۽ ڪي ٻيا صوفي ان
دور ۾ ٿي گذريا، جي حقيقت ۾ وڏا عالم پڻ هئا.
جيڪڏهن اسين ڇڙوڇڙ معلومات کي گڏ ڪنداسين، تڏهن
خبر پوندي ته حماد جماليءَ جي خانقاهه هڪ وڏي
تعليمي مرڪز طور ڪم ڪري رهي هئي.سمن حڪمرانن عام
ماڻهن جي نشونما لاءِ مدرسا قائم ڪيا، جتي بلند
درجي جا عالم خدمتون سرانجام ڏيندا هئا، جن مان
ڪجهه اسڪالر ايران مان به سنڌ پهتا هئا. ”اخلاق
جلالي“ جي مصنف علامه جلال الدين دواني کي به ڄام
نظام الدين سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. زراعت جي
واڌاري لاءِ واهن جو هڪ پورو سلسلو قائم ڪيو ويو
هو.
بلاشڪ هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان هڪ
انسائيڪلوپيڊيا جي نوعيت جو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾
سمان دور جي ڪيئي اهم مسئلن ۽ واقعن بابت بهترين
تحقيقي مقالا گڏ ڪيا ويا آهن. پروفيسر غلام محمد
لاکو اسان پاران مبارڪ باد جو مستحق آهي، جنهن
وڏيءَ محنت ۽ ذهانت ان، لاڳاپيل مواد کي گڏ ڪري
ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. هي ڪتاب ، خاص ڪري سمان
دور جي ڪجهه اهم واقعن ۽ تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ ۾
وڌيڪ تحقيقي آسانيون پيدا ڪندو. ڪتاب جي ڇپائي ۽
گيٽ اپ بهترين آهي، البت انڊيڪس جي کوٽ شدت سان
محسوس ٿئي ٿي. 191 صفحن تي مشتمل هن معياري ڪتاب
جي قيمت 220 رپيا آهي. ۽ ان کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي شايع ڪيو آهي. [سنڌيڪار: ن.ا.ش] |