مولانا
حاجي عبدالرحمان شر بلوچ
(هڪ مثالي عالم)
مهتمم: قاضي شوڪت علي قريشي
مولانا حاجي عبدالرحمان قوم جو شر بلوچ هو ۽ سندس
والد صاحب جو نالو رئيس حيدر خان هو ۽ سندس ڏاڏي
جو نالو ميان حُسين فقير هو، جنهن جو طريقو ”ميان
والي“ چوندا هئا، جو سندس استقامت اهل سنت
والجماعت طريقي سان هئي. مولانا صاحب پنهنجن وڏن
کان وٺي اصل ڳوٺ گهنڊ جا رهاڪو هئا. ڳوٺ گهند
اڳوڻي رياست خيرپورميرس ۾ گمبٽ ۽ راڻي پور کان
اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ سان اٽڪل 16- 17 ميل پري آهي ۽
سندس ڏاڏو ميان حُسين فقير ۽ عزيز مائٽ اصل ويٺل
”جربجد“ بلوچستان علائقي جا خانگي جي ملڪ اندر
شوري پرڳڻي جا رهاڪو هئا، جو اُها شوري واري حد
خانگي ۾ آهي، جيڪا جيڪب آباد واي ريلوي لائين ”سري
ڍاڍر واري اسٽيشن“ دنبولي کان اٽڪل چاليهه ميل
خشڪي پنڌ جي رستي اتر ۽ اولهه طرف سان آهي. هينئر
به هن ملڪ جا ماڻهو شر خواه ٻيا اُنهي شوري پرڳڻي
ڏانهن ايندڙ ويندڙ آهن. اها شوري واري سرحد خانگي
۾ اُنهي وقت کان وٺي خاص شَرن جي نالي سرڪار ۾
داخل ٿيل آهي، انهيءَ ڪري بلوچ شر خواه ٻيا ماڻهو
اُنهيءَ شوري ۾ اڃان تائين رهندڙ آهن. اهڙيءَ طرح
بلوچستان مان خانگي طرح هر هڪ ڪٽنب لاءِ بلوچن جي
سردارن کي حصن موجب سرڪار کان مقرر علائقا ورهايل
آهن، جو هر هڪ قومي سردار بلوچستان جي پنهنجي
پنهنجي حد اندر قائم آهي. اُنهيءَ وقت شوري واري
ملڪ ۾ شرن بلوچن ۽ بُڙدي بلوچن جو هڪ ٻئي سان
سڱاوتي تان تڪرار ٿي پيو، جو ٻئي ڌرُيون پاڻ ۾ اچي
دوبدو ڳنڍيون. اُنهي وقت لڙائيءَ ۾ شرن جو تعداد
بڙدن کان تمام گهٽ هو. جنگ ڪندي شرن جا گهڻا ماڻهو
مارجي ويا، رڳو ننڍا ٻار ۽ عورتون وڃي بچيون يا
اُهي وڏا مرد بچيا جيڪي لڙائيءَ وقت ٻاهر ويل هئا.
لڙائيءَ واري وقت مولانا موصوف جو ڏاڏو ميان حُسين
فقير ٻاهر ويل هجڻ ڪري حيات رهيو. اهو تڪرار 1200
هجري جي شايد اول ۾ ٿيو هو. انهيءَ وقت ۾ سنڌ تي
مير صاحبن جي حڪومت هئي. اُهي مظلوم شر پوءِ
پنهنجي ڪٽنب سميت شوري مان لڏي اچي مير سهرابخان
جي اجهي هيٺ رياست خيرپور ۾ ڪوٽڏيجيءَ جي اولهه ۾
اچي ويٺا. جڏهن شر مظلوم جنهن هنڌ رياست ۾ اچي
ويٺا، اُنهيءَ جاءِ تي هينئر هڪ ننڍو ڳوٺ جسڪاڻ
بلوچن جو آهي، جيڪو ڳوٺ ميرواهه ڪئنال کان ساڄي
پاسي ڪوٽڏيجيءَ جي سامهون اولهه صرف آهي، جنهن
هنڌان هينئر علي بحر واهه جو منهن ميرواهه مان
نڪتل آهي. مير سهراب خان اُنهن مظلوم شرن جي ڪٽنب
لاءِ ”روزينه“ مقرر ڪري ڏنو، جو انهيءَ مير صاحب
جي مڙني بلوچن سان تمام گهڻي خاطر هوندي هئي. پوءِ
اهي مظلوم شر گهڻي عرصي کان پوءِ انهيءَ ڳوٺکي ڇڏي
ڏکڻ طرف ٽاٽاري واري مُهاڙيءَ جي ڊِٻ تي اتر طرف
کان ويجها اچي ويٺا. آخر اهي شرن جا ڪٽنب پنهنجي
مرضي سان آهستي آهستي اچي گوپانگن واريءَ ڊٻ تي
شهر ٻڌي ويٺا ته به مير صاحبن جي مٿن مهرباني گهڻي
هوندي هئي. انهيءَ کان پوءِ هزهائينس مير علي مراد
خان خيرپور جو والي ٿيو، جيڪو مير سهراب خان جو
وڏو فرزند هو، جنهن جي نيڪ نامي جي ساري ملڪ ۾ هاڪ
آهي. مير سهراب خان جي انتقال کان پوءِ مير علي
مراد خان جي اُنهن شرن تي محبت جي نظر گهڻي هوندي
هئي ۽ اڳوڻي عهدنامي موجب کين اڳوڻا حق ۽ تنخواهون
ملنديون رهنديون هيون ۽ مٿن سرڪاري ڇيڙ بيگارون
معاف هونديون هيون. اڳتي هلي مير صاحب شر بلوچن کي
هڪ نئون ڳوٺ خلاصو ٻَڌرائي ڏنو، جيڪو هينئر ٺري
تعلقي جي هيڊڪوارٽر کان اٽڪل چار ميل اوڀر ۽ اتر
جي طرف سان آهي، جيڪو ميرواهه جي ساڄي ڪپ طرف
ويجهو آهي، جنهن ۾ شرن بلوچن جو سارو ڪٽنب اچي
ويٺو. پوءِ اهو ڳوٺ وڏيري جنگو خان شر سخيءَ جي
نالي سان مشهور ٿيو، جنهن کي هينئر ”وڏا شر“ يا
ڳوٺ ”مينگهو فقير“ چوندا آهن. گهڻي عرصي گذرڻ کان
پوءِ مولانا موصوف جي ڏاڏي ميان حسين فقير جدا ڳوٺ
ٻڌرايو جو پوءِ ”رئيس حيدر خان“ جي نالي سان مشهور
ٿيو، جنهن کي هينئر ”ننڍا شر“ يا ”گهنڊ“ چون ٿا.
اهو ڳوٺ مينگهو فقير جي ڳوٺ کان اولهه طرف ٻه ميل
پنڌ تي آهي ۽ مولانا موصوف جي ولادت ڳوٺ گهنڊ ۾ سن
1280هه ۾ ٿي. مولانا صاحب جي والد حيدر خان جي
شادي هڪ معزز گهراڻي مان ٿيل هئي. سندن والده فقير
صاحب ميان غلام حيدر صوفي جي همشيره هئي، جنهن جو
والد قائم خان شر شرن جو قومي سردار هو ۽ مٿس
”رئيس“ جو لقب هو. پاڻ اهل سنت والجماعت جو هو ۽
وڏو پرهيزگار ۽ متقي ٿي گذريو آهي. ۽ سندس وڏو
فرزند ميان غلام حيدر فقير سندس وفات کان پوءِ
سندس جاءِ تي سجاده نشين ٿيو، جنهن صاحب سمورا
دنيوي تعلقات ترڪ ڪري ڇڏيا. اهو فقير صاحب وڏو
برگزيده اهل الله ٿي گذريو آهي، جنهن جي درگاهه
خيرپور خواه سنڌ ۾ مشهور آهي. انهيءَ درگاهه تي
فقير صاحب جو هر سال (11- 12 ربيع الاول) وڏو ميلو
ٿيندو آهي. هينئر انهيءَ درگاهه جو سجاده نشين
ميان ٻڍل فقير آهي، جيڪو ميان غلام حيدر فقير جو
چوٿين پيڙهيءَ ۾ پوٽو آهي.
مولانا مصووف جي جڏهن ولادت ٿي تڏهن ڄمڻ شرط الاهي
فيض جو جلوو سندس منهن ۾ ٿي چمڪيو ۽ ننڍڙائپ واري
زماني ۾ ئي پاڻ بي طمع ۽ ديني علم پڙهڻ ۾مشتاق
هوندا هئا، ان ڪري عام ماڻهو کيس مستانو ديوانو
سمجهندا هئا. سندس ڀائرن کيس دنيوي ڪاروبار کان
آزاد ڪري پڙهڻ لاءِ موڪليو. کيس چار ٻيا ڀائر به
هئا، هر هڪ نالي رئيس عمر بخش خان، عيسيٰ خان،
صابل خان ۽ چوٿون رهاڻ فقير. مولانا موصوف مڙني
ڀائرن کان ننڍو هو. سندس والد رئيس حيدر خان
1294هه ۾ سندس ننڍڙائپ جي زماني ۾ ئي وصال ڪري ويو
۽ مولانا موصوف جي اُن وقت عمر اٽڪل نون سالن جي
هئي. مولانا موصوف جو والد بزرگوار پنهنجي
برادريءَ ۾ نيڪ مرد نيڪ نيت ۽ وڏيءَ عزت وارو
ديندار مومن ماڻهو هو، جو انهيءَ زماني وارا ماڻهو
سندس سعادت منديءَ جون گهڻيون ڳالهيون ڪندا هئا ۽
چوندا هئا ته تمام ڀلارو ماڻهو هو. سندس وفات کان
پوءِ زمينداري ڪاروبار هلائڻ لاءِ سندس وڏو فرزند
عمر بخش خان پڳدار ٿيو. ان جي انتقال کان پوءِ اُن
جي جاءِ تي سندس فرزند وڏيرو احمد علي خان شر
پڳدار ٿيو آهي، جيڪو داناءُ، سعادت مند ۽ نيڪ
انسان آهي. مٿس خداوند ڪريم جون شل دائما
مهربانيون هجن.
مولانا موصوف پنهنجي والد شريف جي حياتيءَ ۾ ئي
علم حاصل ڪيو، جو رئيس جنگو خان شر سخيءَ جي ڳوٺ ۾
ملان دولت وٽ قرآن مجيد پڙهندو هو. جڏهن سندس والد
شريف هن جهان مان وصال ڪيو ته پاڻ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي
وڃي ڏورانهن هنڌن تي وڏن وڏن عالمن وٽ رهي عربي
خواه فارسي جو علم حاصل ڪندو رهيو. سندس سفر ڪرڻ ۽
مشڪلاتن ۾ به علم حاصل ڪرڻ جو احوال هت مختصر ڪري
لکجي ٿو، ورنه تفصيل لکڻ سان وڏو بياض تيار ٿي
ويندو. اهو سارو تذڪرو هن عاجز کي مولانا موصوف
پاڻ بار بار ٻڌائيندو هو. سندس همعصر به هن بنيد
کي بار بار سندس سفر واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا
۽ سندس دوست هي احوال قلمبند ڪرڻ لاءِ بي چين
هوندا هئا.
مولانا موصوف جا اٽڪل ويهه ورهيه خاص ديني علم جي
پڙهڻ لاءِ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ حرمين شريفين جو
حج به حاصل ڪيائون. اهي سمورا اسلامي فرض پيادل
پنڌ ادا ڪيائون. پنهنجي ڳوٺ واپس اچڻ واري وقت
تائين سندس عمر عزيز جو گهڻو عرصو گذري ويو هو.
جڏهن مولانا موصوف حرمين شريفين جو حج ڪري واپس
موٽي آيا ته سائين ڏتو ابن الحسين شر ٻڌايو ته
مولانا صاحب مون کي سڃاڻڻ ۾ ڪونه آيا، ڇو جو گهڻي
عرصي گذرڻ ۽ سفر ڪرڻ ڪري سندن جسم جا ننڍڙائپ وارا
نشان بدلجي ويا هئا. ڳوٺ وارا ماڻهو به کيس سڃاڻي
نه سگهيا، مگر سندن والده محترمه، جيڪا ان وقت
زنده هئي، تنهن کيس سڃاتو، جنهن کي خداوند ڪريم
جلشانه پنهنجي لطف سان ورهين جو فراقي فرزند (قابل
علم ديني ۽ واصل علم حقيقي) ڄڻ انعام ۾ عطا فرمائي
کيس حياتي اندر ملايو. اهڙي عطا ۽ مهرباني
بارگاهه رب العزت مان روز ميثاق جيان موصوف تي
انعام ٿيل هئي جا کيس نصيب ٿي. مولانا موصوف رئيس
جنگو خان شر جي جنهن ڳوٺ ۾ قرآن شريف پڙهندو هو،
انهيءَ مدرسي ۾ علي بخش نالي ساڻس هم درس به
پڙهندو هو، جنهن جي سخاوت ۽ ناموري مشهور هئي.
سندس رفاقت ۽ محبت عالمن سان گهڻي هوندي هئي، جو
اهو صاحب وڏو سخي ۽ ديندار، طريقت ۽ شريعت ۾ مڪمل
بي رياءُ، غريب نواز زميندار رياست خيرپور ۾ مشهور
ٿي گذريو آهي ۽ سندس ناموري ۽ ناموس ولايتن ۾
مشهور آهي. مولانا موصوف جڏهن انهيءَ مدرسي مان
قرآن شريف پڙهي مڪمل ڪيو ته عربي ۽ فارسي ديني علم
پڙهڻ خاطر ٻاهر مسافري ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو جو ان
زماني ۾ گهڻو ڪري رياست ۾ فارسي ديني علم جو ڪو
مدرسو ڪونه هوندو هو، جنهن ڪري ڀائرن کيس اجازت
ڏني ته مسافري ڪري وڃي علم حاصل ڪري اچي. ان کان
پوءِ اول ضلعي نوابشاهه ۾ مولوي ميان عبدالقدوس
ٽڳڙن واري جي مدرسي ۾ وڃي پهتو جتي فارسي پڙهندو
رهيو. مولوي ميان عبدالقدوس وڏو فيض وارو ۽
پرهيزگار هوندو هو، جو پنهنجي مدرسي ۾ طالب علمن
کي ماني وغيره في سبيل الله ڏيندو هو، جنهن ڪري
پري پري جا طالب ڪهي اچي وٽس پڙهندا هئا. مولانا
موصوف ان مدرسي ۾ گهڻو وقت پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي
استاد کان اجازت وٺي آباد واري مخدوم ميان حبيب
الله جي مدرسي ۾ اچي داخل ٿيو. هن وقت اهو ڳوٺ
درياهه جي پيٽ ۾ هجڻ ڪري لهرن جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽
درياهه ان کي پٽي ريٽ ڪري ويو آهي. اهو ڳوٺ درياهه
جي کاٻي طرف ڪنڊياري شهر کان ست ميل اولهه طرف
واقع هو. مخدوم ميان حبيب الله پنهنجي حياتي ۾
اتان لڏي اچي نئون ڳوٺ پپري ۾ ٻڌرايو، جيڪو درياهه
جي ڪناري تي بند اندر اڃان به قائم آهي، جنهن ۾
مخدوم صاحب جي وڏي خانقاهه اڃا به موجود آهي ۽ هڪ
جامع مسجد ۽ مدرسي جون وڏيون عمارتون ڪچيون بيٺل
آهن. ازان سواءِ حرم خانه ۽ ڪوٽ ۽ ٻيون جايون به
ٺهيل آهن، هي عاجز انهيءَ درگاهه جي ڪيترا دفعا
زيارت ڪريآيو آهي. مخدوم ميان حبيب الله وڏو قطب
الاقطاب ۽ فيض وارو رهنما ٿي گذريو آهي، جنهن
مولانا موصوف کي ذڪر خفي روحي ارشاد فرمايو هو، جو
ان جي فيص کان هزارين طالب فيضياب ٿي نڪتا. مولانا
موصوف جڏهن پهريون دفعو مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ته ساڻس سندن ٻيا عزيز فولاد علي فقير ۽ گهنور
فقير رفيق ٿي آيا هئا، جيڪي ڪجهه وقت مدرسي ۾
مولانا موصوف سان هم درس ٿي پڙهندا رهيا، پوءِ
سگهو ئي ٻيئي ڄڻا اِهو مدرسو ڇڏي واپس موٽي آيا،
پر مولانا موصوف بعد ۾ به اُتي فارسي تعليم حاصل
ڪندو رهيو.
هن مدرسي ۾ گهڻو وقت علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مولانا
موصوف کي دل ۾ سفر ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو ۽ مخدوم
ميان حبيب الله کان اجازت وٺي پٽ واري بزرگ مولوي
محمود ڏانهن روانا ٿيا، جتي انهن جي خدمت ۾ رهي
عربيءَ جو درس وٺڻ ۾ مشغول رهيا. اُتان علم جي
نعمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ مولوي صاحب کان اجازت وٺي
اچي امروٽ شريف ۾ پهتا، جتي مخدوم تاج محمود
امروٽي بزرگ جو مدرسو هو، جنهن ۾ پڻ هزارين طالب
علم موجود رهندا هئا. هن مدرسي ۾ اڄ ڪلهه به
اسلامي عربي خواه فارسي جي تعليم جاري آهي ۽ مخدوم
صاحب رح جي علمي فيض جي هاڪ هر جاءِ مشهور آهي. هن
مدرسي جا طالب هن زماني ۾ به وڏا فيض وارا ٿي
گذريا آهن ۽ اڃا به موجود آهن، جهوڪ ميان حماد
الله صاحب انڍڙ، مولوي ميان عبدالڪريم جيڪب آبادي
وغيره. اوائلي زماني ۾ مولانا تاج محمود وٽ دنياوي
موجودات ايتري نه هئي جيتري هن وقت سندن درگاهه
شريف تي آهي. مسجد شريف ڪانهن جي ڪانن سان ٺهيل
هوندي هئي. جهالت سبب سندس پاڙيسري زميندار ۽ وڏا
ماڻهو کيس نه سهندا هئا، ڇاڪاڻ ته علم وارا ماڻهو
جاهلن کي دشوار نظر ايندا آهن ۽ جاهل ماڻهو سواءِ
آزمائش توحيدي ۽ معجزات جي باز نه ايندا آهن، تنهن
ڪري عالمن سڳورن جو شان عام ماڻهن کي مخفي رهندو
آهي.مولانا تاج محمود رح جو حقيقي فيض جڏهن ظاهر
ٿيو ته عام ماڻهو سندن لدني علم مان فيض ياب ٿيڻ
لڳا ۽ پاڙي وارا خواه پري پري جا ماڻهو اچي وٽس
طالب ٿيا ۽ اهڙي فيض جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري عام
ماڻهو سندن معتقد ٿي پيا، جنهنڪري اڳوڻي غريب خانه
درسگاهه هاڻي گهڻو مشهور ٿي وئي آهي، جتي اڄ ڏينهن
تائين ديني تعليم آب و تاب سان جاري آهي ۽ اُتي ٻي
ڪابه غير گفتار ڪانه آهي.
مولانا موصوف گهڻو عرصو هن درسگاهه ۾ علم ديني
حاصل ڪري مولوي ميان تاج محمود کان اجازت وٺي اچي
مولوي ميان عبدالغفور همايونيءَ جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو، جيڪو وڏو عارف بالله ۽ عاشقِ رسول ٿي گذريو
آهي. سندس مدرسو همايون ۾ آهي، جتي فيض الاهيمالا
مال ڀريو هوندو هو. اهڙن اوليائن ۽ عارفن جي صحبت
عام ماڻهوءَ لاءِ اڪثير هئي. سندن صحبت گويا هڪ
پارس هئي.مولانا موصوف اهڙي ڀلاري عالم وٽ وڃي
ديني فيض حاصل ڪيو. اهڙو فيض الاهي ٻانهي کي خدا
تعاليٰ جي طرف کان سواءِ نصيب نه ٿيندو آهي، تنهن
ڪري مولانا موصوف روزل ازل کان فرمان عطا ٿيڻ ڪري
ايترو جهاد في سبيل الله ۽ في الفس ڪيو اٿن. پاڻ
مٿين عالمن سڳورن وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هفتا يا
مهينا نه پر ورهين جا ورهيه هر هڪ مدرسي ۾ زير درس
رهيا. پاڻ فرمائيندا هئا ته پاڻ استادن کان اجازت
وٺي ايندا هئا ته پنهنجن مائٽن کان خرچ لاءِ پئسا
ٿا وٺي اچون. پوءِ عزيزن ڏانهن وڃڻ جي بدران
مزدوري ڪندا هئا. اُن زماني ۾ ٻيو پورهيو گهٽ
هوندو هو، راتين جون راتيون هودن ۾ ڪارو نير
جهڳندا هئا. ڪيترا ڏينهن مزدوري ڪري ڪمايل پئسو
آڻي استادن کي ڏيندا هئا، جو اُهي پئسا ڪتابن خريد
ڪرڻ ۽ ٻين ضروري ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا هئا. ڪاري
نير جهڳڻ ڪري بدن تي نير جا نشان بيهي ويندا هئا،
اُهي استادن کان لڪائي رکندا هئا ۽ چاڪ وغيره هڻي
انهن کي لاهي ڇڏيندا هئا، جيئن متان سندن استاد
اهي نشان ڏسي اهو محسوس ڪن ته طالب علمن مزدوري
ڪري پئسا آندا آهن. استادن کي ٻڌائيندا هئا ته
پئسا پنهنجن مائٽن کان آندا اٿائون. ان زماني ۾
ملڪ ۾ ڏڪار هوندو هو ۽ مولانا موصوف جا مائٽ تمام
مسڪين هوندا هئا ۽ تعليم لاءِ پيسي خرچ ڪرڻ جي
منجهن طاقت ڪانه هئي.
مولانا موصوف کي اهو ٻڌايو ويو هو ته حيدرآباد ۽
ڀرپاسي وارن مدرسن ۾ ٺٽي جي عالم سڳورن جا فقهه ۽
حديث تي لکيل ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جڏهن ته اتر سنڌ
جي مدرسن ۾ اُهي ڪتاب پڙهايا ويندا ها جيڪي
شڪارپور مان ملي سگهندا هئا. انهن مدرسن ۾ رڳو
شروعاتي تعليم فارسي ۽ عربي جي پڙهائي ويندي هئي
پر فقهه حديث ۽ تفسير بابت جامع پڙهائي رڳو ٺٽي
حيدرآباد يا هالا جي مدرسن ۾ملي ٿي سگهي. مولانا
موصوف کي شوق جاڳيو ته ڇو نه ڪجهه وقت اهڙن مدرسن
۾ تعليم وٺجي جتي علم جي وڌيڪ تحصيل ٿي سگهي.
آخرڪار مولانا موصوف پنهنجي استاد مولانا
عبدالغفور همايونيءَ کان اجازت وٺي هالا جي قريشي
عالمن جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ روانو ٿيو. پيدل سفر
ڪري درياءَ جي کاٻي پاسي واقع شهر هالا ۾ مخدوم
ميان عبدالعليم قريشيءَ جي مدرسي ۾ وڃي حاضر ٿيو،
جو ڏاڍو نيڪ انسان ۽ سخي مرد هو، جنهن جي مدرسي ۾
طالب علمن جو تعداد به گهڻو هو ۽ کاڌ خوراڪ جو
بندوبست به مخدوم صاحب پاڻ ڪندو هو ۽ مدرسي جون
جايون به چڱيون هيون. مولانا موصوف ان مدرسي ۾ سال
کن رهي فقه ۽ حديث تي وڏا ڪتاب پڙهي ورتا. گهر کان
پري هجڻ جي ڪري ۽ ڀائرن جي چوڻ تي ان مدرسي جي
عالم سڳورن کان اجازت وٺي مخدوم ميان حبيب الله
آباد شريف واري جي مدرسي ۾ ٻيهر حاضر ٿيا، جو کين
دعا ڪيائون ته توهان کي انشاءَ الله تعاليٰ حرمين
شريفين جو حج نصيب ٿيندو. مخدوم ميان حبيب الله
جي دعا رب العزت جي بارگاهه ۾ قبول ٿي. ان دعا جي
قبول ٿيڻ ڪري مولانا موصوف جي دل ۾ حرمين شريفين
جي حج ڪرڻ جو عشق جاڳيو، جنهن جي خمار ۾ مولانا
موصوف حج ڪرڻ جي ارادي سان پيادل ڪراچي لاءِ روانا
ٿيا. ان وقت ساڻن هڪ ٻيو شخص حبيب الله قوم نانگور
ويٺل ڳوٺ نهان سندن رفيق ٿيو. جيڪو پڻ ساڳئي مدرسي
جو طالب علم هو. ٻئي مسافر پيادل سفر ڪري جڏهن
ڪراچي پهتا، ته اتان هڪڙو خط مخدوم ميان حبيب الله
ڏانهن موڪليائون، جنهن جي جواب ۾ مخدوم صاحب طرفان
خط ذريعي کين حج بيت الله ڪرڻ جي اجازت جي خوشخبري
پهتي جنهن ۾ لکيل هو ته اسان توهان کي دعا ڪريون
ٿا.
درگاهه رب العزت جا هي پانڌيئڙا جڏهن ڪراچيءَ کان
بمبئي لاءِ روانا ٿيا ته انهيءَ سفر اندر عجب سير
گوناگون ڏٺائون. پوءِ جڏهن گرنار جي ڪوٽ جي ويجهو
سورنهن ميلن تي پهتا ته اهو ڪوٽ انهيءَ جاءِ کان
کين نظر ٿي آيو جو انهيءَ وقت ڪڪرن مان برسات پئي
وٺي ۽ اهو ڪوٽ کين ڪڪرن جي مٿان ٿي نظر آيو جو
بعضي وسندڙ مينهن وارا ڪڪر گرنار جي ڪوٽ سان گسندڙ
ٿي نظر آيا. ڏسندڙن لاءِ اها هڪ وڏي عبرت هئي جو
خدا تعاليٰ جي ڪارخاني کان اها مصنوعي شيءِ ڏسڻ ۾
ٿي آئي مگر رب جي قدرت سان دنيا جو سڄو لقاءُ مالڪ
جو بنايل آهي.
پاڻ فرمائيندا هئا ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ريلوي
گاڏيون يا موٽر لاريون ڪونه هونديون هيون ۽ نه وري
کين اهڙي دنيا هٿ ۾ هئي جو گهوڙن ۽ اُٺن جو خرچ
ڏئي سواريون ڀاڙي تي ڪن ها.
مولانا موصوف چوندا هئا ته جڏهن سارو سفر پيدل
رستي طي ڪريآخرڪار شهر بمبئي ۾ پهتاسون ۽ انهيءَ
راهه واري سفر ۾ عجائب سير ڪندا آياسون جو انهي
سفر ۾ تمام گهڻو وقت گذري ويو. بمبئي شهر ۾ عجب
خوشنما نظارا نقاشي سنگ مر مر ۽ بلور جون ٺهيل
جايون ڏٺيوسين. بازارن ۾ عجائب سير فرحت جا آثار
ڏٺاسون. انهيءَ شهر ۾ مسلمان وڏا دنيادار ۽ ڪروڙ
پتي هئا، جن جي دنيوي ملڪيت اتان جي نوابن کان
وڌيڪ نظر ٿي آئي، جو انهن سيٺين سان عام غريب
ماڻهو يا امير لکپڙهه کان سواءِ ڳالهائي نه سگهندا
هئا، جن کي اسان به جهاز جي خرچ ۽ ڪرائي لاءِ
درخواستون پيش ڪري ڏنيون ته جيئن اسان کي انهن
مسلمان سيٺين کان ايترا پئسا ملن جيئن جهاز ۾ چڙهي
وڃي حج بيت الله پڙهون. پوءِ انهن سيٺين اسان کي
جهاز جي خرچ جا پئسا في سبيل الله ڪري ڏياريا.
انهن پئسن ملڻ کان پوءِ جهاز جي آفيس وياسون ۽
ڪرايو ڏئي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پنهنجي منزل ڏانهن
روانا ٿياسون. ان زماني ۾ سامونڊي جهازن کي هلائڻ
لاءِ باهه جون مشينون ڪونه هيون، اُهي جهاز هوا جي
آڌار سان سڙهن جي ذريعي سمنڊ ۾ هلندا هئا. سمنڊ ۾
سفر ڪرڻ دوران گهڻي پنڌ کان پوءِ درمياني سمنڊ
اندر هڪ سُڪنديءَ تي جهنڊو اشارا ڏيندي نظر آيو،
جو اُهو جهنڊي وارو نشان رستي جي حد تي مقرر ٿيل
هو، جو ان جي حد کان ٻيءَ جاءِ تي سمنڊ ۾ هلندڙ
جهاز غرق ٿي ويندا هئا. هن وقت سامونڊي جهاز مشين
جي زور سان سڌا ٿا وڃن، جو اهو سمنڊ وارو جهنڊو
شايد جهاز وارن ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اڳوڻي
زماني وارا جهاز مشينن جي نه هجڻ ڪري سمنڊ ۾ تمام
گهڻو سفر ڪندا هئا، انهيءَ سبب ڪري حاجين سڳورن
خواهه جهاز تي سوار قافله وارن جي سر جو سودو
سمنڊن سان هوندو هو. مولانا موصوف ٻڌائيندا هئا ته
سمنڊ ۾ سفر دوران هڪ پکي اچي جهاز ۾ ڪريو جيڪو
ڳاڙهي ڳيرڙي جي مهانڊي هو، جيڪو سمنڊ ۾ اڏامندي ۽
سواءِ جهاز جي ٻي جاءِ نه ملڻ ڪري ۽ سمنڊ جي پار
نه پهچڻ ڪري ٿڪجي اچي جهاز ۾ ڪري پيو. اهو پکي جده
جي بندر تائين جهاز ۾ رهيو ۽ بندر تي ڇڏڻ کانپوءِ
اُڏامندو هليو ويو.
مولانا موصوف چوندا هئا ته انهيءَ سامونڊي سفر جو
احوال سمنڊ جي هر هڪ بندر سميت باقاعده کين ياد
هو. انهيءَ سفر مان صرف ڪراچي مان جهاز جي هلڻ جو
احوال هت بيان ڪجي ٿو. جڏهن جهاز ڪراچيءَ مان ڇٽي
ٿو ته خط مستقيم وانگر سنئون سڌو مڪي شريف نٿو وڃي
ڇو ته سمنڊ جو رستو ڦيري تي آهي. عربستان جي ملڪ
کي ٽن طرفن کان سمنڊ ڦريل آهي. اولهه اوڀر ۽ ڏکڻ
پاسن کان سمنڊ اٿس، فقط اتريون پاسو شام ملڪ وارو
کليل اٿس، انهيءَ ڪري ارض حجاز کي جزيره عرب چئبو
آهي. مڪه شريف وارو علائقو سمنڊ جي وچ ۾ ٻيٽ آهي
جو سامونڊي جهاز سمنڊ ۾ چڪر لڳائي اُتي پهچن ٿا.
ڪراچيءَ مان جڏهن جهاز روانو ٿئي ٿو ته ڏکڻ رخ ڪري
الهندي طرف هلي ٿو، تان جو عدن کان اڳي باب
المندنب وٽان ڦري اتر ڏانهن مُڙي ٿو ۽ قبله جي
الهندي پاسي کان جده شريف جي بندر تي وڃي بيهي ٿو،
جو مڪه شريف کي ويجهو اولاهين سمنڊ جي ڪناري تي
واقع آهي. ڪراچيءَ ۾ سڌو اولهه منهن ڪري نماز
پڙهبي آهي، پوءِ جيئن جيئن جهاز اڳتي هلندو ويندو
ته اتر طرف ڏانهن منهن موڙي نماز پڙهبي، وينديتان
جو باب المندنب وٽان سَر اُتر منهن ڪري نماز
پڙهبي. جڏهن جده ۾ پهچجي ٿو ته اڀرندي طرف منهن
ڪري نماز پڙهبي آهي. جدي کان مڪه شريف خشڪي رستو
آهي ته به نماز اوڀر منهن ڪري پڙهبي. وري مڪه معظم
کان مدينه منوره سڌو اتر طرف آهي، جو مدينه منوره
مان ڏکڻ منهن ڪري نماز پڙهبي آهي. هي سمنڊ وارو
سمورو احوال سامونڊي سفر واري ڪتاب هدايت الحجاج
مان ورتل آهي، جنهن ۾ اهڙا سامونڊي نقشا ڏنل آهن ۽
مذڪوره ڪتاب هن احوال لکڻ وقت آڏو رکيل هو.
جڏهن جده شريف ۾ مولانا موصوف وارن جو سامونڊي
جهاز پهتو ته ڪافي وقت اتي رهي پيا، ڇاڪاڻ ته حج
جي موقعي ۾ اڃا گهڻو وقت دير هئي. اُتي رهڻ ۽
فرحتياب ٿيڻ کان پوءِ حضور انور سرور ڪائنات حضرت
محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي طرف مدينه
پاڪ ڏانهن روانا ٿيا. مدينه منوره تائين انهيءَ
قافلي واريون منزلون ڪل 18 - 19 آهن. پهرين منزل
ٿوري پنڌ تي آهي، جو قافلي جو انتظام درست ڪري
ساري سنڀالي يڪو قافلو ڪري هلبو آهي. مگر بنا خرچ
وارن مسڪينن کي ڌار وڃڻ ڪري منع ڪانه هوندي هئي.
مولانا موصوف پيادل رستي تنها منزلون سر ڪندا وڃي
آخرڪار مديني پاڪ پهتا. جده کان مدينه منوره وڃڻ
لاءِ پيادل سفر ۾ پهرئين منزل واديءَ فاطمه آهي
جيڪا شهداءِ کان اٺ ميل پري آهي. هيءَ وادي آباد ۽
سرسبز آهي ۽ اُتي مٺي پاڻيءَ جا چشما، کوهه ۽
باغات آهن. ٽين منزل انعان آهي، جيڪا واديءَ فاطمه
کان سورنهن ميل پري آهي. جبل جو پنڌ ڏکيو آهي ۽
اتي پاڻي کارو آهي، مگر برسات جو مٺو پاڻي به اُتي
ڪثرت سان ملندو آهي. چوٿين منزل قضيه آهي، جيڪا
پوئين منزل انعان کان چوڏهن ميل پري آهي. پنجين
منزل لالق آهي، جيڪا قضيه کان سورنهن ميل اڳتي
آهي. هي چڱو خاصو پڪو ڳوٺ سمنڊ جي ڪناري تي واقع
آهي. ڇهين منزل مستوره آهي، جيڪا رابق کان تيرهن
ميل پري آهي، جتي بلسفان جا وڻ آهن، جن کي ماڻهو
گهڻين دوائن ٺاهڻ جي ڪم آڻيندا آهن. هن منزل کان
مدينه منوره جي طرف کان روح افزا هوا شروع ٿئي ٿي.
اٺين منزل بياربن سفيانه آهي، جيڪا پوئين منزل کان
سورنهن ميل پري آهي. اهو رستو ڏکيو ۽ جبل جي سوڙهي
لڪ مان لنگهندڙ آهي. ڏهين منزل بيرالماس آهي ۽
يارهين منزل بير علي آهي، جيڪا بيرالماس کان يارهن
ميل اڳتي آهي. انهيءَ منزل کان حضرت نبي الڪريم
سرور ڪائنات صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شهر
مدينه منوره مان روضي مبارڪ گنبذ خضرا جون نوراني
نيلون نظر اينديون آهن. اُتان مدينه پاڪ جي نوري
نظاري روضي اقدس ڏسڻ وقت لارين ۽ قافلن جي سواريءَ
وارا ماڻهو هڪدم سوارين مان لهي پيادل سفر شروع
ڪندا آهن.
مولانا موصوف مديني منوره ۾ پهچي روضي مبارڪ جي
زيارت حاصل ڪري فيض ياب ٿيا. گهڻو وقت مدينه منور
جي مسجد نبوي ۾ رهي نمازون ۽ فرض ادا ڪندا رهيا ۽
محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي نُور جا
روشن تجلا ڏسي انهي ۾ دائما مشتاق رهندا هئا. جيئن
ته سرور ڪائنات صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
پنهنجي حديث مبارڪ ۾ فرمايو آهي ته جيڪو شخص مسجد
نبوي ۾ چاليهه وقت نماز جا ادا ڪندو انهيءَ تي
رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شفاعت هر
حال ۾ لازم ٿيندي جو اهو شخص قيامت ۾ اول رسول
الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شفاعت جو حقدار
ٿيندو. مولانا موصوف اُتي رهي مسجد نبويءَ ۾ ڪيترا
ئي مهينا نمازون پڙهندا رهيا ۽ دلي تمنائون ۽ شوق
پورو ڪندا رهيا. مديني پاڪ ۾ اهل بيتن ۽ اصحابن
سڳورن جي مزارات مقدسه جون زيارتون جنت البقيع ۾
پيادل رستي ڪيائون ۽ پاڻ چوندا هئا ته جنت البقيع
۾ حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه جو روضو مبارڪ
نقاشي ۽ سنگريز جو تمام سهڻو ٺهيل هو ۽ حضرت امير
حمزه رضي الله تعاليٰ عنہ جو روضو تمام افضل نموني
ٺهيل هو ۽ ٻين زيارتگاهن تي وڏا وڏا روضا ۽
عمارتون ٺهيل هيون. انهيءَ زماني ۾ عربستان تي
ترڪن جي حڪومت هئي، جنهن جو حڪمران سلطان
عبدالمجيد خان هو، جو اُن زماني ۾ حاجي خرچ ۽
سامان کان سواءِ عربستان ۾ رهندا هئا ۽ حڪومت جي
ڪابه منع ڪانه هوندي هئي. حج واري مهيني ويجهي اچڻ
ڪري مولانا موصوف مدينه طيبه مان ديدار حاصل ڪري
تحفا ۽ عنايتون وٺي اچي مڪه معظم ۾ حاضر ٿيا ۽ حج
جي ڏينهن ۾ احڪام شريعت لوازمي ادا ڪري حرم پاڪ ۾
سعادت حاصل ڪيائون. طواف وداع کان فارغ ٿي پاڪ حرم
وارين جاين تي وڃي سڀ زيارتون حاصل ڪيائون. جنهن
کان پوءِ وطن واپس موٽڻ جو خيال دل ۾ پيدا ٿين،
جنهنڪري اچي جده کان سامونڊي جهاز ۾ سوار ٿيا. پاڻ
ٻڌائيندا هئا ته سندن رفيق ميان حبيب الله نانگور
حرمين شريفين جو حج ۽ زيارتون حاصل ڪري موٽندي سفر
۾ وفات ڪري ويو، انالله واِنا عليہ راجعون. اهڙي
يقين سان کين ياد نه رهيو ته اُن حاجي جي مزار
ڪهڙي هنڌ ڪئي وئي. سامونڊي سفر پورو ڪري جڏهن
ڪراچي پهتا ته مولانا موصوف جي مائٽن کي سندس واپس
اچڻ جي خبر ڪانه هئي، جيئن اڄڪلهه عام آهي. ڪراچي
کان سلامتيءَ سان سفر پورو ڪري پنهنجي ڳوٺ پهتا،
جتي اچڻ شرطمسجد شريف ۾ ٻانگ ڏنائون. ٻانگ جي آواز
ٻڌڻ سان ڳوٺ جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ نه سڃاڻڻ جي
ڪري کانئس پڇيائون ته توهان ڪير آهيو. آخرڪار
سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀائرن ۽ عزيزن ڏاڍيون خير
خيراتون ڪيون ۽ سندن موٽي اچڻ جي خوشخبري سندن
عزيزن ۾ هر طرف وڃي پهتي. مولانا موصوف جي حج ڪري
واپس موٽڻ جو سن 1315هه مطابق 1892ع هو.
آيو حج حرمين جو اڄ ڪري
سفر سارو پيادل آيو پنڌ ڪري،
خدا جو مٿس آهي احسان ٿيو
مشرف انهيءَ جو آ اڄ شان ٿيو.
سندس سفر سارو ٿيل سال ويهه
ڪري حج آيو جو لاريب فيه
بود فيض او را ز صاحبدلان
چون عام حاسد ته آهي ملان
هيا صاف جاهل سندس شهر ۾
پڙهايائين سڀ جاهل پنهنجي اثر ۾
پڙهي علم ديني ڇٽا ڏينهن جهال
ٿيا روز و شب جي سي سعادت وصال
مولانا موصوف پنهنجي ڳوٺ واري مسجد کي نئين سر
ٺاهي سينگاري اعتڪاف ۾ ويهي شاگردن ۽ ڳوٺ وارن کي
ديني تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهندا هئا، جو گهڻا ماڻهو
انهي اسلامي تعليم ۽ درس تدريس مان قابل ديندار ٿي
نڪتا. اهڙي تعليم جي ظاهر ٿيڻ ۽ علمي خدمت جي عيوض
رياست جي حڪمرانن گرانٽ مقرر ڪري ڏني، جيڪا ڪجهه
وقت کان پوءِ ماهوار پگهار ۾ تبديل ڪئي وئي.
مولانا موصوف کي اها سرڪاري پگهار نه وڻي جنهن ڪري
نوڪري تان استعيفا ڏئي دست بردار ٿيا ۽ عام ماڻهن
کي تعليم ڏيڻ جو شغل جاري رکيائون. سندن درس و
تدريس مان ڪجهه شاگرد زاهد ۽ عبادتي پرهيزگار ٿي
ويا، جهڙوڪ فقير صاحب ڏنو ۽ ميان رحيم ڏنو فقير
گهڻو فيضياب ٿيا ۽ جلال الدين ۽ حمزه علي نيڪ ۽
سعادت مند ٿي نڪتا. اڳوڻي زماني جون بد رسمون ديني
تعليم جي اچڻ جي ڪري عدم ٿي ويون، جن جو ڳوٺ ۾
گهڻو اثر هوندو هو. مولانا موصوف جي شادي ٿيل ڪانه
هئي، سو سندس ڀائرن پنهنجن عزيزن مان کيس شادي
ڪرائي. مولانا موصوف دنيوي ڪاروبار ۾ تمام همت
وارا هوندا هئا جو سفر کان موٽي اچڻ کان پوءِ ڳوٺ
جي سهنج لاءِ پنهنجن ڀائرن سان گڏجي کوهه
کوٽيائون، جنهن مان عام ماڻهن ۽ عزيزن خواه پاڙي
وارن کي پاڻي پيئڻ لاءِ وڏو سک ۽ آرام ٿي پيو. ان
زماني ۾ کوهن جي قلت هجڻ جي ڪري پيئڻ جي پاڻي آڻڻ
۾ دقت هوندي هئي، جو هن علائقي ۾ اڄ ڪلهه وارا
واهه، برانچون يا ڳوٺن ۾ کوهه کوٽايل ڪونه هوندا
هئا. ماڻهو پيئڻ جو پاڻي پري پنڌ کان کڻي ايندا
هئا هو جيڪو گهرن ۾ واپرايو ويندو هو. کوهن جا جَر
به زمين ۾ اونها هوندا هئا. اُن کان پوءِ مسجد
شريف جي ايوان اندر هڪ مسافرخانو ٺهرايائون، جنهن
۾ درس و تدريس سان گڏ مسافرن جي رهڻ لاءِ جدا جدا
عمارتون ٺهيل هيون، جتي امير خواهه غريب جي مهمان
نوازي ۽ خدمت هڪنظر سان ڪندا هئا. مولانا موصوف کي
پنهنجي ڏاڏنگي زمين مان حصو به مليل هو ۽ انهيءَ
زماني ۾ رياست جي حاڪم جي ڇيڙ بيگار جو عام ماڻهن
تي ظلم به گهڻو هوندو هو. مولانا موصوف زمينداري
خفن کان آجا هوندا هئا ۽ زمينداري جي پڳ سندن وڏي
ڀاءُ ميان عمر بخش تي هئي. ڳوٺ جا زميندار مولانا
موصوف سان ڇيڙ بيگار جي حصي رستي تي خواه مخواه
تڪرار ڪندا رهندا هئا، جيتوڻيڪ پاڻ زمين جي حصي
موجب ڇيڙ بيگار لاءِ حساب ڪتاب ڏيندا هئا. خيرپور
رياست جي حاڪمن جو رعيت جي مٿان اهو بيداد قائم
هو. رياست اندر هندو خواه مسلمان زميندارن تي
بيداد هڪ جهڙو هو، جو مير صاحبن جي سفارشي ماڻهن
کان سواءِ ڪوبه ماڻهو انهيءَ ظلم کان ڇٽل ڪونه
هوندو هو. رعيت تي سرڪاري ملازمن جو ظلم هوندو هو،
ڇاڪاڻ ته وقت جا حاڪم انهن ڪامورن کي ظلم ڪرڻ کان
منع نه ڪندا هئا. وري ڏڪاريل ملڪ ۾ کيتيءَ لاءِ
پاڻي نه هجڻ ڪري ماڻهو رڳو خريف جو فصل کوهه جي
پاڻي تي آباد ڪندا هئا ۽ سيپٽمبر ۾ درياهه جو پاڻي
لهي ويندو هو ته درياهه کان پري ويٺل ماڻهو ويچارا
سانگ ڪري ناري طرف يا بڪار طرف لڏي ويندا هئا، پر
مولانا موصوف پنهنجي ڳوٺ ۾ مسجد شريف ۾ هميشه خدمت
ڪندا رهندا هئا. ڳوٺ وارن جي لڏپلاڻ جي ڪري سندن
غريب خانه ۾ عام مسافر ايندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾
ٻي اوطاق يا سهنج ڪونه هوندو هو. مولانا صاحب
پنهنجي حيثيت موجب مسافرن جي خدمت ڪندا رهندا هئا.
هن عاجز کي ياد آهي ته پاڻ مهمانن کي ماني کارائڻ
کان پوءِ وڃي ماني کائيندا هئا. جيڪڏهن اڻ هوند جي
حالت ۾ مهمانن لاءِ ماني پوري نه هوندي هئي ته پاڻ
ماني ڪونه کائيندا هئا، ته متان مسافر بکيا رهجي
وڃن. سبحان الله، اهڙن نيڪ مردن جي مرقدن تي شل
رحمتون وسن جو پاڻ کي تڪليف ڏئي ٻين ماڻهن کي خوش
رکن.
انهن تڪليفن هوندي به مولانا موصوف ڏينهن رات
عبادت الاهي ۾ مشغول هوندا هئا ۽ نماز جي وقت فرض
نفل واجب سنتون مستحب ادا ڪندا هئا ۽ مراقبي حال ۾
مشغول رهندا هئا ۽ زماني جي ڪم ڪار ۾ عار نه ڪندا
هئا. پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪري عيال اطفال کي
پاليندا هئا. حلال جي ڪمائي مان پوري ڪندا هئا.
شريعت سندن سيوو هو، ڪڏهن به شريعت جي فرمان کان
ٻاهر بي واجبي قدم نه کڻندا هئا.
نقل آهي ته هڪ دفعي مولانا موصوف رستو ڏيو پئي آيا
ته کين ڪِريل اٺ آنا مليا. پاڻ ڳوٺ ۾ اچي منادي
ڪرايائون ته پئسا ڪنهن جا آهن. اعلان ٻڌڻ تي ڳوٺ
جي هڪ شخص مٺڻ شر چيو ته پئسا منهنجا آهن، پوءِ
اُهي پئسا ان کي ڏنائون. مولانا موصوف ٻئي دفعي
پنهنجي زمين ۾هڪ وڻ جي هيٺان پنجٽيهه مُهر وارا
ڪلدار لڌا، جيڪي کڻي گهر آيا. ٻه ٽي ڏينهن گذريا،
پر ان دوران پڇاڳاڇا لاءِ ڪو ڪونه آيو. پوءِ پاڻ
منادي ڪرايائون، جنهن تي سندس ڀاءُ رهاڻ خان چيو
ته پئسا اُن جا آهن، ته پئسا کيس ڏنا ويا. ڳوٺ جا
ماڻهو لڏپلاڻ ڇڏي هڪ جاءِ تي ويهي رهيا. رياست
خيرپور جو ان وقت حاڪم مير علي نواز خان هو، جيڪو
مير سهراب خان جو پنجين پيڙهيءَ ۾ پوٽو هو، جنهن
جي وقت ۾ ڇيڙ بيگار جي خلاف عام رعيت گورنمينٽ وٽ
پڪاريو ته ديرينه ظلم عوام تان معاف ٿئي. رياست جي
هندن توڙي مسلمانن گڏجي هڪ خاندان گهراڻي جي ماڻهو
وڏيري علي بخش خان شر کي متفقه راءِ ٿي، پريزيڊنٽ
ڪري چونڊيو ته جيئن هو صاحب ڪوشش ڪري حڪومت سان
ڳالهائي. ان زماني ۾ ڇير بيگار جي روش هينئن هئي
جو رياست جو والي جڏهن شڪار تي چڙهندو هو ته هر هڪ
منزل تي گهٽ ۾ گهٽ چار سو ماڻهو بيگار گهرجندا
هئا، جن کان پورهيو ڪرائيندا هئا. ۽ هر روز هر
مهيني ايترا ماڻهو رعيت مان زبردستي گرفتار ڪري گڏ
ڪيا ويندا هئا. پوري رياست ۾ ديهون ۽ تپا مقرر ٿيل
هوندا هئا، جنهن ۾ هر هڪ رهندڙ لاءِ وارو مقرر
ٿيل هوندو هو. انهي وقت ۾ ماڻهن کي گهر ۾ کائڻ
لاءِ اَن ڪونه هوندو هو، نه وري انهن کي سرڪار
طرفان ڪو روزينه ملندو هو. زمين ڪاهڻ ۽ آبادي ڪرڻ
اُن ماڻهو کي ڏيندا هئا جيڪو ڇيڙ بيگار ۾ ماڻهو
مهيا ڪري ڏيندو هو. مطلب ته هڪ مخصوص ڪلاس جا
ماڻهو عام ماڻهن ۽ زمين تي قابض هوندا هئا. جيڪڏهن
خريف جي موسم ۾ رعيتي ماڻهو ڪجهه آبادي ڪندا هئا
ته سمورو فصل کڻائي سرڪاري کاتن يا ديرن ۾ رکيو
ويندو هو، جيڪو رياستي عملدارن ۽ ڪاراون جي هٿ هيٺ
ٺپي اندر بند ٿيل هوندو هو. پنهنجي اختيار تي
ڪاردار ڪاراوا يا بٽئي ڪندڙ عملدار رعيتي آبادگار
ماڻهن کي پنهنجي مرضي سان ورهائي ڏيندا هئا ۽ اها
ورهاست يقيناً بدديانتي تي ٻڌل هوندي هئي. انهيءَ
ظلم جي ڪري گهڻا ماڻهو رياست ڇڏي لڪي لڏيهليا
ويندا هئا ۽ رعيتي ماڻهو هن ظلم جي ڪري ڏاڍا مجبور
هوندا هئا. رياست جا حاڪم پنهنجن عملدارن،
ڪاردارن، ڪاراون ۽ بٽئي عملدارن کي ظلم کان ڪونه
روڪيندا هئا، جو اُهو حصو سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيو
ويندو هو. اهڙي بيداد هوندي رياستي ماڻهو ڇيڙ
بيگار ۽ بٽئيءَ جي بيجا ورهاست جي ايذاءَ سبب
هميشه فريادون ۽ دانهون ڪرڻ تي مجبور هئا ۽ اهڙي
دستور هوندي رياست اندر ڪنهن ماڻهوءَ جي عزت محفوظ
نه هوندي هئي. آخرڪار انهن رعيتي ماڻهن جي فريادن
بنسبت گورنمينٽ فيصلو ڪيو ۽ ظلم معاف ٿي ويو ۽
اُهي ظالم ملازم، ڪاردار، بٽئي دار ۽ ڪاراوا موقوف
ڪيا ويا. يورپين سرڪار رياست خيرپور لاءِ وزير
صاحب (منسٽر) مقرر ڪري موڪليو. ان ڪري سڄي رياست ۾
انصاف جاري ٿيو. يورپين سرڪار جي اهڙي فيصلي کان
پوءِ رياست جي والي مير صاحب ڪوٽڏيجيءَ ۾ هڪ دعوت
جي بهاني وڏيري علي بخش خان کي ٻين زميندارن سان
گڏ گهرائي چيو ته توهان ڇيڙ ڏيڻ کان انڪار نه ڪريو
جو مان توهان جو بلوچ ڀاءُ آهيان. ڇيڙ کان سواءِ
ٻيو جيڪو به قانون چوندا ته اُهو مقرر ڪري ڏنو
ويندو. جنهن تي وڏيري علي بخش خان حاضر جوابي ۾
مير صاحب کي جواب ڏنو ته خدا ڪري ته هن ملڪ تي شال
توهان حڪومت ڪرڻ لاءِ نه رهو ته جيئن رعيت آزار
کان آزاد هجي. جنهن تي مير صاحب مٿس تمام گهڻو رنج
ٿيو ۽ ريعت مان ڇيڙ وهائڻ کان نااميد ٿي ويو ۽ مير
صاحب وڏيري علي بخش سان وڌيڪ تڪرار نه ڪيو ۽
گورنمينٽ جو ڪيل فيصلو رعيت لاءِ فائدي مند ٿيو ۽
اهڙي ڇيڙ بيگار لهي وڃڻ کان پوءِ رعيتي ماڻهو هن
جا شڪر گذار ٿي ويا. هن جوان مرد ديندار صاحبِ دل
انسان اسلامي ڪم ڪيا. چون ٿا ته ٽالپرن جي شهر ۾
هڪ مسجد اوائلي زماني کان وٺي هندن جي قبضي ۾ هئي
جيڪا وڏيري علي بخش آزاد ڪرائي، ان جو متولي غلام
رسول ٽالپر کي مقرر ڪيائين. اها مسجد هن وقت
مسلمانن جي حوالي آهي، جنهن جي عمارت، ديوار ۽ ڇت
سميت قيمتي ڪاٺ سان ٺهيل آهي، جنهن جو سمورو خرچ
وڏيري پاڻ ڪرايو هو.
ڳالهه ڪندا آهن ته ٽنڊي مير عالي (جيڪو تعلقي
ميرواهه ۾ آهي) ۾ هڪ جهوني مسجد هئي، جيڪا هندن جي
ٻاون جي عمارت هيٺ لڪل هئي، ان جي واپس ڪرائڻ لاءِ
وڏيري علي بخش شر ڪوشش ڪري رياست جي وزير مسٽر
سليڊن جي معرفت حاصل ڪري مسلمانن کي ڏياري. وڏيري
علي بخش خان جي وفات 21 رمضان المبارڪ 1352هه جي
ٿي، جنهن کان پوءِ جنگو خان جي پنجين پيڙهي وارو
وڏيرو ناظم خان مسند نشين ٿيو، جيڪو پڻ سخاوت جو
صاحب ۽ فيض وارو ٿي گذريو آهي ۽ وڏيري علي بخش خان
جو رشتي ۾ ڀاءُ هو. اُن جي انتقال کان پوءِ وري
وڏيري علي بخش جو فرزند ارجمند وڏيرو بلاول خان
مسند نشين ٿيو آهي جيڪو پڻ سخي، ديندار ۽ جوان مرد
آهي. مٿس شال الله جي مهرباني هجي ۽ سندس اقبال
بلند هجي.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي مولانا موصوف کي ڪنهن
جانور لتون هيون، تان جو سندن ٻه پاسريون ڀڄي
پيون. سندس فصل به ان وقت تيار هو. پاڻ ان حالت ۾
به چيلهه سان ڪپڙي جو سندرو ٻڌي نماز جا پنج ئي
فرض به ادا ڪندو هو ۽ پوک جي نگهباني لاءِ زمين تي
وڃي رات جو سنڀال لاءِ ويهي رهندو هو، جو اُن
زماني ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري آباديون گهٽ ٿينديون
هيون ۽ جهنگلي خواه پالتو جانور پوکون ڀيلائي
ويندا هئا ۽ حفاظت ڪرڻ کان سواءِ پوکون کاڄي
نقصان ٿي وينديون هيون ۽ اهڙي نموني مولانا موصوف
پاڻ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪري پنهنجي اهل عيال جو
گذران ڪندا هئا. سندن ٻاجهه عام ماڻهن مسلم توڙي
غير مسلمن لاءِ ساڳي هوندي هئي. ڳالهه ٿا ڪن ته
ميرواهه تعلقي جي هيڊڪوارٽر ٺري جي مختيارڪار
سرائي فتح علي خان خيرپوري ڪنهن مذهبي فيصلي ڪرڻ
لاءِ سيد عبدالله شاهه فتاحي ۽ مولانا عبدالڪريم
ڪورائي کي گهرايو جو اُنهيءَ شرعي فيصلي ۾ فولاد
فقير شر جوابدار هو. ان اجلاس ۾ مولانا موصوف به
موجود هو ۽ ٻيا وڏا وڏا آفيسر به موجود هئا. بحث
هلڻ کان پوءِ شريعت موجب فيصلو صادر ٿيو ۽ قانون
موجب جيل وڃڻ جو ڏوهه مقرر ٿيو، جنهن جي بدلي ۾
جوابدار ڌر تعذير شرعي قبول ڪيو جنهن تي عمل درآمد
ڪيو ويو. ان انجمن ۾ عالمن واعظ ڪيا، جن ۾ مولانا
موصوف به واعظ ڪيو. ان ڪيس هلائڻ جي ابتدا وڏيري
علي بخش شر ڪئي هئي، جيڪو ديندار هو ۽ اسلام جي
پابندي ڪندي هن ڪيس اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا
موصوف وڏي عالم هجڻ جي باوجود به پاڻ ڪڏهن به
ڏيکاءُ نه ڪيو. سندس بندگي ڏسي ائين لڳندو هو ته
هن بزرگ ۾ درويشن ۽ عارفن واريون صفتون موجود آهن.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڳوٺ ۾ هڪ پيرسن نابين هندو
عيالدار عورت رهندي هئي، جنهن کي هڪ پيرسن هندو
پنجاب مان پرڻجي آيو هو جيڪو فوت ٿي ويو ۽ عورت
لاوارث هئي. مولانا موصوف ان عورت کي خوراڪ ۽
پوشاڪ في سبيل الله ڏيندا هئا، جنهن تي ٻيا مسلمان
چوندا هئا ته غير مسلم کي خيرات ڏيڻ درست ناهي.
جنهن تي مولانا موصوف چوندا هئا ته اهو مخفي راز
آهي جو خداوند ڪريم ظاهر باطن جو بهتر ڄاڻندڙ آهي.
ڳوٺ ۾ زميندار يا اوطاقن وارا اميرن ۽ خاندانن يا
سندن مائٽن کي رهائيندا هئا پر مسڪين مهمان کي
چوندا هئا ”مُلان“ جي اوطاق تي وڃو. اهڙيءَ طرح
پنهنجي غريب خاني ۾ غريب ۽ مسڪين مسافر جي اچڻ تي
خوش ٿيندا هئا ۽ حال سارو اُنهن جي خدمت ڪندا هئا.
الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجن پيارن ٻانهن تي ڳجهو
راز پلٽيو آهي جو عام کان سندن راز مخفي ۽ ڍڪيل
آهي ۽ اهي الله جا دوست انهيءَ لذت حقيقي ۾ دائما
مخمور آهن. مولانا موصوف جن جو روح دنيا جي آفرينش
کان سواءِ به راز ”حال“ کان واقف هو.
منشي محمد حمزه جي زماني جي ڪم ٿيڻ ڪري مولانا
موصوف جو فرزند بخت علي سندس فرمان موجب مخدوم
محمد صديق پپري واري جي خدمت ۾ پير صاحب ميان ابو
محمد صالح شاهه راڻيپور واري جو سفارشي خط کڻي وڃي
حاضر ٿيو. عليڪ سليڪ کان پوءِ مخدوم صاحب کي ٻڌايو
ويو ته مان مولوي عبدالرحمان جو فرزند آهيان، جنهن
تي مخدوم صاحب سندس تمام وڏي مرحبا ڪئي ۽ مولانا
موصوف جي طالب علم رهڻ کان وٺي آخر تائين سمورو
احوال پاڻ ٻڌايائين ۽ فرمايائين ته حرمين شريفين
وڃڻ به وڏي مخدوم صاحب جي زماني ۾ ٿيو هو. قافلي
وقت تسرائي اجازت ڏنائون ۽ ڪم به ڪري ڏنائون. واپس
اچي مولانا موصوف کي جڏهن سمورو احوال ٻڌايم ته
ٻڌڻ شرط عشق جي حال ۾ غش ۾ پئجي ويا، جو سندن مرشد
۽ استاد مخدوم صاحب وڏي جي جدا رهڻ ڪري سندن دل ۾
تمام گهڻو عشق هو.
مولانا موصوف کي آخر ۾ جڏهن جسم ۾ بيماري پيدا ٿي
جنهن ۾ ڇهه مهينا گذري ويا، اُن حال ۾ به پاڻ نماز
پنج وقت پابنديءَ سان ادا ڪندا هئا ۽ باوضو رهندا
هئا. جيتوڻيڪ کين اسهال جي بيماري هئي، پوءِ به
وضو ۽ لباس جي صفائي کان غافل نه رهندا هئا.
اُنهيءَ حال ۾ کين راڻيپور جي درگاهه ڏسڻ جو
اشتياق پيدا ٿيو، جو کين ڏوليءَ ۾ کڻائي پير صاحب
ميان عبدالجبار شاهه جي بنگلي تي پهتاسون، جنهن
سندن اهڙي حال ۾ اچڻ جي سبب ڪري تمام گهڻي مرحبا
ڪئي. اُتي هفتو کن رهيل هئا. پير صاحب پنهنجو
ماڻهو سندن خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪري ڏنو، جيڪو پوري
وقت تي خوراڪ آڻي ڏيندو هو، جو اُهو خليفو مولانا
موصوف جو به طالب علم هو. امراض جي دوا اول
راڻيپور شهر جو حڪيم مولوي محمد صادق ڪندو هو، اُن
کان پوءِ هڪ ٺڪر حڪيم کين دوا ڏيندوهو. سندن خدمت
۾ سندن فرزند ارجمند به رهندا هئا ۽ بيماريءَ جي
اهڙي حالت ۾ به مولانا موصوف ڏينهن رات باوضو با
نماز رهندا هئا. اگرچ نماز اُٿي پڙهي ڪونه سگهندا
هئا، تڏهن به ويٺي يا اشارن سان پڙهندا هئا.
اهڙيءَ حالت ۾ به نماز نه ڇڏيائون. رحلت کان هڪ
ڏينهن اڳ راڻيپور مان واپس پنهنجي گهر پاڻ کي ڏولي
تي کڻائي آيا ۽ واپسي ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد ساڻ
هو. جو اُن وقت روڊ رستا لاريون موٽر ۽ ٻيون
سواريون ڪونه هيون. سندن عزيز ۽ پاڙي وارا اهڙي
حالت ٻڌي اچي گڏ ٿيا. پنهنجي ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ
کين تڪليف وڌي وئي. ان وقت حاضر مجلس عزيزن کان
ذڪر تحليل ڪرايائون ۽ اُن ذڪر ۾ ڪلمه توحيد وڏي
آواز سان پڙهڻ سان سندن روح اقدس سندن خاڪي پڃري
مان پرواز ڪري وڃي دارالبقا ۾ ملڪ الرضوان جو
مهمان ٿيو. انالله واِنا عليہ راجعون. سندن وداع
وقت حاضر مجلس احمد علي شر، شاهن شر، واهڙ خان شر
۽ سندن فرزندن گڏجي ساڻس ذڪر ٿي ڪيو. سبحان الله!
دارالفنا مان رحلت ڪري دارالبقا واري جهان ۾ متوطن
ٿيا ۽ سندن مزار مقبره سندن ڳوٺ واري جامع مسجد جي
ڏکڻ طرف ايوان ۾ سندن وصيت موجب ڪيل آهي ۽ سندن
وفات جي تاريخ 13 رجب المرجب 1353 هجري اڱاري جي
اڳئين رات جي ڏيڍ پهر گذرڻ بعد آهي. |